تازيون خبرون

اتهاس جو ڏنل ڀونڊو: شوڪت لوهار

اسان جي مرتين تي مرثيا لکڻ وارا ڀي هاڻ ڪونه رهيا آهن، ڪٺل ٻاٻيهن جي ڪيهاٽ ۽ دانهن جا ورجائڻ ۽ ورنائڻ وارا پورا ٿي چڪا آهن. سڀني املتاسن جا پن ڇڻي ويا آهن ۽ سڀ ڪانويليون ڪنهن ڏرانهين ڏيهه ڏانهن هليون ويون آهن. مُسلسل چٻرن جي آوازن روح ۾ هِڪ عجيب خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جا ٿلها پير آهن، جيڪي ماڪوڙين ۽ ڪولين جيان جيئندڙ ماڻهن کي مسلسل ماري رهيا آهن. ڪوبه اهڙي تماشي تي دانهن نٿو ڪري، شايد درد سهڻ هاڻ زندگي جيئڻ لاءِ لازمي ٿي ويو آهي.
هي ميٿوڙو پاڻي جيڪو هاڻ ماڻهو جي لهو سان ڳاڙهو ٿي ويو آهي، مجبورين ۽ بيوسين جو لهو جيڪو اسان جي جسم جي هر حصي کان جاري و ساري آهي. زندگي جو سفينو خبر ناهي ڪهڙي طرف ڌوڪيندو وڃي رهيو آهي. شايد اسان ڪنهن اهڙي ديس ۾ اچي ويا آهيون، جتي سڀ انڌا ۽ ٻوڙا آهن، سڀ گونگا ۽ وائڙا آهن. هي شايد انهي بگهڙ ننڊ جو آستان آهي، جتي ٿوري لهجي جي نڀاڳي ننڊ اسان کان ساهن جي مٺ به کسي ويندي، پر ڪير ڪُڇي؟ ڪوبه نه شايد ڪوبه نه!
ڀلا هن موت جي کيل نشاني جو ڪو انت به آهي شايد نه! ڀلا هي انياءَ ڏهڪاءُ هن ڏيهه جي نرڙ تي ڇو لکجي ويا آهن. ماڻهو جي ماس سڙڻ جي ڀلا ڪنهن کي جڳائي ڇو نٿي؟ گگهه انڌيارو چوڏس صرف دونهون ئي دونهون آهي.
جهڙي طرح سنڌ جون زمينون ذاتي ملڪيتن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، ان ڳالهه جي پڪي اميد آهي ته هتان جي ماڻهن جي زندگي جنهن کي اڄڪلهه نالي ماتر سندس ئي چئون ٿا اِها به ڪنهن ٻئي وس ٿي ويندي يا ٿي رهي آهي، جهڙي نموني هٿرادو بحران برپا ڪري هن ڀونءَ جي ڌرتتي کي ٽامو بڻايو پيو وڃي، جتي ڪوبه امن جو پکي پر ساهي نه سگهي، جتي ڪوبه مور ٽهوڪو ٻڌڻ ۾ نه اچي اتي صرف ۽ صرف وحشين وارا ٽهڪ ۽ ٽهڪ هجن ۽ آسمان ۾ نظر اڇلائي پنهنجي وحشين جي جيت تي سرهو ٿجي. شيڪسپيئر شايد اهڙن ئي ماڻهن لاءِ پنهنجي جڳ مشهور ناٽڪ ۾ چيو هو ته،
“Smile, smile and be villain”
”کلو، کڳيون هڻو ۽ پوءِ وحشي بڻجي وڃو“
هر شيءِ ذاتي ٿي رهي آهي، اوهان جي جيون کي تور ماپ جي ساهمي ۾ توريو وڃي ٿو، جتي ڀڳڙن مُٺ جا محاورا هاڻ مذاق لڳڻ لڳا آهن.
اسان وٽ هونئن ته ڪڏهن به اهڙا خواب ڏٺا به نه ويا آهن، جن جي ساڀيان انهن جي حيثيت ۽ اوقات کان مٿي هجي پر تڏهن به اسان پوري زندگي جيڪي خواب ڏسون ٿا اِهي به ڪي سهانا سپنا ناهن هوندا، پر اِهي ڀوائتا Nightmares هوندا آهن، جن جي تعبير جو سوچڻ به گناهه آهن. انهن خوابن جي وچان ڇرڪ ڀري اٿڻ ۽ وري پنهنجي پيرن ۾ پاتل زنجير کي هٿ لائڻ ته انهن جا ڪلف ته اڃا ساڳيا آهن ۽ مسلسل بند آهن.
جيتوڻيڪ هونئن ته سنڌ ۾ گذرندڙ هر ڏينهن ۽ رات ڪربلا کان گهٽ نه آهي، جتي روزانو ڪيڏارا لکجن ٿا. هن ننڍڙي يونين ڪائونسل کان ڪاسمو پوليٽن شهر تائين سڀ جا سڀ اهڙي ڪيڏاڙي جو موضوع آهن، جتي آپگهات ڪرڻ اخبار جي سرخي کان وڌ حيثيت نٿو رکي، جتي ڪامورن جي ڪارن ڪرتوتن هڻي ماڻهن جي اکين ۾ گرم سيخون وجهي ڇڏيون آهن. سنڌ جو هر شهر ۽ واهڻ وستي گٽر ۾ تبديل ڪندڙ ميونسپل انتظاميه هجي يا ڪو ٻيو ادارو سڀئي هِڪ ڀوتارڪي رياست جا صعا لڳن ٿا، جتي ڪنهن به حساس ماڻهو جو جيئڻ هِڪ تمام ڏکي ڳالهه آهي. ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونه آهي. هر ڪنهن جو حصو پتي رکيل آهي. مانائتي سنڌ جي معزز امڙين کي جڏهن پِنَ جا پئسا ملڻ جي آسري اميد ۾ صبح کان شام تائين اي ٽي ايم مشين جي ٻاهران ڳوٺ ٻڌجندي ڏسان ٿو ته درد جو هڪ خنجر اندر ۾ لهي وڃي ٿو. وري انهي ۾ ڪرپشن جي انتها آهي جو بيواهه ماڻهن کان ايجنٽ پنهنجي ڀاڙ وٺي پوءِ کين ڪجهه ٽڪا تڙپائي تڙپائي ڏين ٿا. سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙي الميي تي ڇا چئي سگهجي ٿو؟ اسان جي پاڻي، اسان جي ماني تي چوڪيدار ويهاريل آهن، هر گرهه سان گڏ زهر جو ڍڪ به پيئڻو پوي ٿو.
سنڌ جي بجيٽ به پيش ٿي چڪي، پر بدين جي رهواسي اڀاڳي ناجو ۽ ڪيول جي زندگين جو بجيٽ ته انهي کان اڳ ۾ ئي پيش ٿي ويو، جن مسلسل هِڪ هفتو بک ۾ گذاريو، جڏهن ڪابه واهه ۽ واهر ڪانه ڏٺي ته انهن پاڻ مارڻ جو فيصلو ڪيو. واقعي پاڻ مارڻ ڪفر آهي، مايوسي آهي، مايوس نه ٿيڻ گهرجي، پر انهي کان وڌيڪ شدت پنهنجي معصوم ڇهن ٻچڙن کي بک مرندو ڏسي خاموش رهڻ انهي کان وڌيڪ وحشتناڪ آهي. جهٽ گهڙي لاءِ سوچي ته ڏسو پاڻ مارڻ ڪو آسان ڪم آهي. ڇا اِهي ماڻهو هئا جن ڪنهن ڊپريشن تحت خودڪشي ڪئي هئي؟ ڇا ناجو ۽ ڪيول اهي ماڻهو هئا جن ان ڪري آتم هتيا ڪئي هئي جو هاڻ زندگي مان مزو ختم ٿي ويو هو يا هو آسائشن ۾ اهڙو ته الست ٿي ويا هئا جو هاڻ هو بس پاڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا يا کين ڪا اهڙي بيماري هئي جنهن جي درد مسلسل جي ڪري هو جان نه پئي ڇڏائي سگهيا؟ ها واقعي هو هِڪ اهڙي بيماري جي ور چڙهي ويا هئا، جيڪا اڄڪلهه سنڌ ۾ عام جام وچڙندڙ بيماري ٿي پئي آهي ۽ آئي ڏينهن ڪونه ڪو ان جو شڪار ٿي رهيو آهي. جي ها اِها بيماري آهي بک جي بيماري ڇاڪاڻ ته بک جهڙي بيماري کان وڌ ٻيو ڪجهه آهي به ڪونه. موسلو جي ضرورتن وارو احرام اِهو ٻڌائي ٿو ته ماڻهو جي اول ضرورت بک آهي. هي اسان جو نام نهاد ۽ غيرتون ۽ منافقتن پٺيان لڪل مڪاريون سڀ پوءِ آهن، پهريون بک آهي ۽ بک ۾ بکيو گدڙ شينهن کي به کائي ويندو آهي، پر هي ويچارا ناجو ۽ ڪيول ته ماڻهو هئا ۽ گدڙ به ڪونه ٿي سگهيا، پر هي انهن گدڙن جي هٿان بک ماريا ويا جيڪي شينهن جي کل پائي روزانو ٿلهن ٽائرن وارين گاڏين ۾ گشت تي نڪرندا آهن، اِهو ڏسڻ لاءِ نه ته ڪو بکيو ته رهيو آهي، بلڪه اِهو ڏسڻ لاءِ ته اڄوڪي ڏينهن تي بک ۾ ڪيترا ماڻهو مئا آهن!!
بجيٽ جو گورک ڌنڌو جنهن کي سمجهه اچي اهي ئي ٻڌائي سگهندا ته سنڌ جي هڪ عام رواجي زندگي گذاريندڙ ماڻهو کي ان مان ڪيترو فائدو رسيو آهي. ڇاڪاڻ ته چارٽڊ اڪائونٽن ٿيڻ لاءِ نه ئي ڇاڇري ۾ ڪو ادارو آهي نه جوهي ۾ ڪا يونيورسٽي. عام ماڻهو کي هِڪ لپ اٽي جي هِڪ دال جي پليٽ ۽ ٿوري بتي گهرجي ٿي، جيڪا سندس جيون جي گهاڻي کي هلائي سگهي، پر اهي سڀ شيون ايتريون سستيون ڪونه آهن جو ٽڪي سير ڀاڄي ۽ ٽڪي سير کاڄا ملن؟ عام ماڻهو جي جيون جا فانوس هر بحث کانپوءِ جهيڻا ئي ٿيا آهن، ٿي رهيا آهن ۽ آخرڪار انهن جي جوت صفا جواب ڏئي وڃي ٿي ۽ اهي ناجو ۽ ڪيول بڻجي پون ٿا!
هاڻ انهن جي ڇهن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ انهي سوال جي تڪي نوڪ کان ئي مون کي ڀوءُ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ کوڙ ٻوڙ ۽ روسٽ کاڌل وڌيل پيٽن وارا اُتي اچي دعويٰ به ڪندا ۽ فوٽو سيشن به ٿيندو.
ناجو ۽ ڪيول هڪ اهڙي ديس جا رهواسي آهن، جتي جي نام نهاد قومي ميڊيا جا اڌ درجن چئنل صرف کاڌن پچائڻ وارا آهن، جن تي روزانو خوبصورت ٿانون ۾ هِڪ خوبصورت اينڪر پرسن اڌ چمچو ”اجينو موٽو ۽ پنج ڪلو هرڻ جو گوشت“ جهڙا ڊائلاگ ڳالهائيندي نه ٿڪندا آهن، پر اسان جيڪڏهن پنهنجي اکين تان ڪرپشن، اقربا پروري، نرگيت جي عينڪ هٽائي ڏسون ته اِهو گوشت ڪنهن ٻئي جو نه بلڪه انهن مجبور ۽ محڪوم ماڻهن جو ئي هوندو جيڪي بک، بيماري ۽ بيوسي جي ٽيڪندي جي انگاس تي بنگجي آتم هتيا ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي ناجو ۽ ڪيول بڻجي ويندا آهن.
سنڌ جون ٻهراڙيون جهڙي نموني ذاتي رياستن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، اُتي اوهان پنهنجي مرضي سان ڪجهه به ڪونه ٿا ڪري سگهو سواءِ آپگهات ڪرڻ جي. جيڪڏهن اوهان سوال ڪيو ته پوءِ رومي سلطنت جيان اوهان کي گليڊيئٽر جو کيل تماشو ٿيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
اسان جيتريون ترقي جون دعوائون وڌيڪ ڪيون ٿا، اوترو ئي تنزلي جي ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسجندا پيا وڃون. اسان کي هاڻ حڪمرانن جون ڪيل ڳالهيون ائين لڳن ٿيون، جيئن ڪنهن ڊرامي جو ڊراپ سين هجي. حقيقتن کان وانجهيل حڪمران جڏهن پنهنجي قوم جو اصل درد نه ڄاڻي سگهندا آهن، تڏهن هو الزام تراشي تي لهي ايندا آهن. اِهي حڪمران به ته ڪونه آهن، جيڪي ڀلي ڪوڙو اتهاس تحرير ڪرائين پر تڏهن به رات جو چمڙا پوش ٿي ڪري وڃي رعايا جو حال احوال ته وٺن ته ماڻهو بنا بجلي، بنا روڊ رستن، بنا قانون، بنا پاڻي، بنا هوا جي ڪهڙي زندگي گذاري رهيا آهن؟ ٿورو وقت ڪڍي ماڻهن جي حقيقي زندگي ۾ ليئو پائڻ سان من اوهان جي مَن کي جهٻو يا جهير اچي پوي…!!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *