تازيون خبرون

برما ۾ مسلمانن جو ٿيندڙ قتلِ عام…!   : فرزانه نورمحمد چانڊيو/لاڙڪاڻو

اسلام دشمن قوتون شروع کان ئي اسلام مخالف رهيون آهن دنيا اندر ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي مسلمانن کي صرف ان بنياد تي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ ازيتون ڏنيون وڃن ٿيون ڇو ته هوُ مسلمان آهن. اهو چاهي اسرائيل هجي، برما هجي، آمريڪا يا ڀارت هجي اتي مسلمانن سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ هنن کي جيئرو دفن يا انهن کي جانورن جيان ذبح ڪيو وڃي ٿو اهي واقعا ٻڌي لڱ ڪانڍارجيو وڃن ٿا، ۽ صدين کان وٺي هن وقت تائين مسلمانن تي ظلم ٿيندا رهن ٿا. وڏي عرصي کان فلسطينين جو قتلام جاري آهي. ڇا اسان مسلمانن کي هن دنيا ۾ رهڻ جو ڪوبه حق ناهين؟ جو مسلمانن کي ايتري وڏي سزا ڏني ويندي آهي. مسلمانن کي جيئرو ئي دفن ڪيو ويندو آهي. ۽ انهن مسلمانن کي هزارن جي تعداد ۾ ٻيڙين ۾ سٿي سمنڊ پار ڪيو ويندو آهي ۽ اهي مسلمان ان ٻيڙين ۾ تڙپي تڙپي حياتيون وڃائي ويهندا آهن ۽ مسلمانن کي زنده دفن ۽ سر قلم ڪيا ويندا آهن. اهو عمل ڪيڏو ته افسوس جوڳو عمل آهي ۽ انهن واقعن خلاف ڪوبه عالمي ادارو پنهنجي طاقت جو مظاهرو نه ڪندو آهي

تازو ئي فلسطينين جي قتلام بعد برما رهندڙ مسلمانن کي  اتان جي وزير اعظم عورت آنگ سانگ سوچي جنهن برما ملڪ ڇڏڻ جو چيو ۽ بعد ۾ معصوم مسلمانن کي انتهائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي برما جي ميانمار واري علائقي ۾ هن وقت تائين هزارين مسلمانن کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي مسلمان زخمي آهن جيڪي هن وقت زنده لاش بڻيل آهي. برمي فوج ۽ ٻڌمت شرپسندن طرفان روهنگيا جي مسلمانن جي ٻارن جا سر قلم ڪيا ويا آهن جيڪو عمل صرف مسلمان مذهب تائين نه سموري انسانيت جي خلاف آهي برما ۾ رهندڙ مسلمانن جا 2 هزار کان وڌيڪ گھرن کي ساڙيو ويو آهي ۽ هڪ لک مسلمانن کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي آهي انهن مان ڪجھ مسلمان بنگلاديش پهتا آهن ته ڪجھ وري رستن ۾ دربدريء واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سرڪاري ميڊيا موجب ته اختيارين لائوڍ اسپيڪر تي برما جي مسلمانن کي چيو آهي ته اهي سيڪيورٽي فورسز کي انهن جي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي چئلينج نه ڪن اختيارين موجب ته سيڪيورٽي فورسز آراڪان روهنگيا. سيلويشن آرمي (اي آر ايس اي)  جي ويڙهاڪن جي ڳولا ۾ آهي حڪومت اي آر ايس اي کي ڪالعدم قرار ڏنو هو. جڏهن ته هميشه غير مسلم ملڪن ۾ مسلمانن کي ڪچليو ويندو آهي آخر ڇاجي ڪري ڪهڙي سبب جي ڪري مسلمانن کي زنده دفن ڪيو ويندو آهي ۽ زنده ساڙيو ويندو آهي، برما واقعو ٻڌندي ئي لڱ ڪانڍارجي وڃن ٿا ۽ اکين لڙڪ لڙي اچن ٿا!!! پر جيڪڏهن ڪنهن غير مسلم هڪ به فرد تي ٿورڙو به تشدد ٿيندو آهي ته سمورن عالمي ادارن ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي پر هتي ته هزارين مسلمان شهيد ٿين ٿا پر انهن جي حفاظت لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست نه ٿا ڪيا وڃن،  انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي ادارن توڙي ٻين مسلم ملڪن کي گھرجي ته برما سميت ٻين ملڪن ۾ مسلمانن جو قتلام بند ڪرايو وڃي

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *