تازيون خبرون

ست عظيم اتفاقي دريافتون: وسعت الله خان

هڪ ڏينهن نيوٽن باغ ۾ گُهمي رهيو هو ته اچانڪ سندس مٿي تي هڪ پڪل صوف اچي ڪريو. ٿوري دير لاءِ نيوٽن جو دماغ ڦري ويو ۽ هُن صوف هٿ ۾ کڻي سوچڻ شروع ڪيو ته آخر هر شيءِ مٿان کان هيٺ ئي ڇو ٿي اچي؟ ائين ڪشش ثقل جو نظريو اتفاقن وجود ۾ آيو. بقول انشا جي جيڪڏهن اُن ڏينهن نيوٽن اُهو صوف کائي وڃي ها ته ڪشش ثقل نه ڄاڻ الائي ڪڏهن دريافت ٿئي ها؟

اوڻيهين صديءَ تائين فوجي ۽ سويلين مقصدن جي لاءِ نائٽرو گليسرين عام استعمال ٿيندي هُئي. سنه 1833 جي ڪنهن هڪ ڏينهن الفريڊ نوبل نائٽرو گليسرين کي حادثاتي طور ڦاٽڻ کان روڪڻ جي ممڪنه طريقن تي غور ڪري رهيو هو ته اچانڪ نائٽروجن گليسرين جو دٻو ليڪ ٿي ويو ۽ اُهو ڪاٺين جي ٻوري ۾ جذب ٿيڻ لڳو. جڏهن ٻورو خشڪ ٿي ويو ته الفريڊ نوبيل اُن کي باهه ويجهو آندو جيڪا ڀڙڪو ڏئي اُن کي لڳي وئي. ائين بي لغام نائٽرو گليسرين جي جڳهه تي ڪنٽرولڊ ڊائنا مائيٽ وجود ۾ اچي ويو.

سنه 1839ع جي ڪنهن هڪ ڏينهن رٻڙ، سلفر ۽ سيسي جو مڪسچر هڪ ڪيمسٽ چارلس گڊائير جي هٿن مان کسڪي وڃي فائر اسٽوو تي ڪريو. پر مڪسچر وگهرڻ بجاءِ ٺوس شڪل اختيار ڪري ويو، جنهن جي ٻاهرين سطح سخت ۽ اندروني سطح نرم رهي. حادثاتي طور تي دنيا جو پهريون ويلنڪنائزنگ ٽائر بڻجي ويو. اُن کان پوءِ آٽو موبيل جي صنعت به خوف وڌي ويجهي.

اليگزينڊر فليمنگ سنه 1928ع ۾ انفلوئنزا جي موذي وائرس کي ڪنٽرول ڪڻ جي طريقن تي ڪم ڪري رهيو هو. پوءِ ٻن هفتن جي موڪلن تي هو ڪيڏانهن هليو ويو. واپسيءَ تي اچي ڏٺائين ته موڪل تي وڃڻ کان پهريان ليبارٽريءَ جي جنهن ڊش ۾ هُن بيڪٽيرياز ڪلچر ڪيو هو، اُن ڊش تي ڳوڙهو ڄمي ويو، جنهن بيڪٽرياز جي افزائش روڪي ڇڏي هُئي. فليمنگ سڄو ڌيان اُن ڳوڙهي جي بناوٽ تي لڳايو ۽ ائين پنسلين دريافت ٿي ۽ اُن دريافت مان اينٽي بائيوٽڪ انڊسٽري جو دروازو کلي ويو.

سنه 1945ع ۾ انجنيئر پرسي سپنسر  ري-ٿيون ڪمپني جي لاءِ اهڙو ميگنيٽرون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيڪو باهه جي شعلن کي بهتر طور تي وسائي سگهي. تجربي دوران هڪ ڏينهن ٿيو ڇا جو پرسيءَ جي کيسي ۾ رکيل چاڪليٽ وگهري ويو. پرسي حيران ٿي ڪري شعاعي ٽيوب جي سامهون مڪئي جي داڻن سان ڀريل پيالو رکيو ته داڻا پچي ويا، پر پيالي کي ڪجهه به نه ٿيو. ائين اتفاقيه طور تي اُها دريافت هٿ لڳي وئي، جنهن کي اسين ۽ اوهان مائيڪرو ويو جي شڪل ۾ استعمال ڪندا آهيون.

90 جي ڏهاڪي ۾ دوا ساز ڪمپني فائزر انجائنا جي مريضن جي رڳن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ سليٽر نلي نالي ڪيميڪل جو ٽرائل شروع ڪيو. پر اهو ڪو گهڻو ڪامياب ٿي نه سگهيو. بلڪه جن مريضن تي اهو تجربو ڪيو ويو، اُنهن تي اُبتو اثر ٿيو. يعني انجائنا جي مريضن جي رت جي رفتار ۾ اضافي سان اُنهن جي جسماني قوت وڌي وئي. جنهن کانپوءِ تحقيق جو رُخ تبديل ٿي ويو ۽ چار هزار رضاڪارن جي ڪلينيڪل ٽرائل کان پوءِ اهڙو ڪئپسول ايجاد ٿي ويو، جيڪو اڪثر وڏي عُمر وارا پنهنجي طاقت جي بحاليءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن.

پاڪ افغان سرحد تي سمگلڊ گاڏيون ضبط ٿي وڃڻ هڪ عام ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن ڪا انتهائي مهانگي اسپورٽ ڪار به ضبط ٿي وئي، پر اُها ايف سي بلوچستان جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل اعجاز شاهد کي تحفي ۾ پيش ڪئي وئي. جنرل صاحب نان ڪسٽم پيڊ اسپورٽ ڪار کي ڇا ڪري ها؟ تنهن ڪري هُن پنهنجي پُٽ کي ڏئي ڇڏي. پر سندس پُٽ ڪار جي اسپيڊ مان مطمئن نه هو. تنهن ڪري ٻن انجنيئرن ليفٽيننٽ ڪرنل شڪيل ۽ ميجر ياسر کي چيو ويو ته گاڏي جو ٽرائل ڪري ٻڌايو، اسپيڊ جو مسئلو ڪهڙو آهي؟ ٻنهي آفيسرن ريسنگ ٽرائل ۾ پنهنجي جان وڃائي ڇڏي.

ايف سي جي اندروني تحقيقاتي رپورٽ سان مري ويندڙ آفيسرن جا وارث مطمئن نه ٿيا، ۽ هُنن عدل جي زنجير کي لوڏيو. تنهنڪري ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود حيات کي اُنهن سببن جي ڇنڊ ڇاڻ جو ڪم ڏنو ويو. تحقيق دوران ايف سي ۾ ڪرپشن جو وائرس ۽ اُن سان آلوده مريضن جي دريافت ٿيندي وئي. نه اسپورٽس ڪار جو حادثو ٿئي ها نه آفيسرن جي ڪرپشن جو وائرس دريافت ٿئي ها.

ته ٻارؤ! اها آهي عظيم دريافتن جي مختصر ڪهاڻي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *