تازيون خبرون

“جوتن“ کان “جوتاگردي” تائين!: شفيق الرحمان شاڪر

“جوتا“ عام طور تي ڪمرن جي ڪنڊن يا گهرن جي ٻاهرين دروازن يا انهن لاء ٺاهيل خصوصي خانن ۾ هميشه جوڙين جي صورت ۾ موجود هوندا آهن.ٻئي هڪجهڙي رنگ روپ،شڪل شبيهه ۽ بناوت جا ٿين ٿا.انهن ٻنهي ۾ صرف هڪڙو دائمي ۽ بنيادي فرق ٿئي ٿو ته انهن مان هڪڙو ساڄو ۽ ٻيو کاٻو هوندو آهي.اهو فرق ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جي نظرياتي فرق جيان ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي. جوتن سواء انسان چار وکون ته ڇا هڪڙي وک به هلي نٿو سگھي.جوتو هجي يا ان جي مادي جوتي انهن جي محاورن جي مار ئي انسان لاء بس آهي.پر گھڻا انسان ٿوري ٿوري ڳالهه تي جوتيء کي جوتيء سان مارڻ شروع ڪيو ڏين.خاص طور تي مال،دولت ۽ شهرت جي نشي ۾ چور ڪجهه پاڻ پڏائيندڙ هر شيء کي پنهنجي جوتيء جي نوڪ تي مارين ٿا.ٻار ابتا يعني ساڄي پير ۾ کاٻو ۽ کاٻي پير ۾ ساڄو جوتو پائي گھڻو خوش ٿيندا آهن پر جيڪر وڏا ايئن ڪن ته  مورڳو منهن ڀر ڪري پون. ماڻهن پاڻ وانگر جوتن کي به زناني ۽ مرداني ورهاست ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.ويچارا “جوڙي” سڏائيندي به شادي ڪري نٿا سگھن.عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ جوتن تي وڌيڪ جان ڏينديون آهن. جوتا به انهن جي“ پيرن جا مريد” ٿين ٿا۽ هروقت انهن جي پيرن ۾ اکيون وڇائي رکن ٿا.جوتن کي خوبصورت نالا سٺا لڳن ٿا ان ڪري انهن کي چپل،سينڊل،سليپر،ڪريون،ڇليون ۽ لانگ بوٽ وغيره جي سهڻن لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي.جوتا سندن فطرت ۾ نهايت ئي “ترقي پسند“ آهن.جڏهن پورهيت ٻار ٻين جا پير پڪڙي انهن جا جوتا صاف ڪن ٿا يا پالش سان انهن کي چمڪائين ٿا ته توڙي جو جوتن کي اهو عمل پسند نٿو اچي پر ويچارا جوتا ڇا ڪن جو دنيا جو اهو استحصالي نظام بدلائڻ ۾ اهي بيوس آهن.سرمائيداري نظام ايترو مضبوط آهي جو سڄي دنيا جا جوتا گڏجي به ان جون پاڙون لوڏي نٿا سگھن.پوليس جي هٿن ۾ ايندي ئي جوتن جي دهشت ۽ حشمت ڏسڻ وٽان هوندي آهي.خاص طور تي پاڪستاني پوليس جي هٿن ۾ ايندي ئي جوتا جوتا نٿا رهن،اهي ڇتر يا هنٽر بڻجي وڃن ٿا  ۽  جڏهن اهي آزمايا وڃن ٿا وڏا وڏا شينهن ڏوهاري گدڙ بڻجي وڃن ٿا.پوليس جي انهن جوتن جو هڪ عجب ڪرشمو اهو به آهي جو انهن ذريعي ڏوهاري اهڙا ڏوهه به باسي ويهن ٿا جيڪي ڪرڻ ته پري رهيو اڃا هنن انهن جي باري ۾ سوچيو به ناهي.ورديء وارن جي اصل طاقت جو راز به ڊگھن بوٽن ۾ لڪيل آهي ۽ پاڪستاني جمهوريت انهن بوٽن کان بيزار هوندي به انهن ئي بوٽن جي هيٺان جاء پناه ڳولهي ٿي.

احتجاج ۽ نفرت جي اظهار لاء توڙي جو جوتا ڪلچر نهايت ئي پراڻو آهي پر 14 ڊسمبر 2008ع تي عراقي صحافي منتظرالزيدي ان وقت جي آمريڪي صدر جارج بش تي پنهنجو ڏهه نمبر وارو جوتو اڇليو ته جوتن جي قدر قيمت اوچتو وڌي ويئي ۽ پوري دنيا ۾ جوتا گردي ٿيڻ لڳي.ان کان اڳ اهو فرض سڙيل ڳريل ٽماٽن ۽ ڪنن بيضن مان ٽپايو ويندو هو.ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته اشرافن جي جوتن سان آجيان ڪرڻ واري ايجاد جو سهرو منتظرالزيدي جي سر تي سجي ٿو.ان کان پوء ملڪين ملڪين ۽ شهر شهر ڄڻ ته جوتن جي گولا باري شروع ٿي ويئي.آمريڪي وزير خارجا ڪونڊا ليزا رائيس کي ماڻهو “ ڪندرا” چئي پڪارڻ لڳا جنهنجو مطلب ئي آهي جوتو.بغداد ۾ ٿيل جوتي ڌماڪي جو دونهون آمريڪا،برطانيا،آئرلينڊ،آسٽريليا ،ڪينيڊا،چين،هانگ ڪانگ، تائيوان، انڊيا،ايران،ترڪي ۽ پاڪستان تائين پکڙجي ويو.جنگ مخالف گروپ “ڪوڊ پنڪ” احتجاج جو نرالو طريقو دريافت ڪيو ۽ 17 ڊسمبر 2008ع تي پوري دنيا ۾ آمريڪي سفارتخانن کي پنهنجا جوتا پيش ڪيا.ڪينيڊا ۾ 20 ڊسمبر 2008ع تي هڪ دفعو ٻيهر جارج بش تي جوتن جو وسڪارو ڪيو ويو.ان وقت انهن جوتن جي برسات جو سبب جوتا بازيء ۾ پڪڙيل عراقي صحافي ء جي آزاديء جو مطالبو هو. 20 فيبروري 2009ع تي لنڊن ۾ هڪ يونيورسٽيء ۾ تقرير دوران چيني وزيراعظم کي بي رحم جوتن جو نشانو بنايو ويو.ڀارت جي دوري دوران موٽر ڪيڊ تي ايراني صدر احمدي نزاد مٿان جوتا اڇلايا ويا.ڀارتي وزيرداخلا ڪرشنا ايڊواڻي،وزيراعظم من موهن سنگھه،سابق صدر پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري به جوتا گرديء جا متاثرين رهي چڪا آهن. اسان جي ملڪي سياست ۾ به جوتين ۾ دال ونڊجڻ ۽ جوتن سميت اکين ۾ گھڙي وڃڻ جو رواج ڪو نئون ناهي.پاڪستان ۾ سوشلزم جي نعري جي باني جناب ذوالفقارعلي ڀٽو کي هڪ دفعو اليڪشن مهم دوران وڏي جلسي ۾ جوتا ڏيکاريا ويا هئا ته هو تقرير روڪي چوڻ لڳو ته ها، مون کي پتو آهي ته جوتا مهنگا ٿي ويا آهن.ڀٽو صاحب پنهن جي ذهانت سبب جوتن جو رخ آرام سان پنهن جي حق ۾ موڙي ويو هو پر سنڌ جو هڪ اڳوڻو وزيراعليٰ جڏهن  7 اپريل 2008ع تي سنڌ اسيمبليء مان پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ بعد ٻاهر نڪتو ته هڪ جيالي نشانباز پنهنجي جوتي سان مٿس اهڙو ته نشانو چٽيو جو ارباب جي اکين سامهون ڏينهن جا تارا ڊانس ڪرڻ لڳا.

جوتن ۽ انسانن ۾ ڪهڙي ڳالهه ساڳي آهي سا اها ته جوتا به چمڙي جا ٺهيل آهن ۽ انسان به چمڙي جا.فرق صرف ايترو آهي جو انسان اندران گوشت ۽ چرٻيء مان ڀريل آهي جڏهن ته جوتا اندران خالي هوندا آهن جيستائين ڪو انساني پير منجھن ساه نه وجھي.هونئن خالي ته ڪيترا انسان به هوندا آهن جن وٽ دماغ ۾ شرارتن سواء ٻيو ڪو سامان موجود نٿو ٿئي.پر انسان کي اها خوبي حاصل آهي ته اهو جتي به پير رکي ٿو جوتو اتي پهچيو وڃي.حقيقت اها آهي ته انسان جو ڄمڻ کان مرڻ تائين هروقت جوتن سان واسطو رهي ٿو.هن وقت تائين ته جوتا مختلف جانورن جهڙوڪ گڌهن وغيره جي کلن مان ٺهندا رهيا آهن پر جهڙي نموني پاڪستاني ڪاسائي،سياستدان،آفيسر،وڏا واپاري ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن جا مالڪ ماڻهن جون کلون اڍيڙي رهيا آهن ته اميد ڪري سگھجي ٿي ته  ايندر ڪجحه سالن ۾ ماڻهن جي کلن مان به نهايت ئي عمدي قسم جا جوتا ٺهڻ شروع ٿي ويندا ۽ اها صنعت ملڪ جي ترقيء ۾ خوب ڪردار ادا ڪري سگھندي ۽ “پنهنجو جوتو پنهنجو منهن” واري چوڻي پوريء طرح عملي شڪل ۾ سامهون ايندي.دنيا ۾ اربين انسانن وانگر جوتا به اربن جي تعداد ۾ جڙن ٿا جيڪي انسانن وانگر ئي مختلف رنگن ۽ برانڊن جا ٿين ٿا. ڪارا، اڇا،برائون ۽ ڳاڙها وغيره.خواتين لاء جوتا هر پسند جي رنگ ۾ خود بخود رنگجي وڃن ٿا پر انهن کي گھڻو ڪري ڪارو ۽ برائون رنگ گھڻو وڻندا آهن.جيڪي جوتا پاڻ نرم هوندا اهن اهي نرم پير ئي پسند ڪندا آهن.اهڙن جوتن کي ضد ڪري ڪو بي ڍنگو پير پائي ته اهي پير کي ڪترڻ،چڪ هڻڻ ۽ زخمي ڪرڻ کان به نٿا مڙن.اصل ۾ ٺاهيو ته انهن کي صرف پائڻ جي مقصد لاء ويو هو پر اهي هاڻي وڏي پياني تي ٻين طرف پيار مان اڇلائڻ جي به ڪم اچن ٿا.رهيو ڪنهن سياسي ليڊر يا حڪمران طرف جوتو اڇلائڻ جو معاملو ته عوام جيڪو سدائين پنهنجن محبوب ليڊرن کي محبت وچان هار پارائيندو رهندو آهي انهن جيڪر حجت ڪري ڪڏهن ڀلجي ڪو پادر انهن ڏانهن اڇلي وڌو ته ڪهڙي قيامت اچي ويئي.هونئن به عام ماڻهو ته روزانو پوليس يا پاڻ ڏاڍن جا پادر وڏي صبر سان سهندا رهندا آهن،ميڊيا ۾ ٿرٿلو ۽ ايوانن ۾ زلزلو صرف تڏهن اچي ٿو جڏهن پادر جو نشانو بڻجندڙ ڪو “خاص” هجي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *