تازيون خبرون

سبين کانپوءِ ياسر : ڪراچي ۾ فهم جا قاتل ڪير؟ : عاجز جمالي

ياسر رضوي ڪراچي جو زبردست لکيل پڙهيل اسسٽنٽ پروفيسر سنڌ ۾ گڏيل فهم جو زبردست حامي، مذهبي گهراڻي جو هوندي نيڪ نمازي هجڻ باوجود مذهبي تنگ نظري، فرقيواريت، نسل پرستي ۽ هر قسم جي تنگ نظري کان خفا منهنجو دوست، ڪراچي شهر جي ڀريل رش ۾ سبين محمود وانگر قتل ٿي ويو.

سچ ته مون کي سندس قتل جي وقت خبر پئي ته سندس اصل نالو وحيد هو. سندس قتل جي واقعي کي مون بس هڪ استاد جو قتل سمجهي هڪ خبر جيتري اهميت ڏيندي جڏهن آفيس پهتس، خبر پئي ته مان پنهنجي هڪ بهترين اردو ڳالهائيندڙ دوست کان محروم ٿي چڪو هوس. مان سوچڻ لڳس ته ڪراچي ۾ شايد ماڻهوءَ جي مرڻ تي ڪير به ڏک نه ڪندو هوندو، بس ڪنهن دوست عزيز جي مرڻ جو ڏک هوندو. مون کي لڳو اسين سڀ مري رهيا آهيون، روز روز مري رهيا آهيون، مري مري جيئڻ جي جستجو ۾ ڀاڙيا ٿي چڪا آهيون، اسان روز روز مرڻ جي باوجود پنهنجي مرڻ تي سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڇو ته اسان کي ڊپ آهي ته سوچينداسين ته ماريا وينداسين. مان سبين جي قتل تي احتجاجي سٽون لکڻ پئي چاهيون، مون لفظن جو ڪارو ڏينهن ملهائڻ پئي چاهيو، مون وقت جي آقائن جي حڪم کان بغاوت ڪرڻ پئي چاهي، مون ماٺ نه پئي رهڻ چاهيو، مون سبين جي قتل جا پيرا ڳولڻ پئي چاهيا، پريس ڪلب اڳيان ميڻ بتيون ٻاريندڙ دوست صرف هي مارشل لا دور جو مشهور نعرو ئي هڻي سگهن ٿا ”يه جو دهشتگردي هي، اس ڪي پيڇهي وردي هي“ پر مان ان سڀ ڪجهه کي هاڻي مسئلي جو حل نه ٿو سمجهان.

سبين جي قتل تي حامد مير جي به جاندار ڪالم مان اصل ڌر غائب آهي، بلوچستان به غائب آهي، سبين جي قتل جا ٻئي وڏا سبب ملڪ جي ميڊيا تان غائب آهن، ٽي اينڪر هندستان، افغانستان، آمريڪا تائين پهچي ويا پر ڪنهن جي واتان اهو ڪو نه ٻڌو ته ڊفينس ڪراچي جي شاهراهه تي مارجي ويل سبين کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڪير هئا، ڇا بلوچستان اسان جي ميڊيا ۾ ”ڪالعدم“ موضوع آهي، پابندي وڌل پارٽين جي اڳواڻن جا ته انٽرويو هلي سگهن ٿا پر بلوچستان تي جيڪو به ڳالهائيندو ماريو ويندو، ها نيٺ هوءَ مارجي وئي، هٿين خالي هڪ معصوم ڪمزور ڇوڪري کان خوفزده طاقتون ڊڄي ويون.

هاڻي خبر پئي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ به بلوچستان جي حوالي سان ڪو پروگرام رٿيو ويو آهي. مون کي خبر ناهي ته ياسر رضوي سان ان پروگرام جو تعلق هوندو يا نه پر ياسر هن قسم جي سرگرمين ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. ياسر ماس ڪميونيڪيشن ڪرڻ کانپوءِ صحافت شروع ڪئي. سورهن سال اڳ اسان ٻن سالن تائين هڪ اردو اخبار ۾ گڏجي رپورٽنگ ڪئي، ياسر ۽ مسرور ڀائي سان اسان جون ڊگهيون ڪچهريون، کائڻ، پيئڻ، تبصرا، تنقيدون سڀ گڏ هونديون هيون.

ياسر ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر به رهيو ۽ بعد ۾ وري وفاقي اردو يونيورسٽي جي پروفيسر توصيف احمد سان گڏ ان ٽيم ۾ شامل رهيو، جيڪا هر سال ڪراچي پريس ڪلب جي اليڪشن ڪرائيندي آهي.

هن جي موت جي خبر ٻڌندي ئي اسپتال پهچڻ وارن ۾ سندس خاندان سان گڏ پروفيسر توصيف احمد به شامل هو. مون ٽي وي اسڪرين تي اڇي مٿي واري هن پروفيسر کي روئيندي ڏٺو، جنهن جو ياسر شاگرد هو. ياسر جون ٻه نياڻيون اڄ به بابا جي راهه تڪينديون هونديون ۽ امڙ جي حالت خبر ناهي ڇا هوندي! ياسر ڪراچي ۾ هڪ اهڙي هنڌ تي قتل ٿيو آهي جتي ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ جو جشن ملهايو ويو، ياسر جو گهر دستگير جي علائقي ۾ آهي، هو اتي ئي مارجي ويو. هي علائقو نائن زيرو جي پاڙي ۾ آهي. اربع تي ياسر گهر کان يونيورسٽي وڃڻ لاءِ نڪتو ته قتل ٿي ويو.

ياسر ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ ڪافي سال صحافت ڪئي، نيٺ کيس ڪراچي يونيورسٽي ۾ نوڪري ملي، جنهن سبب هو صحافت کان ته ڪٽجي ويو پر لکڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ڪراچي پريس ڪلب سان به دوستي جاري رکي. البته هاڻي ڳچ سالن کان اسان جون محفلون ڪونه ٿينديون هيون.

هونئن ته وحشت ۽ دهشت جي شهر ۾ ٿيندڙ هر قتل دردناڪ آهي پر لاڳيتو هڪ هفتي اندر سبين محمود کانپوءِ ياسر رضوي جو قتل ڪراچي ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ڪندڙ قوتن لاءِ ڪيترائي سوال ٿو ڇڏي.

ڇا هي آپريشن صرف من پسند رخ تي هلي پيو، جيڪو دهشتگرد مخصوص آهي، اهو ئي دهشتگرد آهي يا هر بيگناهه ۽ معصوم شهرين جو قاتل به دهشتگرد آهي؟ هي اهو سوال آهي جيڪو ڪراچي آپريشن دوران اڪثر بحث جو موضوع بڻجي ٿو. ڇا آپريشن ڪندڙن جي ڊفينس ۽ دستگير تي نظر نه هوندي؟ ڇا آءِ ايس پي آر جي هڪ پريس رليز ڪافي آهي؟ ڇا ڪراچي ۾ وري ماڻهو مار مهم تيز نه ٿي وئي آهي؟ ڇا چونڊي چونڊي گڏيل فهم رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ سڄاڻ ماڻهن کي ماريو ڪونه پيو وڃي؟ سبين وانگر يار رضوي به سنڌين ۽ بلوچن جي خيالن سان ڪافي اتفاق ڪندڙ هو، هو هر قسم جي تنگ نظري جي خلاف هو، منهنجي نظر ۾ ته سندس اهوئي سڀ کان وڏو گناهه هو. هڪ ته اردو ڳالهائيندڙ هجي، وري سنڌين، بلوچن ۽ هر قسم جي مظلومن جو حامي هجي، اهو ڪير قبول ڪندو؟ بس جيڪو به چپ کوليندو، ٻه اکر ڳالهائيندو، سو به سچ ڳالهائيندو ته ضرور ماريو ويندو.

آخري ڳالهه ته ياسر اين اي 246 ۾ کٽيندڙ ڌر جو حامي ڪو نه هو، سندس قتل جا پيرا ڪير ڳوليندو؟ شايد ڪير به نه، مارجي ويل هزارين لکيل پڙهيل ماڻهن جي فهرست ۾ هڪ واڌارو ٿيو، بس هن شهر ۾ بندوق بردار عقل، فهم، دانش، ادبي ماڻهن، استادن ۽ سچ ڳالهائيندڙن جي ڪا به اهميت ناهي!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *