تازيون خبرون

تعليم کاتو ۽ اسان جي ذميواري.!: فرزانه نورمحمد چانڊيو/لاڙڪاڻو

گذريل هفتي جاري ڪيل هڪ خبر ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ۽ انهن ڀرتين سان لاڳاپيل غيرقانوني پگهارن جي مد ۾ ٻه ارب روپين جا غبن ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ تعليم واري وزير سوين آفيسرن کي امڪاني برطرفي جا نوٽيس به جاري ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اهو هڪ تمام لاڀائتو عمل آهي ته احتساب هرڪنهن جو ٿيڻ گھرجي، پر شرط اها ضرور آهي ته احتساب ٿيڻ سڀني جو گھرجي. مثال جي طور بينظيرآباد ضلعي ۾ ڪل سترهن ڪروڙ اٺهٺ لک روپين جون مالي بيضابطگيون صرف هڪڙي مد ۾ سامهون آيون آهن. ان جي نتيجي ۾ تعليم کاتي جي وزير پاران 46 هيڊماسترن ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن ته کي نوٽيس موڪليا ويا آهن. پر اها ڳالھ اڃا ڳجھارت بڻي بيٺي آهي ته ايترن سارن جعلي ماڻهن کي آرڊر ڏيڻ وارا ماڻهو ڪير هيا؟ ڇا ضلعي جي مک آفيسرن جو ان غبن ۾ ڪوبه ڪردار ڪونه هوندو؟  يا وري ٽريزري آفيسر جيڪي ٽن ڏينهن جي  نوڪري ۾ “جڙئي مان جاڙو خان” ٿي وڃن ٿا، ڇا انهن جو به ڪو ڪردار ڪونه هوندو؟ شايد اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري احتساب کان وڏيون مڇيون بچي ويون آهن (يا وري کين زوريءَ بچايو ويو آهي).

تعليم واري وزير کي جس هجي جنهن پهريون ڀيرو ڪرپشن جي عادي تعليم کاتي ۾ احتساب جي عمل جي شروعات ڪئي آهي. اهو شايد بلاول جي ان وعدي جو ئي نتيجو آهي جيڪو هن نوازشريف جي برطرفيءَ واري ڏينهن ورجايو هيو ته اسان چاهيون ٿا ته سڀ ڪنهن جو احتساب ٿئي. جڏهن بلاول جي ان اعلان تي غور ڪجي ٿو ته به ڳالھ وري ساڳي جاءِ تي اچي بيهي ٿي ته اهو ڪٿان جو احتساب آهي ته وڏن آفيسرن ۽ خاص  ماڻهن کي ڇڏي ننڍن ۽ ماتحت ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي. جيڪڏهن عمران خان ۽ نوازشريف جي جائيداد جو مني ٽرائيل ٿي سگھي ٿو ته  هر هڪ ضلعي جي تعليمي آفيسر جي جائيداد جو به مني ٽرائيل ٿيڻ گھرجي ته صاحب وٽ سيٽ تي ويهڻ کان پهرين ڪيتري ملڪيت هئي ۽ سيٽ تي ويهڻ کان پوءِ ڪهڙي “مِداس” جو منتر هٿ لڳو، جو جنهن شيءِ کي هٿ لڳائي پيو ته سوني ٿي وڃي پئي ۽ سائين ڪجھ سالن ۾ ضلعي جو امير ترين ماڻهو ٿي ويو.  ڪوڙ يا سچ پر ٻڌڻ ۾ ته ائين به آيو آهي ته هڪ اڌ ضلعي تعليمي آفيسرن جا دبئي جي وڏن هوٽلن ۾ شيئر به آهن.

ان کانپوءِ صرف هڪڙي پگهارن واري  مد جو ئي احتساب ڇو ٿئي. ناڻي جي سال 2016_17 ۾ تعليم کاتي ۾ وڌ کان وڌ پئيسا اسڪول اسپيسيفيڪ بجيٽ جي مد ۾ رکيا ويا هيا. صرف ضلعي بينظيرآباد ۾ ساڳئي مد  ۾ اوڻٽيھ ڪروڙ اوڻهتر لک سٺ هزار روپيا رکيل هيا. احتساب ان جو به ٿيڻ گھرجي ته ايترن پئيسن مان ڪيترا سرڪاري اڪائونٽن مان واپس ڪيا ويا ۽ ڪيترن جو سامان ورتو ويو. اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري کي گھرجي ته هرضلعي جي اسڪولن ۾ مليل سامان  جي لسٽ  ساڻ ڪري اوچتا دورا ڪري اهو به جانچي ته ڪهڙو خوشنصيب اسڪول آهي جنهن  کي ڏھ هزار روپين کان مٿي ماليت جو سامان ملي سگھيو آهي.

اها ساڳي ئي احتساب واري نظر سمورن ضلعن جي ٽريزري ڪلارڪن ۽ آفيسرن تي به وڌي وڃي. خلقِ خدا اڄڪلھ پوليس ۽ ڊاڪٽرن جون به ايتريون دانهون ڪونه ٿي ڪري جيتريون ضلعي جي ٽريزري آفيسرن ۽ ڪلارڪن جي من مانين جون ڪيون ٿيون وڃن. دانهون ڪجھ اهڙي قسم جون ملن ٿيون ته ملازمن جي هلندڙ پگھار مان هروڀرو ڪونه ڪو الائونس ڪٽيو وڃي ٿو. جڏهن ملازم دانهون ڪري ٽريزري پهچي ٿو ته ان کان رشوت وٺي سندس جائز پر هروڀرو پيدا ڪيل مسئلو حل ڪيو وڃي ٿو. تنهن ڪري انهن ڪلارڪن ۽ آفيسرن  جي ملڪيتن  جو به ساڳئي طرح سان مني ٽرائيل ضرور ٿيڻ گھرجي ته جيئن شفافيت جو هڪڙو ٻهارو ان طرف به ڦري گند ڪچري کي صاف ڪري وڃي.

ڳالھ احتساب جي هلي پئي ته نصابي ڪتابن جي مقدار ۽ معيار جو به احتساب ٿيڻ گھرجي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ  پاران جيڪي نصابي ڪتاب ڇپجن ٿا ۽ اهي ٻارن تائين پهچن ٿا انهن جي معيار تي غور ڪجي ته حيرت لڳندي ته اسين ايڪويهين صديءَ ۾ رهون پيا يا سورهين صديءَ ۾ جي رهيا آهيون. ٻارن کي جيڪي ڪتاب مفت ۾ ڏنا وڃن ٿا تن جي پني جو معيار انتهائي سادي درجي جو آهي. مٿان وري پئيسن کي بچائڻ جي لاءِ ٽن ٽن ڪتابن جو هڪڙو ڪچي پاٺي وارو جلد ڪري ٻارن کي ڏنو وڃي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته اهو ڪتاب ٻارن جي کڻڻ کان به وڏو ٿيو وڃي. ٻيو ته ٻار انهن ڪتابن کي هفتو به هلائي نه ٿا سگھن. پگھر ۽ اٿل پٿل جي ڪري هڪ ٻار کي سراسري طور سال ۾ ٽن ڪتابن جي ضرورت پوي ٿي، جنهنجو انگ استاد کي پورو ڪري ڏيڻو پوي ٿو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته تعليم کاتو آخرڪار ڇو نصابي ڪتابن جي ان ڪريل معيار کي برداشت ڪيو ويٺو آهي. ڪٿي ائين ته ڪونهي ته ڪتاب ڇپرائڻ وارن ادارن سان به ڪو اندر جو وڏو صاحب مليل هجي جنهن جو احتساب اڃا نه ٿي سگھيو هجي؟

الف اعلان پاران 2016  ۾ پڌري ڪيل ڊسٽرڪٽ رينڪنگ رپورٽ ۾  سڄي پاڪستان جي 145 ضلعن مان سنڌ جوڪوبه ضلعو پهرين 50 ضلعن جي فهرست ۾ شامل ڪونهي. ايڪونجانهين نمبر تي نوشهروفيروز آهي وري ان کانپوءِ ٽيهتر نمبر تائين سنڌ جو وري ڪوبه ضلعو ڪونهي. تعليمي حاصلات جي مد ۾ سنڌ بدستور پنهجي بيڪار ڪارڪردگيءَ سبب پنجين نمبر تي آهي ۽ 2015 جي رينڪنگ جي ڀيٽ ۾ ڪاٽو هڪ ڏهائي هڪ چار اسڪور آهي. مطلب ته سال به سال اڳتي اچڻ بجاءِ سنڌ جا پويان پير پوئتي آهن. سوال اتي به اهو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ تعليم جي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين وڏن گريڊن جي آفيسرن جو احتساب آخر ڪڏهن ٿيندو؟ ڇا وڏا ماڻهو سدائين احتساب جي عمل کان پاڻ کي بچائيندا رهندا.

ڪلھ کان خبرون ائين به هلي رهيون آهن ته  ڪجھ ضلعن ۾ استاد تنظيمن جي اڳواڻن، آئي بي اي معرفت آيل سترهين گريڊ جي نوجوان هيڊ ماسترن کي چارج ڏيڻ کان ان لاءِ منع ڪئي آهي ته هو سندن مقرريون ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري رهيا آهن. معاملو ڪورٽ تائين ته پهتو آهي يا نه، اها پوءِ جي ڳالھ آهي پر، ڇا تعليم کاتي جو اهو فرض نه آهي ته پنهنجي پاليسين تحت مقرر ٿيل نوجوانن جي پرگھور ئي لھي ته هنن کي اسڪول ۽ آفيسون خالي ٿي مليون به يا رڳو آرڊر کنيو تنظيمن جي اڳيان پويان گھمي رهيا آهن؟ سندن سرڪاري ڪم ڪار ۾ رنڊڪ وجھڻ وارن فردن ۽ گروهن جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟

ان کان پوءِ سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ اسٽاف جي شديد کوٽ آهي، پائيٽ سنڌ ۾ نان ڪيڊر آفيسر سالن کان ويهين گريڊ جي چارج وٺيون ويٺو آهي، سنڌ ۾ ارلي چائيلڊهوڊ ايجوڪيشن جا استاد ته ڀرتي ٿيڻ وڃي رهيا آهن پر ان لاءِ گھربل ڊپلومه جي لاءِ ڪنهن به اداري ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، ڪاليجن کي سالن کان بنا بلڊنگن جي هلايو پيو وڃي ۽ جن ڪاليجن جو بلڊنگون تيار ٿي چڪيون آهن، اتي گھربل ايس اين اي منظور نه پئي ڪري ڏني وڃي وغيره وغيره. انهن سڀني معاملن جي لاپرواهيءَ جو ذميوار صرف استاد ئي آهي ڇا، جو هر پاسي اها دانهن هوندي آهي ته استادن سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو (جيتوڻيڪ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته استادن به تعليم کي تباه ڪرڻ ۾ چڱو ڪردار ادا ڪيو آهي). هينئر جڏهن بيڪار ڪارڪردگيءَ جي سلسلي ۾ مختلف ضلعن جي استادن جو پگهارن جون آئي ڊيز بند ڪيون پيون وڃن ته ڇا اتي ڪنهن آفيسر يا ڪنهن منتظم جي پگهار نه ٿي روڪي سگھجي.

جڏهن سوال سنڌ جي تعليم جو آهي ته، اها اسان سڀني جو گڏيل ورثو آهي. ان ۾ تعليم جي وزير کان ويندي اسڪولن جي پٽيوالن تائين ۽ والدين کان ويندي سماج تائين سڀ جا سڀ ماڻهو ذميوار آهيون. اسين سڀ جيڪڏهن چاهيون ته ڪرپشن جي انهن سڀني معاملن جي ڪڙي کان ڪڙي جاچ ڪري پنهجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي هينئر ئي بهتر حالتن ڏانهن ڌڪي سگھون ٿا. پر مسئلو صرف اهو آهي ته اسين ڪجھ ڪرڻ نه ٿا چاهيون جي نه انسان جي جذبي جي آڏو ڇا ممڪن نه آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *