تازيون خبرون

اڄ به ڌمال موجود آ، دهشتگرد ناڪام ٿي ويا!: وينگس

پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڌماڪا نوان ناهن ۽ نه ئي وري حڪمرانن جا بهانا يا بيان ڪي نوان آهن، سڀئي هميشه جيان روايتي انداز سان مذمت ڪندا آيا آهن.16 فيبروري کان پهرين پوري ملڪ ۾ مسلسل دهشتگردي جا ڌماڪا ٿيندا رهيا، ايستائين جو لاهور ۾ اسيمبلي جي سامهون ٿيل ڌماڪو، جنهن بابت اڳواٽ ئي اطلاع هو، ان تي پنجاب حڪومت ڪو به ڌيان نه ڏنو. ان کان پوءِ به پنجاب ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن کي پنجاب حڪومت جنريٽر/گيس پائيپ لائين جي ڌماڪي جو نالو ڏئي ڇڏيو. خير اهو هڪ الڳ بحث آهي ته ان جڳهه تي خود گيس ڪمپني طرفان، اتي ڪا به گيس جي لائين ئي ناهي، پوءِ اتي ڌماڪو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ائين ئي پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ مسلسل ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن، ڪوئيٽا وارن پنهنجن ڪلهن تي نه ڄاڻ ڪيترا جنازا کنيا آهن. ڪنهن جو به ڪٿي لاش ڪري، ڌرتي ماتم ڪري ٿي. ائين ئي دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل معصوم زندگيون موت جي گهاٽ لاٿيون وڃن ٿيون.

16 فيبروي تي به هڪ دهشتگرد ڪوشش ڪئي ته اهي ڌرتي جي سيني ۾ موجود صوفي/ڀڳتي روح کي ڌوڏي سگهن. اهو سڀ ڪيترو نه عجيب آهي جو هڪ پاسي دهشتگرد قاتل پير وڌائي رهيو هو ته ٻئي پاسي، امن ۽ پيار جون دليون ڌمال هڻي رهيون هيون، انهن سڀني کي خبر نه هئي ته قاتل گهات هڻي زندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. مان 18 فيبروري تي قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي ٻن ڏينهن لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ويس، درگاهه جي اندر داخل ٿيندي مون ڌرتي ديوي ڏانهن ڏسي، پاڻ کان ايترو ئي سوال ڪري سگهيس ته هڪ ڌرتي ديوي جي مٿان ڇا گذريو هوندو، جڏهن ان کي محسوس ٿيو هجي ته قاتل پير وڌي رهيا آهن، معصوم زندگين کي قتل ڪرڻ لاءِ!

دهشتگرد ۽ ڌمال ڪندڙن ٻنهي ۾ وڏو فرق هو، ڌمال ڪندڙ پير، پنهنجي روح ۽ زندگي جي مام کي سمجهڻ چاهين پيا ته دهشتگرد، انهن سڀني جي ڳولها کي خاموش ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي رهيو هو. دهشتگرد تقريبن 100 جي لڳ ڀڳ پانڌيئڙا شهيد ۽ 250 کان مٿي ماڻهو زخمي ڪري ڇڏيا. درگاهه مان زندگي جي هاريل رت کي ڌوتو ويو، پر قاتل ڪيترن ئي گهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن دهشتگرد ڪجهه ختم نه ڪري سگهيو ته درگاهه تي ماڻهن جي اچڻ کي، اهو ڌمال جي رقص کي روڪي نه سگهيو. ردگاهه جي فوٽو گرافي ۽ مقامي ماڻهن سان ڳالهائيندي منهنجي ملاقات ڌمال کي سڀناليندڙ سان ٿي، جنهن جو خاندان ستن پيڙهين کان ڌمال جي ذميواري سنڀاليندو پيو اچي. ان ڪنهن سان به ڪا شڪايت نه ڪئي، پر ان جو اکيون ڀرجي ويون، جڏهن ان اهو چيو ته ”مان پنهنجي پوري زندگي ۾ ائين نه ڏٺو، جيڪو ڪجهه خميس جي رات، هتي ٿيو. پهريون ڀيرو هڪ ڪلاڪ واري ڌمال صرف 15 مينٽ ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوري هفتي ۾ ڌمال 30 منٽن ۽ صرف خميس جي ڏهاڙي ڌمال ڪلاڪ هلندي آهي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن اسان وري ڪلاڪ ڌمال هڻنداسين، جيئن اسان ڪندا رهندا آهيون. اسان دهشتگردي جي ٻئي ڏينهن به ڌمال نه روڪي، ان ڏينهن به سوڳ واري ڌمال هنئي وئي.

ها! دهشتگرد ناڪام ٿيو، ڌمال کي بند ڪرڻ ۾، مان پاڻ ڌمال هڻندي هر هڪ کي ڏٺو، جيڪي ڌمال جي ڌن تي پنهنجا پير ڌرتي جي سيني تي هلائي رهيا هيا. سيوهڻ ۾ دهشتگرد ڌماڪي ڪيترن ئي پاسن کان شيون وائکيون ڪيون آهن، هڪ واضح پيغام ته هن ڌرتي جي سيني مان صوفي/ڀڳتي ختم ناهن ٿيڻا ۽ ٻيو سيڪيورٽي ۽ بوگس ڪارڪردگي، جنهن کي درست ڪرڻ ضروري آهي.

مدرسن ۾ ڪهڙي قسم جون مواد ۽ ڪهڙي تربيت ملي پئي، اها ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي يا جيڪي ان تي پردو رکڻ چاهين ٿا، درحقيقت اهي پنهنجي اصليت وائکي ڪري رهيا آهن ته اهي ڪهڙي پاسي تي بيٺل آهن. سيوهڻ شريف جي رهواسي پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌايو ته ”2003 کان ديوبندي مدرسا ڪم ڪري رهيا آهن، ايستائين جو اڳوڻو وزيراعليٰ ارباب رحيم به اهڙي قسم جي تبليغ ڪري سيوهڻ ۾ ايندو رهيو. مدرسن اندر اهو چيو ويو ته سيوهڻ ۾ وڌيڪ شرڪ آهي، اتي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. توهان کي ظاهري طور تي اهي ڪم ڪندي نظر نه ايندا، پر پردي پٺيان ڪيترائي سرگرم آهن.

سيوهڻ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، جيئن هجڻ گهرجن، جتي صحت جي حوالي سان تنقيد ٿئي پئي، اتي اهم سوال ڇو نه ٿا ڪيا وڃن ته مدرسن اندر نفرت جي تعليم ڇو ڏني پئي وڃي. سنڌ حڪومت جي موڪليل 90 کان مٿي مدرسن جي فهرست کي وفاقي حڪومت نظرانداز ڇو ڪيو؟ سيوهڻ شهر کي سيڪيورٽي فراهم ڇو نه ڪئي، جڏهن ملڪ جي ٻين جڳهن تي دهشتگردي جا حملا ٿيا، سيوهڻ جي درگاهه ٽارگيٽ تي هئي، ان جون خبرون به اچي چڪيون هيون ۽ مقامي ماڻهن لوڪل انتظاميا کي شڪايت به ڪئي هئي، پر پوءِ به سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟

سيوهڻ جنهن جو تاريخي نالو سيوستان آهي، قلندر جي درگاهه ۾ اهم ذميواريون نڀائيندڙ هندو سائين لال داس هو ۽ هاڻي ان جو پٽ گل داس سنڀالي پيو، گل داس جي ماءُ به ان دهشتگردي ڌماڪي ۾ بچي وئي. ”مرشد، منهنجي ماءُ کي بچايو.“ هاڻي اسان جي درگاهه ۾ اها حيثيت ناهي رهي، جيئن پهرين هئي. اسان کي هندو طور تي ڏٺو وڃي ٿو. اسان ڪيئن سيڪيورٽي لاءِ چئي سگهون ٿا، جڏهن اسان جي هٿن ۾ ڪجهه ناهي. هتي ڪرپشن گهڻي آهي، اهڙي ماحول ۾ سيڪيورٽي ڪيئن ڪري سگهندا، گل داس وڌيڪ ٻڌايو ته درگاهه تي پهرين به حملي جون ڌمڪيون هيون ۽ ماضي ۾ هڪ شڪي بس کي پڪڙيو ويو هو، جيڪا اُتر سنڌ کان سفر ڪري هتي آئي هئي. سيوهڻ شريف، جنهن جون پاڙون سيوستان سان جُڙيل آهن، پر ان جي مارڪيٽ ۾ مون کي هندو نظر نه آيا. ڳالهه صرف گادي نشين گل داس جي دانهن تائين محدود ناهي، اها شڪايت گادي نشين ”ولي محمد شاهه به ڪئي ته اوقاف کاتي ۾ ڪرپشن گهڻي آهي، اهي ڪيئن حفاظت تي ڌيان ڏيندا. ان ڳالهه تي به اقرار ڪريو ته ها! هتي ڪجهه اهڙيون قوتون آهن، جيڪي درگاهن جي خلاف ڳالهايون ڪن ٿيون.“

شڪارپور ۾ امام بارگاهه تي ڌماڪي کان پوءِ مدرسن ۽ ٻاهر کان آيل ماڻهن جي چڪاس نه ڪئي وئي جو هاڻي اهي ڪيترن ئي روپن ۾ اچي چڪا آهن. جنهن جو تازو مثال، گرفتار ڪيل خودڪش دهشتگرد آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشتگردي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو هو. ان قسم جا ڪيترائي دهشتگرد، ڪنهن پاڇي ۾ لڪل ويٺا هوندا، حڪومت پهرين انهن مٿان سخت نظر ڇو نٿي رکي، آخر مدرسن اندر جيڪو ڪجهه هلي پيو، حڪومت ڪڏهن انهن جي جاچ ڪندي؟ ڇو جو هتي سوال عوام جي زندگين جو آهي. سيوهڻ ۾ دهشتگردي جي ڌماڪي ڪيترائي سوال اُٿاريا آهن، حڪومت عوام جو تحفظ ڪري، جيتوڻيڪ دهشتگرد ڌمال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا، اهي هر وقت هن ڌرتي جي سيني ۾ ساهه کڻندڙ صوفي/ڀڳتي کي مٽائڻ ۾ ناڪام ٿيندا رهندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *