تازيون خبرون

ايل او سي تي ڀارتي جارحيت! ؛واحد پارس هيسباڻي

ڀارت طرفان ايل او سي تي دهشتگرديءَ جو سلسلو جاري آهي، تازو سيالڪوٽ ويجهو ڀارتي فوج جي  فائرنگ ۽ گولاباري ۾ عورت ۽ ٻار سميت 10 پاڪستاني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 11 ٻارن سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.  ڀارت جي جنگي جنون سبب خطي جو امن مسلسل داءُ تي لڳل آهي. خبر ناهي ڀارت ان جنگي جنون جي ذريعي ڇا ثابت ڪرڻ چاهي ٿو. هن معاملي جو حيرت ۾ وجهندڙ پاسو اهو آهي ته هڪ پاسي ڀارت امن جي ڳالهه به ڪري ٿو، دنيا اڳيان ان حوالي سان پاڻ کي سنجيده ثابت ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو، پر عملي طور تي سندس ڪردار امن دشمني وارو هجي ٿو. هاٿي جي ڏندن وانگر سندس ظاهري مؤقف هڪڙو ته لڪل ٻيو آهي. هتي جڏهن به ڳالهين جو ماحول جڙيو آهي ته ڀارت ڪنهن نه ڪنهن حرڪت ذريعي ان کي تباهه ڪندو رهيو آهي، سندس ان رويي جي ڪري علائقائي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. اها حقيقت ڀارت به سمجهي ٿو ۽ باقي دنيا به سمجهي ٿي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهڙائپ پيدا نه ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ ڪشمير مسئلو ئي آهي ۽ جيستائين هي مسئلو حل نه ٿو ٿئي ايستائين ٻنهي ملڪن جا تعلقات معمول تي اچي نٿا سگهن ۽ ڀارت ان حقيقت کان به چڱي طرح واقف آهي ته ڪشمير مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان باقي سڀ ڪوششون بيڪار ۽ اجايون آهن، ان سلسلي ۾ وقت بوقت ڀارت ڳالهين جي حامي پڻ ڀريندو رهيو آهي، پر جڏهن اهو موقعو ايندو آهي ته هي ڪنهن نه ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي جي ذريعي ان ماحول کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. ڪافي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته ڳالهين جا مڪمل طور تي بندوبست به ٿي ويا آهن، ٽيبلون به سجائجي ويون آهن، بلڪه ڳالهين جا دور به شروع ٿيا آهن، پر ڀارت ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ان سڄي ماحول کي اوچتو ئي اوچتو تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن مان ڀارت جي جنگي جنون جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڀارت جو هي رويو اهو ظاهر ڪري رهيو آهي ته هي ڳالهين واري عمل لاءِ قطعي طور تي سنجيده ناهي، هي نٿو چاهي ته خطي ۾ امن قائم ٿئي ۽ ماحول پنهنجي معمول طرف موٽي سگهي. هڪ طرف ڀارتي حڪمرانن جي اها نفسيات آهي ته ٻئي طرف اتان جي عام ماڻهو جو مؤقف بلڪل ئي ابتڙ آهي. ڀارت جو عوام امن کي پسند ڪري ٿو ۽ اهو پنهنجي حڪومت جي ان رويي کان مڪمل طور تي بيزار آهي. ڀارت جي ميڊيا ۾ ڪجهه ذريعا ته اهڙا آهن جيڪي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائيندا رهن ٿا، نفرتن کي هوا ڏين ٿا، پر ڪي ذريعا ان جي ابتڙ امن جي ڳالهه به ڪن ٿا، پر ڀارتي حڪمرانن جو رويو گهڻو ڪري هڪجهڙو ئي رهيو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ڪاميابي کان پوءِ اهي خدشا عام محسوس ڪيا پئي ويا ته هي هڪڙي اهڙي سياسي پارٽي سان واسطو رکي ٿو جيڪا پاڪستان جي حوالي سان سٺي سوچ نه ٿي رکي ۽ ماضي ۾ انتهاپسندي، سرحدي نفرت وڌائڻ جي حوالي سان ان جو ڪردار رهيو آهي، پر جڏهن پنهنجي حلف برداري تقريب ۾ مودي پاڪستان جي وزيراعظم ميان نواز شريف کي شرڪت جي دعوت ڏني ۽ جنهن خوشگوار ماحول ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ملاقات ٿي ان کي ڏسي اها اميد پيدا ٿي ته ممڪن آهي مودي ماضي جي غلطين جو ازالو ڪرڻ چاهيندو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته هن پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي ان سوچ کي تبديل ڪيو هجي، جيڪا سندس پارٽي جي رهي آهي. اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون جيڪي ٻنهي ملڪن جي امن پسند عوام جي ذهنن ۾ گردش ڪري رهيون هيون. بهرحال ان ماحول کي هر هنڌ پذيرائي ملي. نه رڳو ٻنهي ملڪن جي امن پسند تجزيي نگارن ان اهڙي عمل جي آجيان ڪئي ۽ ان کي خوش آئينده چيو پر اها اميد به ظاهر ڪئي ته هي سلسلو ان ئي انداز ۾ جاري رکيو ويندو ته جيئن خطي جو امن يقيني بڻجي سگهي ۽ ان ماحول جو خاتمو اچي جيڪو ڊگهي عرصي کان قائم آهي، پر پوءِ آهستي آهستي ڀارتي وزيراعظم مودي پنهنجا رنگ تبديل ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيرڻ شروع ڪيو. نيٺ هو پنهنجي اصل رنگ ۾ ان وقت سامهون اچي ويو جڏهن هن بنگلاديش ۾ پاڪستان جي حوالي سان انتهائي اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي، جنهن جي نه رڳو پاڪستان طرفان نندا ڪئي وئي پر عالمي فورمن تي پڻ ان تي شديد تنقيد ڪئي وئي ۽ ان کي انتهائي جارحاڻي رويي جو نالو ڏنو ويو. مودي بنگلاديش ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها ٻنهي ملڪن ۾ بهتري لاءِ جڙندڙ ماحول کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي، پر پاڪستان پنهنجي امن پسندي واري رويي کي قائم رکندي اهڙو ڪو به ردعمل نه ڏيکاريو، جنهن سان بهتري واري ماحول جو مڪمل طور تي خاتمو اچي وڃي. روس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس  ۾ پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف مودي سان نه رڳو وڏي دل سان مليو پر ڳالهين واري عمل کي جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو، جنهن پٺيان سبب پاڪستان جي ڪمزوري نه پر امن پسندي واري سوچ هئي. اهو اهڙو موقعو هو جنهن مان ڀارتي حڪمرانن جي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هو، جيڪڏهن اهي چاهين ها ته ماضي کي وساري امن ڪوشش جي هڪ نئين شروعات ڪري پئي سگهيا، پر افسوس جو روايت جيان هنن اهو اهم موقعو به وڃائي ڇڏيو. ان اجلاس جي موقعي تي ميل ملاقاتن ۽ ڳالهين جو جيڪو به شيڊيول ٺهيو هو ان کي هڪ ڌڪ سان تباهه ڪيو ويو. ڳالهين واري عمل ۾ ڪشميري اڳواڻن کي شريڪ ڪرڻ واري پاڪستاني مؤقف تي ڀارتي حڪمرانن جذباتي ٿي ڳالهين وارو ماحول ئي تباهه ڪري ڇڏيو. خبر ناهي ڀارتي حڪمرانن جي ذهنيت ڪهڙي آهي ۽ اهي ڇا ٿا چاهين؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جن ماڻهن جي مسئلن تي توهان ڳالهائڻ وڃو ۽ انهن کي انهن ڳالهين ۾ ئي شامل نه ڪريو؟ اها ته عجيب قسم جي نفسيات آهي. اصل ۾ هن سموري صورتحال مان اهو واضح ٿي رهيو آهي ته ڀارت ڳالهين واري عمل ۾ قطعي طور تي به سنجيده ناهي، هو بس مڙئي بهانا ڳولي رهيو آهي. ڀارت مڙني عالمي طاقتن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيو آهي ته جيئن انهن جي پريشر کان بچي سگهجي، پر مسئلو اهو آهي ته ڀارت جي ائين ڪرڻ سان دنيا بيوقوف نٿي ٿي سگهي. ميڊيا جي هن تيز ترين دؤر ۾ ڪجهه به ڳجهو ناهي، سڀ حقيقتون چٽيون ٿي سامهون اچي رهيون آهن. ڀارت جي هڪڙي غير سنجيدگي ته سندس انهن عملن ۽ روين مان ظاهر ٿي سامهون اچي ٿي جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون جڏهن ته سندس ٻي جنگي جنونيت سرحدي اصولن جي لتاڙ مان ظاهر ٿئي ٿي. ڪنٽرول لائين تي جنگ بندي جي حوالي سان جيڪي اصول طئي ٿيل آهن ۽ هي انهن جي مسلسل لتاڙ ڪندو رهي ٿو ۽ گهڻو ڪري ائين ٿئي ٿو ته جڏهن به ڳالهين وارو ماحول جڙي ٿو ۽ معاملا بهتري طرف وڌڻ شروع ٿين ٿا ته ڀارت ڪنٽرول لائين تي اڳرائين ۾ اضافو ڪري ڇڏي ٿو ۽ اتي ڇڪتاڻ کي وڌائي ڇڏي ٿو، جنهن سان معاملا خرابي جو رخ وٺڻ شروع ڪن ٿا، اصولي طور تي ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جڏهن ڳالهين وارو ماحول جڙي ته ڀارت کي خاص احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي، سرحد تي ماحول کي پرسڪون بڻائڻ گهرجي پر هتي ٿئي ان جي بلڪل ابتڙ ٿو، جنهن ڪري ڳالهين وارو جڙيل سلسلو ان سبب جي ڪري به اڪثر ڪري تباهه ٿي وڃي ٿو. پاڻ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته نيٺ ڀارت کي ان جنگي جنون مان ڪهڙا فائدا نظر اچن ٿا، جڏهن ته اها حقيقت هڪ ننڍڙو ٻار به سمجهي ٿو ته جنگ فائدو نه پر تباهي ڏئي ٿي، جنگ جي نتيجي ۾ نه رڳو بيگناهه جانيون ضايع ٿين ٿيون، ملڪيتون تباهه ٿين ٿيون، پر معاشي حوالي سان به هڪ وڏو بحران اچي وڃي ٿو. جنگ واري ماحول ۾ اهي سمورا سلسلا رڪجي وڃن ٿا، جيڪي معاشي حوالي سان ٻين ملڪن سان ڳنڍيل هجن ٿا. ڏيهي پرڏيهي سيڙپڪاري رڪجڻ جا اثر مجموعي طور تي پوري ملڪ تي پون ٿا. اها حقيقت سڀني جي سامهون آهي ته ٻئي ملڪ معاشي حوالي سان تمام وڏن مسئلن کي منهن ڏين ٿا، سندن معاشي گذر سفر جو گهڻو دارومدار پرڏيهي قرضن تي آهي. جڏهن جنگ جو ماحول جڙندو آهي ته اهي پرڏيهي قرض ۽ امدادون به ختم ٿي وينديون آهن ۽ ٽينشن واري ماحول ۾ ملڪي معيشت به گهڻي سرگرمي نه ڏيکاري سگهندي آهي، باوجود ان جي اها حقيقت سمجهڻ جي ڀارت جو هي جنگي جنون چريائپ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڀارت کي اها حقيقت سمجهه ۾ اچي وڃي ته سرحدي معاملا بهتر ٿيڻ سان نه رڳو جاني ۽ مالي تباهي کان بچي سگهبو پر معاشي حوالي سان به معاملن کي بهتر ڪري سگهبو. جيڪڏهن ٻئي ملڪ هڪٻئي جي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن تڏهن به وڏو فائدو ٿي سگهي ٿو. معدنيات جي حوالي سان ٻنهي ملڪن ۾ وڏا ذخيرا موجود آهن، جن جي مدد سان هي هڪٻئي سان سهڪار ڪري سگهن ٿا، جڏهن سرحدي ڇڪتاڻ ختم ٿيندي ۽ امن ڀريو ماحول قائم ٿيندو ته واپاري لاڳاپن کي هٿي ملندي، جنهن سان يقيناً ٻنهي ملڪن کي معاشي فائدو ٿيندو. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ڀارت پنهنجي رويي کي تبديل ڪري. ڀارت اهو جنگ جو شوق هڪ ڀيرو نه پر ٻه ٽي ڀيرا پورو ڪري چڪو آهي، پر کيس ان ۾ نقصان کان سواءِ ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو آهي، جنگي ماحول ۾ کيس تباهي کان سواءِ ڪجهه به نه مليو آهي، کيس ماضي وارن انهن تجربن مان سکي امن کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. ڀارت کي اها ڳالهه سمجهڻ به گهرجي ته خود سندس ملڪ جو عوام به جنگ نٿو چاهي، اهو امن جو خواهشمند آهي، ان ڪري کيس جنگي جنونيت کان پرهيز ڪري امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. تازو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين وارو سلسلو جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر تباهه ٿيو آهي ان کي بچائڻ جي ضرورت آهي. بيان بازي سان ۽ سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌائڻ سان معاملا ويتر خراب ٿيندا. ڀارت کي سرحدن تي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي ته جيئن هن غير يقيني جو خاتمو اچي سگهي. پاڙيسري هوندي به ٻنهي ملڪن ۾ وڇوٽين جو سبب ڪشمير مسئلو آهي، جتي ڀارت ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هي مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت سنجيدگي اختيار ڪري ته سنجيدگي سان ڳالهين واري سلسلي کي اڳتي وڌائي ان مان مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا. هن صورتحال ۾ عالمي برادري کي به اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي ۽ ڀارت جي جنگي جنونيت کي ٻنجو ڏيڻ گهرجي. ڀارت جي هن جنگي جنونيت جي ڪري جيڪڏهن معاملا وڌيڪ خراب ٿين ٿا ته ان جو اثر صرف ٻن ملڪن تائين محدود نه هوندو، پر ان جا اثر پوري دنيا تي پوندا، ان ڪري عالمي برادري کي اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن داءُ تي لڳل خطي جو امن بچي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *