تازيون خبرون

ثقافت کاتي پاران ڪرايل موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال : عبدالجبار ميمڻ

حصو ٻيو ۽ آخري……..

موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماهرن کي موهن جو دڙو کي سم، ڪلر ۽ ٻين خطرن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان شروع ڪيل رٿائن بابت سيٽ لائيٽ نقشن ۽ چارٽرن جي مدد سان آگاهي ڏني وئي ۽ کين ٻڌايو ويو ته پاڻي، مٽي ۽ ٻين هاڃيڪار جزن ۽ مادن جي اٽڪل 300 قسمن جي چڪاس ڪئي وئي آهي،

موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس  ۾ آمريڪا کان آيل عضمه رضوي چيو ته  مان آمريڪا مان  آئي  آهيان، ۽ مان شڪر گذّار آهيان، آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جي جنهن مون کي دعوت ڏئي هن عالمي ڪانفرنس ۾ گهرايو آهي، هن چيو ته مٽيءَ جي اثر هوندو آهي ته سرن جو اثر ڇا هوندو آهي، اهو اثر اسان جي چال ۾ هوندي  آرٽيچر هوندي آهي، اسان هن مٽيءَ تان هلئون ٿا گهمو ٿا، ۽ اها اسان کي جنم ۾ گذري ٿي، ٽيڪنالا جي جي مدد سان مٽيءَ پڪين سرن  لڌيون ويون اتي بنگلا، پڪا رستا  ڪشادا ڪمرا ۽ ڊرينج نظام جو ڪم ٿيل هو، موهن جو دڙو تي گهرن جو تعداد هو،  ڊي ڪي ايريا ۾ 66 گهٽيون آهن، هر سوال جو دارو مدار ماحول سان هوندو آهي، موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾  ڊاڪٽر روڙا  خطاب ڪندي چيو ته 1958ع کان پوءِ  فرينچ  موهن جو دڙو جي تعاريف ڪئي، انڊس تهذيب جا ماڻهو ڪاروبار ڪندا هئا،  چنو جو دڙو جيڪو بلوچستان ۾ آهي، ان جي آرڪي ٽيچر  جا ڪم ٿيل آهن، ۽ اهي سنڌو  ندي سان ملن ٿا،  چنو جو دڙو گهڻو اثر رکي ٿو،  موهن جو دڙي سان موهن جو دڙو  جاماڻهو ڏاڍا امير هئا،  چنو جي دڙو جا اڃان به ٻه دڙا آهن، اتي مٽيءَ جا ٿانو، مٽيءَ جو سرون ۽ شيون  اتي جڙيل ڪمرا ۽ ٻيون آرٽيچر جو ڪم  شاندار نموني سان ٿيل آهي، اتي اڏيل عمارت جو آرٽيچر ڪم دلچسپ هو، ان ڪري هن  پليٽ فارم تان  موهن جو دڙو  تي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هر سال ايئن نمائش ڪري موهن جو دڙو تي ڪم ڪيو وڃيموهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ جرمني جي ماهر مائيڪل جانسرل چيو ته  موهن جو دڙو  هڪ وڏو شهر هو، وڏيون وڏيون عمارتون هيون کوهه هيا، ڊرينيج سسٽم جو شاندار ڪم هيو، ۽ ڪجهه کوهه اڃان به آهن،  جيڪي اوريجنل صورت ۾  پر ڪجهه کوهن جي مرمت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته موهن جو دڙو انسان ذات جي تاريخ آهي،   هن چيو ته سرن جي  سائيز ۽ بناوت ساڳي طرح جرمني ۾ ملي ٿي، کوهه ميٽر هيٺ کوٽيو ويندو هو، رومن ۽ جرمن  به اهڙي طرح کوهن جو استعمال ڪندا هئا، هن چيو ته 1973ع ۾  يونيسڪي جي مدد سان  ريسرچ ڪئي وئي، جيڪا پروفيسر روٽ هالينڊ جي  پڻ ڪئي هئي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو1973ع ۾ 20 ميلن جي لاڳت موهن جو دڙو تي ڪم ڪرايو،موهن جو دڙو جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي آرڪيالاجي ماهر پروفيسر سرفراز حسين سولنگي  سيمينار ۾   هن چيو ته  ڊراءِ ڪول ڊريلنگ پروجيڪٽ هلي رهيو آهي، جنهن سان موهن جو دڙو  جي حد معلوم ڪئي وئي، جڏهن ته  پهرين نمبر ڳالهه اها ته  اعتراض اهو هو ته 5 هزار سال پراڻي  موهن جو دڙو جي چوڌاري گهر اڏجي ويا آهن، هن چيو ته موهن جو دڙو جي ڪور ڊرلنگ ذريعي  مشاعدو ڪري ڪاميابي سان ڇهن مهنين کان پوءِ ڪور ڊريلنگ جو ڪم پورو ڪيو، جنهن مان اسان کي ڪجهه قدرتي ثقافتي شيون مليون، ۽ ان سلسلي ۾ اسين 55 ڪور ڊرلنگ ڪيا،موهن  جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾  پروفيسر ڊاڪٽر جوزف  چيو ته سنڌ ثقافت جي ماڻهن جو شڪر گذار  آهيان جو مون کي هن عالمي ڪانفرنس ۾ دعوت ڏئي گهرايو  آهي، هن چيو ته  پروفيسر سرفراز سولنگي مطابق موهن جو دڙو گهڻو وسيح آهي،  ۽  ڊرلنگ جي بور  مان اسان کي ڪجهه نيون شيون مليون آهن،  جنهن مان سمجهي سگهون ٿا، هن چيو ته سنڌو ندي هماليا کان اچي ٿي، سنڌو، چناب، راوي ستلج سڀ سمنڊ سنڌو ڊيلٽا مان نڪرن ٿا،  ۽ هڙاپا دڙي جي ڪاروباري لنڪ هئي،موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  ڪاسد ملاح چيو ته موهن جو دڙو ڪيئن تباهه ٿيو، ڪجهه چيو  وڃي ٿو ته آب هوا جي لحاظ کان تباهه ٿيو، اتي به آبادي  موهن جو دڙو دوران گهاگهر  ۽ ندي ۽ سنڌو ندي هئي، ۽ انڊيا جي اوڀر اعلائقي تائين وهندي هئي،   گهاگهرا ۽ ڪاڪڙ اهي اتي  ٻئي مليل هيون جتي اسان اڄ رهون ٿا، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪجهه فرق محسوس ڪيا آهن، ۽ ٽيڪنيڪل  معلوم ڪياسين ته هاڙاپا  ۽ ٻئي هڪ وڏي تهذيب آهي،  ڇو ته موهن جو دڙو هڙاپا مان    ڪجهه ساڳيون شيون مليون آهن،موهن دڙو عالمي ڪانفرنس ۾   وزيراعظم پاڪستان  محمد نواز شريف طرفان  موڪليل نمائيندو راءِ حيدر سيمينار کي خطاب ڪندي  چيو ته مان وزيراعظم  جي هدايت تي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي آهي، هن چيو  مان موهن جو دڙو ۾ موجود آهيان جيڪا تمام وڏي  ۽ قديمي تهذيب آهي،  موهن جو دڙو پاڪستان جو وڏو اساسو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ سڃاتو  وڃي ٿو،  هن چيو ته  وزيراعظم پاران  پڻ موهن جو دڙو  عالمي ڪانفرنس جي ساراهه ڪئي آهي، ۽ انشا الله هي ڪانفرنس  قديم آثارن جي وڌيڪ مضبوطي لاءِ  بهتر ثابت ٿيندي،موهن جو دڙو تي ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي   ٻئي ڏينهن تي  به موهن جو دڙو ي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا، موهن جو دڙو جي مين گيٽ تي ڏهن کان مٿي پوليس ۽ رينجرس  جون گاڏيون ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي تي  ۽ اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي  ماهرن  اسڪالرن صحافين سياستدانن  جي تحفظ  لاءِ موهن جو دڙو جي مختلف سائيڊن تي حفاظت لاءِ بيٺا رهيا،   ٻئي پاسي صحت کاتي لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري جي عاليٰ آفيسرن  پاران عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي  ماهر ڊاڪٽرن جي ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي وئي، جڏهن ته  موهن جو دڙو تي مختلف مٽي جي ٺهيل  مورتين مجسمن  جا اسٽال پڻ لڳايا ويا،   جتان ڪانفرنس ۾  شريڪ ماڻهو خريداري ڪندا رهيا، جڏهن ته سيڪيورٽي جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾  شريڪ ليڊيز اسڪالر ماهر جي حفاظت لاءِ اسپيشل ليڊيز پوليس مقرر ڪئي وئي، جيڪا انهن جي حفاظت ۾ پيش پيش هئي،

موهن جو دڙو تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ماهرن اسڪالرن ۽ سياستدانن کان علاوه  لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي اديبن  تاج جويو، مدد سنڌي، ڄام جمالي، اياز گل، ناز سهتو،ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر، قومپرست اڳواڻ احمد انقلابي،  احسان دانش، انور ڏنگڙائي، ادل سومرو، ادل سولنگي، نويد سنديلو،محمد علي پٺاڻ، مختيار سمون،يوسف شاهين، ۽ ٻيا شامل هئا،عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ته آرڪيالاجي ۽ ثقافت پاران موهن جو دڙو جي ميوزم کي پڻ  مختلف معلوماتي بينرن پينا فليڪس سان سينگاريو سنواريو ويو، جتي  سوين ماڻهون ڏسندا ۽ معلوم مات وٺندا رهيا، موهن جودڙو هن وقت دنيا جو اهو اڪيلو ماڳ آهي جنهن جي سڀ کان بهتر نموني ڊاڪيومينٽيشن ڪئي وئي آهي. موهن جودڙو جي لوڪن کي پاڻي ۽ صفائي جون سڌريل سهولتون حاصل هيون. عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ڏينهن تي ماهرن جو خطاب، موهن جودڙوتي ٿيندڙعالمي ڪانفرنس جي ٽئين ۽ پڄاڻي واري ڏينهن تي آرڪيالاجي جي ماهرن سنڌو سڀيتا جي دور ۾ قائم ٿيل وسندين، انهن جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ عيسوي سن شروع ٿيڻ کان اٽڪل 2 هزار سال اڳ سنڌو سڀيتا جي مصري ۽ ٻين همعصر تهذيبن سان واپاري لاڳاپن، تازو موهن جودڙو واري هنڌ تي ڪرايل ڊراءِ ڪورڊرلنگ جي شروعاتي جائزن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي تحقيقي مقالا پڙهيا ويا،اسپيني ماهر ڊاڪٽر مائيڪل جينسن تحقيقي مقالي ۾ چيو ته 1973ع ۾ موهن جودڙو بابت ڪوٺايل پهرين عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ سان پهريون ڀيرو سموري دنيا جو ڌيان هن قديم تهذيب ڏانهن ڇڪرايو ويو. هن ٻڌايو ته هو 1978 کان موهن جودڙو کي بچائڻ لاءِ يونيسڪو پاران شروع ڪيل پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته جرمني جي تحقيقاتي اداري موهن جودڙو جي موجود آثارن جي ٻيهر ڊاڪيومينٽيشن ڪرڻ لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪيا آهن ۽ ان پروگرام هيٺ ٽن هزارن کان وڌيڪ تصويرون حاصل ڪيون ويون آهن. هن دعوا ڪئي ته سموري گرائونڊ جي نئين سر ماپ ڪرڻ کانپوءِ موهن جودڙو هن وقت دنيا جو اهو اڪيلو ماڳ آهي جنهن جي سڀ کان بهتر نموني ڊاڪيومينٽيشن ڪئي وئي آهي،       هندستاني اسڪالر ڊاڪٽر وسنت شرام شندي پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته هندستان ۾ قديم آثارن جي تازو ٿيل کوٽائي جي نتيجي ۾ سنڌو تهذيب سان هڪجهڙائي جا اهڃاڻ مليا آهن. هن چيو ته هندستان جي ڪجهه قديمي اثارن مان مردن کي دفنائڻ واري هنڌن جي نشاندهي ٿي آهي پر دفنائڻ جي رسمن بابت تحقيق ڪرڻ جي ضرورت باقي آهي. هن ٻڌايو ته هندستان ۾ پهريون ڀيرو قديمي آثارن مان هٿ آيل هڏن جي ڊين اين اي ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌو ۽ ان جي همعصر تهذيبن کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر وسنت وڌيڪ ٻڌايو ته هندستان ۾ قديمي آثارن کي بچائڻ لاءِ مقامي آبادين ۾ سجاڳي پيدا ڪندي انهن جو سهڪار حاصل ڪيو ويو آهي، آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ريٽا پئٽريشا رائيٽ موهن جودڙو جي لوڪن کي حاصل پاڻي ۽ صفائي جي سهوليتن بابت مقالو پيش ڪندي ٻڌايو ته اهي شهري سهوليتون ايترو ته سڌريل هيون جو اهي همعصر ۽ بعد ۾ وجود ۾ ايندڙ تهذيبن لاءِ مثال بڻيون آمريڪي اسڪالر ڊاڪٽر رچرڊ ميدو هڙاپا ماڳ تي مليل ديوار جي اهڃاڻن ۽ آثارن بابت مقالو پڙهيو،  پڄاڻي واري ڏينهن تي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري سان گڏجي ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائيندڙ سرڪاري ملازمن ۽ ٻين ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا،  موهن جو دڙو تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي مو قعي تي گذريل رات لاڙڪاڻو ۾ موسيقي جي شاندارمحفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌو ماٿري جي سڀني حصن يعني گلگت بلتستان، ڪشمير، سوات، خيبرپختونخواهه، پنجاب، سرائيڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي لوڪ فنڪارن سر وکيري ٻڌندڙن کي جهومائي ورتو. ان محفل ۾ گلگت بلتستان جي فنڪاره بانو رحمت، ڪشمير جي ڪوئل ماهي ڪشميري، سوات جي فنڪاره بختاور، خيبرپختونخواهه جي اعجاز مشتاق، سرائيڪي جي اڌو ڀڳت، بلوچستان جي تاج بليدي ، سنڌي جي فنڪاره تاج مستاني ۽ ٿر جي ڪوئل مائي ڍائي ڍاٽڪي ۾ ڪلام ڳائي سر وکيري خوب داد حاصل ڪيو. ان کانسواءِ ذوالفقار علي بورينڊو، ارباب کوسو الغوزو وڃائي پرڏيهي مهمانن کي موهي وڌو. فقير رجب علي صوفياڻيو ڪلام پيش ڪيو. محفل ۾ هڪ خوبصورت فنڪاره جڏهن موهن جو دڙو مان هٿ آيل ناچڻي سمبارا کي خراب تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڊانس ڪئي ته سندس پرفارمنس ايترو ته حقيقي ۽ پر اثر لڳي رهي هئي جو ڄڻ سمبارا پاڻ نچي رهي هجي، موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي مختصر خطاب ۾ ايم اين اي ميڊم فريال ٽالپر چيو ته هماليا کان وٺي سمنڊ تائين سنڌوجي ٻنهي ڪنارن سان صدين کان تهذيبن جنم ورتو آهي. بعد ۾ هن صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، سيد سردار علي شاهه، ايم اين اي رميش لال ۽ ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو سان گڏجي پرڏيهي مهمانن کي ٿر مان آيل شالون سوکڙي طور پيش ڪيون، موهن جو دڙو تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ٽئين ۽ پڄاڻي واري ڏينهن جي مو قعي تي آيل مهمان صو بائي وزير نثار احمد کهڙو سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته موهن جو دڙو تي پهرين عالمي ڪانفرنس 19920 ع ۽ ٻي عالمي ڪانفرنس 1973 ع ۾ ۽ ٽي 2017 ع ۾ گهرائي موهن جو دڙو کي اجاگر ڪرڻ لا۽ عالمي ليول تي بحث ڪرايو ته هتي ماڻهو ڪئين رهندا هئا ۽ اهي ڪهڙيو ڪاروبار ڪندا هئا،کين مان خراج تحسين پيش ڪيان ٿو اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ هن عظيم تهذيب جو نظارو دنيا کي ڏيکاريو، هن وڏي هڪ پروگرام تي سنڌ سميت پوري پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو،هن چيو ته اسان تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته پنهنجي ماڳن جي حفاظت ڪيون ڇو ته هي اسان جو ورثو اسان جي سڃاڻپ آهي،هن چيو ته هيڏي وڏي پروگرام تي ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن هيڏو پروگرام ڪري موهن جو دڙو جي حفاظت لا۽ پروگرام ڪري موهن جو دڙو کي سنواريو آهي، موهن جو دڙو تي م،نعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ آخري ۽ ٽئين ڏينهن جي پروگرام ۾ صو بائي وزير سهيل انور سيال پاران آيل ڏيهي ٽو ڙي پرڏيهي ماهرن مهمانن اديبن صحافين کي سنڌ جو شان سڄاڻپ اجرڪن جا تحفا ورهايا ويا جيڪي سندس ڀاءَ ضلع ڪائونسل ميمبر انجنئير طارق انور سيال پاران مهمان خاص نثار احمد کهڙو سميت ٻاهران آيل مهمانن مائيڪل جانسن ۽ ٻين کي ڏنا ويا، جڏهن ته آخر ۾ صو بائي وزير سهيل انور سيال جي طرفان لنچ پڻ مهمانن کي ڪرائي ويئي،  پ پ اڳواڻ ضلع ڪائونسل جي ميمبر انجنئير طارق انور سيال ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته مو هن جو دڙو اسان جو هڪ عظيم ۽ سڄاڻپ رکندڙ ورثو آهي جنهن جي حفاظت ان جي سنڀال مالڪي ڪرڻ اسان توهان جو فرض آهي هن چيو ته پ پ حڪومت مو هن جو دڙو سميت سڀني ماڳن جي حفاظت لا۽ سٺا قدم کڻي انهن کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسرنه ڇڏي آهي، هن چيو ته انشا ءَ الله عالمي سيمينار جا مو هن جو دڙو جي بچاءَ جا بهتر کان بهتر نتيجا نڪرندا ۽ مو هن جو دڙو اڃا به وڌيڪ مظبوط ۽ محفوط رهندو هن ثقافت کاتي وارن کي هن وڏي پروگرام ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو تي 3 ڏينهن عالمي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اڄ آخري ۽ 3 ڏينهن جي مو قعي تي سيڪيو رٽي جا انتظام 2 ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيا ويا هئا جڏهن ته اڄو ڪي آخري ڏينهن تي سياسي سماجي ادبي دانشورن شاعرن صحافين تعليم کاتي جي ادارن جنهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪانو جي جو وفد پرنسيپل ڪرنل ريٽائرڊ افتخار جي اڳواڻي ۾ ايڊمن آفيسر جاويد لاشاري، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري جو پرنسيپل عاشق حسين سولنگي، پروفيسر سائين بخش قبولائي، پروفيسر گلاب سومرو، کان علاوهه پ پ جو صو بائي وزير نثار کهڙو، ايم پي اي محمد علي ڀٽو، خو رشيد جو ڻيجو،پ پ لاڙڪاني جو جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو، نيڪ محمد ڀٽو، پ پ اڳواڻ انجنئير طارق انور سيال،  ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ، ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام عباس بلوچ، اديب تاج جو يو، مدد سنڌي، ادل سولنگي، محمد علي پٺاڻ، انجنئير علي حيدر گاڏهي، مڪلي جو ڪيوريٽر ارشاد رڏ، آرڪيٽيڪ نويد سانگا، مو هن جو دڙو جي ڪيو ريٽر ظهيرالدين شر، ارشد علي جتوئي، اسٽنٽ ڪيو ريٽر احسان عباسي، قو مپرست اڳواڻ احمد انقلابي، ساس ڏوڪري جو اڳواڻ قربان جتوئي، اديب شاعر محمد عيسيٰ ميمڻ، شاعر شهمير سومرو، شاعر اقرار پيرزادو، پ پ اڳواڻ شا رخ سيال، نظير قريشي، مڪاني ادارن جا ضلع چئير مين خان سانگهرو، عبدالحئي راشدي، محمد علي راڄپر، پ پ اڳواڻ منصور امام ساريو، ۽ ٻيا شامل آهن جنهنڪري اڄ سيڪيورٽي 2 ڏينهن جي ڀيٽ کان وڌيڪ هئي جنهن ۾ رينجرس پوليس جو لڳ ڀڳ 30 گاڏيون سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندي رهي، جڏهن ته اسپيشل برانچ جي آفيسر غلام پنجتن سامٽيو جي اڳواني ۾ ايندڙ ويندڙ جي چڪاس بعد سيمينار حال ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي،

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *