تازيون خبرون

زهريلو پاڻي واپرائيندڙ عوام زندگي جو سوال ..!: غلام مصطفيٰ جمالي

شايد هي لفظ اوهان لاءِ نئون هجي جنهن جي باري گهٽ ماڻهن کي خبر هجي اهو لفظ هي(سنکيو)جيڪو هڪ زهر آهي هي اهو زهر آهي جنهن جا ماڻهو هڪ وقت ۾ ناهي مرندو پر انهي سنکيو زهر واپرائڻ سان انسان جي زندگي آهستي آهستي مرجهائڻ لڳندي آهي،۽ ماڻهو آخرڪار اهو (سنکيو)انسان جي موت جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي،ان وقت پاڪستان اندر به اداري سوئس فيڊرل انسٽيٽوٽ آف ايڪواٽڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالجي اهڙي رپورٽ پڌري ڪئي آهي جنهن اندر پاڪستان جي 6 ڪروڙ عوام جي زندگين جو سوال آهي جيڪي زندگيون پاڻي تي صورت ۾ اهو سنکيو زهر استعمال ڪري رهيو آهن جيڪو اڳيان هلي ڪري انهن جي موت جو سبب بڻبو.صحت جي عالمي اداري انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي اهو سنکيو مليل زهريلو ڪيميائي عنصر سينکيو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي.

حيدرآباد ۽ سکر سميت اهم شهرن جي آبادي به سينکيو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. سوئزرلينڊ جي اداري سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ايڪواٽڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي هڪ تحقيق ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ 80 ماڻهو  انساني زندگيون سينکيو مليل پاڻي وارن علائقن ۾ رهن ٿيون،جڏهن ته انهي ادراري 1200 کان مٿي علائقن ۾ جر جا نمونا چڪاس پڻ ڪيا ويا آهن،جنهن اندر اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 6 ڪروڙ ماڻهو سخت متاثر ٿي سگهن ٿا. لاهور، حيدرآباد، سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور، لاڙڪاڻي، دادو، ڄام شوري، ٺٽي، بدين ۽ سجاول سميت اهم شهر سينکيو مليل خطرناڪ حد تائين  علائقن ۾ شامل ٿي چڪو آهي.ان جو وڏي کان وڏو سبب اهو آهي ته  سنڌو درياهه سان لاڳاپيل علائقن ۾ سخت قدم کڻڻ ۽ پاڻي چڪاسڻ جي ضرورت آهي، انهن علائقن ۾ سينکيو جو 10 کان 50 مائڪرو گرام تائين مقدار پاڻي ۾ شامل آهي. ان سلسلي ۾ هائڊرو لاجسٽ پيٽر روبن اسڪرافٽ موجب اختيارين کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سينکيو جي استعمال سان انساني خليا ختم ٿين ٿا، جنهن سان چمڙي، دل ۽ ٻين بيمارين سميت ڪينسر جو مرض به لاڳو ٿي سگهي ٿو. سوئزرلينڊ جي اداري ايواگ جي ماهر جرير پوڊ گورسڪي جو چوڻ آهي ته فوري طور سنڌو رياهه سان لاڳاپيل علائقن ۾ کوهن جي پاڻي جي جاچ جي ضرورت آهي.سنڌ اندر گندي پاڻيءَ جي نيڪال توڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ واري نظام جو جائزو وٺندڙ ڪميشن اڳيان سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو هوُ  ته گٽرن جو گندو پاڻي توڙي صنعتن جو ڪيميڪل وارو پاڻي سنڌو درياهه، ڍنڍن ڍورن سميت پاڻيءَ جي انهن ذريعن ۽ وسيلن ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي جيڪي ذريعا پيئڻ لاءِ انسان به استعمال ڪن ٿا ۽ انهن ذريعن وسيلي سنڌ جي زمين به آباد ٿئي ٿي. صنعتڪارن ۽ واپاري ڌرين ڪميشن کي ٻڌايو ويو هو ته ڪراچيءَ اندر لڳ ڀڳ 7 سئو صنعتن جو پاڻي ملير نديءَ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي جڏهن ته اهو انڪشاف به ٿيو ته سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي نڪرندڙ شاخن، واهن ۽ ڪئنالن توڙي ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج جي ٻنهي پاسي نڪرندڙ ڪئنالن ۾ پڻ شهري آباديءَ جي نيڪال واري نظام جو گندو پاڻي توڙي صنعتي پاڻي به پاڻيءَ جي انهن صاف سٿرن وسيلن ۾ڇوڙ ڪري انهن کي به گدلو ۽ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار بڻايو ويو آهي. ڪميشن جي سربراهه ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي توڙي مختلف شهرن جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام جو به سرزمين تي وڃي جائزو ورتو هوُ.

ماحولياتي ماهرن ڪميشن کي آگاهي ڏني ته ٽيڪسٽائيل ملن جو جيڪو خطرناڪ ڪيميڪل مليل پاڻي صاف پاڻيءَ جي وسيلن ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو سو انهن فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي صحت لاءِ هاڃيڪار ته آهي ئي آهي پر اهو پاڻي، پاڻيءَ جي جنهن صاف ذريعن ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو تن کي به گدلو بڻائي، انهن ذريعن مان پيئڻ لاءِ واپرائيندڙ آبادي به شديد بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ٿي. ڪميشن جي سربراهه حڪم ڏيندي چيو هو ته سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جي چيف سيڪريٽريءَ کي حڪم ڏنو آهي ته حيدرآباد ۽ سکر بئراجن ۾ گندي پاڻيءَ جو ڇوڙ روڪڻ لاءِ چئن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڏٺو وڃي ته پاڻي حيات جو، جياپي جو اهم ذريعو آهي. انسان هجن يا جانور يعني ڪوبه ساهدار پاڻيءَ کان سواءِ پل به ڄڻ ته جي نٿو سگهي.

دنيا ۾ خاص ڪري سڌريل دنيا ۾ آباديءَ کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي حڪومتن جي ذميواري هجي ٿي جيڪي اڪثر ملڪن ۾ پنهنجون اهي ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائن به ٿيون پر اسان جهڙا ٽين دنيا جا ملڪ پيئڻ جي صاف پاڻي، غذائيت جي کوٽ، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ جهڙن مسئلن ۾ اڄ جي دور ۾ به ايئن ئي وڪوڙيل آهن جيئن پراڻي دور ۾ وچڙيل هيا.دنيا پنهنجي آباديءَ جي صحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جتي صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي ٿي اتي انساني آباديءَ جي نيڪال جي نظام کي به توانائيءَ جي متبادل ذريعي طور استعمال ۾ آڻي ان کي به ملڪ جي ۽ ملڪ جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قطب آندو وڃي ٿو. گهڻن ملڪن ۾ ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا چيو وڃي ٿو ته صاف پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هجي ٿي. ٻئي پاسي اسان آهيون جتي انساني آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي جيڪو فراهم ڪيو سو ته ٺهيو ويتر صاف پاڻيءَ جا جيڪي ذريعا آهن، درياهه هجي يا ڪئنال، ڍنڍون هجن يا ڍورا هجن يا واهه اهي سڀ محفوظ ڪرڻ بدران انساني آبادين جي گندي پاڻيءَ جو انهن ۾ ڇوڙ ڪري ويتر انهن کي به گندو ۽ گدلو ڪري رهيا آهن. جن ملڪن ۽ سماجن ۾ ڪرپشن گهر ڪري ويندي آهي، مستقبل جي رٿابندي نه هوندي آهي انهن سماجن سان ايئن ئي ٿيندو آهي جيئن اسان جي سماج سان ٿي رهيو آهي.

سنڌ جا ماڻهو ترقيءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هن ملڪ ۾ شامل ٿيل صوبن ۾ سنڌ واحد صوبو هو جنهن جي بجيٽ سر پلس ۾ هئي. يعني خوشحال صوبو هوندي 70 سالن ۾ سنڌ ترقيءَ جي جنهن منزل تي پهچڻ گهرجي ها تنهن تي پهچڻ بدران ان جا حال ويتر هيڻا ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ نه ته پيئڻ جي پاڻيءَ جو ڪو جوڳو نظام آهي نه ئي وري گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو اثرائتو مڪينزم. نه ته تعليم جو شعبو سنئين لڱين آهي نه ئي وري صحت جي شعبي ڪا ترقي ڪئي آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ان جا سڀ شهر ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو ترقيءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن. هاڻي جڏهن عدالتي ڪميشن سنڌ جي ماڻهن کي ملندڙ پيئڻ جي پاڻي توڙي گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي ته اهي راز به پڌرا ٿيڻ شروع ٿيا آهن ته سنڌ جا ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۽ سائيءَ کان ويندي، ايڇ آءِ وي ايڊز جهڙي خطرناڪ ۽ موذي مرض جهڙين بيمارين ۾ ڇو وڪوڙيل آهن. ڪو چيڪ ۽ بيلنس نه هجڻ ڪري سنڌ جو سماج ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي ماڻهن جي صحت سخت خطري هيٺ آهي ۽ سڄو سماج ڄڻ ته بيمارين جي ور چڙهيل آهي. سنڌ سرڪار کي هن ڪميشن جي اڳيان ٿيل انڪشافن ۽ اعترافن جي روشنيءَ ۾ هنگامي بنيادن تي سنڌ جي ماڻهن کي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪو منصوبو شروع ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ايئن ڪرڻ سان هڪ ته پاڻيءَ جي ڪري جيڪي بيماريون پيدا ٿين ٿيون تن تي ضابطو اچي سگهندو ۽ ٻيو ته ان پلان سان جيڪو صحت مند سماج جنم وٺندو سو لازمي آهي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي واسين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهڻ جي پوزيشن رکندو..

غلام مصطفيٰ

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *