تازيون خبرون

ابو طالب جو بهادر گهراڻو ۽ عَلَم پاڪ: بيدار جعفري

وفا جي وکر جو نالو ذهن تي ترندي ئي حضرت عباس علمدار جو بهادرانه ڪردار ياد اچي ويندو آهي، دنيا جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجن گهرن مٿان اڄ به وڏي عقيدت سان انگاس لڳائين ٿا، عرب جي سموري دنيا کيس قمر بني هاشم يعني بني هاشم جي چنڊ طور ياد ڪندي آهي. پر جڏهن اوهان امام حسين عه جي روضي کان ٿورو اڳتي فاتح ڪربلا حضرت عباس عه جي روضي طرف ايندا ته اتان جا لوڪل عرب هن حرم کي ” ابوالفضل“ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. گهمندي گهمندي ڀلي اوهان يورپ جي ڪنهن سوڙهي گهٽي ۾ پهچو، جڏهن اوهان کي پري کان ڪو علم پاڪ نظر اچي ته اوهان پڪ سان سمجهي ويندا ته هي علم حضرت عباس عه جو ئي آهي، ۽ ها مون کي جولاءِ 7 7 9 1 ع وارا اهي ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن ڪاري قانون تحت ضياءُ الحق سڄي ملڪ جي سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا جهنڊا لاهڻ جو حڪم ڏنو هو، ۽ رات جي پيٽ ۾ سمورا جهنڊا لهي ويا هئا، پر هڪ جهنڊو بلند کان بلند تر نظر آيو. پاڪستان اندر خدا جي سمورن ولين جي مزارن ،  امام بارگاهن تي، قلندر ۽ لطيف جي نگري ۾ سدائين اوچو رهڻ وارو فقط ۽ فقط غازي جو علم آهي ۽ دنيا ڏٺو ته جڏهن ڪراچي ۾ عاشور واري جلوس ۾ آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو ته ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا پر فضا ۾ مولا عباس عه جو جهنڊو ڦڙڪندي نظر آيو، آخر فلسفو ڪهڙو آهي؟ جو ماڻهو هڙان وڙان خرچ ڪري لوهه، اسٽيل، چاندي ۽ قميتي جواهرات سان جڙيل علم پاڪ قائم ڪن ٿا، علم پاڪن تي مٿان هٿ لڳل هوندو آهي، جيڪو حضرت عباس عه جي بهادري جي علامت آهي. ڪيترن ئي عزاخانن ۾ سون سان جڙيل هٿ عزادارن جي عقيدت کي ظاهر ڪن ٿا، هنگامي حالتن ۾ به نوجوان دستا هي ترانو پڙهندي نظر ايندا آهن، ” اونچا رهي اپنا  عَلَم حيٰ عليٰ خير العمل “  ”حسينيون ڪي زندگي عقيده و جهاد هي“  شهيد ڪربلا ڪا غم حيات هي نجات هي“ …..!!! ۽  هاڻوڪو حال ٻڌو ڪربلا جو، حضرت عباس جي روضي اندر اها جاءِ به آهي، جتي زير زمين پاڻي پهچي روزانو سلام ڀريندو آهي، بي بي ام البنين جي جگر جاني جي ڄمار 4 3  ورهيه ۽ ڪجهه مهينا هئي، جڏهن 0 1  محرم 1 6   هجري تي کيس نهر فرات تان پاڻي کڻندي ٻنهي ٻانهن کان محروم ڪيو ويو ۽ وفا جي سخت امتحان ۾ ثابت قدمي سبب خداوند قدوس کيس ”باب الحوائج “ قرار ڏنو، يعني جنهن جي واسطي حاجت روا ماڻهن جون حاجتون پوريون ڪري ٿو.

ڪيا ڪيا نه جوان مرد هوئي خلق مين پيدا

ليڪن ڪوئي عباس کي جرئت ڪو نه پهنچا

هر شهر مين هي غازي کي شجاعت ڪا شهر هي

هر لب پي هي يه ذڪر ڪه يڪتا هي وه يڪتا

ان آنکهون ني نه ديکا اس سا جهان مين

جو اهل وفا هي اسي روئي گا جهان مين

خدا تعاليٰ جي گواهي قائم آهي ته شهيدن کي مئل نه سمجهو، اهي خدا تعالي جو پاڪ رزق کائين ٿا، اهي امر آهن، معصوم جو چوڻ آهي ته خدا تعاليٰ ٻئي ٻانهون قربان ڪرڻ ۽ان علم کي برقرار رکڻ جيڪو پاڪ رسول صه خيبر ۾ ناد علي عه سان گڏ حضرت ابو تراب عه کي عطا ڪيو هو، ايڏي وڏي قرباني جي عيوض ٻنهي هٿن بدران پر ڏنا جيڪي جنت ۾ اڏڻ جي ڪم اچن ٿا.

حضرت ابوطالب جي  هن بهادر پوٽي جي ڄمڻ کان اڳ پاڻ سڳورن صه بشارت ڏني هئي، حضرت علي عه سندن ولادت لاءِ آسائتا هئا، امام حسين عه به وک وک تي سندس مدد چاهيندو هو، قيدي امام سجاد عه گهڻو ڪري فرمائيندو هو ته “ خدا تعاليٰ منهنجي چاچي عباس تي رحم ڪري، هن قرباني پيش ڪرڻ ۾ پورو پورو ايثار ڪيو ۽ امتحان ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي. “

حضرت امام جعفر صادق عه فرمايو ته منهنجا چاچا حضرت عباس بن علي عه، بصيرت جي ڪمال ۽ بهترين ايمان جا مالڪ آهن، مقتل جي تاريخ ۾ موجود آهي ته سانئڻ فاطمه زهرا عه امت جي شفاعت لاءِ خدا جي بارگاهه ۾ حشر ڏهاڙي حضرت عباس جي ڪٽيل ٻانهن کي پيش ڪندي.

حضرت ابوطالب سان ازلي عشق رکندڙ سموري عرب دنيا جا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته وڏن ماڻهن جو آسون به وڏيون هونديون آهن، حضرت ذڪريا عه جي آس حضرت يحيٰ عه بڻيو، آقاءِ  دو جهان جي تمنا حضرت علي عه بڻيو ۽ وري امير المومنين علي ابن ابي طالب جي اکين جي آس حضرت عباس عه جي صورت ۾ پڌري ٿي.

تاريخ جا ورق ورن ٿا ته اها ڳالهه ڳجهي نه ٿي رهي ته سانئڻ زهرا عه جي وڇوڙي کانپوءِ مولاءِ ڪائنات پنهنجي ڀاءُ عقيل کي چيو ته اوهان عرب مان ڪا اهڙي عورت ڳولهيو جيڪا بهادر نسل جي هجي، آ ءُان سان نڪاح ڪريان جو ان جي بطن مان اهڙو اڏول ٻار پيدا ٿئي جيڪو ڪربلا ۾ وڃي امام حسين عه جي مدد ڪري.

ان دور ۾ حضرت عقيل کي اُم البنين کان وڌيڪ بهادر، جري، وفادار ۽ وفا شعار عورت نظر نه آئي، اهڙي ريت 4  شعبان 6 2  هجري تي مولا عباس ام البنين جي هنج ۾ اک کولي، حضرت امام حسين عه سندس ڪن ۾ ٻانگ ڏني ۽ ائين ٻالڪپڻ ۾ حضرت عباس عه جي پهرين نظر امام حسين عه تي پئي.

عرب جا بهادر بني هاشم پاڙي وارا جتي ڪٿي حضرت عباس جي ننڍپڻ جو هي واقعو بيان ڪندا آهن ته حضرت علي عه هڪ ڀيري ٻالڪپڻي ۾ حضرت عباس کي چيو ته چئو هِڪُ  حضرت عباس وراڻيو ” هِڪُ “ وري حضرت علي چيس ته ” چئو ٻه “ ان تي حضرت عباس وراڻيو ته ” بابا لڄ ٿي ٿئي“ جنهن زبان سان هڪ خدا جو اقرار ڪيو اٿم ان سان ٻيو لفظ اچارجي  ئي نٿو سگهي، هاڻي مان ٻه ڪيئن ٻوليان ! . عباس جي اهڙي محبوب انداز تي حضرت علي ساڻس گهڻو پيار ڪيو.

حضرت عباس جي بهادري ۽ بيباڪي جي حوالي سان هي واقعو به ضرور اوهان جي سماعتن جي نذر ٿيو هوندو، ٿيو ائين جو ، صفين واري جنگ ۾ جڏهن حضرت عباس نقاب اوڙهي لٿا ته جنگ جي ميدان ۾ سندن هيبت ڏسي ڪو به مقابلي لاءِ اڳتي نه وڌيو، اهو ڏسي شام جي حاڪم پنهنجي بهادر ابن شعث کي مقابلي تي لاٿو، ابن شعث ٽارو ڪيو  ته سندس مقابلي لاءِ شام وارا سمجهندا آهن ته هو 0 1  هزار ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اڪيلو ڪافي آهي، هڪ ڳڀرو نوجوان جي ڀيٽ ۾ سندس وڃڻ ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري هن پنهنجن پٽن کي هڪٻئي کانپوءِ لاٿو، ائين ابن شعث جا 7  پٽ مقابلو ڪندي پهرين ڌڪ ۾ هڪٻئي کانپوءِ مارجي ويا، هاڻي ابن شعث پاڻ ڀڀڪيون ڀريندو ميدان تي نروار ٿيو، حضرت عباس عه عقاب وانگر هن کي به موت جي منهن ڏانهن ڌڪيو، پوءِ ته ڪنهن کي به اها جرئت نه پئي ٿي جو سندس مقابلي لاءِ ٻه وکون وڌائي، شامي لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

رڻ گجيو، راڙو ٿيو، اوچتو رڙيون نڪتيون ڪنهن چيو ته حيدر ڪرار غير فرار پاڻ جنگ ۾ آيا آهن، ايتري ۾ شيرِ خدا جي خيمي تان پردو هٽيو ۽ پاڻ جلالت سان ظاهر ٿيا، پاڻ گهوڙي تي چڙهي ميدان ۾ آيا، جڏهن جهيڙيندڙ نوجوان جي چهري تان پردو هٽايو ويو ته خبر پئي ته هو عباس عه دلاور آهي…!!!

مورخ بيان ڪن ٿا ته حضرت علي عه شهادت وقت حضرت عباس جو هٿ امام حسين عه جي حوالي ڪيو ، حضرت عباس عه پاڻ بهادر هجڻ سان گڏ عادل، سهڻا، نهايت ئي پرهيز گار ، متقي ۽ عظيم فقيهه به هئا.

امام جعفر صادق عليه السلام واضع ڪيو آهي ته امامت هڪ اهڙو منصب آهي، جيڪو مالڪ حقيقي عصمت ۽ طهارت جي دائري اندر آل اطهار ۾ مخصوص ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪو به انسان ڦير ڦار نه ٿو ڪري سگهي، مهاراجه محمود آباد جون ٻه سٽون ڏاڍيون ڳريون آهن:

مثل سبطين انهين عالم ڪي رياست ملتي

بطنِ زهرا عه جو هوتي تو امامت ملتي

ڇهان امام کيس علم ۽ عرفان جو مرڪز ڄاڻين ٿا ۽ جڏهن به حضرت عباس تي سلام پڙهندا هئا ته کين ” عبد صالح “ ڪري ياد ڪندا هئا ۽ هيئن به چوندا هئا: اي عباس عه اوهان تي خدا تعاليٰ جو سلام، اي عباس !اوهان تي ملائڪه  مقربين جو سلام، توهان تي مرسلين جو سلام، سڄي ڪائنات جي انسانن، شهداءِ ۽ صالحين جو پاڪ ۽ پوتر سلام هجي.

سنڌي مرثيه گو شاعر کيس هنن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

اي فوج جا سالار سپهه دار حسيني

سالار سپهه صفدر ڪرار حسيني

هر ڪار تون مختار به سرڪار حسيني

درٻار ڌڻي صاحب درٻار حسيني

فرزند علي عه يارِ وفادار حسيني

يا حضرت عباس علمدار حسيني

عزيزو! خطيب اهلبيت عه حضرت عباس عه جي منزلت هن واقعي وسيلي به بيان ڪندا آهن ته جڏهن حضرت امام زين العابدين عه شهداءِ ڪربلا جي دفن ڪفن لاءِ ڪربلا آيا ته پاڻ سمورن شهيدن جي تدفين بني اسد قبيلي وسيلي ڪرائڻ قبول ڪيائون، پر سيد الشهداءِ امام حسين عه ۽ حضرت عباس عه جي لاش کي  دفن ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪنهن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنائون ۽ اهي ٻئي لاش پاڻ تنها دفن ڪيائون، پاڻ قبر ۾ لٿا، جڏهن ٻين ويجهن ماڻهن سندن مدد لاءِ چيو ته پاڻ فرمايائون: انهن ٻنهي جي دفن لاءِ مون وٽ مددگار موجود آهن.

ننڍي کنڊ ۾ مرثئي جي وڏي شاعر مرزا دبير حضرت عباس جي حضور ۾ هي سٽون لکي قلم کي ڪمال عطا ڪيو.

ڪس شير ڪي آمد هي ڪه رن ڪانپ رها هي

رن ايڪ طرف چرخ ڪهن ڪانپ رها هي

رستم ڪا بدن، زير ڪفن ڪانپ رها هي

هر قصر سلاطين زمن ڪانپ رها هي

شمشير بڪف ديکهه ڪر حيدر ڪي پسر ڪو

جبرئيل لرزتي هين سميٽي هوئي پر ڪو

۽ هي منهنجو آخري سوال آهي سائنس جي پارکو ماڻهن کان ته انهن هزارين ماڻهن، معذورن، جڏڙن، نابينن کي آخر شفا ڪيئن  ٿي ملي جيڪي حرمِ عباس عه ۾ اچي، شام ۾ بي بي زينب جي اڱڻ تي اچي يا مشهد ۾ امام رضا عه جي صحن ۾ اچي استغاثي جو ماتم ڪن ٿا، زوردار لهجي ۾ گڏجي چون ٿا ته: يا عباس، يا عباس، يا عباس، يا عباس عه….  ۽ پوءِ هزارن جي هجوم ۾ اوچتو، پڙهو صلوات اهلبيت جي ذات تي، اونچي رڙ ٿئي ٿي ۽ ماڻهن کي قدرت طرفان مولا عباس جي وسيلي شفا مليو وڃي…. اهو نظارو نينهن جو آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *