تازيون خبرون

آدمشماري نالي تي سنڌ سان ٿيندڙ نئين ٺڳي: ماھم سنڌي / ميرپورخاص

پاڪستان ۾ وڏي عرصي ترسڻ بعد سپريم ڪورٽ جي ناراضگي ۽ ڏنل فيصلي اڳيان مجبورن گوڏن سميت ڪنڌ جھڪائيندي  ،  موجوده نواز شريف جي حڪومت ڇھين آدمشماري ڪرڻ جي حامي ڀريندي ان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن جيڪي پنھنجي آخري مرحلي ۾ داخل آھن . پھرين مرحلي ۾ 15 مارچ تي گھر گھر ٽيمن جو وڃي ڳڻپ وارو عمل شروع ڪيو ويندو ۽ باقاعدگي سان ان عمل جي شروعات ٿي ويندي . 15 کان 17 مارچ تائين گھرشماري جو عمل ٿيندو ،  18 کان 27 مارچ تائين آدمشماري ، 29 ۽ 30 مارچ تي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي.
آدمشماري جو ھڪ فائدو اھو به آھي ته اها خبر پوي ٿي ته ڪھڙي قوم جا ماڻھو ڪيتري اڪثريت سان رھن ٿا . ان ڏس ۾ انھي قوم جي ٻولي ان جي ثقافت ۽ تھذيب جي اوسر لڳاپيل ھوندي آھي. سڀني صوبن سميت سنڌ لاء اھا آدمشماري ۽ ان جا انصاف تي ٻڌل  نتيجا انتھائي اھم آھن ، پر ڇا سنڌ جي آدمشماري ۾ صحيح انگ اکر ظاھر ڪري  انصاف جي علامت بڻيل سپريم ڪورٽ  پنھنجي فيصلي ۾ ڪامياب ويندي ؟   يا اھي نتيجا انھن ڌانڌلين ، انھن سياسي خوشنودين ۽ قومي تعصبن جي ور چڙھي ويندا جئين ھميشه کان سنڌ ۾ ٿيندو آيو آھي . ان جي روڪڻ لاء آواز اونچا ته ٿيندا رھيا آھن ، پر ڪو اهڙو بند ناھي ٻڌجي سگھيو جو وڏي ڀاءُ پنجاب جي زوري مصلحت ۽ ان جي حق ڦٻائڻ واري زور آوري کان بچي سگھجي . سنڌ صوبي سان شروعاتي تعصباڻو رويو رکندڙ موجوده حڪومتي ڌُر ، جئين ته ھنئير سي پيڪ منصوبو ، ترقياتي منصوبن ، ميٽرو بسن ۽ ٽرينن سميت جيڪو به پرڏيهي يا ملڪي پراجيڪٽ ھجي ،  ان تي سنڌ جو فائدو ڏسڻ لاء ھڪ اک نه ڌري رهي آھي ، بلڪه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري و ساري رھندو پيو اچي . سنڌ ۾ ڌڙا ڌڙ افغاني پٺاڻن جي آبادڪاري ۽ انھن کي اتي ڄمائڻ لاء روزگار جا ذريعا مهيا ڪري ڏيڻ ڪري سڀ کان پھريون حق ڌرتي ڌڻين جو کسجي رھيو آھي . رھائشي ڪالونيون ھجن ، روزگار جا وسيلا ھجن ،  انھن جا فرمائشي مدرسا هجن ،  انھن جو الڳ بازارون ھجن ،   فئڪٽرين ۽ ٻين منصوبن تي ڀرتيون هجن ، سڀ جون سڀ  سھولتون انھن تائين پھچايون پيون وڃن جنھن سبب نا صرف سنڌين جي آبادي گھٽ پئي ٿئي پر ھٿ ٺوڪي انھن کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي . آدمشماري ڪرائڻ جو مطلب ئي اھو هوندو آھي ته آبادي موجب وسيلن جي ،  خوراڪ جي ، ٻين منصوبن جي آمدني موجب ورڇ ڪئي وڃي . پر موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي آدمشماري ڪرائڻ فقط ھڪ ٺڳي لڳي رھي آھي ، جنھن ۾ ھنن کي گھربل حق ملڻ ته پري جي ڳالھ ، پر ابتو انھن جي آبادي گھٽائي ڌارين جي وڌايل آبادي ظاھر ڪئي وڃي ٿي . ماضي وانگر اڄ به  انھن تائين وڌيڪ وسيلا پھچائي انھن کي پرائي ڌرتي تي وڌيڪ خوشحالي ڏئي مستقل بنيادن تي ترسايو پيو وڃي جنھن جو سڌو سنئون نقصان سنڌ واسي ئي ڀوڳين پيا  .

فيبروري جي ئي آخري ھفتي ۾ تڪڙي  آدمشماري بابت سينيٽ جي ناڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو .  جنھن ۾ آدمشماري جا ماھر ويٺل ھئا تن اجلاس ۾ بحث دوران   سنگين قسم جا انڪشاف ڪندي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي . انھن ٻڌايو ته  آخري ڳڻپ جيڪا 1998ع ۾ ٿي ھئي ان موجب سنڌ صوبي جي آبادي  60 لک کان 70 لک گھٽ ظاھر ڪيل آھي جيڪو وڏو انگ آھي  . پر اھو ڪڙو سچ آھي ته پنجاب سميت سڀني صوبن مان لڏپلاڻ ڪري ڪيترا ئي ملڪي ۽ ڌاريا سنڌ ۾ پنھنجا مستقل اڏا ٺاھيو ويٺا آھن . انتهائي اھميت جي حامل ان نڪتي کي ردي جي ڪتابن جيان اڄ تائين صفا سستو سمجھيو ويو آھي . سڀني ماھرن موجب  تڪڙي بنيادن تي ڪرايل ھن آدمشماري ۾ اقوام متحده جا اصول ۽ شفافيت بابت سڀئي نڪتا شامل ٿي ئي نه سگھندا . ماھرن موجب غير ملڪي ٽيمون ايڏو جلد ٿيل ان آدمشماري  جي ڪا مانيٽرنگ نه ڪري سگهندا . ماضي جو ئي مثال ڏسون   ھڪ وڏي غلطي ته اھا ڪئي وئي جو 1951ع واري آبادي ۾ سنڌ جي سڄي ملڪي  آبادي جو فقط 18 سيڪڙو ،  1961ع ۾ 20 سيڪڙو ،  1972ع ۾ 21  سيڪڙو ڄاڻايل آھي .  جيڪا 1981ع  واري  آبادي ڳڻپ   ۾ جڏھن ضياء الحق جي آمريت ھئي ان موجب سنڌ جي ڪُل آبادي ملڪ جو 23 سيڪڙو ڄاڻائي وئي .   حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته 9 سالن دوران سنڌ جي آبادي صرف ھڪ سيڪڙو وڌيل ڄاڻائي وئي جيڪا سنڌ واسين سان ھڪ وڏي ٺڳي ھئي . ضياء الحق جي ڪاري دور ۾ جيتري قدر ڌارين کي سنڌ ۾ رھڻ جا جيترا اجازتناما جاري ٿيا ، اُھي ڪنھن کان ڳجھا ناھن . ھر عام ماڻھو به انھي تي آساني سان نتيجي تي پھچي سگھي ٿو ته ڪئين دوکي سان سنڌ جي وڌيل آبادي کي گھٽ پيش ڪيو پئي ويو. ملڪي لڏپلاڻ دوران به 50 سيڪڙو ماڻھو سنڌ اندر آباد ٿيا  جيڪي وسيلن تي ته قابض  آھن ،  پر 40 لکن کان وڌيڪ ملڪ ۾ رھندڙ ڌارين کي نيڪالي بابت  وس وارين اختيارن مان ڪنهن جي ڪَن ۾ جونءَ به نه پئي سُري . ورهاڱي بعد 28 لک مهاجر ته رڳو ڪراچي حيدرآباد ۾ رھائي ، انهن جي نالي زمينون ملڪيتون ڪري فرسٽ ڪلاس شھري جون سھولتون ڏنيون ويون جيڪي ھڪ سنڌي کي به ميسر نه هيون . 13 لک ھندن کي لڏائي ان جي ڇڏيل جائدادن تي قبضو ڪري اھي به ڌرتي ڌڻين ۾ ورھاست بدران انھن کي ڏنا جيڪي سنڌي ٻولي جي الف ب به ڄاڻندا نه هئا .

اوڀر بنگال جي 1971ع ۾ ٽٽڻ بعد بنگالي پورھيتن جي وڏي تعداد مغربي پاڪستان جو رخ ڪيو ، جن جي سڄي تعداد کي پنجاب يا ٻي ھنڌ ترسائڻ بدران سڌو سنڌ طرف نيو ويو . ان وچ ۽ ٽنھي صوبن جي لڏپلاڻ ڪندڙ مزدورن به سنڌ جي  وڏن شھرن ڪراچي حيدرآباد کي محفوظ پناھگاھ سمجھيو ۽ اتي ڊيرا ڄمائڻ کي ترجيح ڏيندي اتي رھڻ لڳا . ان وقت شھيد ذوالفقار ڀٽي تڪڙا پاسپورٽ جاري ڪري وچ اوڀر ۾ پورھيتن کي موڪلڻ جي پاليسي جاري ڪئي هئي،  پر سنڌ مان معمولي تعداد ۾ پورھيت ٻاھر ويا .   اھو سڻڀو گرھ به پنجاب ۽ ٻين صوبن جي وات جو ذائقو وڌائيندو رھيو . پوئين ڳڻپن ۾ سنڌ ۾ موجود في ڪٽنب پنج فردن تي مشتمل ڏيکاريو ويو آھي ،  جيڪا حقيقتن جي نفعي آھي . ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ته پنج کان مٿي 10 تائين ھڪ خاندان جا فرد ھوندا آھن جن ۾ اڪثريت ھيٺين طبقي ھاري مزدورن جي ھجي ٿي . نوان پرڻيل جوڙا جيڪي گڏيل خاندان ۾ رھن ٿا ،  اھي به گھٽ تعليم ۽ عدم دلچسپي سبب الڳ خاندان نمبر ناھن لکرائيندا بلڪه ھڪ ئي خاندان جي ڳڻپ ۾ ڳڻجي ويندا آھن . نئي آبادڪاري ۾ سنڌ حڪومت کي ورغلائي ۽ ان تي  هڪ طرف دٻاءُ بڻائي زبردستي ۽ ٻي طرف ان جي تعاون  سان موڪليل ڌاريا جيڪي ڪراچي شھر ۾ سنڌين کي اقليت ۾ بدلائي ڇڏيو آھي ،  انھن جي تعداد وڌنڌي پئي وڃي  . ان بعد جيڪي به سنڌ جا وڏا شھر آھن اتي اصلوڪي سنڌين کان وڌيڪ ڌارين جون ڪالونيون اڏيون ويون آھن . جئين ته   مھاجرن جون ڪالونيون  ، بنگالين جون ڪالونيون ،  پٺاڻن ۽ پنجابين جون ڪالونيون وغيره . ٻيو ھتي اھڙو ڪو قانون به لاڳو نه پيو ڪيو وڃي جنھن سان ڌارين کي ڪا پراپرٽي خريدڻ ۽ ان جي مالڪي جو تڪڙو حق حاصل نه ٿئي ، پر اتي ھر ڪو نواب ۽ پنھنجي مرضي ساڻ پنھنجا فائدا ڏسي سنڌ حڪومت جي تعاون سان گھربل فائدا حاصل ڪري رھيو آھي . سنڌ سان نا انصافي جي شروعات تڏھن ٿي جڏھن ورھاڱي بعد لڏپلاڻ جو گهڻو بار سنڌ تي وجھي ان جي آبادي ۾ تمام گھڻو واڌارو ڪيو ويو  .  ان بعد روس جڏھن ٽٽو ته افغانستاني نام نھاد  جھادي پٺاڻن کي ضياءالحق پناھ ڏئي پاڪستان ۾ سنڌ اندر ترسايو . انهن کي پوء ڪيتريون ئي ملڪيتون ۽ روزگار جا ذريعا فراھم ڪيا ويا جن سان سنڌين ۾ احساس محرومي جو احساس ۽  ڌرتي ڌڻين جي حق تلفي ٿيندي رهي .

ويجھي ئي منھنجي مشاھدي ۾ منھنجو شھر ضلعو ميرپورخاص جيڪو ڊويزن جي حيثيت ٿو  رکي اتي پوئين 15سالن کان ڌڙا ڌڙ پٺاڻن جي داخله جاري  آھي . عورتن جي مارڪيٽن ۾ ،  ريشمي بازار ھجي ،  لُنڊا بازار ھجي ، توڙي ٻيا ڪاروباري مرڪز ھر ھنڌ انھن جي ڪثير تعداد گھمي ڦري پئي . سنڌين جي تعداد جي ڀيٽ ۾ پٺاڻ گھڻا نظر اچن پيا . انھن جي ئي تعاون سان جتي پوئين سالن ۾ چند ئي مسجدون ھونديون ھيون ھاڻ تڪڙا تڪڙا مدرسا ،  ھاسٽلن سميت جوڙي انھن ۾ ٻار ڀرتي ڪيا پيا وڃن . انهن جي شفافيت ڪيتري قدر مشڪوڪ آھي انھي ٽاپڪ تي ڳالھائڻ لاء ضلعي حڪومت پڻ خاص دلچسپي نٿي وٺي . ضلعي ميرپورخاص  جي تعلقي ڪوٽ غلام محمد طرف سفر ڪرڻ سان ۽ مل ملائڻ سان  پٺاڻي نوجوانن جا اھڙا ته رايا ھجن ٿا جو لڳي ٿو اھي ڪنھن مدرسي جا شاگرد نه پر ڪنھن دھشتگردي ڦھلائيندڙ ٽولي جا ميمبر ھجن .

سنڌ اندر  ٿيندڙ ايندڙ هفتي ۾ ڳڻپ جي حوالي سان ڪيترن ئي اصلوڪي رھواسين جا شناختي ڪارڊ ايمرجنسي بنياد تي ٺاھڻ جي اعلان بعد به تيزي ناھي آئي . ڌارين جي ساڳي ئي پيڙھ پيڙاھ اڄ به موجود آھي جن بابت سنڌي قومپرست  جماعتون يڪجا ٿي آواز اٿاري ھدايتون جاري ڪري سجاڳي مھم ھلائي رھيون آھن پر اھو سڀ ايترو لاڀائتو ثابت نه پيو ٿئي  . سنڌ جا خدشا پري ڪرڻ بدران ساڳي ئي صورتحال ۾ تڪڙي آدمشماري ڪرائڻ ھڪ طرف سنڌ خلاف سازش آھي،  ٻيو سڌو سنئون ٺڳي جو ٺاھ  جنھن ۾ سنڌي قوم کي اقليت ۾ ظاھر ڪري پنجاھ سيڪڙو کان به وڌيڪ آبادي غير سنڌين جي شامل ڪئي ويندي . جنھن سان لاڳاپيل قومي وجود ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي حقن کان رهجي ويندو . سنڌ جي موجوده آبادي ملڪي آبادي جي 32 سيڪڙو کان به مٿي بيهي ٿي پر خدشو ان ڳالھ جو برقرار آھي ته سنڌ جي آبادي گھٽ ڄاڻائي ويندي ۽ ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ بابت ڪا گھربل منصوبابندي نه  نظر اچڻ جو سنگين مسئلو  موجود آھي .  جيستائين سنڌ جي سڄاڻ ۽ سڄڻ ڌرين جا خدشا ختم نه ٿا ڪيا وڃن  ۽ ڌارين جي نيڪالي نٿي ٿئي  تيستائين آدمشماري ڪرائڻ  سنڌ جي حق ۾ بھتر هرگز نه بيھندو .