تازيون خبرون

بهانا ۽ افسانا؛حسن نثار

”اسان جي خلاف سازش ٿي وئي“

”اسان کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويو“

انهن ٻن جملن اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو  ۽ مون اڄ تائين ڪنهن کي اهو چوندي ناهي ٻڌو ته انهن ٻن جملن مان اثر انداز ٿيڻ واري سوچ تمام بيمار،ڪاري،دز چڙهيل، اڻبرابري، ۽ بزدلاڻا آهي. پرائمريءَ جو ٻار به پنهنجي ڪمي ، ڪوتاهي،ڪمزوري، نااهلي، غيرذميداراڻي،ناڪامي،۽ نالائقيءَ تي  اهڙي بيڪار ۽ بي شرميءَ واري طريقي سان پردو ناهي وجهندو، جهڙي طرح اسان صدين کان ڪندا پيا اچون. ان رويي اسان مان پاڻ کان پڇاڻو ۽ پاڻ تي نظر وجهڻ ڦري ڇڏيو آهي. ۽ جڏهن اهو سڀ ڦرجي وڃي ته باقي اهو ئي بچندو آهي جيڪو اسان جي پراڻي ڦاٽل ۽ چتيون لڳل جهوليءَ ۾هن وقت موجود آهي. کلي دل سان پنهنجي هار، هيٺاهين،بدناميءَ کي قبولي انهن جي ڪارڻن، کي ايمانداريءَ سان ڳولي انهن جو ازالو ڪرڻ، هار واري داغ کي ڌوئڻ ڏانهن هڪ بهتر قدم هوندو آهي پر جتي سوچ ئي اها هجي ته……..”آهي ته اسان بهترين، جيتوڻيڪ اسان کي فائول ذريعي فيل قرار ڏنو ويو ۽ اسان سازش جو شڪار ٿياسين ۽ پوءِ اهڙي بهاني بازي ئي ته اسان کي ورهائي اسان تي اهي سڀ  مڙهيا ويا. اها انهن ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر آهي، جن کي عزت سان هارائڻ به نٿو اچي ڇو ته وڙهي هارائڻ ۾ به وڏي عزت ۽ مان آهي. جنهن ڏانهن عديم هاشمي به اشارو ڪري ٿوته:گرو تو ساتهه گري شان شهسواري بهي،زوال آئي تو پوري ڪمال مين آئي. شهاب الدين غوري پرٿوي راج چوهان جي مقابلي ۾ ترائن جي جنگ ۾ وڏي هار کاڌي ۽ اهڙي طرح زخمن  ۾ چور پنهنجي ئي رت ۾ ٻڏل شهاب الدين غوري کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ان جو  ئي ڪو جان نثار هارايل ميدان مان حفاظت سان ٻاهر ڪڍي آيو.هارايل شهاب الدين غوري جو ردِ عمل تاريخ ۾ وڏي احترام سان محفوظ آهي.هن نه ئي ڪو جواز اڳيان رکيو، نه ئي وري ڪو معافي وارو بهانو گهڙيو نه ئي وري ڪنهن سازش جو سهارو ورتو.ويڙهاڪ مڙس ماڻهو جيان پنهنجي هار قبولي ۽ ان هار جو زخم تازو رکڻ لاءِ اهو لباس نه مٽائڻ جو به فيصلو ڪيو، جيڪو هارائڻ وقت سندس بدن تي هو.هن ٻئي جنگ تائين اهو ئي رت ۾ ٻڏل لباس پنهنجي بدن تي پهريل رکيو.نرم مخمل واري هنڌ بدران پٿريلي زمين تي ستو، هر عيش ۽ آرام کي پاڻ تي حرام سمجهي، تلوار بازي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ زخمي شينهن جيان واپس انهيءَ ميدان ۾ پهتو……اهي ئي ترائن،اهو ئي سورمو پرٿوي راج چوهان جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾  ئي ڪنهن ديو جي ڪردار جي روپ جيان گيتن ۽ ڪهاڻين جو عنوان بڻجي چڪو هو پر هن ڀيري فتح جي ديوي وار کولي شهاب الدين غوري جي مضبوط پيرن ۾ جهڪيل هئي ۽ پرٿوي راج چوهان هميشه هميشه لاءِ ڪا وسريل ڪهاڻي ۽ داستان بڻجي چڪو هو.اسان اڄ تائين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ لاءِ تيار ناهيون. جيڪو زوال جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ان جا ڪارڻ ڌوڙ ڳوليندو ۽ جيڪو پنهنجي بيماري جي سڃاڻپ کان ئي بي خبر هجي ان جو علاج ڪير ڪري؟ جيڪو پنهنجي ڪمزورين  جي سڃاڻپ کان پاسو ڪري،پر عذاب مٿان عذابن لاءِ تيار رهي. ڪڏهن سوچيو اٿو ته اها سازش ڇا هوندي آهي؟ بنيادي طور تي سازش حڪمتِ عملي ئي هوندي آهي.جيڪڏهن مان توهان کي پسند ڪيان ٿو ته مان توهان جي رٿا بنديءَ کي ”اسٽريٽجي“ چوندس ۽ توهان جي ڪامياب  رٿابنديءَ کي ڪامياب ” اسٽريٽجي“ قرار ڏيندس پر جيڪڏهن مان توهان کي پسند نٿو ڪريان ته مان توهان جي ”اسٽريٽجي“ کي سازش جو نالو ڏئي پوري پڪائي سان پاڻ کي ذميوارين کان آجو قرار ڏيندس. محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو آهي.اسٽريٽجي چئون يا سازش، ٻنهي لاءِ تمام گهڻي ذهانت جي ضرورت هوندي آهي ۽ جيستائين ان الزام جو تعلق آهي ته اسان کي مختلف طريقن سان پاڻ ۾ ويڙهايو ويو آهي ۽ اڄ به ويڙهايو پيو وڃي ته معاف ڪجو….. ڇا اسان چريا آهيون؟بي عقل آهيون؟ اسان جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي؟ ٻار يا نابالغ آهيون؟معذور آهيون؟ اسان جي واتن مان گگ پئي ڳڙي جو صدين کان پاڻ ۾ وڙهندا پيا اچون ۽ وڙهندا پيا رهون جڏهن ته اهو ڄاڻون به ٿا ته اسان کي پاڻ ۾ ويڙهايو پيو وڃي ته پوءِ ڏوهه ڪنهن جو ٿيو؟ گهٽ ۾ گهٽ لارنس آف عريبيا جو ڪو ڏوهه ناهي. هڪ ٻيو سوال به غور ڪرڻ جهڙو آهي ته پاڻ ۾ وڙهڻ ،رتو ڇاڻ ته اسانجو“ڪلچر” رهيو آهي. اسانجو ڪهڙو اهڙو تاريخي مرڪز آهي جيڪو جنگ جو ميدان نه رهيو آهي ۽ هر ڀيري نه رهيو آهي پر اهڙي خراب طرح پاڻ ۾ ئي”جهيڙا،جهٽا،ڦر لٽ“ کانپوءِ به  اسان پنهنجي جڳهه تي باوقار رهيا هئاسين.ڪٿي عثمانين،ڪٿي، صفوعين، ڪٿي مغلن جي حڪومت رهي ۽ اها به اهڙي جو آسمان رشڪ ڪري، پوءِ قصو ڇا آهي؟ ڪٿي ايئن ته ناهي ته عالم اسلام لاءِ پنهنجي پنهنجي شريف حڪمران طبقي مان جان ڇڏائڻ ضروري ٿي پيو ۽ جيستائين اهي يا انهن  جيان ٻين مان جان آجي نه ٿئي تيستائين پنهنجي جان عذاب ۾ رهندي.اسان جي دين ۾ ته بادشاهن، اميرن،آمرن جي اجازت ناهي پر گهڻو ڪري اهو ئي مڙهيو ويندو آهي يا وڌ ۾ وڌ اهو ته ڪٿي ڪٿي ٻن مونهن واري جمهوريتن جي روپ ۾ خاندانن جو شاهي تسلسل، جڏهن ته اهي اولهه ۾ رهندڙ ماڻهو جن کي  بادشاهن کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءَ جي خبر نه هئي، حقيقي جمهوريت کي حاصل ڪري ويا ۽ اڄ جيڪڏهن ڪٿي بادشاهه يا ملڪا آهي ته اهو به هڪ ڏيکاءُ ئي آهي.آخر ۾ هڪ پراڻو جملو ياد اچي پيو ته:

“NENETY_NINE PERCENT OF DEATHS COME FROM THOSE WHO HAVE THE HABIT OF MAKING EXCUSES”

روزاني جنگ جي ٿورن سان

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *