تازيون خبرون

اڙي تلور تنهنجو ڇا ٿو وڃي…؟: وسعت الله خان

ايئن گهٽ ئي ٿيندو آهي جو سپريم ڪورٽ پنهنجي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جڙيل ڪنهن اڳوڻي بينچ جي ڪنهن متفقه فيصلي کي رد ڪري ڇڏي. وري اهو سوال به ذهن ۾ اٿي ٿو ته هڪ ئي معاملي تي اُهو فيصلو درست هو يا هي فيصلو درست آهي. جسٽس منير جي نظريه ضرورت کي جاڳائڻ جي فيصلي ۽ افتخار محمد چوڌريءَ جي نطريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏڻ واري فيصلي تائين انصاف جا قانوني ڪتاب اهڙن ڪيئي نظرين سان ڀريل آهن، جن ۾ هڪ ئي عدالت پنهنجا ئي فيصلا لکيا، مٽايا ۽ سٽايا.

ان سلسلي جي تازي ڪڙي عزت ماب چيف جسٽس انور ظهير جماليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ جو تلور جي شڪار جي بحاليءَ بابت اهو فيصلو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي برادر جج جواد ايس خواجا جي ٽه رڪني بينچ جو (19 آگسٽ 2015) فيصلو تبديل ڪندي چيو ويو ته عدالت جو ڪم قانونسازي نه پر لاڳو قانون جي تشريح ڪرڻ آهي.

مون جهڙن قانون کان اڻ واقف لکارين لاءِ مشڪل هي آهي ته نه مان اڳوڻي چيف جسٽس جي فيصلي جون فني رمزون سمجهي سگهان ٿو ۽ نه ئي موجوده چيف جسٽس جي فيصلي جو ٽيڪنيڪي تجزيو ڪري سگهان ٿو. ڪا تجزياتي ڳڙٻر ٿي وڃي ته توهين عدالت الڳ.

پوءِ به اوهان پڇندئو ته تلور جي شڪار تي مڪمل پابنديءَ واري اڳين فيصلي يا ان تان پابندي هٽائڻ يا نه هتائڻ وارو اختيار صوبن کي موٽائي ڏيڻ واري هاڻوڪي فيصلي مان مونکي ڪهڙو سٺو لڳو؟ ته مان بنا هٻڪ جي چوندس ته تازو فيصلو. هي فيصلو ڪنهن آئڊيلزم جي بنياد تي ناهي پر ان ۾ ٺوس زميني ۽ قانوني حقيقتن کي بنياد بڻايو ويو آهي.

تلور ته ايندو ويندو رهندو پر رياستي مفاد پنهنجي جاءِ تي قائم رهندو. هونئن به تلور جي بقا جو سوال صوبائي خودمختياري ۽ قومي پرڏيهي پاليسيءَ جي مقصدن يا هدفن تان ڇا وڌيڪ اهم آهي. رياستي مفاد تي ته انسان قربان ٿي وڃي ٿو تلور ڇا ٿو ڏئي؟

مورڳو هيئن چوڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته ڏوهه ئي تلور جو آهي. نه اُهي باقاعدگيءَ سان پاڪستان اچن، نه انهن جي پٺيان عرب شهزادا اچن نه پرڏيهي کاتي کي پرمٽون جاري ڪرڻيون پون، نه ئي ڪو مقامي ماڻهو تلور جي شڪار جي نالي ۾ قتل عام جي پابنديءَ جي درخواست داخل ڪري، نه ڪنهن اعليٰ عدالتي بينچ کي ان جي شڪار تي مڪمل پابندي هڻڻي پئي نه ئي وري ٻي ساڳي قسم جي عدالت کي اهو فيصلو مٽائڻو پئي.

مان آخر تلور جو حمايت ڇو ڪريان؟ هڪ ته غير قانوني طور پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو مٿان وري اها توقع به رکي ٿو ته اسان ان جي مهماني به ڪيون، اکين ۾ ويهاريونس؟ ڇا اهو مونتي پئسا نڇاور ڪري ٿو، تيل اوڌر تي ڏئي ٿو؟ ٺيڪا ورهائي ٿو؟ خير سگالي ڏئي ٿو؟ ڇا ان جي هٿ ۾ بندوق آهي جو سلام ڪيانس؟

تلور کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته اهو اتحاد بين المسلمين جو سفير آهي. ان جو وجود اسلامي ڪانفرنس واري تنظيم اُمت جي تصور ۽ اسلامي اخوت کان به ڳرو آهي ان کي ته خوشيءَ ۾ ئي نه ڍاپڻ گهرجي ته امت جي چونڊ ماڻهن کي ئي ان جي شڪار، پڪڙڻ ۽ اسمگلنگ جي اجازت آهي. جيڪڏهن اها شيءِ عام ٿي وڃي ته بچي ويل 92 هزار به نه بچن.

بس هي تلور وارو معاملو به ڪجهه سال باقي آهي. سازندن کي سامان کڻڻ ڏي پوءِ اسين ڪٿي، تون ڪٿي ۽ هو ڪٿي. غلام عباس جي سنگت ڪنهن ٻئي هندو جي ٿاڪُ ڪندي، تلور نه سهي تلوار ئي سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *