تازيون خبرون

الک نرنجن جنهن جي رات تنهن جو ڏينهن ؛لياقت علي ٿهيم

حجم جو هي دڪان، ”لاهوتي هيئر ڪٽنگ سيلون“ بدين جي شاهي بازار ۾ آهي. دڪان جي مٿان، ڪاٺ جي ڄارين وارو پراڻو مسافر خانو ٺهيل آهي ۽ ٻاهر نوڙِيءَ تي قطار سان رنگارنگي ٽوال ٽنگيل آهن. ڪاريگر ڇوڪرو ٻاهر ڪرسي رکي ويٺو آهي ۽ پاڻي گرم ڪرڻ جي وڏي گيزر جهڙي گُندڙيَ هيٺان تاڪين جي باهه ٻاري انهيءَ کي پکو هڻي مچائي رهيو آهي. شهر جي هن ڪنڊ ۾ حجمن جا  ٽي چار دڪان آهن. سج اڀرئي جو وقت آهي، سو هر حجم دڪانن جي درن ۾ لڳل شيشن کي ڪپڙي سان جرڪائي رهيو آهي.صبح هئڻ سبب، حجم جي هن دڪان تي ڪافي رش آهي. مان دڪان تي اچي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڪجهه دير بعد حجامڪي ڪرسي خالي ٿي ته انهيءَ تي اچي ويهي رهيس. ڪاريگر، پهرين آئيني ۾ مونکي ڏٺو ۽ پوءِ منهنجي قميص جو مٿيون بٽڻ کولي، هٿ ۾ پڪڙيل ٽوال منهنجي ڳچي جي چوڌاري ٻڌائين. انهيءَ بعد منهنجي ڏاڙهي تي پاڻي مان پسايل هٿ گھمائڻ لڳو.سيرب ٺاهڻ جي هن ڪارِخير ۾ ڀلي ڪري آيا. هن دڪان تي شيعا مسلڪ وارن جا پوسٽر لڳل آهن. هڪ وڏي پوسٽر تي شيعا امامن جي روضن جون تصويرون لڳل آهن، ٻئي ۾ عربي ۾ لکيل ڪو مواد آهي جنهن جي شبيهھ شينهن جي آهي. ٽين تصوير وري سمن سرڪار جي آهي. سمن سرڪار جون، مختلف چار پنج تصويرون لڳل آهن. انهيءَ کان علاوه هن جھور پوڙهي حجم جي پنهنجي جواني جي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير، ٻي بينظير صاحبه جي ۽ ٽين مرتضيٰ ڀُٽي صاحب جي. مرتضيٰ جي تصوير سنڌ جي نقشي ۾ ڏنل آهي.حجم کان شيو ٺهرائيندي مونکي ڪرشن چندر جو، شيونگ برش تي لکيل افسانو ”ايڪ دوست ڪي مرنيَ پر“ ياد ايندو آهي. افساني ۾، پورا ارڙهن ورهيه، انهي همراهه جو واحد دوست، سندس شيونگ برش هوندو آهي.ڏاڙهي ٺهرائڻ جي موضوع تي، ٻاراڻي وهيءَ ۾ هڪ ٻيو به افسانو (شايد آرمينيائي) پڙهيو هوم جنهن ۾، هڪ يوناني ڳوٺ جي ملٽري پوسٽ تي مقرر ٿيل فوجي ڪرنل، حجم وٽ ڏاڙهي ٺهرائڻ ايندو آهي. انهيءَ حجم تي کيس شڪ هوندو آهي ته اهو ڪاريگر، فوج مخالف باغين سان مليل آهي ۽ سندس دڪان تي عسڪريت پسند اچي ڏاڙهي ٺهرائي وڃن ٿا ۽ هدايتون وٺن ٿا.سماج جي عام واقعن مان، معاشري ۾ حاوي سماجي، معاشي ۽ فڪري رهڻي ڪهڻي جا سيمپل کڻي سگھجن ٿا. مثال طور؛ بدين ۾ مان هاسٽل نما عمارت جي مٿين منزل تي رهندو آهيان. هن عمارت جي پهرين طبقي تي دڪان ٺهيل آهن، انهيءَ مٿان ننڍا ننڍا ڪمرا ۽ ڪمرن مٿان هڪ گيسٽ هائوس ٺهيل آهي. هيءَ عمارت هڪ ڊاڪٽر صاحب جي آهي جيڪو سنڌ جي هڪ ريڊيڪل سياسي گروپ جو سرڪردو اڳواڻ ۽ نامور اديب پڻ آهي. بقول اسانجي شيدي پٽيوالي جي، انهيءَ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ڪونه هلندي هئي، سو اين جي او کوليائين. اُها هلي. پوءِ 2010 جي ٻوڏ ۾ کيس راشن ورهائڻ جو ڪم مليو. ڊاڪٽر صاحب جي اين جي او وٽ هاڻ ڪو پروجيڪٽ ڪونهي پر حقيقتن کيس پروجيڪٽ جي ضرورت به ناهي رهي، نه ريڊيڪل سياست جي نه وري شاعري جي.ڪجھه ڏينهن اڳ بدين جو لاڙ ميوزيم ڏسڻ ويس. ميوزيم ٻاهران هڪ پٽيوالو ويٺو هو، جيڪو مونکي ڏسي ايڏو ته خوش ٿيو ڄڻ ته ورهين کانپوءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏٺو هئائين (يا شايد لاڙ جا ماڻهو فطرتن محبتي آهن، توهان کي هر هنڌ ماڻهو ”ڀاءُ“ چئي پڪاريندا ۽ توهان جي اچڻ تي خوش ٿيندا). ميوزيم جي مٿئين طبقي تي هڪ وڏو لائبريري هال (تقريبن سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري هال جيڏو) آهي، جتي جوتا لاهي وڃڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته پٽيوالي جو موقف هو ته جوتن سميت لائبريري ۾ گھڙڻ سان هيٺ فرش تي وڇايل گلم خراب ٿي ويندو. لائبريري هال ۾ فقط هڪ همراهه ويٺو هو (يا ننڊ پيو هو). شايد جوتا لهرائڻ واري رسم، چار سال اڳ واري ٻوڏ کانپوءِ متعارف  ٿي آهي.2010 واري ٻوڏ دوران، هن ميوزيم کي راشن جي گودام طور استعمال ڪيو ويو. ڪي ست اٺ مهينا، اٽي، دال ۽ گيھه جا ڪٽا ميوزيم اندر ڇت تائين ڀري رکيا ويا هئا ۽ ميوزيم جي مين هال آڏو ٽرڪون ائين اچي لڳنديون هيون، جيئن ٻهراڙيءَ ۾ چانورن جي کرين ٻاهران اچي بيهنديون آهن. امداد ڏيندڙ ادارن جا پرڏيهي عملدار جڏهن بدين آيا ۽ ميوزيم ۾ اٽي ۽ دال جون ٻوريون سٿيل ڏٺائون، تڏهن سندن ذهنن ۾ اسان سنڌين لاءِ جيڪو لفظ يا ٻولي آئي هوندي سا هتي ورجائي لکي نٿي سگھجي. ميوزيم کي سيڌي جو دڪان ڪري هلائڻ واري انهي عرصي دوران، ڪٻٽن ۾ رکيل ناياب نسخا برباد ٿيا، هٿيار ۽ ٻيا نوادرات چوري ٿيا يا وري سووينيئر طور ماڻهن کي موڪليا ويا.ٻوڏن ۾ فقط گھر، بيت المال آفيسون، دڪان ۽ اسڪول تباهه نه ٿيندا آهن؛ تهذيبون، ساهت، فن ۽ سڀيتا به برباد ٿيندا آهن، ۽ تهذيبن کي، ڪنهن تعلقي اسپتال وانگر، مرمت ڪري ٻيهر چالو نٿو ڪري سگھجي. پر ڇا ڪجي، جو اسان ماڻهن کي مختيارڪار آفيس جي چوديواري ۽ موهن جي دڙي جي ڀت ۾ فرق به اڃان معلوم ناهي.

سنڌي ڳوٺ ڪنهن هڪڙي ذات جي رهائشي ڪالوني  وانگر آهن ۽ ننڍڙا شهر اهڙين رهائشي ڪالونين جو مجموعو آهن. اهڙن شهرن جي واڌ ويجهھ ۾ بنيادي محرڪ زراعت يا وري ماهيگيري جو آهي. مثال طور هن شهر جي معيشت ۾ گھڻي واڌ ڪئنالن کُلڻ بعد آئي. چانور، ڪڻڪ ۽ ڪمند جا فصل، مڇيءَ جون کڏون، ڀلين زمينن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين بانڊيڊ هاري ۽ انهن مٿان هڪ زميندار جيڪو برٽش سرڪار جي سياسي نظام پٽاندر، ووٽ وٺي قانونسازي ۾ سرڪار جي ڪم ايندو هو. هي اقتداري پيٽرن، معمولي تبديلي سان، اڄ به مروج آهي. هتي تباهه ڪُن طوفان ايندا رهيا ۽ ماڻهو ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويندا رهيا آهن. طوفان گذري ويندا آهن ۽ ماڻهو موٽي ايندا آهن. ٻوڏ اچي يا مدد خان پٺاڻ جو حملي آور لشڪر، اسان جي حڪمت عملي ساڳي هوندي آهي.

پنج سال اڳ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام طرفان سنڌ ۾ سروي ڪيو ويو هو. انهيءَ ۾ هڪ پيمانو هي رکيو ويو هو ته سروي ٿيندڙ گھرن جي اندر ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون موجود آهن. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن جي گھر ۾ فرج هو ته انهيءَ جون پنج پوائنٽون ڪٽجي ويون، جي گھر ۾ فرنيچر آهي ته ٻيون پنج پوائنٽون ڪٽجي ويون. انهيءَ سروي پٽاندر بدين ضلعي ۾ اهڙا هڪ لک ستر هزار گھر آهن، جن ۾ گھر ڀاتين وٽ ڪوبه گھريلو سامان ڪونـهي.

هن شهر جا ماڻهو گھڻو ڪري تيز نيرو يا ناسي ڪپڙو پهرين. هر پاڙي ۾ توهانکي غير سرڪاري ادارن جا بورڊ لڳل نظر ايندا. ڪجهھ ڀڳل دڪانن ۽ ڊٿل گھرن جي اندروني ڀتين تي توهانکي فاضل راهوءَ جا پوسٽر چنبڙيل نظر ايندا. ريڊيڪل سياست خاموشيءَ سان غائب ٿي وئي آهي، باقي ”آفيم جو ڪاروبار“ زورن تي آهي.

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نوجوان ڇوڪرن وٽ پنهنجي وقت گذارڻ جا تعميري طريقا ڪونهن، تنهنڪري مجموعي طور منجھن سيڪسولائزڊ سڀاو نظر ايندو. سنڌ جي باقي ٻين علائقن جيان هتي جي نوجوانن جي سرگرمين ۾ توهان کي اها ائپروچ حاوي نظر ايندي؛ فلم ڏسڻي هجي يا شهر گھمڻو هجي، فون تي ڳالهائڻو هجي يا موبائل يا انٽرنيٽ ڪيفي تي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻو هجي، انهي جو ڪليدي محرڪ، مجموعي طور مٿيون سڀاو آهي. پر سيڪسولائزڊ روين جو هڪڙو ڪارڻ سماجي ٽينشن به ٻڌايو وڃي ٿو. جن معاشرن ۾ ٽينشن گھڻو هوندو اهي معاشرا وڌيڪ جنس زده هوندا آهن.

صبح جو سوير بجلي هلي ويندي آهي، سو ماڻهو گھرن مان اٿي اچي شهر جي هوٽلن تي ويهندا آهن. انهي بعد، هر ڪلاڪ کانپوءِ ٽي چار ڪلاڪ بجلي وڃي، وري جيستائين وڃي رات ٿئي. ٻيو، ”قهر جو ٿيو آه مڇر پيدا“. ايڏو جو ڄڻ ته ڪير مڇرن جون باٽليون ڀري توهان مٿان هاريندو هجي. تنهنڪري لاڳيتا پنج ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ لاءِ توهانکي باقاعدي منصوبابندي ڪرڻي پوندي؛ شروعاتي ٻه ڪلاڪ اندر پکي تي، انهي بعد پويان ٽي ڪلاڪ کٽ ٻاهر ڪڍي آڳند تي، پر ٻاهر مڇر گھڻو آهي، تنهنڪري بجلي اچڻ بعد وري ڪلاڪ کن اندر ڪمري ۾، وري جڏهن صبح ٿيڻ تي اچي ته ٻاهر آڳند تي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾، چانهن ٺاهيندڙ ڪاريگرن، حجمن، مختيار ڪار آفيسن جي ڪلارڪن، ڪورٽن، ٽائون آفيسن ۽ غير سرڪاري ادارن جي پٽيوالن، واڍن، ٽپالين، ڊاڪٽرن جي ڪمپائونڊرن، تنور تي ماني وجھندڙن، بسن جي ڊرائيورن، ٻيڙي ٻاڌن، حمالي مزدورن، پوليس وارن ۽ کرين تي مزدوري ڪندڙن جي هڪڙي وڏي دلي آرزو آهي؛ ننڊ ڪيئن پوري ڪجي.

۽ رات جو ٻارهين بجي کانپوءِ (جڏهن وري بجلي هلي ويندي آهي) توهانکي بدين شهر جي رستن تي هڪ گڏهه، ٻيو پوڙها چوڪيدار ۽ ٽيون ڪتا نظر ايندا. پر، انهن ٽنهي ڌرين ۾، ڪتا سڀني کان وڌيڪ سرگرم نظر ايندا آهن ۽ (ٻهراڙي جي ٻين شهرن وانگر) بدين جي نائٽ لائيف حقيقتن ڪتن جي حوالي ٿيل آهي. مان جنهن هاسٽل ۾ رهندو آهيان، اتان کان شهر جي آخري ڪنڊ تائين روڊ نظر ايندو آهي ۽ شهر جي خالي روڊن، بند ٿي ويل بازارن، تاريڪ گھٽين ۽ قاضيا واهه جي مورين تي بيٺل بي شمار ڪتن جا ٽولا، ائين زور زور سان ڀونڪندا آهن ڄڻ ته اهي ڪتا، ڪنهن قديم ڪلٽ جا پيروڪار هجن جيڪو فقط اونداهي ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ جنهن ڪلٽ، شهر کي ٽيڪ اوور ڪري ورتو هجي.

ڪجھه عرصو اڳ، مان هڪ اسائنمينٽ جي سلسلي ۾، مڪلي تي هڪ زير تعمير جاءِ ۾ وڃي رهيو هوس. جاءِ جي سامهون هڪ کليل ميدان هوندو هو، جنهن جي ٻن طرفن کان ديوين جا گھاٽا وڻ هوندا هئا ۽ هڪ ويران رستو پير عالي جي مزار طرف ويندو هو. رات ٿيڻ بعد اتي اوڙي پاڙي جي جبلن جا ڪتا اچي گڏ ٿيندا هئا.

چون ٿا ته ٻهراڙين ۾ ڪتا، رات جو اونداهي ۽ اڪيلائي کان ڊڄندا آهن، تنهنڪري سڄي رات ڀونڪي، پنهنجي خوف کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

هي مضمون لکڻ دوران بجلي هلي وئي آهي. ڏاڍي اوندهه آهي؛ ايڏي جو ڄڻ ته مان ڪنهن شهر نه پر سمنڊ جي تري ۾ ويٺو هجان.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *