تازيون خبرون
اقتصادي رابطا ڪميٽي3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - سنڌ حڪومت جو پاسڪو کان اضافي ڪڻڪ خريدڻ ۽ ذخيره اندوزن خلاف آپريشن جو فيصلو - 4 ڏينهن جيل ۾ نه رهندڙن جو رڙيون ختم نه پيون ٿين: فردوس عاشق - سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪليم امام جي بدلي روڪي ڇڏي، ڪم جاري رکڻ جي هدايت - صدر پاڪستان عارف علوي جو اين آئي سي وي ڊي جو دورو، معياري علاج جي تعريف، مريضن سان به ملاقات - مشهور رسالي ٽائم پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي ماحوليات جي ترجماني ڪندڙ دنيا جي 5 شخصيتن ۾ شامل ڪري ورتو - عارف علوي جو ڪم اسپتالن جا دورا ڪرڻ ناهي. سنڌ حڪومت تي الزام هڻي وفاقي وزيرن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو: سعيد غني - تحريڪ انصاف ۾ ڌڙابندي، 20 ميمبرن الڳ گروپ ٺاهي ڇڏيو - مولانا فضل الرحمان هيل پنهنجي ڏڍ تي اسلام آباد آيو هو، هن ڀيري ملا ملٽري الائنس اڳ جهڙو نه هو: شيخ رشيد - 16 مهينن ۾ عوام کي نواز شريف جي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ فرق جي خبر پئجي وئي: ن ليگ

Daily Archives: January 3, 2020

اپوزيشن آرڊيننس پڙهڻ کانسواءِ گوڙ ڪيو، معاشي استحڪام لاءِ گورننس نظام بهتر ڪرڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪرڻ ڏکيو هو پر اپوزيشن آرڊيننس پڙهڻ کانسواءِ گوڙ ڪيو. اسلام آباد ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2019 ڏکيو سال هو، ملڪ هن وقت قرضن ۾ ٻڏل آهي، 2008 کانپوءِ ملڪ تي 24 هزار ارب رپين جا قرض چڙهيا، جڏهن ته ملڪي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي وياج ۾ هليو ويندو آهي، معاشي استحڪام لاءِ گورننس جي نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ پئسو ان وقت ايندو، جڏهن صنعتون هلنديون، ٽيڪس ڪيس ايف بي آر جا آهن، ڪاروباري معاملن ۾ نيب جي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، نيب جي خوف سان ترقياتي منصوبن ۾ بيورو ڪريسي جو ڪردار محدود ٿي ويو هو، جڏهن ته اپوزيشن نيب ترميمي آرڊيننس پڙهڻ کانسواءِ گوڙ ڪيو، نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪرڻ ڏکيو هو. سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ سياسي مشاورت سان ۽ اتفاق راءِ سان هلڻ گهرجي، پارٽي اندر اتفاق راءِ ڪرڻو هوندو آهي.

 

آرمي چيف جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ جو معاملو، حڪومت منع نامو گهري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊي گهري ورتو آهي. وفاقي حڪومت طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ وڌيڪ هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. جنهن ۾ وفاقي سرڪار آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ واري فيصلي تي اسٽي آرڊرجاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.درخواست ۾ موقف رکيو ويو آهي ته ڇاڪاڻ جو 28 نومبر واري فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، تنهن ڪري عدالتي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي سرڪار آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري سُپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائي هئي.

 

 

ڀارت کي جارحاڻي قدم جو سخت جواب ڏنو ويندو، ماضي ياد رکي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت جي نئين آرمي چيف جي غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪنهن به جارحاڻي قدم جو سخت جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عزم ۽ تياري بابت ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، ڀارت طرفان ڪنهن به جارحاڻي قدم جو سخت جواب ڏينداسين. پرڏيهي ترجمان موجب بالاڪوٽ ۾ ڀارتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ردعمل کي ياد رکڻ گهرجي، ڀارت جي شرپسندي باوجود پاڪستان خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. پرڏيهي کاتي جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڪشمير ۾ غير انساني لاڪ ڊائون کي 150 ڏينهن ٿي ويا آهن، والاريل ڪشمير ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ جي دعوائن جي ساک ناهي، اختياريون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب معاملو حل ڪن. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته سينيئر ڪشميري قيادت، خاص طور ٻارن کي آزاد ڪيو وڃي، 9 لک سيڪيورٽي اهلڪارن کي فوري طور والاريل ڪشمير مان ڪڍيو وڃي ۽ ڀارت ڪوڙي آپريشن بدران پنهنجي اندرين مسئلن تي ضابطو آڻي. واضح رهي ته ڀارت جي نئين آرمي چيف جنرل منوج مڪند نرواني گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو هو ته ڀارت سرحد پار دهشتگردي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ لاءِ سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪرڻ جو پنهنجو حق محفوظ رکي ٿو. جنرل منوج مڪند نرواني پاڪستان تي الزام هڻندي چيو هو ته اهو دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور استعمال ڪري رهيو آهي.

 

 

آرمي چيف جو عهدو تڪراري نٿا بڻائڻ چاهيون، ن ليگ حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) حڪومت آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان ترميمي بِل تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. نواز ليگ ترميمي بِل جي غيرمشروط حمايت ڪري ڇڏي. آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري ترميمي ايڪٽ تي اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ وفاقي سرڪار طرفان ڪميٽي جوڙي وئي هئي. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ شبلي فراز ۽ اعظم سواتي تي ٻڌل ڪميٽي ميمبرز اپوزيشن ليڊر جي چئمبر ۾ نواز ليگ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران نواز ليگ طرفان خواجه آصف، اياز صادق ۽ رانا تنوير موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات ۾ حڪومت طرفان نواز ليگ کي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ بعد حمايت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته ترميمي بِل تي اپوزيشن سان رابطا جاري آهن. نواز ليگ اڳواڻ مشاهد الله خان چيو آهي ته سندن جماعت آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري ترميمي بِل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي نواز ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز ليگ جي لنڊن ۾ موجود قيادت بِل جي حمايت تي اتفاق ڪيو ويو، اُن کانپوءِ اهڙو پيغام پاڪستان ۾ موجود قيادت ۽ اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي. ذريعن موجب بِل جي معاملي تي نواز ليگي قيادت جو موقف آهي ته سندن جماعت آرمي چيف جي عهدي کي تڪراري نٿي بڻائڻ گهري، تنهن ڪري بِل جي غير مشروط حمايت ڪئي ويندي.

 

 

قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، حڪومت سان گڏ اپوزيشن به قومي سلامتي جي ايتري ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪيو ويندو، هو خميس تي براق هائيٽيڪ سروسز جاري ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ذميواراڻو هئڻ گهرجي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪيوٽو اختيار هجڻ جي باوجود انهن ٻن اهم قومي اشوز جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رابطو ڪيو آهي، اپوزيشن به قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جون به ايتري ضامن آهي جيتري حڪومت ضامن آهي، هن چيو ته قومي سلامتي جي اشوز کي سياست کان پاڪ هئڻ گهرجي، انهن اشوز کي سياست جي ور چاڙهڻ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي، قومي ۽ عسڪري قيادت گڏجي نئين سوچ ۽ اميج سان ملڪ کي معاشي سميت هر محاظ تي مضبوط ڪري رهي آهي، اهم قومي اشوز تي ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا هميشه قومي اشوز ۽ ملڪي مفاد ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي، اميد آهي ته انهن اشوز تي به ميڊيا پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو.

 

وفاقي ڪميٽي جي پ پ چيئرمين سان ملاقات، آرمي ايڪٽ لاءِ قانونسازي سان گڏ جمهوري عمل به اهم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار جي ڪميٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪرتي آرمي ترميمي ايڪٽ بابت اعتماد ۾ ورتو آهي. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي ڪميٽي نواز ليگ کانپوءِ پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ زرداري هائوس پهچي وئي، جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ٿي، اُن موقعي تي حڪومتي ڪميٽي ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ وفاقي وزير علي محمد خان به موجود هئا. حڪومتي ڪميٽي جي ملاقات دوران پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، شيري رحمان، شازيا مري ۽ نويد قمر به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ آرمي ترميمي ايڪٽ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب حڪومتي ڪميٽي آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي حوالي سان پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته پ پ چيئرمين زور ڀريو ته وفاقي حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ جي ضابطن تي عمل ڪري. واضح رهي ته اُن کان اڳ حڪومتي ڪميٽي نواز ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. نواز ليگ غير مشروط طور آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومتي ڪميٽي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ملاقات لاءِ زرداري هائوس پهتي هئي، پيپلز پارٽي جمهوري قانونسازي کي هاڪاري طريقي سان ڪرائڻ گهري ٿي، پر ڪجهه سياسي جماعتون قانونسازي جي ضابطن ۽ قاعدن کي پاسيرو رکڻ چاهين ٿيون.
بلاول ڀٽو چيو ته جيتري اهم آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان قانونسازي آهي، پيپلز پارٽي لاءِ اوتري اهم جمهوري عمل به آهي، تنهن ڪري هن معاملي تي ٻين سياسي جماعتن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.

 

 

بچاءَ واري وزارت پاران راولپنڊي مان 2 هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل وڪيل انعام الرحمان کي تحويل ۾ وٺڻ جو اعتراف، عدالت جي ڪاوڙ ظاهر ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزارت راولپنڊي مان 2 هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل وڪيل رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان کي تحويل ۾ وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ۾ بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته کيس آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙيءَ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ وڪيل انعام الرحيم جي گمشدگي جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت طرفان اهڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٻڌڻيءَ دوران دفاعي وزارت جي نمائندي عدالت کي آگاهي ڏني ته رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان سندن تحويل ۾ آهي، کانئس پُڇاڳاڇا جاري آهي. جنهن تي انعام الرحمان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بچاءَ واري وزارت يا اُن جو ڪوبه ادارو انعام الرحمان کي پاڻ وٽ نٿو رکي سگهي. درخواستگذار استدعا ڪئي ته انعام الرحمان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت سرڪاري نمائندي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ بچاءِ واري وزارت جي نمائندي کي حڪم ڏنو ته رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان مٿان جيڪي الزام آهن، اُنهن جا تفصيل 3 جنوري تائين پيش ڪيا وڃن، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انعام الرحمان جي پُٽ حسنين انعام چيو آهي ته اڊيالا روڊ تي عسڪري 14 ۾ سندن گهر آهي، جتي رات جي وقت گهنٽي وڳي، جڏهن هُنن دروازو کوليو ته ڪاري وردي پهريل 8 کان 10 ماڻهو سندس والد انعام الرحمان کي کنڀي ويا، اهو واقعو 17 ڊسمبر تي پيش آيو هو. هُن چيو ته سندس والد کي ڪاري رنگ جي ويگو گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا هئا ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمين جي گمشدگيءَ کي رپورٽ ڪيو ته اُڳرا نتيجا نڪرندا. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان جو واسطو پاڪ فوج جي 62هين لانگ ڪورس سان واسطو آهي، هي اُهو ڪورس آهي، جنهن سان موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو به واسطو آهي. آل پاڪستان ايڪس سروس مين ليگل فورم جو ڪنوينر انعام الرحمان ماضيءَ ۾ گم ٿيل ۽ فوج جي حراستي مرڪزن ۾ قيد ماڻهن جا ڪيس وڙهندو رهيو آهي. اُن کانسواءِ فوجي عدالتن ۽ فوجي سربراهن جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ خلاف عدالتن سان رابطا ڪندو رهيو آهي. ڪرنل انعام الرحمان پرويز مشرف کان تمغه امتياز ملٽري وٺڻ کان به انڪار ڪيو هو، جڏهن ته هو ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي کان اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ آڪٽوبر 2007ع ۾ رٽائر ٿي ويو. رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان پرويز مشرف سوڌو عسڪري شخصيتن جي اثاثن جي حوالي سان نيب سان رابطو ڪيو هو، جڏهن ته مشرف جي اثاثن جي حوالي سان به مختلف فورمز تي درخواستون ڏنيون.

 

شيخ رشيد منهنجو ڀيڻيوو ۽ وائرل وڊيو ڪال اصلي آهي هن منهنجي دوست سان نڪاح ڪيو: حريم شاهه

لاهور (م ڊ) ٽڪ ٽاڪ جي مشهور آرٽسٽ احريم شاهه چيو آهي ته وفاقي وزير شيخ رشيد منهنجو ڀيڻيوو آهي. حريم شاهه  هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته شيخ رشيد سان منهنجو گهريلو تعلق آهي، هو منهنجو ڀيڻيوو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي دوست سان هن نڪاح ڪيو آهي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو ته جيڪي ڳالهيون مون ڪيون آهن، جيڪڏهن اهي ڪوڙيون هجن ته شيخ رشيد منهنجي سامهون اچي ۽ قرآن شريف تي هٿ رکي ان ڳالهين جي ترديد ڪري. حريم شاهه انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته جنهن مون سان وڊيو ٺاهي آهي. آئون انهن کي پڪڙي موبائيل فون جي ويجهو نه وٺي آئي هئس، جنهن مون سان فون تي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن کي زبردستي پنهنجو نمبر ناهي ڏنو ته مون سان فون تي ڳالهايو. حريم شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن مان پريشاني هوندي ته پوءِ هو ڀلي صلاحڪار ئي ڇو نه هجي ايتري همت آهي جو مان پاڻ ان جي سامهون وڃي ڳالهايان. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جي شيخ رشيد سان گڏ فون تي ڳالهه ٻولهه جي وڊيو وائرل ٿي هئي. ان حوالي سان حريم شاهه پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪجهه وڊيو به شيئر ڪيون جنهن ۾ هو چئي رهي آهي ته شيخ رشيد سان فون تي ڳالهه ٻولهه  واري وڊيو اصلي آهي ۽ شيخ رشيد جڏهن  موبائيل تي فون ڪيو ته مون ان جي ڪال رڪارڊ ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي ان معاملي تي ڪوبه مسئلو ٿي سگهيو ٿي.

 

سکر ۾ 3 ماڙ عمارت ڊهي پئي، هڪ ابهم ٻار ۽ عورت دٻجي فوت، 2 عورتن ۽ 4 ٻارن کي زخمي حالت ڪڍيو ويو، وڏي وزير نوٽيس ورتو

سکر(م.ڊ) سکر ۾ 3 ماڙ عمارت ڊهي پوڻ ڪري هڪ ابهم ٻار ۽ هڪ عورت دٻجي فوت ٿي ويا، 2 عورتن ۽ چئن ٻارن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري، حسيني روڊ تي قائم عمارت اوچتو ڊهي پئي، علائقي واسين فوري طور ڪارروائي ڪندي ٻن ٻارن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جن مان هڪ سال جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته وڌيڪ ٽن ٻارن ۽ ٽن عورتن کي به زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان وري هڪ عورت مينا زال ارسلان مغل دم ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته عمارت ۾ 3 خاندان رهندڙ هئا، عمارت ڊهڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت ڪجهه ماڻهو دٻيل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. عمارت ڊهڻ سبب 11 هزار ووليٽج واريون تارون به ٽٽي پيون، جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي ۽ اوندهه سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پوليس ۽ رينجرز جي نفري به موجود آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عمارت ڪِرڻ جو نوٽيس ورتو، ڪشمنر سکر سان فون تي رابطو ڪري دٻيل ماڻهن کي فوري ٻاهر ڪڍڻ جون هدايتون ڏنيون، وڏي وزير چيو ته ڪوشش ته ڪو جاني نقصان نه ٿئي، وڏي وزير ڪشمنر کي هدايت ڪئي ته عمارت ڊهڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي.وڏي وزير چيو ته متاثر ماڻهن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي.

 

رتوديرو ۾ ٿڌ جي لهر ۾ شديد اضافو، ٻه ٻارڙيون ٿڌ لڳڻ سبب فوت ، سردي لڳڻ سبب جکرا محلي ۾ صدام حسين نوناري جون ٻه معصوم ڌيئريون دعا  ۽ شفا فوت ٿي ويون، رپورٽ موجب رتوديرو ۾ ٿڌ جي لهر ۾ اضافو 16 سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿڌ لڳڻ سبب جکرا محلي جي رهواسي صدام حسين نوناري جون ٻه معصوم ڌيئريون دعا ۽ شفا فوت ٿي ويون، فوتي نينگرين جي والد صدام حسين نوناري عوامي پريس ڪلب رتوديرو جي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ٻن نياڻين کي سردي جي سٽ لڳي جن کي کڻي تعلقه اسپتال پهتس ته اسپتال انتظاميه چيو ته اسان وٽ ڪا به سهولت ناهي توهان کي لاڙڪاڻي موڪليون ٿا لاڙڪاڻي ويندي ٻئي ٻارڙا رستي ۾ فوت ٿي ويا،

رتوديرو(رپورٽر) رتوديرو ۾ ٿڌ جي لهر ۾ شديد اضافو، ٻه ٻارڙيون ٿڌ لڳڻ سبب فوت، سردي لڳڻ سبب جکرا محلي ۾ صدام حسين نوناري جون ٻه معصوم ڌيئريون دعا  ۽ شفا فوت ٿي ويون، رپورٽ موجب رتوديرو ۾ ٿڌ جي لهر ۾ اضافو 16 سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿڌ لڳڻ سبب جکرا محلي جي رهواسي صدام حسين نوناري جون ٻه معصوم ڌيئريون دعا ۽ شفا فوت ٿي ويون، فوتي نينگرين جي والد صدام حسين نوناري عوامي پريس ڪلب رتوديرو جي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ٻن نياڻين کي سردي جي سٽ لڳي جن کي کڻي تعلقه اسپتال پهتس ته اسپتال انتظاميه چيو ته اسان وٽ ڪا به سهولت ناهي توهان کي لاڙڪاڻي موڪليون ٿا لاڙڪاڻي ويندي ٻئي ٻارڙا رستي ۾ فوت ٿي ويا،