تازيون خبرون

Daily Archives: October 12, 2019

پاڪستاني قوم  ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪن جي لاءِ انسانن کان وڌيڪ پيسو اهم آهي تڏهن ئي ته والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي عالمي ميڊيا ۾ ڪوريج نه پئي ڏني وڃي. اسلام آباد ۾ ڪشمير سان ٻڌي جي اظهار لاءِ انساني هٿن جي زنجير بڻائڻ جي موقعي تي موجود شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اڄ هتي اسان ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته ڪشميرين کي پيغام  ڏيو ته پاڪستاني قوم  ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي. هن چيو ته اسان هر هر دنيا کي اِهو پيغام ڏينداسين ته 80 لک انسانن کي ڀارت جي فوج ڪرفيو ۾ بند ڪيو آهي، جنهن کي 2 مهينن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، عالمي ميڊيا هانگ ڪانگ جي احتجاج کي فرنٽ پيج، شهه سرخي ۽ خبرن ۾ بيان ڪري رهيو آهي ته اُتي هڪ جمهوري تحريڪ هلي رهي آهي جڏهن ته اُتي ٿورا ئي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ کان 3 مارجي ويا آهن. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ماڻهن کي بند ئي بند ناهي ڪيو، ٻار، پوڙهام عورتون ۽ بيمار سڀ ماڻهو بند آهن ۽ عالمي ميڊيا ۾ ان جي ڪوريج نه ٿيڻ جي برابر آهي، گذريل 30 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڪشميرين جي شهادت ٿي ڇو ته هو پنهنجو حق گهري رهيا آهن جيڪي عالمي برادري، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل ڏنو هو ۽ اُهو حق خوداراديت آهي. وزير اعظم چيو ته ڪشميرين کي حق ڏنو ويو هو ته هو پنهنجي جو فيصلو پاڻ ڪندا هو حق نه ملڻ تي احتجاج ڪندا آهن، جنهن تي ڀارتي فوج ظلم ڪندي آهي پر ڀارتي ظلم جي اِهي داستان ڪڏهن ڪڏهن عالمي اخبارن ۾ ايندا آهن. عمران خان چيو ته اڄ دنيا جي سامهون ان ٻٽي معيار کي سامهون رکڻ چاهيان ٿو ته هڪ پاسي هڪ خطي ۾ ٿيل مظاهرن کي ايترو ڏيکاريو پيو وڃي جڏهن ته ٻئي پاسي ايترو ظلم ٿي رهيو آهي ۽ ان کي نه پيو ڏٺو وڃي، گڏوگڏ ئي هن چيو ته هانگ ڪانگ ته چين جو حصو آهي جڏهن ته والاريل ڪشمير ته ڀارت جو حصو به ناهي هو ته هڪ تڪراري علائقو آهي. ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته افسوس سان اِهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته هتي دنيا اِهو ڏسي ٿي ته  هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن جو ملڪ آهي، جنهن سان واپار ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪن جي لاءِ پيسو انسانن کان وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته افسوس!  والاريل ڪشمير ۾ ايترو  ظلم ٿي رهيو آهي پر ميڊيا تي ان جي ايتري گهٽ ڪوريج آهي پر آئون پنهنجي قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله انسان جي هٿ ۾ ڪوشش ڏني آهي ڪاميابي الله ڏيندو آهي. ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ موجود ماڻهن سان خطاب ۾ وزير اعظم  چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، اسان جي پوري قوم ڪوشش ڪندي ۽ ڪشميرين کي ٻڌائينداسين ته اسان توهان سان گڏ آهيون، انشاء الله اسان جي اِها تحريڪ سمنڊ بڻجي ويندي. سندس چوڻ هو ته اِها  هڪ تحريڪ، جدوجهد آهي، نريندي مودي جيڪا حماقت ڪئي آهي ۽ پنهنجو آخري پتو کيڏي ورتو آهي، ڪشمير جا ماڻهو انتها تي پهچي ويا آهن ۽ انهن کي موت جو خوف ختم ٿي چڪو آهي، جيئن ئي ڪرفيو کڄندو ڪشميري روڊن تي نڪرندا ۽ منهنجو ايمان آهي ته اِهو رستو ڪشميرين جي آزادي جو آهي. ان کان اڳ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ وڏي انگ ۾ عوام روڊن تي نڪتو ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ريلي به ڪڍي وئي، جنهن ۾ ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي به شريڪ ٿيو. ان سان گڏوگڏ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جبر جي ڪري محصور ٿيل مظلوم ڪشميرين سان ٻڌي جي لاءِ انساني هٿن جي زنجير بڻائي وئي، جنهن ۾  ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان پاڻ به شريڪ ٿيا.

 

چوڌري شگر ملز ڪيس: قيدي نواز شريف وري گرفتار، نيب حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ سز ا ڀوڳيندڙ مسلم  ليگ ن جي سربراهه نواز شريف کي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. قومي احتساب بيورو نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل مان گرفتار ڪري لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو هو. احتساب عدالت جي منتظم جج چوڌري امير محمد خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ريمانڊ منظور ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي 25 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حوالي سان نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نواز شريف جي گرفتاري  عدالت جي اجازت کان پوءِ عمل ۾ آندي وئي، ان سان گڏوگڏ ئي هن اڳوڻي وزير اعظم جي 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪئي هئي. چوڌري شگر ملز ۾ نواز شريف جي ڪردار جي حوالي سان دليل  ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته  2016ع ۾ نواز شريف چوڌري شگر ملز جو سڀ کان وڏو شيئر هولڊر رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن جا شميم شگر مل ۾ به شيئر هئا. هن جو چوڻ هو ته چوڌري شگر مل ۾ نواز شريف  سان گڏ مريم نواز، شهباز شريف ۽ شريف خاندان جا ٻيا ميمبر به شيئر هولڊر هئا. نيب جي وڪيل دعويٰ ڪئي ته چوڌري شگر ملز جي اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان رقم ايندي هئي ۽ 1992ع ۾ نواز شريف کي پرڏيهي ڪمپني هڪ ڪروڙ 55 لک رپيا ڏنا هئا پر اِها اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته ان ڪمپني جو مالڪ ڪير هو. ٻڌڻي ۾ نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز بٽ پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف ڪڏهن به چوڌري شگر ملز جو شيئر هولڊر يا ڊائريڪٽر ناهي رهيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهي ان کان اڳ به مخالف پارٽين پنهنجين حڪومتن ۾ ڪمپنين کي قائم ڪرڻ بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي پر ڪجهه به نه مليو هو. امجد پرويز بٽ جو چوڻ هو ته 1991ع ۾ نواز شريف ڪنهن به ڪمپني جو سپانسر يا مالڪ ناهي رهيو ۽ نه ئي سندس چوڌري شگر ملز جي قيام ۾ ڪو ڪردار هو پر شريف خاندان  جا اولاد ڊائريڪٽر ۽ حصيوار هئا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بڻايل گڏيل جاچ ٽيم انهن سمورن معاملن جي تفصيلي جاچ پهرين ئي ڪري چڪي آهي جنهن کان پوءِ نيب  ريفرنس داخل ڪيو هو ۽ هاڻ ٻيهر جاچ جو ڪو جواز ئي نٿو بڻجي. نواز شريف جي وڪيل ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته نيب جي ڪيس ۾ بدديانتي نظر اچي رهي آهي جنهن ۾ جسماني ريمانڊ جي ضرورت ناهي جڏهن ته گرفتاري به غلط ڪئي وئي ڇو ته اِهو سياسي بنيادن تي بنيادن تي  بڻايل ڪيس آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي  ۽ نيب وٽ چوڌري شگر  ملز جو سمورو ريڪارڊ پهرين  کان ئي موجود آهي ۽ پاناما جي آءِ ٽي جاچ کان پوءِ ئي نواز شريف کي سزا ٿي هئي ان ڪري چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار جو جواز ناهي. ايڊووڪيٽ امجد پرويز ٻڌايو ته پاناما جي آءِ ٽي ۾ وفاقي جاچ اداري، سيڪيورٽي ايڪسچينج  ڪميشڻ، نيب ۽ ٻين ايجنسين جا ميمبر شامل هئا، جن کي نواز شريف جي سمورن اثاثن جي جاچ جو اختيار ڏنو ويو هو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي جي آءِ ٽي ۾ انٽر سروسز انٽيليجنس ايجنسي  ۽ ملٽري انٽيلي جنس جا ميمبر به موجود هئا ۽ ان جي آءِ ٽي کي پاڪستان جا سمورا قانون استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. امجد پرويز بٽ جو چوڻ هو ته هاڻ نيب جو چوڌري شگر ملز بابت پاڻمرادو انڪشاف ڪرڻ بنا جواز آهي جڏهن ته نيب لاڳاپيل ادارن کان پهرين ئي سمورو ريڪارڊ ڪيل آهي. ٻڌڻي دوران نواز شريف به روسٽرم تي اچي بيان ڏنو، سندس چوڻ هو ته  نيب وارا مون سان جيل ۾ ملاقات لاءِ آيا هئا پر هڪ ئي ڀيرو آيا ان کان پوءِ ڪڏهن به نه آيا. نواز شريف جو چوڻ هو ته نيب  جيڪو پڇيو مون ان جو  جواب ڏنو جيڪا مون کي خبر نه هئي اُهو نه ٻڌايو. هن چيو ته مون  سان منهنجي وڪيل جي ملاقات ناهي ڪرائي وئي آئون لکي ٿو ڏيان ته منهنجي ملاقات منهنجي وڪيل سان ڪرائي وڃي. مسلم  ليگ ن جي سربراهه جو چوڻ هو ته مون تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن اُهي سڀ ڪوڙا آهن نيب پهرين ئي ظاهر ڪيل اثاثن جي جاچ ڪري رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب اهلڪارن گرفتاري لاءِ جيڪي به الزام هنيا آهن اُهي بي بنياد آهن، 32 انڊسٽرين جي حوالي سان اسان جو نالو هو، ٻڌايو ڪرپشن ڪٿي ٿي آهي . نواز شريف جو چوڻ هو ته آئون وزير به رهيو آهيان وڏو وزير به رهيو آهيان ۽ 3 ڀيرا وزير اعظم به رهيو آهيان، انهن پنجن دورن ۾ هڪ ٿيلهي  جي به ڪرپشن ثابت ڪيو ته ڪيس ته ڇا پر سياست تان ئي دستبردار ٿي ويندس. ان کان پوءِ هن پنهنجي واپار جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيب جو ادارو پرويز مشرف منهنجي لاءِ قائم ڪيو هو. هن چيو ته پرويز مشرف جو هڪ ئي ٽارگيٽ هو اُهو هو نواز شريف، نيب جو ادارو رڳو مسلم ليگ ن ۽ مخالف ڌر جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آئون ته پهرين ئي جيل ۾ آهيان جيڪڏهن ايتري دشمني آهي ته ٻڌايو ته هي مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃڻ چاهن. هن چيو ته ڪنهن کي منشيات جي خاتمي واري ڪيس ۾ پڪڙيو پيو وڃي اِهو ڪهڙو طريقو آهي جيڪڏهن هي سمجهن ٿا ته مسلم ليگ ن ڊپ ۾ جهڪي ويندي ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. نواز شريف جي بيان تي عدالت جي ڪمري ۾ نعريبازي ٿي وئي جنهن تي احتساب عدالت جي جج کيس رڳو موجود ڪيس تي ڳالهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ٻِئي طرف نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اُن حوالي سان شهباز شريف کي لکت ۾ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، فضل الرحمان جي اسيمبليز تان استعيفيٰ ڏيڻ واري مطالبي ۾ به وزن هو. لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيشيءِ جي موقعي تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي نواز شريف چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي احتجاج جي مڪمل حمايت ڪن ٿا ۽ سندس موقف کي پنهنجو موقف سمجهي رهيا آهن. هُن چيو ته چونڊن کانپوءِ مولانا فضل الرحمان اسيمبليز مان استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اُن وقت کيس استعيفيٰ نه ڏيڻ تي قائل ڪيو پر هاڻي هو سمجهي ٿو ته مولانا فضل الرحمان جي استعيفيٰ واري مطالبي ۾ وزن هو. آزادي مارچ جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه کي هن وقت رد ڪرڻ غلط هوندو، هُو سندس ڀرپور حمايت ڪن ٿا ۽ اُن حوالي سان شهباز شريف کي لکت ۾ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. حڪومت مخالف احتجاج جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان جو جذبو ساراهه جوڳو آهي.

 

ڌرين وچ ۾ دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه سان ڏوهاري آزاد نٿو ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه جي بنياد تي ڏوهاري آزاد ٿي سگهي ٿو يا نه ان بابت سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل چيف جسٽس پاڪستان جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه جي بنياد تي جوابدار آزاد نٿو ٿي سگهي، دهشتگردي جو ڏوهه ٺاهه جوڳو نه آهي، سپريم ڪورٽ چيو ته رڳو ڌرين وچ ۾ دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه سان ڏوهاري آزاد نٿو ٿي سگهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن مناسب ڪيس ۾ مخصوص حالتن ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه تي جوابدار جي سزا گهٽائڻ تي غور ٿي سگهي ٿو، عدالت لکيو ته دهشتگردي جي ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه تي سزا پاڻمرادو گهٽ نه ٿيندي، جوابدار جي سزا گهٽائڻ تي غور ڪرڻ عدالت جي اختيار ۾ هوندو، اهڙي طرح فيصلي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي جو ڏوهه ٻين ڏوهن کان مختلف آهي، دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٺاهه کانپوءِ سزا گهٽائڻ تي ٽرائيل ڪورٽ فيصلو ٻڌائڻ دوران غور ڪندي، سپريم ڪورٽ موجب سمورن عدالتي فورمز مان جوابدار جي سزا برقرار رکڻ تي سزا گهٽائڻ لاءِ رحم جي اپيل تي پاڪستان جو صدر غور ڪندو، رحم جي اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ ٺاهه ٿيڻ تي جيل سپرينٽنڊنٽ نئين رحم جي اپيل پاڪستان جي صدر ڏانهن موڪليندو.

 

ٺٽي ۾ ڪينسر سبب 32 ڄڻا فوت، 815 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف

ٺٽو (م.ڊ )ڏندن جي ماهر ڊاڪٽرن ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ وات ۾ ڪينسر جو اصل ڪارڻ گُٽڪي، پان، مين پڙين جي استعمال کي قرار ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته رڳو ٺٽي ضلعي اندر گذريل هڪ سال دوران 32 ڄڻا ڪينسر سبب فوت ٿيا، هلندڙ سال ٺٽي ضلعي ۾ 815 ڪينسر جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، مڪلي جيم خانه ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ لمس حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف علي چنڙ چيو ته، پاڪستان ۾ وات ۾ ڪينسر جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، سنڌ جا مريض لمس اچن ٿا ۽ روزانو 10 کان 15 ڪيس ڪينسر جا ملن ٿا، ڊينٽل شعبي ۾ 50 پوسٽون خالي پيل آهن، هن چيو ته سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ واري پٽي ۾ گٽڪو، مائو، پان ۽ مين پُڙين جون وڏيون فيڪٽريون ڪينسر جي مرض کي ڦهلائڻ جو سبب بڻيل آهن، سول اسپتال ٺٽو جي ڊينٽل شعبي جي انچارج ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيارام ڪمار ٻڌايو ته، گٽڪي مين پڙين ۽ پان سبب ٺٽي ضلعي اندر منهن ۽ وات جي ڪينسر وگھي گذريل سال 32 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن ۽ هلندڙ سال ۾ ظاهر ٿيل 815 ڪيسن مان 55 ڪينسر جا ڪيس آخري اسٽيج تي پهتل آهن، ھن چيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي ٻگهاڻ، ميرپور ساڪرو، ڪيٽي بندر ۽ ڪوهستاني پٽي جي جهرڪ ۽ جهمپير ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن.ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير، ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار، ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ، محمد فيض قُدوائي، نديم ابراهيم، احمد سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، سيمينار جي موقعي تي سول سوسائٽي جي نمائندن، سُڄاڻ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

 

وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو چين جو دورو ڪامياب، جڏهن ته پاڪستان کي ضرورت پئي ته چين خاموش نه ويهندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڪشمير جي معاملي تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي چين جي دور کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته چيني صدر يقين ڏياريو ته پاڪستان کي ضرورت پئي ته چين خاموش نه ويهندو، پاڪستان تي حملو چين تي حملو سمجهيو ويندو، چيني صدر ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو، چين هر شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، جمعي تي سينيئر صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته چين جو دورو اڳواٽ رٿيل نه هو، چيني قيادت پاڪستان جي قيادت کي ڀارت جي دوري کان اڳ دعوت ڏني، هن چيو ته چين جي دوري ۾ سي پيڪ، ڪشمير ۽ دفاعي تعاون تي ڳالهه ٿي آهي، پاڪستان 70 سيڪڙو ڪشمير تي ڳالهايو، هن چيو ته چيني صدر ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو، چيني قيادت خاطري ڪرائي ته ان جا ڀارت سان لاڳاپا پاڪستان جي قيمت تي نه هوندا، هن چيو ته چيني صدر هر سطح تي پاڪستان جي حمايت ڪئي، چين هر شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل کي اختيار ڪري رهيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي رياست جي سطح تي آهي، چيني صدر چيو ته سول ۽ فوجي قيادت گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي، اسان پاڪستان جي معيشت کي وڌندي ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان سان لاڳاپا ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندا.

 

ن ليگ ۾ ڌڙا ٿي ويا آهن، شهباز شريف حڪومت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهي ٿو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن ليگ ۾ ڌڙا ٿي ويا آهن، شهباز شريف حڪومت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته 2014 ۾ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي ۾ به جڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته قانون حرڪت ۾ آيو هو، هاڻ به قانون حرڪت ۾ ايندو، هن چيو ته حڪومت ڪنهن به ڪرپشن واري ماڻهو کي سهارو نه ڏيندي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 27 آڪٽومبر ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ستحصال جي خلاف هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، جڏهن ته مولانا ان ڏينهن تي قوم کي ڪٺو ڪرڻ بدران ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿو.

 

ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال 18 آڪٽومبر تي عاليشان جلسو ٿيندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال به 18 آڪٽومبر تي تاريخي جلسو ٿيندو، جمعي تي بلاول ڀٽو سان ڪراچي ڊويزن جي پارٽي عهديدارن، سعيد غني، وقار مهدي، راشد رباني، قادر پٽيل، شهلا رضا، شاهده رحماني، غلام مرتضيٰ بلوچ، ڄام عبدالڪريم، شميم ممتاز، آغا رفيع الله، ساجد جوکيو، محمود عالم ڄاموٽ، ناز بلوچ، سليم بلوچ، شازيه سنگهار، شاهينه بلوچ ۽ ٻين ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪار ساز سانحي جي ورسي جي تيارين سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي، هن چيو ته ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هن سال به تاريخي جلسو ٿيندو، هن چيو ته ڪلين ڪراچي مهم ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبا وقت تي مڪمل ۽ وڌيڪ ڊيولپمينٽ لاءِ اسيمبلي ميمبرن کي ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

شهباز شريف ٻه ڪلاڪ  قيادت سان ملاقات ۾ اقرار ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو غلط آهي ، سهڪار نه ڪجي: شاهه محمود

ملتان (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ن ليگ جو قانوني صدر شهباز شريف چوي ٿو ته سندس راءِ ۾ ڌرڻو غلط آهي، هي ڌرڻو نه هڻڻ گهرجي، ڌرڻي جي سياست جي پويان جا مقصد اڃا ٻيا آهن، شهباز شريف محمد صفدر جي بيان تي به ڪاوڙ ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري کي اڄ ڇو ڌرڻي جي ضرورت پئجي وئي، توهان ڪنهن جي اشاري تي ڌرڻي جي حمايت ڪري رهيا آهيو، 2014 جي ڌرڻي ۾ توهان کي جمهوريت خطري ۾ نظر اچي رهي هئي، هاڻ ڇو نٿي نظر اچي، 27 آڪٽومبر تي ڀارتي ناپاڪ ارادن کي سڄي دنيا اڳيان بي نقاب ڪنداسين، جمعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ جو هڪ ڌڙو چاهي ٿو ته مولانا فضل رحمان جي ڌرڻي ۾ شامل ٿيجي، شاهه محمود قريشي چيو ته ميڊيا سميت هر ماڻهو ڄاڻو ٿو ته مولانا جي ڌرڻي جي پويان ڪجهه ٻيا مقصد آهن، هن چيو ته مولانا فضل رحمان ڪشمير سان ٻڌي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽومبر جي چونڊ ڪئي، جڏهن ته ان ڏينهن کي ڪارو ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي ڇو ته ان ڏينهن تي ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير تي چڙهائي ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي شاهي جوڙو خيرسگالي دوري تي 14 آڪٽومبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي.

 

 

ميرپور خاص: عشق ۾ ناڪامي، عاشق جو محبوبه تي حملو، ڇريون هڻي قتل، جوابدار فرار ٿيندي گرفتار

ميرپور خاص(ڊ.ر) ميرپورخاص ۾ ناڪام عاشق پنهجي محبوبا کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تفيصل موجب: ميرپورخاص ٽائون ٿاڻي جي حد شاه عبدالطيف ڊگري ڪاليج وٽ مسمات آمنه تي ناڪام عاشق عمران  خنجر جو وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.سول اسپتال ۾ فوت ٿيل کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او قتل ڪندڙ جوابدار کي ڪراچي فرار ٿيڻ لاء ويندي نيو بس ٽرمينل تان قتل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيڻ واري خنجرسميت گرفتار ڪري ورتو مقتولا کي قتل ڪندڙ عمران ميرپورخاص جي علائقي کپرو ناڪو جو رهواسي آهي حد پوليس قتل جي واردات جي ڏوهه ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،

 

ٿر ۾ معصوم ٻارن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ 4 گلن جهڙا ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا

مٺي(رپورٽر) ٿر ۾ معصوم ٻارن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ جو سلسلو نيٺ ڪڏهن دنگ ڪندو؟ وڌيڪ 4 گلن جهڙا ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا. سول اسپتال مٺي ۾ 9 مهين جي نعمان پٽ صبحان لنجو، 4 مهينن جي پزدام ڌيءُ راوَل نهڙي، 3مهينن جي ويراج پٽ امرت ميگهواڙ ۽ سومار مياڻو جي تازي ڄاوَل ٻارڙي دَم ڏنو. جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 13 ۽ هلندڙ سال 657 ٿي ويو آھي. جڏھن ته رڳو مٺي سول اسپتال ۾ 51 ٻارڙا داخل آهن، جيڪي بهترين طبي امداد جا منتظر آهن، وارثن مطالبو ڪيو آهي ته سندن ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.