تازيون خبرون

رونديون ڏِٺيون مون، اِنَ دَرَ مٿي دادِليون: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

چئي چنيسر ڄامَ سين، ليلان! لکاءِ مَ توُن،

ايءُ ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿيئي، نه ڪا موُن نه توُن،

رُوُنديون ڏِٺيون مُون، اِن دَرَ مٿي دادِليون. (ليلان چنيسر، 2-18)

مٿيون بيت شاهه صاحب جي سر ليلا چنيسر جي داستان ٻئي ۾ ارڙهون نمبر بيت (رسالو شاهواڻي) آهي. سر ليلا چنيسر ۾ پڻ ڪاموڏ جيان نياز ۽ نوڙت ڌارڻ جو سبق ڏنل آهي، پر هن سُر ۾ خاص طور خطا ٿيڻ ۽ پوءِ جي شدت واري پڇتاءُ بعد مالڪ طرفان مهر جي نظر ٿيڻ جي موضوع کي بيان ڪيو ويو آهي. ليلا چنيسر جو تاريخي واقعو سنڌ جي ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن بيان ڪيو آهي، پر لطيفي بيان جي ڳالهه ئي نرالي آهي. شاهه صاحب جو سڄو ڪلام سڪ ۽ سوز، وندر ۽ ورونهن، سچائي ۽ سخاوت، تصوف ۽ وحدانيت، امن ۽ انسانيت جي اپٽار آهي. سندس شاعري سونهن ۽ سچ جي نشانبر آهي، سو هن واقعي کي به امر حيثيت ڏئي ڇڏي اٿس. انساني محبت ۽ نفسيات جي ڪيفيتن کي هن پنهنجي اعليٰ شاعراڻي شعور سان هڪ ماهر مصور جيان چٽيو آهي. ليلا جا ايلاز ۽ منٿون، چنيسر جو ڏيهان ڏيهه ڏهڪار، عشق ۽ محبت، درد ۽ فراق، رسڻ ۽ پرچڻ، کلڻ ۽ روئڻ جا سڀ منظر پڙهندڙن جي اکين اڳيان واضح ٿي اچي بيهن ٿا. چنيسر سومري جو ليلا سان ايڏو اٿاهه پيار ۽ ايتري چري چاهت جو کيس ڪا خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو وهي ۽ واپري ۽ جڏهن ريساڻو راجا سجاڳ ٿو ٿئي، تڏهن ليلا کي ڏهاڳ جو ڏانءُ ڏيندي دير ئي نٿو ڪري.

در حقيقت دنيا جي سمورن فسادن جي جڙ لالچ آهي. اها لالچ ئي آهي جا آدم ۽ بي بي حوا کي ان وڻ جي ويجهو وٺي وئي، جنهن جو کين حڪم هو ته ”لا تقربا هذاه الشجرة“ ”هن وڻ جي ويجها نه وڃجو“ پر دائمي حياتيءَ جي خواهش کانئن اهو ڪم ڪرايو، جو کين هميشه لاءِ پنهنجي رب وٽ اهو نافرمانيءَ جو داغ کڻڻو پيو. اهڙيون خواهشون جن ۾ لالچ سمال هجي، هميشه هيٺانهين درجي تي پهچائينديون آهن، جڏهن ڪا خواهش شدت اختيار ڪري جنون جي حد تائين پهچي وڃي، تڏهن ان جو انجام هميشه ناڪاري ئي ٿيندو آهي. ليلا هارَ تي هرکجي، چنيسر جي چاهت ۾ ايترو ته چري ٿي وئي جو کيس اها خبر ئي ڪانه پيئي ته سندس اها انڌي لالچ ۽ انڌي محبت کانئس ڪانڌ قربان ڪرائيندي- ۽ هيڏي وڏي هاڃي کيس پرزا پرزا ڪري ڇڏيو، هوءَ فقط ليلائيندي رهي. ڏٺو وڃي ته لالچ هميشه خواهش مان جنم وٺندي آهي ۽ خواهش کي قابو رکڻ ۾ وڏو ڪم انسان جو نفس ئي ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن هو نفس جي گهوڙي کي قابو رکي ۽ ضرورت ۽ خواهش ۾ فرق کي ڄاڻي ته ڪڏهن به ساڻس اهي هاڃا نه ٿين، جن کانپوءِ پڇتاءُ سندس مقدر ٿو هجي. حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي ته ”زندگيءَ کي ضرورت تائين محدود رکو ۽ ضرورت فقيرن جي به پوري ٿيندي آهي ۽ خواهشون بادشاهن جون به رهجي وينديون آهن“ ۽ اهو به فرمايو اٿن ته ”ڪوشش ڪريو ته توهان دنيا ۾ رهو ۽ دنيا توهان ۾ نه رهي، ڇو ته ٻيڙي جڏهن پاڻيءَ تي رهندي آهي ته اها ترندي رهندي آهي ۽ جڏهن پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اچي ويندو آهي ته اها ٻڏي ويندي آهي.“

خواهشون رکڻ عيب ڪونهي پر بي جا ۽ غلط خواهشون حياتيءَ جو سڪون وڃائينديون آهن ۽ پوءِ انسان کي بري ۽ ڀلي ۾ تميز نه ٿي رهي ۽ شين جي محبت جڏهن دل ۾ وسي ويندي آهي، تڏهن انهيءَ دل جو مالڪ اتان لڏي ويندو آهي، پوءِ فقط اميدن ۽ لاحاصل خواهشن کي ممڪنات ۾ بدلائڻ جا ڀَوَ هوندا آهن. سو ليلا پڻ لالچ ۽ نفساني خواهش سبب نافرمانيءَ جي مرتڪب ٿي. سچيءَ محبت جو جذبو پاڪ ۽ شفاف آهي، جيئن ڌڻيءَ سڳوري کي پنهنجي محبت ۾ شراڪت جو جذبو پسند ڪونهي، هو سڀ ڪجهه معاف ڪري ٿو، پر شرڪ کي معاف نٿو ڪري، تيئن دنياوي طور پڻ محبت ۾ ٻيائي محبتين وٽ معافيءَ جوڳو عمل نه آهي. سو شاهه صاحب ”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين وسيلا وسار“ شرڪ ۽ ٻيائي کان روڪي ٿو، کيس چڱيءَ پر خبر آهي ته ڪانڌ کي وڏائي ۽ ڪبريائي پسند ڪونهي فرمائي ٿو ته،

چنيسر سين چاءُ، متان ڪا مُنڌ ڪري،

ڪانڌِ ڪنهن جو نه وڻي گيرَب ۽ گاءُ،

جي ٿِڙي ٿورڙياءِ ته دوسِ داسِڙو.

سچي محبت بي عيب آهي جا ليلا کي نصيب هئي پر هُن انهيءَ ۾ ٻيائي ڪئي، سو سندس سٽاڻي سردار کي پسند نه پيئي، ڀانيائين ته حيلو ڪريان، هار پائي پاڻ کي وڌيڪ وڻائينديس، پر ان هار ئي کيس هلڪو ڪيو. شاهه لطيف ليلان جي واتان سندس اهو ڏک هن ريت بيان ڪيو آهي، فرمائي ٿو ته،

وڏيري هُياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دُهلين دَمامِين، نقُرين ٿي پلپل پُڇياسِ،

هُيس دادِلي دوسنِ جِي، کَڻِي هارَ هَلڪِي ڪَياس،

تِهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانِيارِي ڪانڌَ جِي. (ليلان چنيسر، 2-5)

ليلان جي واتان عيبن جا اعتراف آهن ۽ پڇتاءُ جي پيڙا آهي. ڏٺو وڃي ته آزي نيزاري ۽ التجا ٻانهي جو هٿيار هئڻ گهرجي، پاڻ پڌائڻ ۽ سينو ساهڻ شيطاني رستو آهي، جنهن سان ڪئي ڪمائي ڪُٽ ٿي وڃي. ليلا ڪيڏي نه مانائتي هئي؟ هاڻي کيس مڪمل احساس آهي ته اها وڏيرائپ نه سندس ڏات هئي ۽ نه سندس ڏانءُ هو، اها ته فقط دوس داسڙي جي مهرباني هئي، سندس واتان ڀٽ ڌڻي ماضي جا ڏک ٿو سارائي.

الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيُون ڏُک ڏسن،

مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا. (ليلان چنيسر، 2-6)

هتي ليلا ڪريم جي ڪيل ڪرمن کي ياد ڪندي اهو مڃي ٿي ته مون خود کي ”عقل ڪُل“ سمجهيو. عام طور ڏاهپ مان مراد عقل ۽ سمجهه جي ورتي ويندي آهي ۽ ڀورائي اهڃاڻ آهي، بي عقليءَ جو پر هن بيت ۾ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ”ڏاهي مَ ٿيان“ يعني ”شل مون کي عقل ئي نه هجي“ اهڙو گفتو شاهه صاحب پنهنجي هن سُورميءَ کان ڪيئن چورايو آهي؟ جڏهن ته عقل ۽ سمجهه ته خدائي نعمت ۽ هڪ وڏو عطيو آهي ۽ اهو اعليٰ عطيو ته پيغمبرن ۽ نيڪن جو ورثو آهي، پوءِ ان کي ڇو نِنديو ويو آهي؟ غور ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته هيءُ اهو عقل ۽ ڏاهپ ڪانهي جا پيغمبري سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، بلڪه هيءَ ڏاهپ اها آهي، جنهن کانپوءِ انسان خود کي ”عقل ڪل“ ۽ خودمختيار سمجهندو آهي ۽ اتان ئي نفس جي گمراهي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ليلا کي به چنيسر راجا جي دل تان لاٿو. هتي ”ڀورائيءَ“ مان مراد اها سادگي ۽ نهٺائي آهي، جنهن ۾ بندي جو عاجزيءَ سان محبوب کي مانائتو ڪرڻ ۽ پنهنجي ”خودي“ ۽ ”پاڻ پڻي“ کي ختم ڪرڻ آهي. مطلب ته ڀورائي بي عقلي هوندي به عقل آهي ۽ بي سمجهائي هوندي به سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، جنهن ۾ ڪريم جا ڪروڙين ڪرم ٿين ٿا ۽ انهيءَ جي ابتڙ ڏاهپ ئي اهو شيطاني فخر آهي، جيڪو هميشه لاءِ هيٺانهين تي لعنتي ڪرائي پهچائي ٿو ۽ انهيءَ کانپوءِ فقط ۽ فقط پڇتاءُ ۽ آزيون ۽ نيزاريون ٿيون بچن، سي به شل قبول پون. آزين ۽ نيزارين کانپوءِ ليلائڻ ۽ منٿن کانپوءِ به نڌر کي نوازڻ هُن غفار الذنوب جو ڪم آهي، جتي فقط ڪيرت ڪرڻي آهي ۽ رحمت مان مايوس به نه ٿيڻو آهي ”لا تقنطو من رحمت الله“ يعني الله تعاليٰ جي رحمت مان مايوس نه ٿيو. هُن کي، دل جي صفائي گهرجي ۽ هو داسڙو دليون ٿو پرکي ان ڪري.

جي ليلائي نَه لهِين ته پُڻ ليلائج،

آسَر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو. (ليلا چنيسر، 2-21)

شاهه صاحب جي هن سڄي سُر ۾ اها تلقين آهي ته لالچ کان بچو، هٺ، فخر ۽ غرور کان پاسو ڪيو. پنهنجي پاڻ کان ٿيل غلطين کي دل سان مڃي پانڌ غريبيءَ گڏائي، معافيءَ جا طالبو ٿيو ۽ سچيءَ دل جي اها معافي جنهن ۾ خوديءَ جو ڪوڙو ڀرم نه هجي، ضرور قبول ٿيندي. سچيءَ محبت جو قدر ڪيو، محبتن جا قدردان ڪڏهن به ڏکيا ڪونه ٿيندا آهن. ليلا تي چنيسر جا وڏا وڙ، وڏا قرب ۽ وڏيون عنايتون ۽ عطائون هيون، پر هڪ معمولي هيري تي هرکجي هيڏي بي بها دل واري ناياب هيري کي هٿان وڃايائين. سو پيار ئي دنيا جي اصل حقيقت آهي، سچي پيار جو قدر ڪرڻ ۽ ان جي پرک ڪرڻ لاءِ صاف ضمير ۽ خالص دل ئي ڪسوٽي آهي. اخلاص، نياز ۽ ٻانهپ جي ٻولي هر هڪ ماڻهوءَ جي دل جيتڻ جو هٿيار آهي ۽ ان سان ئي هن زمين تي محبتون ۽ دلين ۾ وسعتون پيدا ٿينديون رهنديون.

parweenmoosa2018@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *