تازيون خبرون

بي روزگاري مهاڻن جون صدائون ڪير ٻڌندو : اصغر ملاح

دنيا جو ڪوبه ملڪ اهڙو نه آهي جتي زراعت پوئتي پيل هجي اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جن ملڪن ۾ زراعت اڳتي هجي اهي ملڪ دنيا ۾ خوشحال بڻيل آهن جن زراعت ۾ ترقي ڪئي آهي اهڙا ڪيترائي مثال دنيا ۾ موجود آهن سنڌ ۾ زراعت  جي تباهي  جون  دانهون  هاڻ  ڪا نئين ڳالهه  ڪانهي گذريل  ڪيترن ئي سالن کان سنڌ  جا آبادگار مختلف مسئلن  جو شڪار رهيا آهن، جنهن  ۾فصلن جي پوکي وقت  گهربل زرعي پاڻي  جو نه ملڻ  وڏو  مسئلو  رهيو آهي اسان جي ملڪ جي آبادي جو 72 سيڪڙو عوام جو گذر سفر زراعت تي آهي. زرعي پاڻي جي کوٽ، سٺا فصل نه ٿيڻ، سٺيون جنسون نه ملڻ سبب سنڌ جا اڪثر آبادگار مالي مشڪلاتن جو سدائين شڪار رهيا آهن سٺا فصل نه ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن پر گهڻو ڪري سنڌ ۾ سدائين زرعي پاڻي جي کوٽ رهي آهي جنهن سبب سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي سنڌ ۾ وڌندڙ تيزي سان آدمشماري وڌڻ جي ڪري ۽ سنڌ  جي زراعت کي مٺي پاڻيءَ جي شديد گهرج آهي سنڌ جي آبادگارن وقت به وقت احتجاج  ڪري  دانهيو آهي ته سالن کان سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائڻ جي لاءِ اهي سڀ رستا اختيار ڪيا ويا آهن جنهن سان ڪنهن به طرح سنڌ جي پاڻيءَ کي غير قانوني طور تي روڪي سگهجي پاڻيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي پاڻي جي حصي مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي انهيءَ ڪري سڄي سنڌ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي سنڌ جي حصي جو پاڻي ورڪڻ جو مقصد سنڌ کي سڪائڻ آهي سنڌ  جي سرزمين  سنڌو درياهه جي پڇاڙي  ۾ آهي  سا ڪڏهن  ٻوڏ  هيٺ ته ڪڏهن  وري  سالن  جا  سال  سوڪهڙي  جو  شڪار رهي ٿي.

جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪا پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته اها گڏيل طور تي برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، سوڪهڙو آخر سنڌ جي مقدر ۾ ڇو آهي؟ سنڌ جي آبادگارن کي خوشحال بڻائڻ لاءِ ذراعت کاتو وجود ۾ آيل آهي جيڪو آبادگارن کي وقت سر زرعي پاڻي پهچائڻ جو پابند آهي سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي ننڍن وڏن آبادگارن پاران اهو ڏينهن خالي نه آهي جو آبادگارن جو احتجاج نه ٿيو هجي مونکي چڱي طرح ياد آهي جيڪا 2010 ۾ مها ٻوڏ سبب واهن شاخن ۽ سِم نالن کي پوندڙ گھارن سبب تباهي آئي هئي ۽ لکين سنڌ جي ماڻهن پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي سرڪاري ڪيمپن، واري جي ٽٻن، روڊ رستن، جي ڪنارن ۽ کليل ميدانن تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا گھارن جي ذريعي ايندڙ تباهي سبب لکين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽيون، ساريون، ڪمند، ٽماٽا ۽ بصرن جا فصل تباهه ٿي ويا سنڌ جي شهرن ۾ پاڻي بيهي ويو ۽ سون جي تعداد ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي موئن جو دڙو ٿي ويا مها ٻوڏ سڄي سنڌ جو نڪشو ڦرائي ڇڏيو. پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 2010ع واري ٻوڏ رٿابندي نه هئڻ سبب تباهي پهچائي. ماضي ۾ به ملڪ ۾ خطرناڪ ٻوڏون اينديون رهيون آهن پر ايترو معاشي ۽ جاني نقصان  ناهي ٿيو، جيڪو 2010ع واري  ٻوڏ ۾ٿيو، ٻوڏ جي فطرتي گهرج هوندي آهي، ٻوڏون انسان دشمن ناهن پر پلاننگ نه هئڻ سبب نقصان ۾ واڌارو ٿيو هو.ٻوڏ کانپوءِ ٻيو  مرحلوسرڪار پاران ٻوڏ متاثرين کي وطن ڪارڊ وٺيدڙن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو پوء ڪن نادرا جي ايجنٽن ۽ پوليس جي سپاهين کي هزارين روپيا رشوت ڏئي  وطن ڪارڊ  ورتو ته ڪن رشوت نه ڏيڻ جي ڪري سپاهين جون لٺيون کائي وطن ڪارڊ  ئي وساري ڇڏيو.

ڪي  واري سخت مشڪلاتن کانپوء ٻوڏ متاثر وطن ڪارڊ ته وٺي ويا وري ان کانپوء وطن ڪارڊ وٺڻ  مهل وڏو مسئلو اهو پيش آيو جو ڪچي جا اٻوجهه سادا ۽اڻ  پڙهيل ماڻهو جن کي اي بي سي جي اکرن جي به سڃاڻپ نه هوندي آهي تن کي چيو ويو ته اي ٽي ايم ڪارڊ مشين مان وڃي  پئسا ڪڍو هاڻ جن ماڻهن کي  پنهنجي نالي لکڻ جي به خبر ناهي اهي ڪيئن پن ڪوڊ نمبر هڻي  اي  ٽي ايم مشين مان پئسا ڪڍندا اي ٽي ايم مشين تي وري مختلف شاهينگ  پيدا گهر بيٺل هئا جن سادن اٻو جهه ماڻهو کان ڪارڊ وٺي اهو چيو ته اوهان کي اي ٽي ايم مشين مان پئسا  ڪڍي ڏنا ويندا  پر اڌ  پئسا اسان جا  ٿيندا وري جنهن متاثرين جي وطن ڪارڊ  جي ٻي  قسط آئي آهي ته ان ۾ ڪنهن ٻوڏ متاثرن جوپن ڪوڊ  گم ته وري ڪنهن ٻوڏ متاثرن  جو لسٽ مان نالو ئي گم  ڪيو ويو وطن ڪارڊآفيس وارا ٻوڏ  ستايل  ماڻهو کي  ڏهاڙي پنڌ ڪرائي  پريشان ڪرڻ  لڳا وطن  ڪارڊ جا پئسا وٺڻ  جي ڪري ٻوڏ کي متاثرين ڪراين ڀاڙن۾ پنهنجي گھر جا پئسا  پڻ کپائي ڇڏيا  هيا ڪن وري گهڻا پنڌ ڪرڻ کانپو وطن  ڪارڊ کي درياهه  بادشاهه جي حوالي  ڪري ڇڏيو.

وقت جا حڪمران وري ميڊيا اڳيان ائين چوندا رهيا ته اسان ٻوڏ متاثرين جي وڏي  مدد ڪئي آهي اسان هنن کي ٻج ڏنا وطن ڪارڊ جي صورت م ڪيش پئسن جي پڻ مدد ڪئي پر ٻوڏ  متاثرين  تا.ئين ته ٻج ڀاڻ  به صحيح تريقي سان  ڪونه پهتو غريبن جي بج ڀاڻ مان وڏيرن  سندن ڇاڙتن  پنهنجا  پيٽ ڀريا غريب اٻوجهه اهڙان جا اهڙان رهجي  ويا ٻوڏ متاثر بي يا رو مدد  گار ٿي ا.ئين  چوڻ  لڳا عالمي ادارن مان اربين روپيا امداد ملي پر اُها رقم متاثرن جي بحالي يا بچاءَ لاءِ خرچ ٿيندي ڪٿي به نظر ناهي آئي رونيو کاتي جي ڪامورن مختيارڪارن تپيدارن گهٽ نه ڪئي آهي قدرتي آفتن جو شڪار ٻوڏ برسات متاثرين جي لاءِ آيل ڪروڙين روپين جو ٻج ڀاڻ جون سوين ٻوريون ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي هڙپ ڪري ويا جن  خلاف  اڄ تائين  قانوني  ڪاروائي عمل ۾ نه ائي آهي.وفاقي صوبائي سرڪار قدرتي آفتن ۾ پيل گھارن سبب بندن ۽ شاخن واهن جي بهتر مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪروڙين رپيه جاري ڪيا ويا آهي ……….     هلندڙ

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *