تازيون خبرون

امڙ مون کي هن سماج جي اندر رهندڙ وحشي منهنجو خواب پور ڪرڻ ڏيندا…؟: ـ ايڊووڪيٽ غلام شبير جتوئي

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڪثر ڪري نياڻين جي اولاد کي گهٽ پڙهايون ويندو ڪٿي ائين به ٿيندو آ ته ڪوئي والدين پنهنجي نياڻي مستقبل سوچڻ سٺي تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ فصيلو ڪندو ته جئين منهنجي نياڻي پڙهي ڊاڪٽر يا وڪيل پروفيسر ٿئي پڙهي اعليٰ درجي تي پهچي والدين جي ايڏي وڏي سوچ رکندي پنهنجي نياڻي لاءِ ان سماج جي اندر رهندڙ ماڻهوءَ جيڪي پنهنجي نياڻين ۽ ٻين نياڻين لاءِ پڙهڻڻ هڪ برو عمل سمجهندي انهيءَ کي چوندا نياڻين جو صرف ڪم گهر ۾ رڍ پچاءُ ۽ گهر جي صفائي گهر ۾ ٽائيم ڏيڻ ان جو ڪم ناهي ته اها اسڪول وڃي پڙهي ڇوڪرن سان گڏو ويهي بينچ تي سبق پڙهي ٻهاراڙين جا ماڻهوءَ غريب ۽ عجيب سوچ جا مالڪ هوندا جيڪي پنهنجي اناءَ غريت تي عورت کي پنهنجو غلام سمجهندا ها جيڪا اڄ جي عورت پدر شاهي ان ظلم جي گهاڙي ۾ پئجي رهي ڪڏهن ان گندي رسم ڪارو ڪاري شڪار ته ڪڏهن ڪنهن وحشيءَ هٿان عورتن جو چهرو تيظاب سان بگاڙيو ويندو ته ڪڏهن دلالان هٿان بازار ۾ وڪرو ٿين ٿيون اهو اسين گور ويچار ناهي ڪيو عورت جا اسان سان ڪهڙا گهريا رشتا ڪڏهن هوءَ ماءُ جي روپ ۾ ڪٿي ڀيڻ جي روپ ۾ وري ڪڏهن زال جي روپ ۾ ته ڪڏهن ڌيءَ جي روپ ۾ اهو ڪنهن وقت به ناهي سوچيو ان عورت جا ڪهڙا رشتا آهن،

اسين صرف انهيءَ عورت کي ٻارن ڄڻڻ جي مشين سمجهيو ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ نئي آباد ۾ هڪ وحشي استاد 13 سالن جي شاگردياڻي کي پنهنجي حوس جو شڪار بڻايون جنهن پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ انهيءَ نياڻي کي پنهنجي چال ۾ آڻي حوس پوري ڪندو انهي وحشي هرگز نه سوچيو اها سٻجهاجڙي سنڌ جي عورت ڪڏهن ڪنهن ظالم جي ور چڙهي ٿي ته ڪٿي ڪسائي جي ور چڙهي ٿي هميشه عورتن کي ڍاهال بڻائي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عورت ان مرد وحشيءَ جو شڪار ٿئي ٿي، انهيءَ وحشي استاد جنهن 13 سالن جي نياڻي کي پنهنجي حوس جو شڪار بڻايون جنهن پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ وحشيت جو ثبوت ڏنو اهو جنوني وحشي هڪ عام ماڻهوءَ نه هيو يا کڻي ائين چئجي ته جهنگ جو ڪوئي دنار هجي يا اڻ پڙهيل جاهل هجي يا وري گونگو نادان اندهون هجي نه جاهل نه وري اڻ پڙهيل اهو ڏاهو هڪ استاد هو جنهن ان پنهنجي اصليءَ سڃاڻپ جو ثبوت ڏنو آءُ توهٿان جي ٻارن کي علم ته ڏيندس انهيءَ کي اها تعليم نه ڏيندس صرف اهو ضرور ڏيندس جيڪا منهنجي فطرت ۾ حوس، وحشت آهي، ان جو چراخ ٻاريندس وحشي استاد ڪڏهن به اهو نه سوچيو هيو ته منهنجو استادي پشيو ڪيترو نه عظيم عاليشان آهي انهيءَ منهنجي عظيم پشيءَ پڙهاڻڻ سان هن سماج ۽ خطي اندر جيڪي ماڻهوءَ رهن ٿا وڏن وڏن عهدن تي آهنا هي اسان جا شاگرد ۽ عظيم شخصيت جيڪي ڊاڪٽر وڪيل جج وزير مشير جيڪي وڏن عهدن تي قائم آهن انهن استادن جي به دولت جيڪو استاد کي مان رتبو ڏنو ويندو آ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته استاد ابو امڙ هوندو آ جيڪو ٻارڙن کي اونداهي مان ڪڍي هڪ سٺو انسان بڻائي ان معاشري اندر سڃاڻپ ۽ برابري اڻ برابري سکياري ٿو ان پنهنجي عظيم پسيءَ رتبي جو خيال نه آيس پر ٻين استادن جي باري ۾ سوچي ها ته منهنجي حرڪت سان سڀنيءَ استادن جي مٿان آڱر اٿيندي کوڙ سارا سوال ابرندا انهيءَ استاد جي نظريي مٿان کلواڙ ٿيندو ۽ پِيغمبري پشيءَ مٿان سراسر حملو آ وڏو يا ننڍو ٻار استاد کي ڏسي اهو ادب سان ڀڄي اچي ڪري هن استاد کي پيرن تي هٿ رکي ملندو.

اڄ ان استاد جي ڪردار کي وائکو ڪيو هڪ گندي عمل سان آخر اهو وحشيءَ استاد پنهنجي انهيءَ ڪريل نفس کي ڪهريو جواب ڏيندو اهي استاد انهيءَ والدين کي ڪهڙو جواب ڏيندا جيڪي پنهنجي ٻارڙن کي گهر مان صبح جو سوير تيار ڪري ناشتو ڪرائي ٺاهي ڏين ٿا اسڪول طرف روانو ڪن ٿا ان استاد تي Blisnd Trust ڪري موڪلين ٿا ته ٻار سٺا انسان ٿين ۽ پاڙي وارن سان سٺو سلوڪ ڪن پر انهي وحشيءَ استاد پنهنجو سٺو سلوڪ ڪن پر انهي وحشيءَ استاد پنهنجو سٺو ڪردار نڀايون جيڪو انهيءَ پگهار مان پنهنجي ٻارن پيٽ پاليندو هيو ان حشيءَ استاد کي ان نياڻي حوس بنائڻ وقت پنهنجي نياڻي جو چهرو نظر نه آيس ته هيءَ ڪنهن جي ڄائي ۽ سوچي ها به منهنجي نياني آ ٿورو به ظالم کي رحم نه آيو مان ان پيءَ کي سلام پيش ڪندس جنهن پنهنجي نياني کي پڙهائڻ جو فصيلو ڪيو نئو آباد جيڪو ڪجيءَ ۾ ڳوٺ آهي اهو ڳوٺ سنڌو درياءَ جي ڀرسان مٿان ڪپر تي آ انهيءَ ڳوٺ ۾ تعليم شعور تمام گهٽ آهي نياڻن کي پڙهائڻ جو تصور به گهٽ آ اهڙي والدين کي سلام پيش ڪندس اهڙو ڳوٺ جنهن جا ماڻهوءَ گهڻو پولئتي پٺ تي پيل آهن انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪ والد جو فصيلو جنهن اهو سوچيو هو ته منهنجي ڌيءَ پڙهي ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيندي، جيڪا نئي آباد لاءِ هڪ مثال بڻجي پئي هي وحشيءَ استاد ان نياڻي کي مثال نه بنجڻ ڏنو پر ان جي خواب کي چڪنا چور ڪري ٽوڙي ڇڏيو اڄ اها نياڻي هن معاشري اندر ڪئين جنگ وڙهندي هي اهو معاشرو هن ننڊ نه ڪرڻ ڏيندو چوطرف هن جي مٿان سوال اڀرندا گهڻن واتن سان منهن ڏيڻو پوندس انهيءَ وحشيءَ استاد کي ڪجھه به ناهي ٿيڻو جنهن جا وڏيرا پاري جا پير سرگرم آهن ته جن جون اهي ڪوششون آهن ته انهيءَ معاملي کي وڏيرن جي درٻار ۾ فصيلو ڪري جان ڇڏائي استاد کي هن قانون جي جڪڙ مان آزاد ڪرايون ته آخر مير ۽ پير جي ڪورٽ ۾ فصيلو اچڻو پر ان جي نياڻي جو ڇا ٿيندو جنهن جي زندگي هميشه لاءِ خواب رهجي وئي ان ماءُ جو ڇا ٿيندو جنهن پنهنجي ڌيءَ لاءِ سوچيو هوندو ان جي والدين جي ارمانن کي ڪير پورو ڪندو جنهن انهيءَ ڌيءَ جا خواب ڏٺا هوندا اهي مير پير وڏيرا، سردار انهن کان پڇهن جتي باهه لڳل آهي جتي هنڌ سڙيل آهي ان وحشيءَ استاد کي ها اڄ به پڪ ته مون کي پيرن ۽ ميرن، سردارن ۽ وڌيرن جي ڌرگاهون پناهه ڏئي بچائينديون ۽ آءٌ قانون جي گرف کان آزاد ٿئي ويندس آخر ڪيستائين اهري وحشي کي پناهه ملندي رهندي آخر ڪيستائين معصوم نياڻين سان لڄ لٽاءَ ٿيندو رهندو آخر ڪيستائين عورت ظلم جو شڪار ٿيندي رهندي، آءٌ هن نياني کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن مختياره مائي وانگر ۽ يوسف مالالا زهي وغيره وغير هڪ آواز بڻجي انهيءَ وحشيءَ استاد خلاف نڪري پئي جنهن کي قانون جي هٿان پڪڙائي انصاف لاءِ نڪري پئي اسان کي گهرجي ته اهڙي وحشي استاد کي معاف نه ڪجي سڀني کي اها ڪوشش ڪرڻ کپي ته ان ميرن ۽ پيرن، سردارن، وڏيرن جي درگهان کي ناڪام ڪري جيڪو اڻ برابري وارو نظام آ ان کي ختم ڪري هڪ نئو سماج اڏجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *