تازيون خبرون

اقتداري بُک ۾ نظرانداز ٿيندڙ عوام!: شوڪت لوهار

آخر اِها ڪهڙي ڪشش آهي، جيڪا وڏن وڏن ڪوپ وڏيرن ۽ ڀوتارن کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪري رهي آهي؟ ڪجهه ته آهي؟ ڀلا ائين ماڻهو ڪيئن ٻيون پارٽيون ڇڏيو وتا وڏي ڀوتار سان مِلن ۽ ساڻن ملڻ لاءِ بيچين ڏيک ڏين؟

سنڌ ۾ عوامي خدمت جي حوالي سان ڪئين اهڙا دؤر رهيا آهن، جن ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو ته هر پارٽي عوام جي مفاد ۾ ۽ عوام جي خدمت جي اوني جي ڪري پارٽيون مٽايون آهن. واقعي عوام جي فلاح ۽ بهبود ئي هِڪ اهڙي عمل جو نالو آهي، جيڪو ”عوامي ماڻهو“ کي ڪڏهن ننڊ ڪرڻ ڪو نه ٿو ڏئي.

عوام جي خدمت جي جذبي سان سرشار سنڌ جا ڇپ وڏيرا سڄو ڏينهن پجيرو ۽ وليز گاڏين تي ڊوڙون پيا پائين ته ڪٿي ڪو ٿر ۾ معصوم ٻار ته ڪو نه مُئو، ڪِٿي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ آبِ حيات جهڙو صاف پاڻي مليو يا ڪو نه، ڪٿي ڪو غريب جو ٻار تعليم کان رهجي ته ڪو نه ويو، ڪٿي ڪا غريب عورت ڪنهن سرڪاري اسپتال جي دروازي تي گيس مارا ڪندي ٻار کي جنم ته ڪو نه ڏئي ڇڏيو؟ ڪِٿي ائين ته ڪو نه ٿيو جو سنڌ مان ملندڙ تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ڀاڻ جي ڪارخانن ۾ ڪو ڌاريو ته ڪو نه وڙي آيو. سَڀ نوڪريون پنهنجن ماڻهن کي ئي مليون يا ڪو ٻاهريون کڻي ته ڪو نه ويو!؟

سنڌي ٻولي جو ايڏو اونو جو ان کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ هنن پنهنجي گهرن جي چوڌاري لطيف سائين جا بيت لکرائي ڇڏيا آهن، ڪنهن به شاعر اديب جو ڪتاب ڇپجڻ کان رهجي ته ڪو نه ويو آهي. هر ليکڪ ۽ دانشور کي انهن سون جي وزن ۾ توري ڇڏيو آهي. انهي کان وڌيڪ ڀلا ٻي ڪا خدمت ٿيندي آهي، جيڪا ڪرڻ گهرجي؟ پوءِ ڀلا اهڙي اعليٰ ۽ ڪائناتي خدمت ڏِسي به ماڻهو پ پ ۾ شامل نه ٿين ته پوءِ ڀلا ڪيڏانهن وڃن.

پاءُ اٽي جو هرڪو کائي ٿو ۽ ڪو به بيوقوف ڪو نه آهي. ويجهڙائي ۾ پ پ ۾ جيڪا ڀوتارن جي ڀرتي ٿي آهي يا ٿي رهي آهي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ يا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟ هِن وقت جڏهن عوام جي مستقل مٿي جو سور بڻيل پاناما گيٽ جو فيصلو اچڻ تي آهي ۽ ميڊيا جون قياس آرايون آسمان ڦاڙي رهيون آهن، اهڙن ڏينهن ۾ ڀلا سنڌ جا ڀوتار ڀائڙا ڇو پري رهن ۽ هُو ڇو ته اهڙيون سياسي غلطيون ڪن، جن سان سندن آرام ۾ خلل پئي. تنهن ڪري ڪجهه ته انهن جي پنهنجي ڏاهپ آهي ۽ ڪجهه پنڊي جي عقابن سندن اشارو ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي سنهري مستقبل جي وارث پ پ ۾ هوندي. ايندڙ چونڊ ۾ هِڪ اِها ئي پارٽي ڪامياب ٿيندي، تنهن ڪري ڀلو ائين آهي ته سَڀ هلو ۽ ان ۾ ٽڪيٽ بڪ ڪرايو. اهڙي رعايتي سيل ٻي جاءِ تي ڪٿي مِلندي. اِهو ئي سبب آهي جو نوان پراڻا گهوڙا ڊوڙ پايو وتا پ پ جي اسطبل ۾ شامل ٿين.

پهرئين لهر ۾ شڪارپور مان شيخ صاحب پلئو کاڌو ۽ فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيو، بعد ۾ ان جا ٻيا هم نوا به ساڻس گڏ هئا. انهي کانپوءِ هميشه اسٽيبلشمينٽ جي چئي هيٺ رهندڙ گهوٽڪي جا مَهر جيڪي اڳ ۾ ئي پ پ ۾ شامل آهن، انهن جا ڪٽر مخالف خالد لنڊ ۽ نادر اڪمل لغاري به پ پ ۾ شامل ٿي ويا آهن، گهوٽڪي سان واڳيل پتافي اڳ ئي پ پ ۾ شامل آهن. ڪراچي ۾ لياري جو گهڻ گهرو نبيل گبول به نوَ پارٽيون مٽائي نيٺ پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جڏهن ته عرفان الله مروت کي في الحال روڪيو ويو آهي جو تڪڙو ئي بلاول جي ڀيڻن جيڪو موقف ڏنو اِهو شايد پ پ جي هاضمي کان چڙهيل هو. ان ڪري ان کي في الحال ڪجهه وقت انتظار جي اذيت ڀوڳڻي پوندي.

پ پ ۾ شامل ٿيندڙن جي اِها راءِ آهي ته هُو عوامي خدمت تحت ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن، انهن جي راءِ سان آئون سؤ سيڪڙو سهمت آهيان ته هُو واقعي حڪومت ۾ رهي ڪري اقتدار جي ڪرسي تي ويهي ڪري ئي عوام جي خدمت ڪري سگهن ٿا. هونئن شايد عوام جي خدمت سٺي نموني نه ٿي سگهي!

دنيا ۾ اهڙا کوڙ مثال موجود آهن، جڏهن ماڻهو مخالفت ۾ هوندي به عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ته سَڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، پر مسئلو اِهو آهي ته اسان وَٽ عوام جو صرف نالو استعمال ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ عوام جي خدمت جو مطلب آهي ته ان کي روڊن، رستن، اسپتالن، اسڪولن، سيوريج، ڊرينيج، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ تحفظ جي نالي تي صِرف ۽ صِرف انهن اسمن جي بدلي مليل فنڊن جو غبن ڪرڻ، انهن جي زندگين مٿان منڌيئڙو ڦيرائڻ، انهن کي هِن ايڪيهين صدي ۾ به انڌيرن جي ور چاڙهڻ ۽ بيمارين ۾ مارائڻ جي خدمت جو پروانو هِي ڀوتار هٿ ۾ کڻي سنڌ ۾ لهن ٿا، اِها خدمت آهي. سنڌ ۾ هينئر هر حوالي سان ابتر صورتحال آهي. سنڌ جي هر اداري کي ڪرپشن جي اڏوهي کائي ناس ڪري وئي آهي. سنڌ جو هر ضلعو تعلقو سنڌ جي ڀوتار ۽ وڏيري جي ذاتي پسند ناپسند مطابق هلي ٿو، ان جي مرضي جو پوليس آفيسر لڳي ٿو، سڄي ٻڌي ڇوڙي ان جي هٿ هجي ٿي. سنڌ ۾ ڪِٿي به پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب نه آهي، ماڻهن کي خدمت ۾ پيش پيش ادارا بهشتي بڻجي گٽرن جي پاڻي سان خاص خاطر ڪري رهيا آهن، تعلقي ۽ ضلعي ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيون صرف ۽ صرف ڪمائڻ جون مشينون بڻجي ويون آهن. ٽرانسپورٽ جو نظام ڊانوان ڊول آهي. عوامي سواري نالي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪا شيءِ نه ٿي مِلي. پنجاب ۾ ڊبنگ ڪرپشن ٿي هوندي، ان کي مڃون ٿا پر انهن ميٽرو ٺاهي، انهي کان علاوه عوام کي عام بسن جي سواري ته مهيا ڪئي آهي. اوهان ٻڌايو ته سنڌ جي ڪهڙي ضلعي ۾ ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ ڪا عوامي سواري ٽرانسپورٽ جي سهولت موجود آهي، جيڪي ٽرانسپورٽ جون سهولتون هيون، اهي به هِڪ هئي ڌڪ سان ختم ٿي ويون.

سنڌ ۾ موجود تيل، گئس ۽ ڀاڻ جا ڪارخانا جيڪي سون اوڳاڇي رهيا آهن. جوهي، گولاڙچي ۽ گهوٽڪي ۾ اوهان ڪنهن چڱي عهدي تي ڪو سنڌي هجي ته ٻڌائجو. مقامي ماڻهن جي روزگار تي راتاهو هنيو ويو آهي، ائين ٿي پئي سگهيو جو هِي مقامي ڀوتار ۽ ان کان مٿي وارا سرڪار جا پيل پاوا انهن ڪمپنين کي اِهو بانور ڪرائين ها ته پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي ۽ انهن کي نوڪرين ۾ کنيو وڃي. ڪڏهن به ائين ڪو نه ٿيو آهي. اهڙين فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرن کان وٺي سوئيپر تائين حسن ابدال ۽ چڪوال مان ٿا اچن، اتي ڀوتار جا چپ سبيا پيا آهن.

گهوٽڪي معدني وسيلن جي حوالي سان مالامال آهي. ڪراچي کانپوءِ سَڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ به، پر اُتي ڪا موچاري اسپتال ڪو نه آهي جو مقامي ماڻهو علاج ڪرائين، جيڪا اسپتال آهي، اُتي جا ڊاڪٽر، ڊاڪٽر گهٽ پر ڪنهن خوفناڪ فلم جا ڪردار وڌيڪ آهن. فيڪٽرين سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڪامريڊ مانڌل شر پنهنجي سڄي زندگي اهڙن رت پياڪ ادارن سان وڙهندي گذاري، ان کي به مقامي ڀوتارن ٻڪري چوري جي ڪيسن ۾ جيلن ۾ وجهرايو. هُو ته انقلابي ماڻهو هو ۽ ذهني طور تي پختو هو، سو پار وڃي پيو ۽ پنهنجي علائقي ۽ ماڻهن لاءِ پوءِ به هڪ سٺي ليگسي ڇڏي ويو، پر انهي کانپوءِ ڪاري وارا ڪک آهن.

اقتدار جي حوس ڪِٿي هنن ڀوتارن کي عوام جي بددعائن جي صورت ۾ نه مِلي وڃي، جن سنڌ جي ماڻهن جي ساهن جو سودو ڪيو آهي. ٺيڪ آهي ته پاور پاليٽڪس ۾ سمجهوتا ۽ مصلحتون سڀ ڪجهه هلن ٿا، پر اوهين اهي مصلحتون عوام جي خدمت جي نالي ۾ ته نه ڪريو. اشتهارن ۾ وڏيري جو نالو ۽ ان جي ضلعي يا ”سنڌ جو باشعور عوام“ جي سٽ لکيل هوندي آهي. سنڌ کي اوهان باشعور ڇڏيو، ايئن ڪٿي آهي.

گهڻا دوست وري چونڊجي ڳالهه ڪندا آهن، چونڊون هڪ سانوڻي جي برسات جو نالو آهن، چونڊون ڪيئن کٽبيون آهن، اِهو ڀوتار برادري ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي، ڀلي اوهين ووٽ ڏيو يا نه ڏيو، اوهان جي علائقي مان جنهن ڀوتار کي کٽڻو آهي، سو کٽي ويندو. چونڊن جي حوالي سان چيو ويندو آهي ته عوام جي اِها ئي امنگ هئي. ڇا عوام جي اِها ئي امنگ هئي ته اهي اِها سنڌ پيا چاهين، جنهن جو روپ، شام ۽ عراق کان به ابتر هجي، قطعي نه، اليڪشن هڪ سسٽم هڪ مڪينزم تحت کٽيا وڃن ٿا. هي جيڪي تبديلي تبديلي ڪونه ٿا جهلجن، انهن کان اهو پڇو ته ڪڏهن اوهين اچي ميرپور ماٿيلو، گولاڙچي، بدين ۽ لياري ۾ ڀوتارن جي سامهون فارم ته ڀرايو، ڪيئن نه اوهان جون نسلون پيون جيلن ۾ سڙنديون؟

سنڌ ۾ سگهاري ٿيندڙ حڪومتي پارٽي کي نيا جيالا مبارڪ هجن، جيالن جو جوش ۽ جذبو واقعي انهي ڳالهه جي تصديق آهي ته اِهي عوام جي خدمت لاءِ ئي پنهنجو سَڀ ڪجهه قربان ڪري هٿين خالي هِت پهتا آهن. شل انهن جون سڀ اميدون پوريون ٿين!

shoukatali.lohar@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *