تازيون خبرون

Daily Archives: November 5, 2019

رياست کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ضرورتمند نوجوانن لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جاري ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ اسلام آباد ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم، وفاقي وزيرن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين سميت ٻين شرڪت ڪئي. انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام معاشري ۾ وڏي تبديلي آڻيندو، نوجوانن کي موقعا نه ڏينداسين ته انهن وٽ ڪهڙو رستو بچندو؟ نوجوانن کي روزگار ۽ ترقي جا موقعا نه ملندا ته اهي ڏوهن ڏانهن وڌي سگهن ٿا. هن چيو ته غربت ختم ڪرڻ جو سڀ کان سٺو طريقو آهي ته غريب گهراڻي جي ٻارن کي موقعا ڏيو ته جيئن اهي به اڳتي وڌي سگهن پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ 3 نظام هليا ۽ ماڻهو پوئتي رهجي ويا، 8 لک ٻار انگلش ميڊيم، 3 ڪروڙ ٻار اردو ميڊيم ۽ 25 لک ٻار ديني مدرسن ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته رياست ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻندي آهي، هيلٿ ڪارڊ غريب طبقي لاءِ وڏو تحفظ آهي، اسان لنگر خانا کولڻ جو فيصلو ڪيو، اهو پروگرام سڄي ملڪ ۾ پکيڙينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جڏهن قومن تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته لنگر خانا کولڻا پوندا آهن، يورپ ۾ به ڏکيو وقت اچڻ تي سوپ ڪچن کوليا ويندا هئا. عمران خان لنگر کانپوءِ راشن پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته راشن پروگرام تحت اٽو، دال، کنڊ ۽ ٻيون شيون گهرن تائين پهچائينداسين، ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون ته جيئن راشن پروگرام حقدار ماڻهن تائين پهچي، ڪوشش آهي ته ان پروگرام جو غلط استعمال نه ڪيو وڃي، تنهن ڪري وقت لڳو. انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت 4 سالن ۾ 2 لک نوجوانن کي اسڪالر شپ ڏني ويندي، جڏهن ته اسڪالر شپ پروگرام ۾ 50 سيڪڙو حصو عورتن لاءِ رکيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ادارا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ رياست کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال سميت آئيني ۽ قانوني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته رياست اڳ ۾ ۽ سياست پوءِ ٿي اچي، رياست کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين، قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ۽ سڀني تي هڪجهڙو لاڳو ٿيندو، مان دهشتگردي جي عدالت کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين هر هنڌ پاڻ پيش ٿيو آهيان، پاڪستان جو استحڪام ادارن سان سلهاڙيل آهي ۽ ملڪي ادارا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو اعليٰ عدليا جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي، مشروط اجازت رڳو مارچ لاءِ ڏني هئي ڌرڻي لاءِ نه، مولانا جي مارچ سبب ڪشمير ڪاز منظر تان گم ٿي ويو آهي. ملاقات دوران بابر اعواڻ ڪرتارپور راهداري وقت سر مڪمل ڪرڻ تي عمران خان کي مبارڪ ڏني. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪرتارپور راهداري بين المذاهب هم آهنگي جو بهترين مثال هوندي، سڄي دنيا مان ايندڙ سک زائرين کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي ملڪ جي معاشي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ ڪيون ويندڙ ڪوششون رنگ لائي رهيون آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي. عمران خان چيو ته واپاري خساري ۾ گهٽتائي ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو سٺو سنئوڻ آهي، وڌيڪ قدم جاري آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

 

مڪروهه مفادن خاطر قربانين جاثمر ضايع ٿيڻ نه ڏيندساين: آرمي چيف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه واضح ڪيو آهي ته ڇا به ٿئي ملڪ جي استحڪام تي ڪک به برداشت نه ڪنداسين، فوج رياست جو ادارو آهي، جيڪو قومي ادارن جي مدد لاءِ آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض ادا ڪندو رهندو، نا پاڪ مقصدن لاءِ قربانين جا ثمر رائيغان ٿيڻ نه ڏينداسين، سومر تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ 226 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ قومي سلامتي ۽ جيو اسٽريٽجڪ حالتن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فورم گهرو سلامتي، اڀرندي سرحد، ايل او سي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ڪور ڪمانڊرز چيو ته سمورن خطرن جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪنداسين، آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي بهتر امن ۽ استحڪام جي صورتحال قوم، قومي ادارن ۽ پاڪ فوج جي قربانين جي ڪري آهي، هن چيو ته ڪنهن به ناپاڪ مقصد لاءِ انهن قربانين جا ثمر ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اهم قومي معاملن تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مسلسل هم آهنگي دشمن طاقتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ضروري آهي.

 

 

مريم نواز جي عبوري ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم، ملڪ ڇڏڻ تي پابندي

لاهور (اين اين آءِ) لاهور هاءِ ڪورت جي ڊويزن بئنچ چوڌري شگر ملز ۾ گرفتار اڳوني وزيراعظم ميان نوازشريف جي ڌيءِ مريم نواز جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي سندس ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته عدالت مريم نواز کي هڪ هڪ ڪروڙ جا 2 مچلڪا ۽ زر ضمانت اضافي 7 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پنهنجو پاسپورٽ به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 31 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو 24 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلي ۾ عدالت آئين جي آرٽيڪل 199 تحت مريم ناوز جي ضمانت ڏيندي چيو ته ڇو ته سرڪاري وڪيل درخواست گذار جي هڪ بئنڪ اسٽيٽمينٽ ڏيکاري جنهن ۾ 28 نومبر 2011 تي 7 ڪروڙ رپيا ڪڍيا ويا ۽ سرڪاري وڪيل کي درخواست گذار جي فرار ٿيڻ جو خدشو آهي تنهنڪري اسان هڪ مشروط حڪم جاري ڪنداسين لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پهرين صبح 10 وڳي فيصلو ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته ان کان پوءِ منجهند ٻه وڳي جو وقت رکيو ويو لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته هي سچ آهي ته معاشري ۾ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽس پکڙيل آهي ڪرپشن سان لوهي هٿن سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي عدالت قانوني نقطن کي نظر ۾ رکندي پنهنجون اکيون نٿي بند ڪري سگهي گرفتاريکي سزا طور استعمال نٿو ڪري سگهجي لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالت ثبوتن جي معاملي ۾ ٽرائيل ڪورٽ جي اختيار واري دائري ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي مريم نواز جي اڪائونٽ مان نڪتل 7 ڪروڙ رپين جي الزام ۾ پراسيڪيوشن جي موقف کي هٿي نٿي ملي عدالت لکيو ته مريم نواز جي اڪائونٽ مان 7 ڪروڙ ڪڍرائڻ جو معاملو وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جو گهرجائو آهي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي قلم 3 تحت ظاهر ٿئي ٿو ته ڪو جرم ٿي چڪو آهي مني لاندرنگ ايڪٽ جي قلم 3 نيب آرڊيننس جي اجزاء ترڪيبي ۾ شامل آهي ٽرائيل ڪورٽ 2 متوازي قانونن لاڳو ڪرڻ بابت فيصلو ڪندي پراسيڪيوشن جو مدعا نه هيو جو هي رقم غيرقانوني طور آهي لاهور هاءِ ڪورٽ لکيو ته پراسيڪيوشن پاران نصير عبدالله لوٿا جو پيش ڪيل بيان پرڏيهي وزارت مان تصديق ٿيل نه هو جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو قلمبند ڪرايل نصير عبدالله لاکا جي بيان دوران جوابدار جو موقف نه ورتو ويو عدالت عاليه پنهنجي لکت فيصلي ۾ چيو ته چوڌري شگر ملز ۾ ٻين پرڏيهين جا بيان اڃا تائين رڪارڊ ناهن ڪيا ويا تنهنڪري عدالت هن نتيجي تي پهتي آهي ته جوابدار عورت جي ضمانت واري درخواست مشروط طور تي منظور ٿيڻ گهرجي. دليل ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائي رهي آهي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻڌڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ صبح 10 وڳي کان اڳ ئي هاءِ ڪورٽ پهچي ويو مريم نواز جي ضمانت جو فيصلو ايندي ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنهنجي قيادت جي حق ۾ نعرا هنيا لاهور جي جنرل سيڪريٽري خواجه عمران نظير چيو ته پاسپورٽ جي معاملي کي وڪيل ڏسندا ڪارڪن مٺايون نه ورهائن پر شڪرانا جا نفل ادا ڪن ان موقعي تي خواجه عمران نظير نوازشريف جي صحيابي لاءِ دعا به ڪرائي.

 

جمهوريت تي سمجهوتي لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: بلاول زرداري

اوچ شريف (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کي نااهل ۽ جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته سڀني سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پ پ دٻاءَ سبب جمهوريت تي سمجهوتو ڪري. اوچ شريف ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن کان هيءَ حڪومت آئي آهي، عوام جي جمهوري ۽ معاشي حقن تي حملا ٿيا آهن، هڪ سال کانپوءِ سڄو پاڪستان مڃي رهيو آهي ته اسان جو وزيراعظم عوامي نمائندو ناهي، اسان جو وزيراعظم چونڊيل نمائندو ناهي، اسان جو وزيراعظم ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم آهي، اڄ قوم مڃي ورتو آهي ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿي هلي سگهي، هاڻ ته وفاقي ڪابينا ۾ به اها ڳالهه ٿيندي آهي. هن چيو ته سڀني ڏٺو 2018 جي چونڊن ۾ ڪيئن ڌانڌلي ٿي، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ ووٽ چوري ڪيو ويو، رات جي اونداهي ۾ سڄي ملڪ جي پولنگ اسٽيشنز مان پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن کان هيءَ جعلي حڪومت آئي آهي، عوام جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پهرين ڏينهن کان انهن ميڊيا تي پابندي لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري کي طبي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پ پ عوام جي حقن تي سوديبازي ڪري، پ پ دٻاءَ سبب جمهوريت تي سمجهوتو ڪري پر اها انهن جي ڀُل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ضياءُ الحق ۽ مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو ۽ هن نااهل ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم جو به مقابلو ڪندي، اسان نه جهڪنداسين ۽ نه چُپ ويهنداسين، آخري ساهه تائين عوام جي مسئلن خلاف جدوجهد ڪندا رهنداسين، غريبن جي حقن جو تحفظ ڪندا رهنداسين ۽ آواز اٿاريندا رهنداسين.

 

 

مولانا صاحب اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، 4 سال انتظار ڪريو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا صحاب اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي چئن سالن لاءِ انتظار ڪريو گذريل اسيمبلي ۾ مولانا صاحب اوهان پنهنجون تقريرون پاڻ ٻڌو ۽ رهنمائي حاصل ڪريو عمران خان جي نئين پاڪستان سان تڪليف جو سبب اهو آهي ته هاڻي حڪمرانن بدران عوام جي مفاد ۽ حقن جي نگهباني ٿي رهي آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هڪ پاسي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي وڳوڙ انتشار ۽ عوام جي ترقي جو رستو روڪڻ جا منصوبا تيار ٿي رهيا آهن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي قوم ڏسي رهي آهي ڪنهن جو ڇا ايجنڊا ۽ ڇا ترجيح آهي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي دنيا احساس تي قائم آهي جتي حڪمرانن جا کيسا نه پر قومي خزاني کي ڀريو پيو وڃي.

 

سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور منظور، سنڌ سرڪار پابندي هٽائيندي: سعيد غني

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ اسيمبلي شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور پاس ڪري ورتو. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران پ پ ميمبر ندا کهڙو شاگرد يونين جي بحالي جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ جي ڊي اي عبدالرزاق راهمون، پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سيد عمران علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم جي محمد حسين به ساڳيو ئي ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ ذريعي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڃي، جئين هو مثبت بحث، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن. ٺهراءَ بابت ندا کهڙو چيو ته آمر ضياءُ الحق 1984 ۾ سياسي سرگرمين کي معطل ڪرڻ لاءِ شاگرد يونين تي پابندي وڌي، ملڪي سياست تي قبضو ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي تنظيمن تي پابندي لڳائي وئي، ملڪي سياست ۾ شاگرد يونين اهم رول ادا ڪري ٿي. هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري پابندي ختم ڪرائي، جيڪڏهن وفاق ختم نه ٿو ڪري ته سنڌ سرڪار پاڻ قانونسازي ڪري پابندي ختم ڪري. ميمبرن طرفان خيالن جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.  ٻئي طرف پ پ سنڌ ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي وفاقي حڪومت کان ٻين صوبن ۾ شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ پيپلز اسٽوڊنس فيڊريشن جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پ پ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرائيندي، اسان وفاق کان پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به شاگرد يونين تان پابنديون هٽائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هن چيو ته ملڪي تاريخ گواهه آهي ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شاگردن ڀرپور تحريڪ هلائي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شاگرد يونين جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، خورشيد شاهه، آغا سراج دراني سميت ڪنهن تي به ڪو ڪيس داخل ناهي، نيب رڳو الزام مڙهي انهن کي جيلن ۾بند ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان احتساب جي نالي انتقام نه وٺي.

 

 

پرڏيهي کاتي ڀارتي ميڊيا جي هڪ ڌڙي طرفان ڪرتارپور جي حوالي سان بي بنياد رپورٽڻ کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  پرڏيهي کاتي ڀارتي ميڊيا جي هڪ ڌڙي طرفان ڪرتارپور جي حوالي سان بي بنياد رپورٽڻ کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن  ۾ انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان چيو ويو هو ته هنن سان بدترين سلوڪ ٿيندو جنهن جا هو حقدار آهن. پرڏيهي کاتي طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪرتارپور جي حوالي سان پاڪستان جو عزم نانڪ نالي ليوائن خاص طور تي سک برادري کي سهولتون ڏيڻ آهي جيئن پنهنجي مقدس ترين مقام ۾ عبادت ڪري سگهن. بيان موجب ڀارت ۾ ميڊيا ي هلندڙ مواد بي بنياد ۽ پروپيگينڊه مهم آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته گردوارا  ڪرتارپور صاحب جي حوالي سان جاري بي بنياد الزامن کي ڄاڻي واڻي عبادت  بدران ٻين مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃِي. رپورٽس ۾ گردوارا ڪرتارپور صاحب جي ڀرسان نارروال ۾ مبينا طور تي دهشتگردن جي تربيتي ڪيمپ جي موجودگي جو الزام هنيو هو. ميڊيا جي الزامن کي بي بنياد  قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته هن جو مقصد پاڪستان جي چڱي قدم کي غلط  انداز ۾ پيش ڪرڻ، راهداري جي قدم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سڄي دنيا م سکن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ آهي. پرڏيهي کاتي چيو آهي ته اسان کي ان ڳالهه تي ڪو به شڪ ناهي ته ان قسم جي ڪوشش کي اهڙي ريت رد ڪيو ويندو.

 

 

 

 

تيز گام سانحو: ريلوي اختيارين غفلت تي 6 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزارت تيز گام سانحي ۾ غفلت تي 6 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو. تفصيل مجب ريلوي واري وزارت طرفان تيز گام سانحي  ۾ غفلت تي 6 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريلوي واري وزارت آفيسرن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عطل ڪيل آفيسرن ۾ ڊويزنل ڪمرشل آفيسر ڪراچي جنيد اسلم، ڊويزنل ڪمرشل آفيسر سکر عابد قمر شيخ، اسسٽنٽ  ڪمرشل آفيسر سکر راشد علي، اسسٽنٽ ڪمرشل آفيسر ڪراچي احسان الحق، ريلوي پوليس جو ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ سکر دلاور ميمڻ ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ ريلوي پوليس ڪراچي حبيب الله خٽڪ شامل آهن.

 

نيب هٿان گرفتار پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه ويل چيئر تي ويهاري عدالت ۾ پيش، جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن تائين واڌ

سکر (اين اين آءِ) احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، خورشيد شاهه کي ويل چيئر تي عدالت ۾ آندو ويو، سومر تي سکر جي عدالت ۾ خورشيد شاهه جي خلاف ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب ٽيم پاران خورشيد شاهه کي 15 ڏينهن ريمانڊ پورو ٿيڻ تي جج امير علي مهيسر جي موڪل تي هئڻ سبب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شرف الدين شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان کان اڳ ٻڌڻي وقت خورشيد شاهه کي آڻڻ بنا نيب جي ٽيم عدالت ۾ پيش ٿي ۽ عدالت کان خورشيد جو وڌيڪ ريمانڊ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، پر عدالت خورشيد شاهه کي پيش ڪرڻ کانسواءِ ريمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد بيمار آهي، سفر نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته جج نيب کي هڪ ڪلاڪ اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نيب جي ٽيم اين آءِ سي وي ڊي اسپتال پهتي جتان پ پ جي بيمار اڳواڻ خورشيد شاهه کي ايمبولنس ۾ عدالت آندو ويو، ان موقعي تي جج خورشيد شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته کيس ڪا پريشاني ته نه آهي جنهن تي خورشيد شاهه سندس ڳالهه جو ڪنڌ ڌوڻي انڪار ۾ جواب ڏنو، ٻڌڻي جي موقعي تي خورشيد شاهه جي ميڊيڪل بورڊ پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويوآهي ته خورشيد شاهه دل جو مريض آهي، سندس دل جا 3 وال بند آهن، شريانيون به بند آهن، کيس اين جيو اي پلاسٽي ۽ اين جيو گرافي ذريعي کوليون ويون آهن ۽ کيس 15 ڏينهن تائين آبزويشن تي رکيو ويندو، ٻڌڻي وقت جج خورشيد شاهه جو وڌيڪ 5 ڏينهن جو ريمانڊ ڏيندي نيب کي ٻيهر 9 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪرپشن اسڪينڊل، ضمانت رد ٿيندي ئي 9 جوابدار فرار، هڪ انجنيئر بيهوش، 3 گرفتار

ڪوٽڙي (م.ڊ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ فيڪٽريز جو گدلو پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ اڏڻ واري اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن جي اسڪينڊل ۾ جوابدارن طرفان ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ٻڌڻي بعد 12 جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، جنهن دوران هڪ انجنيئر بيهوش ٿي ويو ۽ اُن کي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڳوڻي چيف انجنيئر سوڌو 3 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس امجد حسين سهتو تي مشتمل سنگل بينچ اينٽي ٽريٽمينٽ پلانٽ ۾ ڪرپشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ نامزد 12 ڄڻن جون ضمانتون رد ڪيون ويون، اينٽي ڪرپشن پوليس اڳوڻي چيف انجنيئر ڪوٽڙي سائيٽ شبير کوکر، ائڪسين، اي اين مراد علي جتوئي ۽ اسسٽنٽ انجنيئر نبيل احمد کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو، 9 ڄڻا عدالت مان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، فرار ٿيل جوابدارن ۾ چيف انجنيئر سائٽ ڪوٽڙي عبدالوحيد شيخ، اسسٽنٽ انجنيئر نبيل احمد، اي اين مراد علي جتوئي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمبائن ايفي لينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ ( سي اي ٽي پي ) عبدالله جتوئي، محمد معيز قاضي، ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپني جي پروجيڪٽ انچارج محمد عيسيٰ، ارشد وهره، وقاص علي، عابد ۽ ريحان شامل آهن، جوابدارن تي الزام آهي ته هُنن منضوبي تي خرچ ٿيندڙ رقم ۾ وڏي پئماني تي هيرا ڦيري ڪئي آهي، هڪ ارب کان وڌيڪ رقم خرچ ٿيڻ باوجود منصوبو اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.