تازيون خبرون

الا ائين مَ هوءِ…..؛سرمد منصور

آئون انهيءَ کي اٻوجهائپ چوان يا لاعلمي يا اڃا ئي برين واش جو تهذيب تهذيب ڪندي ساهي ئي نه کڻبي هئي، ماروئڙا، جهانگيئڙا ۽ ڇا ڇا نه چئبو هو هتي جي ماڻهن جي تعظيم ۾! پر حقيقت ڇا آهي، ويهي جڏهن ويچارجي ٿو ته ارمان ۽ افسوس ئي ورائي ٿو وڃي! ڇا تهذيب يافته قومون اِئين هونديون آهن، جيئن اسين آهيون!؟ ماضي ڀلي ڪيڏو به شاندار ڇونه هُجي، (جيتوڻيڪ اُهو پڻ بدترين غلامين هيٺ رهيو آهي) پر حال جي هيڻائي مستقبل جي تباهيءَ جون چُغليون هڻي رهي آهي. صدين کان جنهن سنڌوءَ جي نانءَ تي هيءُ خطو آباد آهي، سو هاڻ هوريان هوريان پنهنجو وجود ميساري رهيو آهي، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ درياهه  جيڪا واهُڙ جي صورت اختيار ڪئي آهي، تنهن جو جيڪر ساڳيو ئي حال رهيو ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر واريءَ جا دڙا درياهه جو نانءُ نشان ئي مٽائي ڇڏيندا. مٿان وري سمونڊ جي پائڻ جون رپورٽون به وقت بوقت ڇپجنديون رهن ٿيون، جنهن ۾ جيڪي اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن، تنهن جو سڌو سنئون مطلب اِهو ٿو نڪري ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ نه بدين، نه وري ٺٽي جي آس پاس وارا علائقا رهندا، سمونڊ جو پاڻي جيڪڏهن اُنهن علائقن تائين پائي نه به آيو، تڏهن به اُهي علائقا رهائش توڙي زرعي آباديءَ جي لائق نه رهندا. پر حرام جو سنڌ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪَن تي جونءَ به سُرندي هُجي! ڪا هڪ اڌ اين جي او سا به پنهنجي پيٽ گُذر لاءِ اُن اشوءَ کي اُٿاريندي رهي ٿي جو سندن جياپي جو سڄو دارومدار اهڙن اشوز تي ئي آهي، باقي رهيو خير! اِئين ئي جيڪڏهن زندگيءَ جي ٻين پهلوئن کي ڏسبو ته اسين ڏينهون ڏينهن ابتريءَ طرف وڌندي نظر اينداسين. تعليم جو فقدان، صحت جي اڻاٺ ۽ زراعت جي تباهي هتي جي ماڻهن کان ماڻهپو ڦُري ورتو آهي. چور، ڌاڙيل ڦورو، لُٽيرا، قاتل ۽ ڪرپٽ اسان جي اڪثريت جي سڃاڻ ٿيندي پئي وڃي. آخر اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جنهن تي سينو تاڻي فخر ڪري سگهجي؟ جيڪڏهن اسين پنهنجي ادب تي نظر وجهون ٿا ته لطيف، سچل ۽ اياز کان پوءِ اوندهه انڌوڪار نظر اچي ٿي. لطيف جي شاعريءَ کان به جيڪڏهن انگريز روشناس نه ڪرائين ها ته هوند اسان لاءِ اڄ به اُهو هڪ پير کان وڌ ڪجهه نه هُجي ها. جڏهن ته اياز به بس پنهنجي ئي اندر تائين محدود رکيو ويو، اُن کي نه ته ترجمي نگار مليا نه ئي دُنيا تائين اُن کي رسائڻ جي ڪا عملي ڪوشش ڪئي وئي. انهن کان علاوه ڪا ڪهاڻي، ڪو ڊرامو، ڪو ناول يا ڪا اهڙي ٻي تخليق آهي جنهن کي دُنيا اندر ڀيٽ ملي هُجي، جنهن کي ڀلي ته نوبل انعام نه ڏنو ويو هُجي، پر ٻين خطن ۾ اِئين ئي ترجما ٿي پڙهيا ويا هُجن، جيئن خليل جبران، نزار قباني يا رسول حمزه توف اسان وٽ پڙهيا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي به پنهنجو ئي سمجهان ٿو جو هُن وٽ جيڪا ڪسوٽي آهي سا لسانيت کان مٿاهين آهي، تنهن باوجود ماڻهوءَ جي اها خواهش ضرور هوندي آهي ته ڪو اهڙو ڊاڪٽر اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ به هُجي، ڪو عبدالستار ايڌي هُجي! پر سڄي سنڌ جاچڻ باوجود اسان کي ڪو اهڙو ڪردار نظر نٿو اچي. اسان جا ڊاڪٽر رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ جا خواهشمند ته آهن پر اُنهن ۾ اديب جهڙي دل ناهي، اسان جا سماج سُڌارڪ واهه واهه ته چاهين ٿا پر اُنهن کان ايڌيءَ جيان رستن ۽ گهٽين ۾ چندا وٺڻ وارو ڪم  نٿو پُڄي. اسين مجموعي طور سڀئي ماڻهو رات پيٽ ۾ امير کان امير ٿيڻ جا خواهشمند آهيون، بلڪه هر ماڻهو پنهنجي قبيلي، برادريءَ جو سردار ٿيڻ جو خواهشمند آهي، پر عملي طور کانئس ڪجهه نٿو پُڄي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي اُنهن برادرين جي تڪرارن تي، جيڪي هڪ ٻئي جي ويهه پنجويهه نوجوانن کي مارڻ کان پوءِ سردارن آڏو پٽ تي ويهي جرڳي دوران ستر اسي لک رُپيا ڏنڊ طور ڀرڻ جي لاءِ ته تيار هوندا آهن پر اُنهن کان اِهو ناهي پُڄندو ته اُهي پنهنجي ئي گهر جي اڳيان گُهگهه انڌاري وارين گهٽين ۾ ڪو بلب لڳائي سگهن، ڪنهن ٻار کي سليٽ يا ڦرهي وٺي ڏياري سگهن يا ايترا ئي پئسا ڪٺي ڪري ڪو ننڍو ڪارخانو، ڪا فيڪٽري ٻيو نه ته به برادريءَ جي نالي تي ڪا اٽي چڪي ئي لڳائي سگهن. اسان وٽ جيڪو بند اسڪولن جو تعداد ٻُڌايو وڃي ٿو يا جن گوسڙو ماسترن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ڇا اهڙي صورتحال کان پوءِ به اسان کي اِها ڳالهه جُڳائي ٿي ته اسين پاڻ کي تهذيب  جي ڌارا ۾ ڳڻايون!؟ ’الا اِئين مَ هوءِ‘ وارو اُلڪو نارائڻ شيام کي ڪو اِئين ته ڪونه هو! ضرور ڪجهه ته هُن به محسوس ڪيو هوندو! جيڪڏهن پاڻ اِنهيءَ ڳالهه کان به انڪار ڪريون ته ڪو شاعر وقت کان اڳ جي حالتن کي پرکي وٺندا آهن، پر تڏهن به سندس اِن اُلڪي ۾ ڪا ته صدا آهي!  ڀلا ڪو سماج يا ڪا قوم ڪيترو جٽاءُ ڪري سگهندي، جڏهن هُن جا سمورا پاسا ڪسا نڪرندا هُجن، اُها عملي طور بنهه سُست ۽ ڪاهل ٿي وئي هُجي، جنهن کي منفي رين سان ته دلچسپي هُجي، پر مثبت راهه تي ويندي سندن پير ڏُکندا هُجن، اهڙا سماج آخر ڪيستائين پنهنجي بقا قائم رکي سگهندا!

چوندا آهن ته حادثا ۽ آفتون قومن کي سجاڳ ڪنديون آهن، اُنهن ۾ نئين سر جذبو پيدا ڪنديون آهن ۽ اُهي اُتساهه سان اڳتي وڌنديون آهن، پر ٻه هزار ڏهه يارهن وارين ٻوڏن ۽ برساتن وارن حادثن کان پوءِ جيڪا سُجاڳي آئي، تنهن هڪ طرف پنڻ وارن ماڻهن ۾ ته اضافو ڪيو، بديءَ جي راهه ته وٺائي پر قومي سُجاڳيءَ جا هڙئي جذبا ٿڌا ٿي ويا. دانشورن کي اين جي اوز جي اهڙي ته چوس پئي جو کانئن سڀ ڪجهه وسري ويو. پرڏيهه جا دورا، مشهور هنڌن تي پوز هڻي فوٽو ڪڍائڻ کان سواءِ هاڻ اُنهن جو ٻيو ڪو به عملي ڪردار ناهي رهيو! جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي پنهنجن سياستدانن جون ڪارستانيون ڏسيو ويٺا آهن، جن کي سنڌ جي ماڻهن سان نه پر اُنهن جي ووٽن سان سروڪار آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪا اُميد قومپرست ڌُرين مان ورتي ويندي هُئي، سي به هاڻ چٽا ٿي سامهون اچي ويا آهن ته هتي هر ڪنهن جو هٽ کُليل آهي، ڪو ڪيتري اگهه وڪامجي ٿو ته ڪو ڪيتري! مطلب ته نااُميديءَ ۽ لوڀ جي لوءَ ماڻهن کي لوساٽي ڇڏيو آهي.

سماج جي اهڙي صورتحال نارائڻ جي ان اُلڪي کي تهائين چٽو ڪري ڇڏي ٿي ته:

الا ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *