تازيون خبرون

بايوميٽرڪ چڪاس موبائيل سمن کان دلين تائين ؛شوڪت لوهار

ڏيو خبر اوهان کي ڪيئن لڳي رهيو آهي، جڏهن اوهان پنهنجي موبائل سمن جي تصديق ڪرائي رهيا آهيو؟ اِها تصديق جنهن کي بايو ميٽرڪ چئجي ٿو سا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ يا پاسپورٽ ٺهرائڻ جهڙي مها مصيبت کان ذري برابر به گهٽ ڪو نه آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ائين لڳي ٿو جيڪڏهن اوهان وٽ ان جو ڪو سولو طريقو هجي ته براءِ ڪرم مون کي به ٻڌائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته بايو ميٽرڪ تصديق صرف انهن لاءِآزار نه آهي جن جي عمر وڏي آهي، هونئن به جن جي عمر وڏي آهي انهن کي موبائل جي ڪهڙي ضرورت؟ واقعي جن جي آڱوٺن ۽ آڱرين جي نشانن سان گڏوگڏ انهن جي ذهن تان سندن مٿان ڪيرايل مصيبتن جا پهاڙ به هاڻ ميسارجي ويا آهن، تنهن لاءِ جيڪڏهن سندن سمن جي تصديق ڪرائيندي انهن جي آڱوٺن جا نشان ڊٿل نڪتا ته ڇا ٿي پيو؟

هونئن به هن ريپبلڪ ۾ جتي ڪو ساهدار اطمينان سان ساهه نٿو کڻي سگهي، هر ڏينهن رات، هر ساعت ۽ پل ڪو نه ڪو اهڙو سنيهو کڻي پهچي ٿو، جنهن ۾ درد ۽ ڏک ائين ڀريل هوندا آهن جيئن شاهراهه تي هلندڙ ٽريڪٽر ٽرالين ۾ بوسو ڀريل هوندو آهي، جتي ڪو ٻار اسڪول ويندي هاڻ صرف ان ڪري ڊڄي ٿو ته متا ڪٿي ان سان پشاور ۾ ٿيل آرمي اسڪول جهڙو سانحو نه ٿي وڃي، نه ڪي انهيءَ لاءِ ته ڪو سندس سبق پڪو ناهي جو ماستر کيس ڪُٽ ڪڍندو؟ هر لمحي، هر گهڙي، هر پل ساهه مُٺ ۾ آهي انهيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن سمن جي بايو ميٽرڪ تصديق نه ٿي سگهي ته ڇا ٿي پيو؟

اسان وٽ هونئن به شريف ماڻهو مڙئي مصيبت جي ور چڙهيل ئي رهندو آهي ۽ کيس انيڪ مشڪلاتن کي  منهن ڏيڻو پوندو آهي. جهيڙيڪار ۽ ويڙهاڪ ماڻهو کان هر ڪو پيو لنوائيندو آهي. ڏسو ڀلا جيڪڏهن منهنجي ڳالهه اجائي آهي ته اوهان پاڻ ئي فيصلو ڪري وٺو. شريف ماڻهو کي بجلي جو پورو بل ادا ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان بل جي ادائگي ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن نه بلڪه اڪثر بجلي کاتي وارا جيڪي حيسڪو، سيسڪو، ڪيسڪو انهيءَ شريف ماڻهو کي اهڙو ته بل موڪلي ڇڏيندا آهن جو هو باقي سڄي زندگي بُل (ٽپ) ڏيندي گذاري ٿو. اِهو آهي شريف هجڻ جو فائدو، اوهان شريف ماڻهو ٿي ريل گاڏي عرف جيل گاڏي جي ٽڪيٽ ورتي پر اوهان کي ڪو گلو کليل ڪاٽن وارو اچي اٿاريندو ته ”چاچا هي منهنجي آهي؟“ يا هو ريل جي پوليس سان جتي آهي جنهن حالت ۾ آهي جي بنياد تي مُڪ مڪاءُ ڪري پنهنجو ڪم ڪڍي ويندو.

دنيا ۾ گهڻيون ئي مصيبتون آهن، انهن مان نوي سيڪڙو اسان جي حصي ۾ آهن، باقي ڪن ٻين وٽ هجن نه هجن، زال جڪڏهن ڪنن کان وڏي آهي ته پوءِ اوهان لاءِ نعمت آهي جو اوهان ان جي سامهون جنهن سان وڻي ڳالهيون ويٺا ڪريو موبائل تي، پر جيڪڏهن اها ٻوڙي ڪو نه آهي ۽ اکين کان انڌي به ڪو نه آهي ته پوءِ هڪ مڙس هجڻ جي ناتي اوهان کي موبائل فون رکڻ جي ڪا به اجازت ڪو نه آهي ڀلي جو اوهين ڪيڏا به مڙس ماڻهو ڇو نه هجو، يا راڄ جا چڱا مڙس ڇو نه کڻي هجو، راڄ جا راڻا هجو توڙي اکين کان ڪاڻا هجو.

جيڪڏهن مائي صاحبه اکين کان وڏي آهي ۽ ڪنن کان به ٻوڙي آهي ته پوءِ جيڪڏهن اوهان موبائل فون تي ڪنهن سان ڳالهائي رهيا آهيو ڪنهن سان نينهن جا ناتا نڀائي رهيا آهيو ڪنهن سان ڪيل واعدن کي پاڻي ڏيئي رهيا آهيو ۽ اوچتو مائي ايف سورنهن وانگر لامارو ڏيئي وئي ته گهٽ ۾ گهٽ اوهان وضاحت ڏيڻ جهڙا ته نه رهندا ته ”امان سان پئي ڳالهايم يا دوست چيو آهي ته لال بتي اسپتال ۾ مريضن لاءِ بسترا گهٽ آهن انهن لاءِ چندو ڪرڻو آهي وغيره“ پر جيڪڏهن مائي صحيح سلامت آهي ۽ اوهان موبائل تي عشق فرمائي رهيا آهيو ته پوءِ اوهان جو خير ڪونهي جيڪڏهن اوهان ڳاڙهن هٿن سان پڪڙيا ويا ته پوءِ ٿيندو ائين جو اوهان لال بتي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيا ڪنجهندا يا وري اوهان ڏوڪري جي بس ۾ چڙهيل هوندا يا اوهان جي باقي زندگي سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي ماني جي سهاري گذرندي. انهيءَ کان گهٽ جي اوهان توقع نه رکو ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته موبائيل جتي دليلن کي جوڙڻ جو ڪم ڪري ٿي اتي هڏين کي ٽوڙڻ جو ڪم پڻ ڪري ٿي.

سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته اُٺ تڏهن ئي ٿي رُنا جڏهن ٻورا پيئي سبيا. ساڳي ريت ڀلو ٿئي فيلڊ مارشل رٽائرڊ جنرل مشرف جو، جڏهن سائين جن هن ريپبلڪ جا ”ميرا سلطان“ هئا ته انهن ڏينهن ۾ اهو ذڪر عام هيو ته ملڪ ۾ غربت ڪٿي آهي ڀلا جيڪڏهن غربت هجي ها ته ڏهه ڪروڙ ماڻهن وٽ موبائل فون ٿورو ئي هجن ها. ها سائين صحيح فرمايو اوهان پهرئين نشو مفت جيترو سستو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ماڻهو جڏهن ان جا عادي ٿي وڃن تڏهن اوهان انهن جي لاچاري ۽ بيوسي جو مزو وٺو.

اسان جي جيڪا به ٿوري گهڻي تاريخ آهي جيڪا هميشه مختصر تاريخ جي نالي سان درسي توڙي غير درسي ڪتابن ۾ مشهور رهي آهي ان جي ورق گرداني ڪرڻ سان ان جي پنن ۾ پيهي وڃڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته اسان رڳو ڀوڳيو ئي آهي هر دفعي اسين ڪيڙن ماڪوڙن جيان وقت جي هاٿين هٿان چيڀاٽيا ويا آهيون. رنگين مصيبتون آهن ۽ ٻه منهيون بلائون جن کي منهن ڏيڻ اسان جي وس جي ڳالهه بلڪل به ڪو نه آهي.

ڪٽي سٽي پنهنجي حيثيت ته انهيءَ ڍنگ آبادگار جي ڪمند جهڙي آهي جيڪو مهلائتو مُلهه نه ملڻ ڪري کنڊ واري مل جي در تي ائين سڪي رهيو آهي جيئن ديوداس فلم ۾ ديو پارو جي گهر جي آڳنڌ واري وڻ هيٺ آخري هڏڪيون ڳڻي رهيو هوندو آهي.

موبائل هڪ حيرت انگيز ايجاد آهي ۽ ان جا جيڪي فائدا آهن اهي اڻ ڳڻيا آهن. هن زماني جي چند اهم ايجادن مان انٽرنيٽ ۽ موبائل کي ڳڻائي سگهجي ٿو. موبائل وڏي ڪم جي شيءِ آهي پر ان سان سلهاڙيل موبائيل ڪمپنيون ڪنهن ڪم جون ناهن. موبائل ڪمپنيون اهي رت پيئندڙ ڄورون آهن جهڙيون سنڌ کي وڏيرن جي صورت ۾ مليون آهن. موبائل ڪمپنيون بنا روڪ ٽوڪ جي بنا رنڊڪ ۽ رک رکاءُ جي عوام جو رت پيئڻ ۾ مصروف آهن. هڪ سئو روپئي جي ڪارڊ تي سرڪار جي حصي جي نالي تي پنجويهه روپيا  چٽ ۽ ان کانپوءِ اهي موبائل ڪمپنيون هر طرح جي لالچائيندڙ سهولت جي نالي تي معصوم ماڻهن جو ڏينهن ڏٺي جو جيڪو حال ڪن ٿيون اهو ڪنهن به وڏي رهزن جي تاريخ کان به تمام گهڻو آهي. ڪال جي صورت ۾ پيغام جي صورت ۾ رنگ ٽون جي صورت ۾ ماڻهن کي چريو ڪري ڇڏيو اٿن. اوهان کي هاڻ سواءِ موبائل ڪمپني جي اشتهارن جي اوهان کي ٻي ڪا به شيءِ نظر ڪو نه ايندي، اڳي ماڻهو سگريٽ جي ڇڪڻ ڪري ڪينسر ۾ مبتلا ٿيندا هئا.(جاري)

اڄڪلهه اهو ڪم موبائل سرانجام پيئي ڏيئي.

پهرين سمون مفت ۾ ملنديون هيون ۽ بغير رجسٽريشن جي، اوهان جي مرضي آهي ته اوهان جيئن وڻي تيئن ڪري سگهو ٿا. دڪاندار وٽ جيڪڏهن پنج روپيا بچي پيا ته هو اوهان کي هڪ ٻه سمون ڏيئي ڇڏيندو هو، سو انهيءَ سان ڏوهن ۾ اضافو ٿيو ۽ هاڻ جڏهن چوڌاري بمن جو ڌوڪر آهي ته هر ڪنهن کي ساهه جي اچي لڳي آهي ته سمن جي بايو ميٽرڪ تصديق ضروري آهي. ڀلي ڪريو جيڪڏهن اها ممڪن آهي ته؟

ان بايو ميٽرڪ تصديق تي به موبائل ڪمپنيون ڪمائي رهيون آهن، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو سرڪار سڳوري عوام کي ”رليف“ ڏيڻ لاءِ انهن موبائل ڪمپنين کي پابند بڻائي ها جو اهي سمن جي بايو ميٽرڪ تصديق مفت ۾ ڪن ها پر ائين ڪو نه ٿي سگهيو ان لاءِ به اوهان کي ٿورو جهٽڪو ضرور لڳندو پر جيئن ته سينئر سٽيزن يا وڏي عمر جي ماڻهن جي آڱوٺن يا آڱرين جا نشان  گسي ويا آهن ته ڇا اهي موبائل هلائڻ تان هٿ کڻن؟ ۽ انهن ماڻهن لاءِ تصديق جو طريقه ڪار ڪهڙو آهي جن جا هٿ ئي وڍيل آهن؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *