تازيون خبرون

تو بن جاني! هيءُ جهان…جت نانيءَ-ويڙهو ات پيار نه، پر جهيڙو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

جتي اتحاد ۽ اتفاق ڪونهي، اتي سماج ۾ فقط سکڻا نالا ۽ نعرا ئي هوندا. ٻڌيءَ ۽ ٻانهن ٻيليءَ ٿيڻ سان دک درد ونڊجي وڃن ٿا ۽ سک سوايا ٿي پون ٿا. پر اها ٻڌي ڪهڙي ۽ ٻانهن ٻيلائپ ڪهڙي؟ لطيف سائين به صلاح ڏني آهي ته سورن واريون گڏ ٿين ۽ سور پچار ڪن ته ان سان دکندا دور ٿيندا. ان ڪري تنظيم سازي ڪرڻ، جماعتون جوڙڻ ۽ ائسوسيئيشنس قائم ڪرڻ مان ”ٻه ته ٻارنهن“ مصداق طاقت ملي ويندي. سنڌ ۾ ماشاءَ الله زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هزارين تنظيمون سرگرم عمل آهن؛

سياسي تنظيمون، سماجي تنظيمون، ادبي تنظيمون ته ايتريون آهن، جيئن آسمان ۾ تارا، روز بروز انهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.

هاڻي سوچڻو انهيءَ ڳالهه تي آهي روز بروز جماعتن ۾ واڌارو ۽ تنظيم سازيءَ جو اهو  عمل ترقي ۽ واڌاري جو سبب به آهي  يا نه؟ ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ يا ائين سمجهجي ته اڳين جماعتن ٻوٽو نه ٻاريو، جنهن لاءِ ضروري ٿي پيو ته ڪا نئين جوت جلائجي؟

سچ اهو آهي ته جڏهن تنظيمون ۽ جماعتون ذاتي، خانداني ۽ گروهي جاگيرون بڻجي وڃن ٿيون ۽ ”اجتماعي مفادن“ بدران ذاتي، خانداني ۽ گروهي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳنڍ ٻڌي بيهن ٿيون ته پوءِ انهن ۾ اندروني خلفشار پيدا ٿئي ٿو. ڇو ته ٻئي کي سوچڻ، لوچڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو ونڊ نه ٿو ملي. دروازا اهڙيءَ ريت بند ڪيا وڃن ٿا جو تازي هوا جو جهوٽو به اندر نه ٿو وڃي سگهي.

اهڙيءَ صورتحال ۾ پنجن پارٽين مان پندرهن ٿي پون ٿيون، ۽ انهن ۾ ٽٽڻ ۽ نئين پارٽين جي ڦٽڻ جون حالتون پيدا ٿين ٿيون. سنڌ ۾ ڪيترين ادبي، سماجي ۽ سياسي پارٽين جي صورتحال اها آهي. هڪ دفعو جيڪو شخص يا گروهه ڪنهن پارٽيءَ تي قابض ٿي ويو ته ان جا هٿ پٽائڻ ڪشمير جو مسئلو بڻجي پئي ٿو. ڪنهن به سماجي قاعدي قانون ۾ اهو شرط ڪونهي ته ڪو ماڻهو ڪيترا دفعا يا ڪيترا سال ڪنهن پارٽيءَ، ڪنهن تنظيم يا جماعت جو هادي ۽ رهبر ٿيندو. ان ڪري اسان جي تنظيمن مان ڪو مئي مارائي به هٿ پٽڻ لاءِ تيار ڪونهي.

ماڻهو ڪاوڙ ۾ دين خلاف به ڳالهائي وڃن ٿا، پر هنن پارٽين، تنظيمن ۽ جماعتن جي قابض اڳواڻن خلاف ڳالهائڻ ڪفر کان به مٿي جو گناهه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري جيڪو ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، ان کي هر ڪو پيو سلام ڪندو. جيڪو سندس وات مان اکر نڪرندو، ان کي ئي اکيون ٻوٽي قبول ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ جيستائين سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۽ جماعتن مٿان قابض اڳواڻ ٻاهر نه ٿا نڪرن، ان وقت تائين اهي قومي، عوامي ۽ اجتماعي تنظيمون نه، پر ”نانيءَ- ويڙها“ بڻيل رهنديون. اهڙيءَ صورتحال ۾ انهن ۾ ”اچو ته سورن واريون، ڪيون سور پچار“ واري ڳالهه نه هوندي. پر سندرا ٻڌي بچاءَ-بند پيا ٻڌبا ته ڪو ڀل ۾ بند دروازا کولي اندر نه ڪاهي اچي ۽ مزن خواهه مفادن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي وڃي.

اهڙي ماحول ۾ اهڙين تنظيمن ۽ جماعتن وڏيرڪي چال هلندي پنهنجي ڪمدارن ۽ واٺن جو اهڙو ته هراول دستو تيار ڪري رکيو آهي، جو مجال ڪنهن جي جو ڪنهن اڳواڻ خلاف گٿا لفظ ڳالهائي يا پارٽي پروگرام تي تنقيد ڪري. مجال جو ڪو ڪنهن سماجي تنظيم کان اهو پڇي ته اوهان هن وقت تائين ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي؟ مجال جو ڪنهن ادبي تنظيم کان پڇي ته اوهان ڪهڙو ذهني ۽ فڪري انقلاب آندو آهي؟اسان سياست کان وٺي مذهب تائين، الائي ڪهڙي ڪهڙي، واضح ۽ مبهم آزاديءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا، پر هنن نانيءَ- ويڙهن جي غلاميءَ کان معاشري کي پاڪ ۽ صاف ڇو نه ٿا ڪريون؟اسان قومي ۽ اجتماعي مفادن وارين تنظيمن ۽ جماعتن کي خانداني، ذاتي يا گروهي هڪ هٽيءَ وارين تنظيمن ۽ جماعتن جي روپ ۾ قبول ڇو ٿا ڪريون؟ پوءِ اسان کي ڪهڙو ٿو حق پهچي ته قوم ۽ عوام جي خدمت ۽ محبت جي دعويٰ ڪيون. اسان ته پنهنجي ذاتي گروهي ۽ خانداني مفادن جي غلاميءَ ۾ اهڙو جڪڙجي ويا آهيون جو اجتماعي روشن مستقبل نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. اسان قومي اتحاد جي نالي ۾ نانيءَ ويڙها ٺاهڻ ۾ پورا آهيون ۽ جتي ناني ويڙهو هوندو اتي جهيڙو ئي جهيڙو هوندو. اچو ته انهن نانيءَ ويڙهن مان جان ڇڏايون ته جيئن اجتماعي مفاد ۽ قومي غرض لاءِ سوچي ۽ لوچي سگهون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *