تازيون خبرون

تصوف ۽ روحانيت جو عظيم سرواڻ….سيد عطاءُ الله شاهه بخاري نقشبندي : تحرير؛عبدالفتاح عباسي  

سنڌ جي سرزمين وڏي خوش نصيب ۽ ڀاڳن واري آهي جو هن مٽيءَ مان بي بها ۽ انمول هيرن جنم ورتو آهي.هن ڌرتي جي مهڪ ۽ خوشبوءِ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.اولياءَ الله، ڪاملين، درويشن، صوفين، مجذوب هستين، وقت جي قطبن جي فهرست ۾ سنڌ جي هر طرف ڪرم نوازيون ۽ مهربانيون ٿيل آهن. سنڌ اهو شاهوڪار ۽ زرخيز خطو آهي جو هن ئي ڌرتيءَ تي هڪ طرف قلندر لعل شهباز حضرت سيدنا عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه آهن ته ٻئي پاسي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه آهن.اهڙي طرح سورهيه بادشاهه رح ،مخدوم نوح رح هالا وارا،محمد اسماعيل رح پريالو شريف وارا، شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رح کهڙا شريف، شهيد مخدوم بلاول رح دادو،حضرت سائين محمد قاسم مشوري رح،حضرت سائين محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رح،حضرت سائين محمد خليل الرحمان نقشبندي مجددي  رح ، حضرت سائين محمد مظهر جان جانان نقشبندي غفاري رح ۽ ٻيا بزرگ ڪامل اولياءَ الله پنهنجن عقيدتمندن مريدن کي نصيحت ۽ واعظ تقرير ۾ هميشه الله پاڪ جي بندگيءَ جو سڏ ڏنو ۽ آقا ڪريم مديني واري مصطفيٰ رحمتِ دوجهان حضور سراپا نور ﷺ جي سنتن جي پاسداري طريقت ۽ شريعت مطابق زندگي گذارڻ جو اصول واضع ٿيل آهن ۽ انهن جي محبت ئي اصل زندگي ۽ باعث شفاعت جو بهترين نمونو ۽ صحيح واٽ ۽ جنت جو رستو آهي.الله وارن ڪاملين جي صحبت بابرڪت سبب اڄ به لکين گهنگار عيبدار بندا جيڪي رب جي رضا واري رستي کان دور هيا اهي صحيح ۽ سڌي واٽ تي گامزن آهن.اهڙي طرح ئي دور حاضر ۾ اسانجي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جنهن لاءِ عام چوڻي آهي ته “ هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو ” واري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڇا ته بزرگن جا ڪمال ۽ نسبتون شامل آهن. انهن بزرگن مان صاحب ولايت شريعت ۽ طريقت جا کليل مظهر ۽ واضع نسبت محمدي سان وابسته روحاني هستي حضرت سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي غفاري دامت برڪاتهم العاليه قمبر وارا سائين جن جي اولاد ۾ هڪ اهڙو سونهري باب نمايان آهي جنهن جي زندگي هر لحاظ کان هڪ پهتل ۽ مڃيل هستين مان هڪ روحاني ۽ تصوف سلوڪ جي هستي آهن.انهيءَ  قمبر واري سهڻي سائين جي فرزند ۾ هڪ سهڻو شهزادو پرهيزگاريءَ جو پيڪر صاحب سلوڪ روحانيت ۽ عشق مصطفيٰ ﷺ جي کليل تصوير حضرت قبله سائين محمد عطاءُ الله شاهه بخاري حسيني مدظله العالي آهن. قمبر واري سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي غفاري جي گهر ۾ سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري  جو 2 فيبروري 1964ع تي  ڊرٻ چانڊيو ۾ جنم ٿيو.سندن جي پيدائش سان ئي الله تعاليٰ جي ڪرم سان حقيقي خوشين جي لهر ڇائنجي وئي ۽ صاحب ولايت هستين واريون خصوصيتون ۽ ڪرامات ظاهر ٿيڻ لڳيون. جنهن ۾ پراڻن فقيرن جو چوڻ آهي ته پاڻ پنهنجي بابا قمبر واري سهڻي سائين سان مرشد حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي درگاهه رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ جڏهن پهچندا هيا ته ننڍي هوندي ئي انتهائي ادب ۽ احترام سان گڏوگڏ نگاهه مرشد جي طلب ۾ مراقبي واري حالت ۾ ڪافي وقت ويهي الله جي عطا سان محبوب ڪريم ﷺ جي عشق و محبت جي طلب ۾ مستغرق ٿي ويندا هيا ۽ پنهنجا بابا سائين سندن کي پنهنجي مرشد جي عاليشان درگاهه تي هڪ نه پر بار بار فيض جي پالوٽ ۾ ٽمٽار ۽ نسبت جي واسطي ايندي ڏٺا ويا ۽ درگاهه پير مٺا سائين جي خدمت عقيدت ۾ اهو سلسلو جاري آهي. سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جن کي پنجن پٽن جو  اولاد ٿيو.جنهن ۾ پهريون فرزند سيد نصرالله شاهه جيڪي 8 يا 9 مهينن ۾ ئي الله کي پيارا ٿي ويا جنهن کان پوءِ موجوده صاحبزاده سيد محمد نصرالله شاهه بخاري پيدا ٿيا ۽ پوءِ اهو نالو انهيءَ تي رکيو ويو ٽين نمبر تي سيد محمد حبيب احمد شاهه چوٿين نمبر تي سيد محمد شفيق احمد شاهه ۽ پنجين نمبر تي سيد محمد ثناءُ الله شاهه بخاري آهن.انهيءَ مبارڪ گهراڻي مان ٻه صاحبزاده سيد محمد حبيب احمد شاهه ۽ صاحبزاده سيد محمد شفيق احمد شاهه ڦوهه جوانيءَ ۾ شهيد ٿي ويا ۽ اهي علمي جوهر جا مايه ناز مينار هيا.جيڪي سنڌ ۽ پنجاب جي بهترين درسگاهن مدرسن مان تعليم يافته هيا.سائين سيد محمد شفيق احمد شاهه بخاريءَ کي تازو ٽي سال اڳ شڪارپور پنهنجي ڏاڏا سائين سيد غلام حسين شاهه بخاريءَ سان گڏ جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندي رستي ۾ بم ڌماڪي سان قاتلاڻو حملو ڪندي شهيد ڪيو ويو هيو جنهن ۾ قمبر وارا سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري پڻ انهيءَ ئي گاڏيءَ ۾ گڏ سوار هيا ۽ انهيءَ بم ڌماڪي دوران سائين جن جي چادر مبارڪ ۾ پڻ ڌماڪي سبب ڪيترائي سوراخ ٿي ويا پر الله تعاليٰ جي ڪرم نوازيءَ سان ۽ حضور سراپا نور ﷺ جي نظر عنايت سبب سائين جن حفظ و امان ۾ رهيا ۽ ظالم دهشتگرد عناصر ٽولا پنهنجي ناپاڪ عزائم ۾ ناڪام ۽ نامراد ٿي ويا.انهيءَ لاءِ ئي چيو ويندو آهي ته جنهن کي رب رکي انهيءَ کي ڪير چکي ۽ مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي.بيشڪ سبحان الله،سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جن جي وڏي فرزند سيد نصرالله شاهه بخاريءَ جن کي هڪ فرزند سيد گل محمد شاهه ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.جڏهن ته شهيد سيد شفيق احمد شاهه بخاري جن کي هڪ فرزند سيد حبيب احمد شاهه جي اولاد آهي. هن مبارڪ گهراڻي ۾ عشق رسول الله ﷺ جي ستي اصل پيڙين کان جاري و ساري آهي ۽ انهيءَ محبت رسول جي محبت سبب اڄ لکين ڪروڙين عوام عشق و محبت ۾ سرشار ٿيندو نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته هيءَ اها روشني آهي جنهن مان بيشمار ڏيئا روشن ٿيندا رهن ٿا.سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جي اڪثر زندگيءَ جي معاملات ۾ ذڪر خداوند ۽ مخلوق خدا جي خدمت ڪندي گذري ٿي.هو سٻاجهڙا ۽ سڀ تي مهربان ۽ نهايت ئي نفيس قسم جا محبت ڪندڙ هر هڪ سان پيش ايندڙ بزرگ آهن.سائين جي ڪيترين زبانن تي عبور رکن ٿا ۽ پاڻ قرآن پاڪ جي يادگيريءَ جي حوالي سان بهترين حافظن ۾ شامل آهن.سندن جو اڪثر وقت قرآن مجيد جي تلاوت پاڪ ۾ گذري ٿو ۽ پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ حضور عليه الصلوات والسلام جي شهر مديني م عمري شريف جي سعادت ۾ گذارين ٿا ۽ اهڙي طرح سال ۾ ٻه ٽي دفعا عمري پاڪ جي سعادت مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا.جيڪڏهن پنهنجي وطن سنڌ ۾ هوندا آهن ته پنهنجي بابا سائين قبله سيد غلام حسين شاهه بخاري جي خدمت ۾ اڪثر وقت گذارين ٿا.پاڻ تنظيم اصلاح الفقراءَ نقشبنديه حسينيه جا مرڪزي چيئرمين آهن ۽ انهيءَ عظيم پليٽ فارم تان لکين مريدن پانڌيئڙن عقيدتمندن زائرين جي درگاهه قمبر شريف سميت هر هنڌ خدمت لاءِ وڃن ٿا سنڌ جي ڪا اهڙي وستي واهڻ شهر ۽ ڳوٺ ڪونهي جتي هن پليٽ فارم ذريعي عشق رسول الله ﷺ جو پيغام امن سلامتي پيار و محبت جو نه ڏنو ويو هجي.هن مبارڪ روحانيت سان ڀرپور هستي جي صحبت ۾ ويهڻ وارا مبارڪ ۽ مستفيض بڻجندا رهن ٿا.پاڻ پنهنجي مرشد مهربان جيان جلال ۽ هشمت وارا بزرگ آهن ۽ سندن جي مهربانين جي حوالي سان نهايت شفيق ۽ سٻاجهڙي طبعيت هر هڪ لاءِ هڪ انمول مبارڪ تحفو سمجهي ويندي آهي.گهڻي قدر پاڻ اڪيلائيءَ ۾ عبادت جي شوق و ذوق ۾ مصروف هوندا آهن سندن جي معاملات ۾ نه صرف پنج وقت نماز پابنديءَ سان هوندي آهي پر مراقبي جي لازال نعمت سان گڏوگڏ ٻيون نفلي نمازون پڻ پڙهندا رهندا آهن ۽ پاڻ ڪچهريءَ جا مور ۽ مهمان نوازيءَ ۾ بي مثال لحاظ رکڻ وارا آهن.سندن جي ڪچهري ۽ صحبت مبارڪ ۾ ويهندڙ ماڻهو اٿڻ تي دل نه چوندي آهي ڇاڪاڻ ته  پنهنجي پير و مرشد قبله سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري جن جي زندگي جي شب و روز معاملات بابت ۽ انهن جي مخلوق خدا سان بي انتها محبت جا مثال  ۽ واقعا بيان ڪيا ويندا آهن.پاڻ پنهنجي مريدن سان به هڪ مهربان دوست جيان پيش ايندا آهن ۽ درگاهه عاليه حسين آباد تي پري پري کان ايندڙ پانڌيئڙن زائرين ۽ مريدن جي خدمت ۾ پيش پيش هوندا آهن مهمانن جي موسم مطابق هنڌ بستري کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ۽ انهن ماڻهن کي ظاهري ۽ باطني غذا ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهن. دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ تصوف ۽ سلوڪ طريقت ۽ شريعت جا طالب هن درگاهه مان فيض سان ڀرپور فيضان مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا.هن درگاهه تي نه صرف نقشبندي سلسلي سان وابسته عاشقان رسول ﷺ موجود رهن ٿا پر سڀني مبارڪ طريقن سان وابستگي رکندڙ پانڌيئڙا زائرين ايندا رهن ٿا جنهن ۾ قادري، چشتي يا سهروردي به پنهنجي پرينءَ جي پچار لاءِ هتي وڏي تعداد ۾ ايندا رهن ٿا ۽ پنهنجي اڃايل دلين کي منور ڪندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته محبت ڪرڻ وارا ڪهڙي به مبارڪ سلسلي سان ڇو نه هجن پر اهي الله جي پيارن ۽  ڪامل هستين سان محبت ڪندا رهن ٿا يقينن هر هڪ مريد کي پنهنجي مرشد طرفان فيض جي پالوٽ ٿيندي رهندي آهي ۽ نسبت رکندڙ ئي ڪامياب ۽ فيضياب ٿيندا رهن ٿا.پاڻ پنهنجي حلقه احباب لاءِ شريعت ۽ طريقت جي سبق جي يادگيري لاءِ انهن کي به فيض جي سمنڊ ۾ مستغرق ڪرڻ لاءِ بابا سائين جي خدمت عقيدت ۾ اچڻ جي دعوت عام ڏيندا رهن ٿا ۽ پوءِ جڏهن انهيءَ مبارڪ هستيءَ جي صحبت بابرڪت ۾ سعادت ملي وڃي ٿي ته هر هڪ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏي ۾ وڏو دنيا جو خوش نصيب تصور ڪرڻ لڳي ٿو.هيءَ مذاج عشق جو باب ۽ مرتبو ڪنهن ڪنهن کي ميسر ٿئي ٿو. جيڪي انهيءَ مهربانيءَ مان لطف وٺي الله جي ڪامل هستين جي بارگاهه ۾ پهچن ٿا ۽ پوءِ نظارا نينهن جا پسن ٿا انهن جي زندگين ۾ ظاهري ۽ باطني مهربانيون ٿينديون رهن ٿيون پر ڏسڻ واري اک هجي ته هيءُ قرب ڪريمن جو ٿيندو رهندو آهي.مقصد ته هر طرف روشنين جا مينار نمايان آهن.سرڪار عالي وقار محبوب پروردگار حضور سراپا نور ﷺ جي عظمت وارن صحابه ڪرام ۽ اهلبيت پاڪ جي نسبت ۽ پيار سان منور دليون ڪندڙ عظيم الشان شخصيت ۽ قلبي قرار جي مهربانين سان سرفراز ڪندڙ روحانيت جي مالڪ طور سڃاتي ويندڙ درگاهه حسين آباد قمبر شريف هر هڪ عام خاص لاءِ محبتِ رسول الله ﷺ سان سرشار هر هڪ عاشق رسول لاءِ شاندار ۽ بي مثال روحانيت جو عاليشان مرڪز آهي.دعا آهي ته خدا تعاليٰ حضور عليه الصلوات والسلام جي صدقي ۾ درگاهه حسين آباد جي باني،خانقاهه شريف سان محبت ڪندڙن ۽ گهراڻي کي بد نظر کان محفوظ رکي ۽ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *