تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

اَمرتُ آکاڻِي ، هيمن ڪالاڻِي:معشوق محسن ابڙو

 

سائين جي. ايم. سيد هڪ هنڌ لکيو آهي تہ:
”تاريخ شاهد آهي ته اهي ئي قومون عروج تي پهتيون، جن ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا، جن قوم جي نفعي لاءِ پنهنجا خون هاريا، راتيون جاڳي ڏينهن ڪيا، پيٽ سان پٿر ٻڌي وقت گذاريو، هر مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهيا ۽ مستقبل لاءِ حال قربان ڪيو.“

اهڙيءَ طرح سنڌ امڙ جي ڪک مان اهڙن ڪيترن ئي سورمن ۽ سرويچن جنم ورتو آهي.صوفي شاھ عنايت کان مخدوم بلاول تائين،هوشو شيديءَ کان روپلي تائين،دولھ دريا خان ۽ عبدالرزاق سومري کان ”هيمون ڪالاڻيءَ“ تائين مطلب تہ اهڙا ڪيترائي ڪونڌرَ قوم تان قربان ٿي هميشہ لاءِ امر ٿي ويا.اڄ هر محبِ وطن انهن کي سنڌ جي شهيدن طور وڏي عزت ۽ احترام وچان ياد ڪندو رهي ٿو.ان پس منظر ۾ نواز خان زئور ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي تہ؛

”سنڌ جي آزادي سنڌي عوام جي قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي عوام جي اندر ۾ آزادي جو عشق پيدا ڪجي. عشق تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن سونهن جو ڪو جلوو اکين جي آڪاس تي ڪوئي نئون عڪس ڇڏيندي دل جو در کڙڪائي ويندو آهي. ڪا مرڪ، ڪا نگاهه، ڪو آواز، ڪو لفظ، ڪو جملو، ٻولي جي ڪا دلڪشي، دليل جو حُسن، رتو رت جسم سان اوچو ڳاٽ، ڪردار جي اجرائي، ڳالهه جي سادگي جي سونهن، دل ۾ لهي ويندڙ حرف، وطن جو حسناڪ بدن، آزادي جون خوابناڪ اکيون. آئون چاهيان ٿو ته انهن سڀني شين کان پنهنجي قوم کي آگاهي ڏجي.“

اهڙي آزاديءَ جي آگاهي شيخ اياز پڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ هن طرح ڏني آهي تہ؛

ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا،پارت اٿو هاڻ،
آزاديءَ جي عشق کان، متان ٿيو اڻڄاڻ،
آنءُ اوهان ساڻُ، هوندس هر هڪ ويڙھَ ۾ !

شيخ اياز جي هن شعر کي حقيقت جو جامو پارائڻ وارو هيمون ڪالاڻي هو جنهن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ خاطر ڦاهيءَ جي ڦندي کي چميون ڏيندي سر ساھ جو سانگو لاهي چاھ مان چپ چوري وقت جي آمر انگريز جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي هينئن چيو تہ؛

”ڦاهي جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجو ضمير چانديءَ جي سڪن عيوض وڪڻي ڇڏيندو آهي، موت جو نالو وٺي مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو، معافي مان تڏهن وٺان جڏهن مون پنهنجي عمل کان پڇتايو هجي، پر مون کي ته پنهنجي عمل تي فخر آهي ۽ جي زندهه رهيس ته اهڙا ڏوهه بار بار ڪندو رهندس، انگريز سامراج کان معافي گهري اُڌاري ورتل زندگيءَ کان آزادي لاءِ مون کي موت قبول آهي، موت سورهين جو مرڪ آهي ۽ بزدل ماڻهو ئي موت کان خوف کائيندا آهن.“

مٿيان لفظ سنڌ جي انهيءَ عظيم امر ڪردار  ان وقت چيا هئا، جڏهن کيس معافي وٺي جان بچائڻ جي صلاح ڏني وئي هئي.ليڪن هيمونءَ اهڙي سودي بازيءَ کان گريز ڪري سنڌ تي سر ڏئي سرهو ٿي هميشہ لاءِ دنيا جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون.اهو هيمون جيڪو  19 سالن جو ڳڀرو نوجوان، جنهن جي اها عمر گهمڻ ڦرڻ ۽ رانديون رونديون ڪرڻ واري هئي. ان عمر ۾ هن جنهن نموني قوم لاءِ همت ۽ بهادريءَ سان قرباني ڏني، اهڙي عمل کيس امرتا بخشي ڇڏي. تحريڪ آزاديءَ جو هي سورهيه سچو سپاهي هو، هو وطن جي آزاديءَ خاطر ننڍڙي وهيءَ ۾ تمام گهڻو متحرڪ رهيو.ان جوانيءَ ۾ ڳاڙهن ڳٽن وارين ڇوڪرين ۽ ٻين فضول عيش و عشرت کان آجو ٿي پنهنجي وطن جي آجپي ۽ آزاديءَ آتو رهندو هو.تڏھن سنڌ جي عشق کي اوليت ڏنائين.هيمونءَ جو اصل نالو راهي هيمن هو.سندس گهر جا ڀاتي پيار ۽ لاڏ مان کيس هيمون چئي سڏيندا هئا.هيمونءَ جو جنم  23 مارچ 1923ع ۾ پراڻي سکر جي پيسو مل ڪالاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پيسو مل ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي، پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو 1941ع وارو زمانو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ انگريزن خلاف نفرت جا مچ پئي ٻريا.آزاديءَ لاءِ ويڙھ اڃان جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي رهيا هئا. تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جو عشق اوج تي هو.جنهن کيس بيچين ڪري وڌو هو.پاڻ سنڌ سان سچي محبت ڪندو هو.
هن پنهنجي ساٿين سان گڏ دادا ٿانورداس گدومل جي اڳواڻيءَ هيٺ برٽش حڪومت جي ظالم سماج خلاف بغاوت شروع ڪئي. 23 آڪٽوبر 1941ع تي هيمونءَ کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل هڪ ريل گاڏي جنهن ۾ بارود پڻ رکيل آهي، سا روهڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آهي، جنهن وسيلي سرحد ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ڪچليو ويندو. هيمونءَ پنهنجن ساٿين سان پروگرام ٺاهيو ته ريل جا پٽا اکيڙي ريل کي ڪيرايو وڃي. مقرر وقت تي جڏهن هيمون ۽ ان جا ساٿي اهو ڪم ڪري رهيا هئا ته هڪ پوليس واري جي مٿن نظر پئجي وئي. هيمونءَ جا ساٿي ته ڀڄي ويا پر هيمون جهلجي پيو.ڪاش ڪوئي ڄاڻي سگهي ها ته ريل جون پٽڙيون اکيڙڻ وقت هُن نوجوان جي دل ۾ ڇا هُو! هُن نوجوان جا هٿ اهو عمل ڪندي ڇو نه گهٻرايا! هُن هڪ پل لاءِ اهو ڇو نه سوچيو ته ان ڏوهه جي سزا ڪهڙي هوندي!! اهو عشق هو،اهو ديس جو درد هو،ماتا سان محبت جو جذبو هو،جنهن هيمونءَ کان هٿيار کڻايا سندس بدن ۾  بغاوت جا ڀڀڙ ڀڙڪايا.هي اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ ’حر تحريڪ‘ عروج تي پهتل هئي ۽ وري ان وچ ۾ هندستان ۾ مهاتما گانڌي ’هندستان خالي ڪريو‘ جو نعرو هنيو هو،ماڻھن جي من ۾ انگريز سامراج لاءِ سخت نفرت هئي، ان ڪري هندستان جي آزاديءَ لاءِ هر ڪو مهاتما جي نعري کي لبيڪ چئي اڳتي وڌيو، جڏهن مهاتما جي نعري جو پڙاڏو سکر جي سنهڙي سيپڪڙي نوجوان هيمونءَ جي سماعتن جي صحن تي سهڙيو تہ هن بہ انهن سجاڳيءَ جي سڏن کي هانءَ ۾ هنڊايو.هيمون ڪالاڻيءَ کي گرفتار ڪري مٿس بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو. لڳاتار 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا شايد هڪ ڳڀرو جوان کي برطانيه دور ۾ ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان بنا انڪار ڪندي چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءُ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
”چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪاروايون ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس.“سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي.
اهو هيمون جنهن رحم جي اپيل ڪرڻ بدران عزت جي موت کي ترجيح ڏني. 21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر مهل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.
اهڙن ئي آزاد احساسن کي شاعر ”مشتاق سعيد“  هيمون جي زبان بڻجي هر غلاميءَ کي بغاوت جو ڀونڊو ڏيئي چوڻ لڳو تہ؛

جا مونکان ڏات لکائي ٿي
سا سِٽَ غلاميءَ کي ڀونڊو
جو روح ۾ روڄ مچائي ٿو
سو گيت غلاميءَ کي ڀونڊو
هي آزاديءَ جا تڙڪا هِنِ
جي تارن مان ٿا جھرمر ڪن
سي منهنجي مَن تي نازل ٿي
ٿا ٻهه ٻهه باکون برکائن
مان گيت لکان ٿو ڌرتيءَ جا
۽ پنهنجي من جي سرتيءَ جا

اهو هيمون ڪالاڻي جنهن جي سورهيائيءَ جي آکاڻي اڄ بہ ننڍي وڏي،هر ٻچي ٻُڍي جي زبان تي زينت بڻيل آهي.جنهن سکر جي جيل قيد ڪٽي سنڌ امڙ جي آزاديءَ لاءِ اوچي ڳاٽ سان سر گهوري ڏنو،هيمون ڪالاڻيءَ  جي امڙ پنهنجي حلالي پُٽ جي ديدن ۾ حب الوطنيءَ ۽ دليريءَ جا درشن ڪندي کيس
سلام ڪندي وڏي فخر سان پنهنجي سيني سان لائي چار چار چميون ڏئي پنهنجي ”مقدس ٿڃ“ بخشي مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪري نوجوانن لاءِ سبق جي صورت ۾ هڪ پڪو پختو حوالو ڇڏيو تہ جيئن ٻيا بہ هيمون ڪالاڻيءَ جي زندگيءَ تي نظر وجهن ۽ ان وانگي پنهنجي وطن تي ساھ ويساھ ڏين تہ سڀ سانگ سجايا ٿي پون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *