تازيون خبرون

جولاءِ 2017 ورسي مناسبت سان 12 ورسي: —- سنڌ جو ناميارو وڏيرومرحوم شاهنوازخان جوڻيجو: تحرير: وزير علي عباسي شهدادپور

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين

جي جيءُ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

سنڌ ڌرتي ڪيترائي جوڌا جوان ڏاها ۽ پاڪيزه ڪرادر پيدا ڪيا، انهن مان وڏيرو شاهنواز جوڻيجو نمايان مڪان رکي ٿو.  14 جولائي جو اهو ڪارو ڏينهن سنڌ واسين کان وسري نٿو وسري جو وڏيرو شاهنواز جوڻيجو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري مٽي ماءُ جي هنج ۾ هميشه لا۽ سمهي رهيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو 1932 ۾ ضلعي سانگهڙ جي هڪ ڳوٺ سنجر خان جوڻيجي ۾ جنم ورتو. پاڻ اٺ درجا تعليم پرائي ننڍپڻ کان وٺي غريبن، مسڪينن جو مددگار رهيو.

ايوب جي دور ۾ بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي پنهنجي سياسي ڪرئير جو آغاز ڪيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو علمي ادب، تاريخ، مذهبي تعليم جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ هڪ لائبريري قائم ڪيائين جتي ناميارا ڪتاب گڏ ڪيائين. پاڻ روزانو صبح سوير قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪندو هو. جنهن بعد گهوڙي سواري ڪري پنهنجو شوق پورو ڪندو هو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو پنهنجي شوق خاطر اعليٰ نسل جا گهوڙا  گڏ ڪري سنڌ جي اميرترين حلقن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو مخدوم طالب المولا سان تمام گهري ويجهڙائپ سبب مخدوم خاندان جو پيار ۽ شفقت سندس مٿان هميشه لاءِ جاري رهيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي بدترين شڪست ڏئي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي. چاچا شاهنواز مملڪتي وزير هئڻ باوجود هر اٺين ڏينهن اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ اچي غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي عوام جي مسئلن جي جاکوڙ لاءِ قوم پرست ڌرين سان گڏ هليو ۽ جيل پڻ ڪاٽيا. چاچا شاهنواز جوڻيجو، سائين جي ايم سيد سان دلي لڳاءُ رکندڙ ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن سان هميشه رابطي ۾ رهيو. مرحيات ڄام صادق علي جي دور حڪومت ۾ سياسي ماڻهو غوشانشين ٿي ويا يا پنهنجون وفاداريون مٽائي ڄام جا حامي رهيا. ڄام دور جي بربريت ظلم ، سياسي انتقام جو ڀرپور مقابلو ڪندي ضلعي سانگهڙ جي پ پ پ جي اڳواڻن تي ثابت ڪيو ته وڏيرو شاهنواز جوڻيجو کي ڪير به فتح ڪري نه ٿو سگهي هو خود فاتح آهي. پ پ پ جا موقعا پرست مقامي اڳواڻن جو هميشه وڏيرو شاهنواز جوڻيجو کان ساڙ رهيو ۽ سازشن ذريعي وڏيري کي اڪيلو ڪري سوڀارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي مگر وڏيرو شاهنواز جوڻيجي پنهنج ڏاهپ، دليري ۽ عوامي خدمت سان انهن کي شڪست ڏني جو جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پيرپاڳاري سان اتحاد ڪري پنهنجي پٽ محمد خان جو ڻيجي کي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ۽ روشن الدين جوڻيجي کي ضلعي سانگهڙ جو ناظم چونڊرائي ضلعي سانگهڙ جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو  جي ذڪر سان گڏ گل جوڻيجو جو ذڪر نه ڪجي ته اها بد نيتي ٿيندي مرحوم گل جوڻيجو ننڍپڻ کان وٺي شاهنواز جوڻيجي سان ڏک سک جي هر گهڙي ۾ گڏ رهيو. وڏيرو گل جوڻيجي جي ضلعي سانگهڙ جي تڪ تان پيرپاڳاري جي خليفي سان سياسي مقابلو ڪري ثابت ڪيو ته ضلعو سانگهڙ جوڻيجن کان سواءَ ڪير به کٽي نٿو سگهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي حر جماعت جي خليفن ۽ حرن جلسو ڪرڻ نه ڏنو، گولين جا مينهن وسائي ڇڏيا ۽ پ پ پ جيالن ۽ اڳواڻن کي خبردار ڪيو ته ضلعو سانگهڙ حر جماعت جو ضلعو آهي هتي ٻي ڪا به ڌر پير نه ٿئي ڄمائي سگهي. حر جماعت جي خليفن ۽ پوئلڳن کي وڏيري گل جوڻيجي سانگهڙ شهر ۾ ويهي للڪاري اتي پنهنجو عوام ۾ مقبوليت ماڻي ثابت ڪيو ته ضلعي سانگهڙ ۾ جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. افسوس جو وڏيري گل جوڻيجي سان سندس زندگي وفا نه ڪئي نه ته اڄ ضلعو سانگهڙ مڪمل طور تي جوڻيجن جو قلعو هجي ها. جڏهن وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جو المناق وڇوڙي بعد حاسدي ۽ فاسقين الل اعلان چوندا رهيا ته هاڻي ضلعي سانگهڙ جي مسڪين ماڻهن جو ڌر هميشه لاءِ بند ٿئي ويو هاڻي اهي ماڻهو اسان جي محتاجي ڪندا.

جس هجي وڏيرو شاهنواز جوڻيجي جي اولاد کي جن مڙس ٿئي روشن الدين جوڻيجي کي جوڻيجا خاندان جو وڏو بڻائي، حاسدين ۽ فاسقين سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو. روشن الدين جوڻيجو ، محمد خان جوڻيجو، وڏيرو نورل جوڻيجو،چاچا مرتضي جوڻيجو شاهجهان جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو، عطاالله جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو، جنيداصغرجوڻيجو علاوالدين جوڻيجو ۽ انيل گل جوڻيجو، سياسي سندرا ٻڌي، ضلعي سانگهڙ ۾ لهي ويا، سندن محنت ۽ جفاڪشي، عوامي خدمت سبب ضلعي سانگهڙ کي پ پ پ جو قلعو بڻائي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سميت پوري ضلعي ۾ حر جماعت جي تڏا ويڙه ڪري ڇڏي اڄ به ضلعي سانگهڙ ۾ عوامي جهنڊي کي بلند ڪيو اچن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *