تازيون خبرون

اچو ته ٿر گهمون…!: فرزانه نورمحمد چانڊيو/لاڙڪاڻو

چون ٿا ته ٿر ۾ هن سال برسات ايتري ٿي آھي جو ڏهه سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آھي ۽ جنهن کي ٿر جي سونهن ڏسڻي آھي تنهن کي هن سال ٿر ضرور گهمڻ گهرجي.

پر جيئن ته ٿر ايندڙن جي سهوليت لاءَ هتي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن متعلق رستن تي ڪي به معلوماتي بورڊ وغيره ناهن لڳل جنهن سان هتان جي تاريخي ماڳن جي ڄاڻ پئجي سگهي انهي ڪري اسين هتان جي ڪجهه تاريخي آستانن متعلق ڄاڻ ڏيون ٿا ته جيئن سياحن کي سهوليت ٿي سگهي.

ٿر ۽ پارڪر جي جابلو ۽ واريءَ جي ڀٽن تان وسڪاري ۾ ٿر جا نظارا ڏاڍا خوبصورت هجن ٿا، پر ٻاهران کان ايندڙ ماڻهن کي گهمڻ وارين جڳهن جي خبر ناهي ته پارڪر ۾ ڪهڙيون جڳهيون گهمڻ جهڙيون آهن، سو اهي بس جبل ڏسي ورن ٿا، انهن لئه بس اهو جبل ئي سڄو پارڪر آهي.

دراصل مٺي جي گڊي ڀٽ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻورام جي مندر گهمڻ بعد حقيقت ۾ ويرا واهه ٽپندي ئي پارڪر جو ذرو ذرو گهمڻ جهڙو آهي. ويرا واهه واري چيڪ پوسٽ سان لڳو لڳ پاري ننگر شهر جا نشان آهن، جيڪي ڪنهن وقت ۾ جين مت جو وڏو شهر هو. انهيءَ شهر ڦٽندي ويرا واهه جو شهر ٺهيو.

انهيءَ شهر ۾ جيڪي سرون استعمال ٿيل آهن، اهي به پاري ننگر جون آهن، جيڪو وڏو بندر گاهه هو. اتي ئي زبون حال ۾ جين جو وڏو مندر آهي ۽ ويرا واهه سان لڳ ڪجلا سر جو تلاءَ آهي، جڏهن پاري ننگر جون ڪامڻيون صبوح سوير انهي تلاءَ تي وهنجڻ وينديون هيون ته انهن جي ڪجل جا ڪس انهيءَ تلاءَ جي ڪنارن تي ٿيندا هئ، اهو تلاءَ اڄ به وسڪاري جي مينهن سان ڀرجي ٿو.

ڀالوا ۾ ماروي جو کوھ آھي. سڄي ٿر ۾ اونھا کوھ به کارا ۽ ڪسارا آھن پر ھن کوھ جو پاڻي مٺو آھي، جھونن جو چوڻ آھي ته ھي کوھ ٽي صديون اڳ کوٽايو ويو ھو، ھاڻ ان کي مارئيءَ جو کوھ سڏيو وڃي ٿو، جڏھن ته عمر مارئيءَ جوقصو سومرن جي دور سان تعلق رکي ٿو.

ويرا واهه وارو موڙ ٽپندي ننگر شهر ڏانهن ويندي بس لڳو لڳ اوهان کي وسڪاري وارن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي دور تائين اڇ ئي اڇ نظر ايندي. اها آهي سانگا ڍنڍ، اها پارڪر جي زبردست گهمڻ جي جڳهه ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن انهيءَ ڍنڍ جا پاسا صاف ڪرائي، انهيءَ ۾ ڪو ملاح ٻيڙيءَ تي گهمائي ته شهري ماڻهو سانگا تي لهندڙ پکين سان گڏ سانگا گهمندا.

اتان نڪرندي ئي ڀوڏيسر آهي، جتي بيگڙي جي ٺهرايل مسجد به آهي ته ڀوڏيسر جو تلاءِ به. اتي جين جو وڏو مندر آهي، جيڪو هاڻ ته زبون حال آهي.

اتان اڳتي پارڪر جو شهر آهي، جتان ٿي انهي شهر جي ٻنهي پاسن کان گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي نئيون وهنديون آهن. انهيءَ ئي ننگر جي شهر ۾ جين جو مندر به آهي، ننگر جي بازار، جنهن جا دڪان مٽيءَ جي ٺڪرين وارن نرين سان ڍڪيل آهن ۽ پارڪر جا اڪثر گهر به انهي سان ڍڪيل آهن.

اتان شهر مان ئي انچلا سر جو آشرم وارو چشمون ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، اتي وچ جبل ۾ سئو سيڙهي جا ڏاڪا چڙهي، انهي وڏي وڻ هيٺان ويهجي ته روح تان دنياداري جا سمورا ڪٽ لهي سگهن ٿا.

اتي ئي ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري جو آَشرم آهي، ساڙڌرو گورڌڙي نئن جي منھن تي آھي ۽ اُتي مھاديو جو ھڪ مندر آھي جتي ھڪ تلاءُ آھي، ھندن جو عقيدو آھي ته ھي تلاءُ گنگا سمان پوتر آھي. ان ڪري ديهانت ڪري ويلن جي هڏڙن جي رک عقيدي طور هن تلاءُ ۾ وجھندا آھن. سندن چوڻ آھي ته ساڙڌري تلاءُ جو ذڪر پراڻي شاستر ۾ به ملي ٿو، ھن تلاءُ ۾ مئل ماڻهوءَ جي رک پئي ڄڻ اُھا گنگا ۾ پئي، ان جي مٿان ديويءَ جو ھڪ مندر آھي جتي شِو مھراج جو لُنگُ به ٺھيل آھي، ساڙڌري کان ٿورو مٿڀرو پاراشر رشيءَ جو آستان آھي، چون ٿا ته پاراشر رشيءَ ھن ھنڌ تي 10 ھزار سال تپسيا ڪئي ھئي ۽ ھو ھڪ ھزار سالن تائين پير جي ھڪ آڱر تي بيٺو رھيو ھو. پير جي آڱرين جا اھڙا ڏھ نشان اڄ به انھيءَ ھنڌ تي اُڪريل آھن.

پاراشر جي آستان کان گئو مُکيءَ اُتان ميل کن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف جبل ۾ آھي، اهو ٻن پھاڙن جي وچ وارو رستو آھي جيڪو انتھائي ڏکيو ۽ خطرناڪ آھي، جنهن ۾ هڪڙي هنڌ تي ٻه چوٽيون پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، جتان مينهن جو پاڻي ٽيهارو فوٽن جي بلنديءَ تان آبشار وانگر هيٺ ڪري ٿو، انهيءَ هنڌ کي هندو ’گئومک‘ سڏين ٿا.

جيڪڏهن آديگام ڏانهن وڃڻ جي ڪندا ته اتان اوڻ جي وانڍئي وٽان جبل اهڙو ڏيک ڏيندو، جهڙو مصر جا اهرام هجن.

ننگر شهر مان جن جبل ڏٺو هوندو، اهي جيڪڏهن آديگام وٽان ڏسندا ته چوندا ته هي اهو ڪارونجهر ناهي، اتان به ڪاسٻي واٽ وڃي ٿي، پر روڊ ڪونهي. انهيءَ ڪري گهمڻ وارن کي وري ننگر مان ڦري وڃڻو پوندو، اتي ٻه وڏا مندر آهن.

اتان وري ننگر شهر مان چوڙئي جبل تائين ڪچو رستو آهي، اهو سڄو رستو بڙتلا چيڪ پوسٽ کان وٺي بارڊر سان لڳو لڳ گذري ٿو. انهي چوڙئي جي چوٽي تي مندر آهي ۽ انهي چوٽيءَ تي ويهڻ کانپوءِ اوهان کي جبل جي هن پاسي کان پاڙيسري ملڪ جي سرحد لڳي ٿي، اتان هن ملڪ جا ڳوٺ نظر ايندا، اتان جا فوجي ڀائر گهمندي نظر ايندا، جڏهن تند ڪونه لڳي هئي ته هن مندر تي لڳندڙ ميلي ۾ اتان جا ماڻهو ايندا هئا، سامهون ڪڇ جو رڻ آهي، رات جو هنن جي بارڊر لائين تي لڳل بتين جو سهائو انهي ڏونگر جي چوٽي تي ٿيندو آهي.

انهيءَ ئي چوڙئي واري رستي تي راڻ پور ڊيم به گهڻ جهڙي ماڳ آهي ۽ جي شڪار تي جهل پئجي وڃي ته روجهن ۽ هرڻين جا ولر پيا پارڪر جي پوٺن تي ڊوڙندا ۽ اهو کليل زو هوندو. برحال ڪاسٻي مان جينجهو ندي گهمڻ ضرور وڃڻ کپي، جنهن جي پيٽ ۾ رڳو چشما آهن.

چون ٿا ته ٿر ڪل 108 آستان آهن جن مان صرف ڪن جو ذڪر اسين هتي ڪري چڪا آهيون جڏهن ته اڃا به گهڻائي آستان آهن . ٿر گهمڻ لاءَ ايندڙن کي هتان جي ماڳن مڪانن متعلق ڪا معلومات ملي سگهي ۽ اهي ٿرپارڪر جي سمورن خوبصورت منظر کان لطف اندوز ٿي سگهن.

******

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *