تازيون خبرون

اختيارن جي ويڙهه ۾ وڃائجي ويل زندگيون: اقبال ملاح

پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي اها بدقسمتي رهي آهي ته هتي نج عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ ان جا حل ڳولڻ بجاءِ نان اشوءَ کي اشو بڻايو ويندو رهيو آهي، مون سوچيو پئي ته 11 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس پاڪستان جي سياسي پارٽين جي مُک ايجنڊا بڻجي ويندي، جنهن ۾ هي خطرناڪ انڪشاف ٿيل هو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائٽس جي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ اُها سنڌ جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ وفاق وچ ۾ رينجرز جي اختيارن ۽ مُدي وڌائڻ تي بحث هلندڙ هجي، لطيف ۽ سچل جي ان سنڌ جا 25 لک ماڻهو هيپاٽائٽس جهڙي مرض ۾ ورتل آهن.

اسان جي ميڊيا ۽ اخبارن ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ وفاق جي نمائندي چوڌري نثار وچ ۾ ڏي سوال وٺ جواب واريون خبرون ڇپجن ٿيون، پر افسوس اِهو آهي ته اسان جي هن بيحس سماج ۾ پاڪ هيلٿ ڪيئر سينٽر لاهور جي ميان عزيز الرحمان ۽ ڀارت جي ٽرانسپلانٽ ماهر ڊاڪٽر واسو ديو جي پريس ڪانفرنس کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويو. سياست تي تجارت ڪندڙ جمهوري وڏيرن کي اهو اندازو نٿو ٿي سگهي ته هيپاٽائٽس مرض “سائلينٽ ڪِلر” جيان مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن کي ماري رهيو آهي ۽ ماڻهو آهن جو سرڪاري اسپتالن جي درن تي ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيا آهن، پر سندن اوهي واهي ٿيڻ وارو ڪير به ناهي. ڊاڪٽرن چواڻي ته پنجن سالن تائين سنڌ ۾ هيپاٽائٽس جي مريضن جو انگ 50 لک تائين پهچي سگهي ٿو. ماڻهو سلهه ۽ هيپاٽائٽس جهڙن مرضن ۾ مرندا هجن، سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جي تڪرار ۾ لاش ڪرندا هجن، پوليس ۽ انصاف ڏيندڙ سمورن سرڪاري ادارن تي ويساهه نه رهي، اهڙين حالتن ۾ هاڻ ماڻهو اختيارن جي هن جنگ جي ميدان ۾ لٿل سياستدانن ڏانهن واجهائيندي هي چئي رهيا آهن ته سياستدانن کي ڪڏهن اِها سمجهه ايندي ته هاڻ هو پنهنجو ووٽ فقط قرض طور ڏين ٿا، کين خبر آهي ته هنن سياستدانن وٽ عوام ۽ سماجي تبديليءَ واري ايجنڊا ناهي رهي. مون کي ته گورک هل جي ڪکاون گهرن ۾ سڙي فوت ٿي ويل هڪ ئي خاندان جي 6 ڀاتين واري خبر من جي اڱڻ تي ڇِپ جيان ڪريل نظر اچي رهي آهي، جنهن خبر کي ڪنهن به وڏي چئنل ڪا وڏي خبر نه سمجهيو ۽ نه ئي ان خبر جو ڪو فالو اَپ هليو. جوهي ۽ دادوءَ جي صحافين ڀنل اکين سان اُها خبر رپورٽ ڪئي آهي ۽ ان گهر جو سربراهه مسڪيني حال ۾ رتاوان ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، پر ڪنهن به سياسي اڳواڻ لڙي وڃي سندس لڙڪ ناهن اُگهيا.

اسين جڏهن ڪنهن جي سڙي مري وڃڻ واري خبر جي ڳالهه ڪيون ٿا يا هيپاٽائٽس بابت ٿيل پريس ڪانفرنس کي اهم خبر سمجهون ٿا، تنهن جو سڌو مقصد سٺي حڪمرانيءَ واري سوال سان هجي ٿو. پاڪستان اندر اسٽيبلشمنيٽ ۽ سياسي پارٽين وچ ۾ هلندڙ پراڻي ۽ حل ٿيندي نظر نه ايندڙ جهيڙي جي نتيجي ۾ نه رڳو جمهوري ادارا متاثر ٿيا آهن، پر ان سڄي جهيڙي جو سڄو بار وڃي مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن مٿان ڪريو آهي. دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي اعلان کانپوءِ اهڙي ڪهڙي سياسي جماعت آهي، جنهن نيشنل ايڪشن پلان جي حمايت نه ڪئي هئي، ته پوءِ آخر اوچتو  ئي اوچتو رينجرز کي اختيار نه ڏيڻ وارو معاملو ڪيئن اُڀري سامهون آيو آهي ۽ ڳالهه وڃي سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ڌڙڪن ۽ وضاحتن تي پهتي آهي. رينجرز ته گذريل 26 سالن کان سنڌ ۾ موجود آهي ۽ آئون هفتو اڳ اڳڪٿي ڪري چڪو آهيان ته وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ رينجرز جي مُدي وڌائڻ واري ڇڪتاڻ لفظن تائين رهڻي آهي. ڪراچيءَ ۾ رينجرز کي نه رڳو رهڻو آهي، پر آپريشن به وڌيڪ سخت ٿيڻو آهي ته پوءِ اخباري اڱڻ تي سيد قائم علي شاهه جي اها خبر ڪهڙو نياپو ٿي ڏئي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي، اغوا ۽ ڀتاخوريءَ خلاف اختيار ڏنا ويا هئا، پر اها ڪرپشن خلاف به ڪارروائي پئي ڪري. سماج ۽ ميڊيا ۾ پيپلز پارٽيءَ کي “هڪ ماڻهو” کي بچائڻ وارا الزام ٿا لڳن ۽ چوڌري نثار پيپلز پارٽي مٿان سنڌ جي وسيلن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ وارا الزام هڻي هي ثابت ڪري رهيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي مُک قيادت ڪرپشن ۾ سڌي طرح ملوث رهي آهي. هتي سڀ کان وڏي تڪليف جي ڳالهه هيءَ آهي ته اُها سنڌ جنهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پهرين مورچي تي ويڙهه پئي وڙهي، تنهن سنڌ تي گورنر راڄ لڳڻ واريون خبرون ۽ تبديلي ڪرپشن جهڙي الزام سان جڙيون آهن. عام تاثر اهو پيدا ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت انتهائي ڪرپٽ آهي ۽ وفاقي ادارا سنڌ ۾ ڪرپشن جو خاتمو چاهين ٿا، ان قسم جي صورتحال نه رڳو جمهوريت پر خود سنڌ جي ساک لاءِ به سٺو نياپو ناهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سنڌ حڪومت وفاق کي اهو چئي خوش آمديد ڪري ته سنڌ ڪرپٽ نه پر ايماندار سياسي قيادت جي هٿن ۾ آهي، اچو اوهان اسان جا ادارا وِزٽ ڪيو، جيڪڏهن ڪو ڪرپٽ ماڻهو هجي ته اوهين نشاندهي ڪيو، سزا سنڌ ان کي پاڻ ڏيندي.

افواهن جا جهان اڻکٽ هجن ٿا، ڳالهه رڳو عتاب هيٺ آيل هڪ ماڻهوءَ جي ناهي، عام ڪچهرين ۾ سلجهيل ماڻهن واتان مون هڪ نه پر سوين دفعا اها ڳالهه ٻڌي آهي ته هر ضلعي جي هر اداري ۾ هڪ ماڻهو اهڙو ضرور هجي ٿو، جيڪو صحت، تعليم، بلدياتي ادارن مان هڪ وڏي رقم ٻوريون ڀري پهچائي ٿو، ممڪن آهي ائين نه هجي، جيئن ڳالهه پيش ڪئي ٿي وڃي، پر پوئين 8 سالن ۾ سنڌ جا ادارا لاوارث ۽ لٽيل هجڻ جون خود پاڻ شاهديون ڏين ٿا.

روڊ تي بيٺل ٽريفڪ سپاهيءَ کان وٺي اسپتال جي ايم ايس تائين، رشوت جي بازار گرم هجي ٿي، اڳ ۾ لکندا هئاسين ته هتي ٿاڻا وڪامجن ٿا، پر هاڻ ته اسپتالون به وڪرو ٿين ٿيون، اهڙين حالتن ۾ جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هي چوي ته “رينجرز کي ڪرپشن خلاف ڪارروائيءَ جا اختيار نٿا ڏئي سگهجن” واري بيان کي ماڻهو شڪ جي نظر سان ڏسن ٿا ته آخر ڪرپشن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ڇو ضد تي بيٺل آهي. مڃوسين ته وفاق کي صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه اصولي آهي، پر سنڌ اندر هيٺ کان مٿين سطح تائين ٿيندڙ ڪرپشن ۾ ڪير ملوث آهي ۽ اُها رڪڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندي ڇو پئي وڃي، هر شهر ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو نظر اچن ٿا، جيڪي بنا محنت ۽ بنان ڪنهن پورهئي جي لکن مان ارب پتي بڻجي ويا آهن ۽ ڪالهه تائين جيڪي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ هلندڙ هئا سي اڄ 50 لکن کان وڌيڪ رقم واري گاڏيءَ جا مالڪ بڻجي ويا آهن. سنڌ جا شهر ۽ انهن جون گهٽيون، اسپتالون ۽ اسڪول بد کان بدتر ٿيندا ويا ۽ هن جمهوريت جو مٺو ميوو ڪروڙن ۽ اربن جي شڪل ۾ انهن تائين وڃي پهتو، جن سنڌ بجاءِ پنهنجن مفادن کي ترجيح ڏني، جڏهن اهڙي صورتحال ٿي تڏهن سنڌ ۾ پهريون دفعو پيپلز پارٽيءَ جي تڪليف وارن ڏينهن ۾ سندن اتحادي جماعتن پيپلز پارٽيءَ جي خلاف مظاهرا ڪري رينجرز کي اختيار ڏيڻ واري گهر ڪئي آهي ۽ “ميري هم وطنو” وارو ڊپ ڏياريندڙ سنڌ ۾ حڪومتي جماعت کي اِهو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي ته ڪرپشن واري معاملي تي سنڌ جا ماڻهو انهن کان ناراض آهن ۽ هو انهن ڌرين لاءِ مظاهرو ڪن ٿا، جن کي پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جو نالو ڏئي ٿي، تنهن ڪري هن دفعي پيپلز پارٽيءَ کي اِها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڊاڪٽر عاصم جهڙا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ جو بيان ڏين ٿا يا نه، پر کين خود تنقيدي جائزو وٺڻ بعد اِها ڳالهه ضرور سوچڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا تي هڪ اڳوڻي وزير جي تصوير ڇپي آهي، جنهن ۾ هو هڪ عاليشان دُڪان مان سبزيون خريد ڪري رهيو آهي، ان ئي تصوير سان گڏ سنڌ ۾ سندس وزارت دوران اُها تصوير نڪتل آهي، جنهن ۾ هو هڪ شهزادي جيان گارڊن جي سيڪيورٽيءَ ۾ گهمي رهيو آهي.

جمهوري وڏيرن جي زور تي اليڪشن ۾ بيهي ۽ کٽي به سگهجي ٿو، پر هن تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪري سگهجي ٿو ۽ واقعي ئي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا الاهي سارا در کلي چڪا آهن، اُهي بند نٿا ٿي سگهن.

ماڻهو رڳو هيپاٽائٽس نٿي ماري، ماڻهو رڳو دهشتگردن ۽  ڌاڙيلن هٿان نٿا مرن، اڻ سهپ، سياسي رويا ۽ هٿيارن جو استعمال انهن بيگناهه ماڻهن جون زندگيون به کسي ٿو، جن جو ڪو به ڏوهه نٿو هجي. هي درد جون ڳالهيون لکي رهيو هئس ته سانگهڙ مان عوامي آواز جي ضلعي رپورٽر ۽ نامياري ليکڪ عبدالجبار ڌاريجو فون ڪري سانگهڙ ۾ بيگناهه ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي خبر ٻڌائي. ها واقعي ئي اها خبر ٻڌي من جي اڱڻ تي تڏو وڇائجي ويو، ائين جيئن درازا واري واقعي تي سنڌ جي شعور جون اکيون ڀنل هيون. سانگهڙ جي هن واقعي تي به سنڌ رتاوان ڳوڙها پئي ٿي ڳاڙي. انسان وڏي ڳالهه هجي ٿو، وڇوڙا ۽ يتيميون هيپاٽائٽس جهڙي موت ذريعي ملن يا سياسي ۽ ذاتي جهيڙي جي نتيجي ۾ ڪو جسم ٿڌو ٿيندو هجي، وڇوڙو ته وڇوڙو هجي ٿو، ڇا جڏهن سڀ ڪجهه نه رهندو، تڏهن هوش ايندو، انهن صاحبن کي جن وٽ طاقت ۽ حڪومت آهي؟ منهنجي خيال ۾ سنڌ جي شعور جون ڀنل اکيون پنهنجي من اڱڻ جي وڇايل تڏي تي ٻيهر هي اِلتجا ڪن ٿيون ته زندگي اهم ٿئي ٿي ۽ زندگيءَ کان وڏو نه ڪو اشو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪا ايجنڊا، تنهن ڪري نان اشوءَ کي اشو بڻائڻ بجاءِ اُن اشوءَ کي اشو بڻائڻ گهرجي جتي زندگي خطرن هيٺ هجي ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *