تازيون خبرون
هڪ سال ۾ پيٽروليم شين جي مد ۾ 206 ارب 28 ڪروڙ ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف - وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ ذريعي متبادل نظام هلائڻ چاهي ٿو، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار - جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي ويو - ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو - حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ آهي: عمران خان - وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق - ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ نبيري مان مليل رقم سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪئي ويندي: شهزاد اڪبر - وڏي وزير جي صدارت ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو اجلاس، آءِ جي سنڌ جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار، ٺهراءُ منظور - ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي بازياب نه ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون - اسلام ڪوٽ: مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي، واٽھڙو فوت، 3 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

Daily Archives: November 2, 2019

سعودي ولي عهد ۽ منهنجي ڌيءَ صرف سٺا دوست آهن: لنڊسي لوهان جو والد

 

نيويارڪ (شوبز نيوز) ناليواري آمريڪي اداڪارا، فيشن ڊيزائنر ۽ موسيقار لنڊسي لوهان جي والد پنهنجي ڌيءَ ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي لاڳاپن جي ترديد ڪدني چيو آهي ته انهن ٻنهي وچ ۾ احترام جو رشتو آهي، گذريل مهيني اداڪارا لنڊسي لوهان ۽ سعودي ولي عهد محدم بن سلمان وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل هيون ۽ چيو پئي ويو ته ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا.ان کان علاوه دي نيويارڪ پوسٽ ٽيبلوئڊ پيج 6 جي ايڊيٽر موجب لنڊسي لوهان ۽ سعودي ولي عهد نه صرف هڪ ئي جي ويجهو ئا پر ٻنهي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي آهي ۽ لنڊسي سعودي شهزادي جي نجي جهاز ۾ پڻ گهمندي رهي آهي، ان کان علاوه کيس محمد بن سلمان مهانگا تحفا پڻ ڏنا، جڏهن ته لنڊسي لوهان جي والد مائيڪل لوهان پنهنجي ڌيءَ جي سعودي ولي عهد سان لاڳاپن جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ مائيڪل پنهنجي ڌيءَ ۽ سعودي ولي عهد جي لاڳاپن جي باري ۾ وضاحت ڪندي چيو آهي ته ٻئي صرف سٺا دوست آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ احترام جو رشتو آهي، مائيڪل لوهان جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ وچ اوڀر ۾ تمام گهڻن بااثر ماڻهن سان دوستي آهي.لنڊسي ۽ محمد بن سلمان جي ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن سندس ڌيءَ وچ اوڀر ۾ مهاجرن جي مدد ڪرڻ وئي هئي، مائيڪل وڌيڪ چيو ته ڪنهن به منهنجي ڌيءَ جي ان چڱي ڪم جي باري ۾ نه لکيو جيڪو هن شامي پناهگيرن جي مدد ڪري ڪيو هو، سڀني صرف خراب ڳالهيون ڪيون ۽ افواهون ئي ٻڌڻ چاهين ٿا.

 

جوڪر فلم جي نمائش دوران شرپسند جي تڪراري حرڪت تي ڀاڄ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) فرانس جي سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته هالي ووڊ سپر ولن سائيڪالوجي ٿرلر فلم جوڪر جي نمائش دوران هڪ شخص مذهب جو نالو استعمال ڪندي سينما ۾ ڦر جي ڪوشش ڪئي. فرانسيسي اخبار لي پيريسن موجب فرانسيسي راڄڌاني پيرس جي علائقي ۾ موجود گرانڊ ريڪس سينما ۾ جوڪر فلم ڏسڻ لاءِ پهتل شخص سينما ۾ مذهبي نعرو هڻي ماڻهن کي ڊيڄاري ڦر جي ڪوشش ڪئي. رپورٽ موجب ڄاڻايل شخص اسلام کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش کان اڳ فلم ڏسڻ دوران اهڙا تبصرا ڪيا ۽ فلم جي ڪهاڻي کي سياسي قرار ڏنو. رپورٽ موجب ڄاڻايل سخص طرفان فلم ڏسڻ دوران وري وري سياسي قرار ڏيڻ تي سينما ۾ موجود ماڻهو پريشان ٿي ويا ۽ کيس سمجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي. ماڻهن جي سمجهائڻ تي همراهه وڏي آواز ۾ نعرو هنيو جنهن تي سڀ ڊڄي ويا. سينما ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو تيزي سان نڪرڻ لڳا. انتظاميا نعرا هڻندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو ۽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب اسلام جي نالي تي ماڻهن ۾ خوف پکيڙيندڙ شخص جو واسطو پيرس جي علائقي سان آهي ۽ امڪاني طور تي سندس ذهني توازن ٺيڪ ناهي. پوليس همراهه جي ڪوشش هئي ته هو سينما ۾ ڦرلٽ ڪري ان لاءِ هن وڏا نعرا هڻي خوف پکيڙيو همراهه وٽان ڪو هٿيار هٿ ناهي آيو.

 

سعودي عرب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ

 

رياض(اسپورٽس نيوز) سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ هلندڙ مهيني 11 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ميوزيڪل ۽ ثقافتي ميلي رياض سيزن ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ ٿي جنهن کي ڏسڻ وڏي تعداد ۾ شوقين ميلي ۾ پهتا.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ان مقابلي ۾ 29 ورهين جي آمريڪي ريسلر ليسي ايونز ۽ 37 ورهين جي ڪينيڊين ريسلر نتاليا نيڌرت هڪ ٻئي جي آمهون سامهون نظر آيون، جڏهن نتاليا نيڌرت ليسي ايونز کي هارائي مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پهريان رپورٽون هيون ته اهي ٻئي عورت ريسلر انتهائي مختصر ڪپڙن ۾ هڪ ٻئي سان فائٽ ڪندي نظر اينديون جڏهن ته سموريون رپورٽون ان وقت بي بنياد ثابت ٿي ويون جڏهن ٻنهي عورتن ميزبان ملڪ جي ثقافت ۽ روايت موجب ڪپڙن ۾ ميدان ۾ لٿيون. ريسلنگ دوران انهن ٻنهي عورتن پنهنجي جسم کي پوري طرح ڍڪي رکيو هو، ياد رهي ته رياض ميلي ۾ مرد ريسلر پڻ هڪ ٻئي کي مزو چکائيندا ڏٺا ويا.

 

آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽينداسين: فخرالزمان

 

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا اليون خلاف ساندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ قومي ٽيم جي اوپنر فخرالزامن جو چوڻ آهي ته ڪينگروز خلاف سيريز کٽينداسين ۽ اهي مقابل سٺا هوندا.سڊني ۾ آسٽريليا اليون خلاف وارم اپ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فخرالزمان ٽيم جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪندڙ قرار ڏنو، پاڪستاني بالرن شروع کان ئي سٺي بالنگ ڪئي جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم پڻ سٺو پرفارم ڪيو.هدف جي حاصلات ۾ اوپننگ اسٽينڊ جو ذڪر ڪندي فخرالزامن جو چوڻ هو ته ٽارگيٽ وڌيڪ نه هجڻ سبب ڪريز تي وڌيڪ وقت گذارڻ چاهيان پيو.فخرالزمان چيو ته آسٽريليا سان سيريز جي تياري تمام سٺي آهي جڏهن ته ڪينگروز وڪيٽن تي ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي پر اميد آهي ته جيڪا ٽريننگ ڪئي اها ضرور ڪم ڪندي.