تازيون خبرون

جنگن ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو؟: تاج مري

اڄڪلهه 1965ع جي جنگ جي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽراڪ ۽ سوشل ميڊيا تي وڏا بحث هلي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪو ان جنگ کي پاڪستان جي عظيم فتح سڏي ٿو ۽ ڪو وري ان جي ابتڙ، پر حقيقت ڇا آهي، ڇا انهن جنگين عوام کي ڪجهه ڏنو آهي، يا وري جنگين جي نتيجي ۾ عوام جا کيسا ڪٽي انهن کي ڪنگال بڻايو ويو آهي، بظاهر پاڪستان ۽ هندستان پنهنجي پنهنجي فتح جا جهنڊا اوچا ڪرڻ ۾ لڳل آهن، پر ان جي ابتڙ ٿيو اهو آهي ته هنن 68 سالن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل چئن جنگين جي نتيجي ۾ غربت، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، ان سان گڏوگڏ جنگي جنون، دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۽ جنونيت ايتري ته سگهاري ٿي آهي جو هاڻ اها جنونيت نه رڳو پاڪستان ۽ هندستان يا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن لاءِ خطرو آهي، پر سڄي دنيا لاءِ خطري جو بنياد بڻجي وئي آهي.

پاڪستان ته پهرين ڏينهن کان وٺي آمريڪي ايجنڊا تي هلندي پاڙيسري ملڪن سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ سيٽو، سينٽو جهڙن معاهدن ۾ شامل ٿي جمهوريت، سوشلزم ۽ عوام دشمن ايجنڊا تي ڪم شروع ڪيو، نتيجي طور تي نه رڳو هندستان، پر افغانستان، سوويت يونين ۽ ٻين پاڙيسري توڙي دنيا جي عوام دوست حڪومتن خلاف آمريڪا جي فرنٽ لائين جي اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪندي پاڙيسري ملڪن جو دشمن بڻجي ويو، نتيجي طور تي خود پاڪستان مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي، هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جو ڳڙهه بڻجي اهڙي صورتحال ۾ وڃي بيٺو جو سڄي دنيا پاڪستان کي دهشتگرد ملڪ طور سڃاڻڻ لڳي، پاڪستان ۾ ته 68 سالن ۾ گهڻو تڻو آمريت جو دور رهيو آهي، پر هندستان جهڙي جمهوري ملڪ به جنگي جنون ۾ اچي پاڻ کي ان منزل تي پڄايو آهي جو اڄ هندستان ۾ مذهبي انتهاپسندن جي حڪومت آهي ۽ اهي پڻ جنگي جنون کي هوا ڏيڻ کي ڄڻ ته پنهنجو قومي فرض پيا سمجهن، انهن چئن جنگين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا 22 هزار 6 سئو فوجي ماريا ويا، 50 هزار فوجي زخمي ٿيا، هڪ لک خاندان جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 لک ماڻهو شامل آهن متاثر ٿيا ۽ ائين ئي وڏي تعداد ۾ سرحدي علائقن جا ماڻهو بي گهر ٿيا، انگن اکرن مطابق 1947ع جي جنگ ۾ انڊيا جا 11 سئو 4، پاڪستان جا 15 سئو، 1965ع جي جنگ ۾ انڊيا جا 3 هزار 264 ۽ پاڪستان جا 3 هزار 8 سئو، 71ع جي جنگ ۾ انڊيا جا 3 هزار 843 ۽ پاڪستان جا 7 هزار 9 سئو فوجي ماريا ويا، جڏهن ته 71 ع واري جنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 کان 30 لک بيگناهه بنگالي قتل ڪيا ويا، 1999ع جي ڪارگل واري لڙائي دوران پاڪستان جا 6 سئو 90 ۽ انڊيا جا 5 سئو 22 فوجي مارجي  ويا، ڪارگل واري لڙائي بابت آمريڪا اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 7 سئو فوجي ماريا ويا، اهڙي طرح چئني لڙائن ۾ انڊيا جا 8 هزار 733 ۽ پاڪستان جا 13 هزار 896 فوجي مارجي ويا.

پاڪستان جا حڪمران عام تاثر اهو ڏيندا رهيا آهن ته هندستان سندن دشمن آهي ۽ اهو پاڪستان تي جنگيون ٿوپيندو رهيو آهي، پر تازو سوشل ميڊيا تي خيبر ٽي وي پاران اصغر خان کان ورتل انٽرويو سندن پول پڌرا ڪندي ٻڌايو آهي ته چئني جنگين ۾ پاڪستان اڳرائي ڪئي، هن ٻڌايو ته 1947ع ۾ جڏهن اڃا پاڪستان نئون نئون وجود ۾آيو هو ته هاڻوڪي خيبرپختونخواهه ۽ اڳوڻي سرحد صوبي جي وڏي وزير قيوم خان جي چوڻ تي ڪشمير ۾ فوجون ۽ قبائلي لشڪر موڪليو ويو، قبائلي لشڪر ته سري نگر ۾ ڦر لٽ ڪري مال غنيمت کڻي موٽي آيو، پر فوجون اتي ئي ڦاسي پيون ۽ اهڙي طرح هندستان کي جنگ ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هندستان ڪشمير جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو.

هن 1965ع جي جنگ ۾ پڻ پاڪستان پاران اڳرائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته هو پاڪستان جي ايئر فورس جو سربراهه هو، پر کيس ٻڌائڻ بنا ڪشمير ۾ ٽينڪن سميت فوجون موڪليون ويون ۽ اها خبر هن اخبارن ۾ پڙهي، ان سلسلي ۾ جڏهن هن ان وقت ملڪ جي سربراهه جنرل ايوب خان سان 3 سيپٽمبر تي ملاقات ڪري اها شڪايت ڪئي ۽ کيس چيو ته ان جي نتيجي ۾ هندستان لاهور سميت ملڪ جي مختلف سرحدي علائقن ۾ حملو ڪندو ته ايوب خان اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هو ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو ته هندستان، لاهور، سيال ڪوٽ ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي سميت مختلف هنڌن تي جوابي حملو ڪيو.

هن 1971ع توڙي 1999ع جي ڪارگل جنگ ۾ پڻ پاڪستان کي اڳرائي ڪندڙ سڏيو، ساڳي ڳالهه ايئر فورس جي اڳوڻي سربراهه ايئرمارشل نور خان 2 آگسٽ 2005ع تي ڊان اخبار کي انٽرويو ڏيندي چئي، هن چيو ته ايئر مارشل اصغر خان رٽائرڊ ٿي کيس ذميواريون سونپڻ محل ڪشمير ۾ جنگ ڇڙڻ جو ڪو به اطلاع نه ڏنو ۽ نه وري حڪومت يا فوجي اداري پاران کيس اهڙو اطلاع ڏنو ويو، هن کي جڏهن اها خبر پئي ته ڪشمير ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي ته کيس ڏاڍو اچرج ٿيو، هن ان وقت بري فوج جي ڪمانڊرانچيف جنرل موسيٰ خان سان رابطو ڪيو، هن کيس ٻڌايو ته ڪشمير ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن تي نور خان واراڻيو ته معنيٰ جنگ ٿي رهي آهي ۽ اوهان مونکي ٻڌايو به ڪون، موسيٰ خان چيو ته اسان کي پڪ آهي ته هندستان جوابي حملو نه ڪندو.

بحرحال اسين وري ان طرف ورون ٿا ته جنگين ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو، اسين رڳو 1999ع واري ڪارگل واري جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي فوجي ترقياتي بجيٽ جو جائزو وٺون ٿا، مثال طور 2001ع ۽ 2002ع ۾ هندستان جا دفاعي خرچ 5 سئو 70 ارب آهن، جيڪو جي ڊي پي جو 2 پوائنٽ 7 سيڪڙو ٿئي ٿو، جڏهن ته ترقياتي مد ۾ هڪ هزار 2 سئو 79 ارب جيڪو جي ڊي پي جو 6 پوائنٽ هڪ سيڪڙو ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ 2007ع ۾ هندستان 7 سئو 6 ارب دفاع تي خرچ ڪيا ۽ 17 سئو 22 ارب ترقياتي مد ۾ خرچ ڪيا، پر هندستان جي ترقياتي مد ۾ جي ڊي پي جو 6 پوائنٽ 1، 2002ع ۾ آهي، 2003 ۾ آهي ۽ 2007 تائين به ساڳيو ئي رهي ٿو، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پاڪستان 2001ع ۽ 2002ع ۾ هڪ سئو 49 ارب خرچ ڪيا، جيڪو جي ڊي پي جو 4 پوائنٽ 1 سيڪڙو ٿئي ٿو ۽ ترقيات جي مد ۾ هڪ سئو 26 ارب جيڪو 3 پوائنٽ 5 سيڪڙو ٿئي ٿو، اهڙي طرح لڳ ڀڳ 23 ارب ترقياتي بجيٽ جي مقابلي ۾ دفاعي بجيٽ ۾ وڌيڪ خرچ ٿيا، 2002ع ۽ 2003ع ۾ دفاعي مد ۾ هڪ سئو 58 ارب ۽ ترقياتي مد ۾ هڪ سئو 64 ارب رکيا ويا، 2003ع ۽ 2004ع ۾ هڪ سئو 60 ارب دفاع ۽ هڪ سئو 60 ارب ترقيات، 2007ع ۾ دفاع 188 ارب ۽ ترقيات 196 ارب روپيا آهن، جيتوڻيڪ پاڪستان دفاع جي مد ۾ هندستان جي مقابلي ۾ گهٽ استعمال ڪري ٿو، پر هندستان جو Per capita انڊيا کان ٻيڻو خرچ ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ 2001ع ۽ 2002ع کانپوءِ بظاهر پاڪستان ۾ دفاع تي خرچ گهٽيو آهي ۽ ترقياتي مد ۾ خرچ وڌيو آهي، پر حقيقت ۾ انگن اکرن جي هيرا ڦيري ذريعي فوج جي پينشن جا 36 ارب روپيا دفاع واري بجيٽ مان ڪڍي ملڪ جي بجيٽ جي گڏيل خرچ Journal Expenditure  ۾ شامل ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح دفاعي خرچ مان 27 سيڪڙو گهٽتائي ۽    Journal Expenditure ۾ واڌارو اچي ويو آهي.

بقول اسد خان جڏهن دفاع تي 40 سيڪڙو کان به مٿي خرچ ٿئي ۽ تعليم تي رڳو هڪ کان 2 سيڪڙو خرچ ٿئي ته پوءِ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ڪهڙي پاسي وڃي پيو ۽ ائين ئي جڏهن ملڪ جي ترقياتي بجيٽ جي مقابلي ۾ دفاعي خرچ ٻيڻ تي هوندا ته پوءِ غربت، بدحالي، بيماريون ۽ بيروزگاري ملڪ جو نصيب بڻجي وينديون، اڄ اسين جيڪو بجلي، گئس سميت مڙني بحرانن جي ور چڙهيل آهيون ته ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته پاڪستان فلاحي رياست بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو آهي ۽ جنگي جنون کي ڏسون ٿا ته اهو ظاهر ٿئي ٿي، ته اها صورتحال ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ نه پر حڪمران طبقن ۽ خاص طور تي اسٽبلشمينٽ جي مفاد ۾ ئي وڃي ٿو ۽ اهڙي صورتحال ۾ اسٽبلشمينٽ جي ضرورت جاگيردار، انتهاپسند ۽ عوام دشمن قوتون ئي بڻجن ٿيون، جيڪي جمهوريت جي راهه ۾ رڪاوٽ پڻ آهن، هندستان ۽ پاڪستان جو عوام ته پاڻ ۾ دوستي چاهي ٿو، اڄ به  پاڪستان ۾ هندستان جون فلمون، گانا ۽ ڊراما پسند ڪيا وڃن ٿا، هندستان جا رانديگر ۽ اداڪار پاڪستان جي ماڻهن جا هيروز آهن ۽ اهڙي طرح  پاڪستان جا رانديگر ۽ اداڪار وري هندستان ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن، اهڙي طرح پاڪستان جي ماڻهن پاران هندستان جي ماڻهن سان محبت ۽ يڪجهتي ۽ هندستان جي ماڻهن پاران ساڳي ريت جون خبرون پڻ ميڊيا تي اينديون رهيون آهن.

تازو ئي هڪ اخبار ۾ سنڌ جي گادي واري هنڌ جي گلستان جوهر واري علائقي جي هڪ ڇوڪري صبا جو جو قصو اخبارن جي زينت بڻيو، هوءَ هڪ خطرناڪ بيماري ۾ وٺجي بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿي، بيماري دوران علاج تي خرچ وڌي وڃڻ جي خبر جڏهن هندستان جي اخبارن ۾ ڇپجي ته هندستان جي ماڻهن ان ڇوڪري لاءِ 4 لک روپيا چندو گڏ ڪيو ويو آهي، انڊين ڪرنسي مطابق 10 لک جي ضرورت هئي، چندو گڏ ڪندڙ هندستان جي ٻن ڪاروباري ماڻهن اها خبر اخبار ۾ پڙهي اهو اعلان ڪيو ته هو ان ڇوڪري کي مرڻ نه ڏيندا، هنن چيو ته اسين پاڪستان جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻ گهرون ٿا ته هندستان جو عوام اوهان سان نفرت نٿو ڪري ۽ ڀائپي چاهي ٿو، ان سلسلي ۾ جڏهن اخبار وارن صبا طارق جي ماءُ نازيا سان رابطو ڪيو ته هن چيو ته هندستان جي ماڻهن پاران کيس جيڪا همدردي ۽ محبت ملي آهي، اها هوءَ وساري نٿي سگهي، هن کي محسوس ئي نٿو ٿئي ته هوءَ ڪا پرڏيهه ۾ ويٺل آهي، ساڳي صورتحال پاڪستان ۾ هندستان جي هڪ گونگي ڇوڪري گيتا جيڪا 13 سال اڳ رستو ڀلجي پاڪستان ۾ داخل ٿي هئي، ان کي ايڌي سميت پاڪستان جي ماڻهن پاران مليل محبت پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت جو رشتو ڳنڍڻ چاهين ٿا، پر جنگي جنون چاهيندڙ قوتون محبتن بدران نفرتون وڌائڻ ۾ رڌل آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *