تازيون خبرون
عمران خان جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، تيل ٺڪاڻن تي حملي جي مذمت، ڪشمير صورتحال تي ڳالهيون - پنڊي جو موسم تبديل ٿي رهيو آهي، حڪران ڀلي شوق پورا ڪن: آصف علي زرداري - ميڊيا کي ذميوار ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪو به قانون زبردستي مڙهيو نه ويندو: فردوس عاشق - بلديا فيڪٽري سانحو: مالڪن مرڪزي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي سڃاڻي ورتو آهي جڏهن ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا آهن. - تحقيق ۽ تجربن سان ئي علم جي ميدان ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي: صدر عارف علوي - مدرسا اسڪول سميت تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين: چيف جسٽس - ڪتي جي ڏاڙهڻ سان ٻارڙي جي موت تي ڏک جو اظهار، فوتي ٻارڙي تي سياسي ڪئپنگ ڪئي ويئي: بلاول ڀٽو زرداري - سي پي اين اي پاران سڀني ڌرين سان گڏجي ميڊيا ٽربيونلن خلاف جدوجهد جو اعلان - حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: خواجه آصف - ٿر جي معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

Daily Archives: August 21, 2019

پاڪستان جو والاريل ڪشمير معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي فيصلي جي اصولي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي منظوري جي تصديق ڪئي. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت ۽ قانون واري وزارت کي جڳ مشهور وڪيلن جو پئنل جوڙڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ اهو معاملو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي تي ڌيان رکندي پيش ڪيو ويندو. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير جو معاملو عالمي عدالت ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو سمورن قانوني پهلوئن تي غور ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو، ڪجهه ٽيڪنيڪي معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف واضح، اصولي ۽ ٺوس آهي، فيصلو سمورن قانون پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن جا سمورا تفصيل قانون واري وزارت جلد جاري ڪندي.. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته  پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت منصوبن جي بروقت پڄاڻي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي جوڙي رهيا آهيون. وزيراعظم جي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن ۾ بنا دير اڳڀرائي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اٿارٽي لاڳاپيل شعبن وچ ۾ سهڪار کي يقيني بڻائيندي، سي پيڪ جي پڄاڻي سان رڳو پاڪستان ۽ چين کي فائدو نه ٿيندو پر ان جا فائدا سموري خطي کي پهچندا. اجلاس ۾ ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير خسروبختيار وزيراعظم کي سي پيڪ منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.  اجلاس ۾ منصوبابندي بابت وزير مخدوم خسروبختيار، مواصلات وزير مراد سعيد، توانائي وارو وزير عمرا ايوب خان، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، خاص مددگار نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ بابت چيئرمين، لاڳاپيل وفاقي وزارتن جا سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽري پنجاب، چيف سيڪريٽري بلوچستان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجود ماڻهن کي ڏنل بريفنگ ۾ انفرا اسٽرڪچر توانائي، ريلوي ۽ اطلاعات جي حوالي سان تفصيل شامل هئا. توانائي جي شعبي ۾ وزيراعظم پورٽ قاسم ڪول فائرڊ پاور پلانٽ، گوادر پاور پلانٽ، ڪوهالا هائيڊرو پاور پروجيڪٽ، حبڪو ٿر ڪول پاور پروجيڪٽ ۽ ٿر پاور پروجيڪٽ جهڙن اهم منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان سان گڏوگڏ سکر ملتار موٽروي، ٿاڪوٽ حويليا سيڪشن، ايسٽ ايڪسپريس وي، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ايم ايل ون ۽ ڊي آءِ خان کان زوب شاهراهه جي منصوبن جي اڳڀرائي تي به غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملتان سکر موٽروي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ان جو افتتاح هن جي هٿان ڪرايو ويندو ان سان گڏ وزيراعظم پاڪستان ٽيليويزن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ ايم ايل ون جي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو جنهن جو مقصد پاڪستان ريلوي کي جديد ڪرڻ آهي.

 

ڪراچي وارا ٽيڪس نه ڏين: (وسيم اختر)، ميئر جو بيان بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو: سنڌ حڪومت

ڪراچي (م.ڊ/اين اين آءِ)  ميئر ڪراچي وسيم اختر شهرين کي اپيل ڪئي اهي ته هو سنڌ حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪن، ڪورنگي ۾ صفائي مهم جو افتتاح ڪندي  وسيم اختر سوال اٿاريو ته صفائي جي نالي تي خرچ ڪيل 24 ارب ڪاڏي ويا؟، هن چيو ته سالڊويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ ڪراچي کي صاف ڪرڻ ۾ ناڪام ويو  آهي، هن چيو ته صفائي مهم مسئلي جو مستقل حل نه آهي، سنڌ حڪومت مستقل حل جي لاءِ اڳتي اچي، هن چيو ته ڪراچي ٽيڪس جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي 350 ارب رپين کان وڌيڪ ڏيندو آهي، منهنجي شهرين کي اپيل آهي ته هو ٽيڪس سنڌ حڪومت بجاءِ وفاق يا شهري حڪومت کي ڏين.

ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ميئرڪي ايم سي وسيم اختر سنڌ حڪومت کي ٽيڪس نه ڏيڻ واري بيان کي رد ڪندي ان کي چونڊيل عوامي نمائندي جي عهدي جي ابتڙ قرار ڏيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت کان گهر ڪئي آهي ته اها ميئر کي پنهنجو بيان واپس وٺڻ جي هدايت ڪري، اهڙو بيان سول نافرماني جي زمري ۾ اچي ٿو، پ پ سياسي افراتفري ۽ نفرت جي سياست تي يقين نٿي رکي، ڌمڪين سان شهر جي خدمت نٿي ٿي سگهي، ايم ڪيو ايم ماضي ۾ سنڌ کي ماءُ قرار ڏئي چڪي آهي، مان اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پاڪستاني آهيان، مون کي ان تي فخر آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ان فرق جي سياست کي رد ڪريان ٿو،هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کان توهان 25 ارب رپيا ڪراچي لاءِ اعلان ڪرايا، انهن فنڊن جو ڇا ٿيو،باغ ابن قاسم جو توهان وزيراعظم کان ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪرايو ان مان ڪيتري رقم ڪراچي تي خرچ ٿي، هن چيو ته توهان کي فنڊ جنهن ڏنا آهن ته اها سنڌ حڪومت آهي، توهان کي پيسا وفاقي حڪومت نه پر سنڌ حڪومت ڏئي ٿي ۽ پنهنجي ناڪامي مڃڻ بدران الزام سنڌ حڪومتي تي مڙهي رهيا آهيو. ميئر وسيم اختر کان وڌيڪ ڪو ناڪام ميئر نه آيو آهي، هو پنهنجو بيان واپس وٺي ڪراچي جي عوام کان معافي وٺي، سندس هي بيان سول نافرماني جي زمري ۾ اچي ٿو، توهان بيان ڏيڻ کانسواءِ ڪراچي جي عوام لاءِ ڇا ڪيو آهي، ميئر هاڻ ريگنٽ ڇڏي ڪم ڪري، ڇو ته انسان پنهنجي ڪم سان سڃاتو وڃي ٿو، توهان کي شهر جي خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو نه ڪي سياسي بيان ٺوڪڻ لاءِ، هن چيو ته ميئر جي پريس ڪانفرنس شرم جوڳو عمل آهي، ميئر رياست جي اهم عهدي تي ويٺو آهي ۽ رياست سان ڳنڍيل ڪو شخص عوام کان ٽيڪس نه ڏيڻ جو چوي ته اهو سول نافرماني جي زمري ۾ اچي ٿو، ايم ڪيو ايم پاڪستان ميئر جي بيان جو نوٽيس وٺي، ميئر جو بيان چونڊيل نمائندي جو نه آهي، وفاق عوام کي ٽيڪس ڏيڻ تي ڪائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ان جا اتحادي ان جي خلاف بيان ڏين ٿا، توهان کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ملڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪير به نه آهي، اڄ اسان جي ته سڀاڻي توهان جي حڪومت هوندي، اهڙي قسم جا بيان ڏئي توهان رياست جي خدمت نه پيا ڪريو.

 

ستلج درياهه ۾ ٻوڏ جو خطرو، لڏ پلاڻ جاري، ماڻهو محفوظ هنڌ منتقل، فوج طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۾ ڀارت طرفان سواءِ ڪنهن پيشگي اطلاع جي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي ستلج درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن سبب ماڻهو لڏ پلاڻ ڪندي محفوظ هنڌن تي منقتل ٿي ويا آهن. ڊي سي قصور اظهر حيات جو چوڻ آهي ته ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پوليس، ريجنرز ۽ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي. فلوڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن موجب ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ 1.5 لک ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو پاڪستان ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. ڊويزن اختيارين موجب انڊييا پنجاب ۾ موجود ڀاڪڙا ڊيم مان پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي جنهن سبب ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگھه واري هنڌ پاڻي جو وهڪرو وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. ٻوڏ ۽ حفاظتي بندوبستن تي پنجاب جي وڏي وزير جي هدايت تي متاثر علائقن ۾ 31 امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ لاڳيتو صورتحال کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي جي ترجمان برگيڊيئر مختار احمد چيو آهي ته ستلج درياهه ۾ پاڻ جي وهڪري ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت گنڊا سنگھه والا وٽ پاڻي جو ليول 17.80 فٽ ۽ وهڪرو 37640 ڪيوسڪ آهي. اين ڊي ايم اٿ ترجمان موجب هڪ لک کان 1.5 لک ڪيوسڪ جو ٻوڏ ريلو اڄ شام کان سڀاڻي منجهند تائين گنڊا سنگھه والا هيڊ ورڪس تان گذرندو، 23 آگسٽ تي اهو ريلو سيليمانڪي هيڊ ورڪس تان گذرندو  ۽ 25 آگسٽ تائين اهو وهڪرو اسلام هيڊ ورڪس تي پهچي ويندو. هن موجب ٻوڏ وهڪرو 28 آگسٽ تي پنجند واري هنڌ تي چناب درياهه ۾ شامل ٿي ويندو. اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم اي پنجاب، لاڳاپيل ضلعي انتظاميا، ريسڪيو 1122، پاڪ فوج جا دستا سڀني پنهنجون تياريون ڪري ورتيون آهن ۽ دريا جي ڀرپاسي وارن علائقن جي رهائشين جي منتقلي جو پلان تيار آهي ۽ هنگامي ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن.

 

ننڍن اخباري ادارن کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون: سعيد غني انهن کي به اشتهار ڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هن پوري صوبي ۾ 734 روزنامه، هفتيوار، پندره روزا، ٽي ماهي ۽ ڇھ ماهي اخبارون ۽ رسالا ڇپجي رهيا آهن. انهن مان 413 اخبارون روزانيون آهن. اشتهارن لاءِ اخبارن جي شايع ٿيڻ جي ڪا به پابندي ناهي. پر اشتهار انهن سمورن اخبارن کي جاري ڪري سگھجن ٿا جيڪي يا بي سي سرٽيفائيڊ هجن ۽ ميڊيا لسٽ تي هجن ۽ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اسان ننڍن اخبارن کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ انهن کي به اشتهار ڏيون. هن وقت اسين 2002 جي ايڪٽ جي تحت اطلاعات کاتو هلائي رهيا آهيون. پر 18 هين ترميم کان پوءِ صوبن وٽ نوان ايڪٽ بنائڻ ۽ پاليسيون جوڙڻ جا اختيار اچي ويا آهن ۽ اسان گذريل سال صوبي ۾ نئين ايڪٽ جي حوالي سان ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. پر ان ۾ ڪجھ صحافي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن ۽ صحافين کي ڪجھ اعتراض آهن جنهن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ان ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ٻين اشوز تي متفقه طور تي هڪ لائحه عمل مرتب ڪري ڏيندي. جنهن کان پوءِ اهو ايڪٽ اسمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. سنڌ آرڪائيوز ۾ هن وقت جيڪي تاريخي دستاويز ، ڪتاب ۽ نقشه موجود آهن ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ائين ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ نٿو ٿئي. هو اڱاري واري ڏينهن سنڌ اسمبلي جي سوالن جي وقفي جي دوران مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. وزير اطلاعات سعيد غني چيو ته هن وقت پوري صوبي ۾ 734 روزنامه، هفتيوار، پندرنهن ڏينهن وارا، ٽن ماهي، ۽ ڇهن ماهي اخبارون ۽ رسالا ڇپجندا آهن، ان مان 413 اخبارون رزانيون، جن مان اردو روزنامن جو انگ 226، انگريزي جا 49، سنڌي جا 134 جڏهن ته گجراتي جا 3 ۽ بلوچي زبان جو هڪ روزنامون شامل آهن. هن چيو ته اخبارن جي رجسٽريشن جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي ذريعي ان جو پروسيس ڪري ان کي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (اسلام آباد) کي موڪليو ويندو آهي جيڪو ان کي منظوري ڏيندو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب  ۾ سعيد غني چيو ته اخبارن کي اي بي سي سرٽيفائيڊ ۽ ميڊيا لسٽ به وفاقي ادارا پي آئي ڊي مان منظوري بعد ڏني ويندي آهي ۽ اهو 2002 جي ايڪٽ جي تحت آهي. هن چيو ته صوبي ۾ 413 روزناما ضرور آهن پر حقيقت اها آهي ته سمورا ڇندا ناهين ۽ ان لاءِ جيڪو قانون آهي ان جي تحت هر روزنامي کي پنهنجي روز جي اشاعت جون 4 ڪاپيون انفارميشن ڊپارٽمينٽ سنڌ کي موڪلڻيون هونديون آهن. ۽ جيڪڏهن ڪو ان ۾ ڪامياب ناهي ٿيندو ته اطلاعات کاتو ان کي نوٽيس ۽ بعد ۾ فائنل نوٽيس موڪليندو آهي. ۽ ان کان پوءِ ان جي خلاف ڪارروائي ۽ ان جي ڊڪليريشن رد ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي لکت ۾ خط موڪليو ويندو آهي جيڪو پنهنجي ڪارروائي کان پوءِ مجاز آهي ته ان اخبار جي ڊڪليريشن رد ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته اشتهارن لاءِ اخبارون ڇاپڻ جي انگ تي ڪا به پابندي ناهي پر سيپرا ۽ ٻين ٽينڊرز جي اشتاعت لاءِ 3 کان 4 زبانن جي وڏي اخبارن جي شرط آهي جنهن کي پورو ڪيو ويندو آهي پر ٻيا اشتهار سمورن اخبارن کي جاري ڪري سگھجن ٿا. جيڪي اي بي سي سرٽيفائيڊ هجن ۽ ميڊيا لسٽ تي هجن ۽ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اسان ننڍن اخبارن کي به مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ انهن کي اشتهار ڏيون. پر جيئن ته 18هين ترميم کان پوءِ صوبن وٽ نئون ايڪٽ بڻائڻ ۽ پاليسيون جوڙڻ جو اختيار آهي. ۽ اسان گذريل سال صوبي ۾ نئين ايڪٽ تي ڪم ڪيو آهي ر ان ۾ ڪجھ صحافي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن ۽ صحافين کي اعتراض  هئا. جنهن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ان ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ٻين اشوز تي لائحه عمل تيار ڪري ڏيندي. جنهن کان پوءِ اهو ايڪٽ سنڌ اسمبلي ۾ منظوپري لاءِ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ان ايڪٽ ۾ جتي اخبارن جي ڊڪليريشن ۽ ٻيا معاملا جيڪي هن وقت وفاقي اداري پي آي ڊي وٽ آهن اهي سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ وٽ اڇي ويندا جنهن سان اسين اخبارن جي باري ۾ وڌيڪ واضع پاليسيون جوڙي سگھنداسين ۽ اشتهارن جي حوالي سان به ڪا پاليسي جوڙي سگھنداسين. جنهن سان شفافيت جو عنصر وڌيڪ بهتر ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ جي اطلاعات کاتي جو اشتهارن جي ڏس ۾ ساليانو بجيٽ تقريبن 5 ارب روپيا آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گزيٽ نوٽيفڪيشن مختلف ادارن جا انهن جي پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع ٿيندا آهن پر اسان هاڻ ان کي هڪ پليٽ فارم يعني اطلاعات کاتي جي ويب سائيٽ سان الائيزڊ طريقي سان شايع ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر غزاله سيال جي هڪ سوال جي جواب ۾ وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني چيو ته هن وقت صوبي ۾ 67 نيوز ايجنسيون رجسٽرڊ آهن ۽ حيرت انگيز طور تي اهي سڀ ڪراچي ۾ ئي رجسٽرڊ آهن سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا به نيوز ايجنسي رجسٽرڊ ناهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيوز ايجنسي جي رجسٽريشن جو طريقيڪار به اهڙو ئي آهي جئين اخبار جي ڊڪليريشن هوندي آهي. اخبارن جو ڊڪليريشن جو اختيار ڊي سي جي بجائي کاتي وٽ هجڻ جي سوال جي جواب ۾ وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت جي 2002 جي ايڪٽ ۾ اهو اختيار ڊپٽي ڪمشنر وٽ آهي ۽ جيئن ته اسان اڃان ايڪٽ منظور ناهي ڪرايو ان ڪري سموريون ڪارروائيون ڃاڻايل 2002 ايڪٽ جي تحت ئي صوبي ۾ رائج آهي. جڏهن صوبو پنهنجو ايڪٽ بڻائي ويندو پوءِ اسان ان ۾ ان سلسلي ۾ ڪا ترميم ڪري سگھون ٿا. اطلاعات کاتي جي تحت صحافين جي تربيت جي باري ۾ پچيل سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته اطلاعات کاتي تحت صحافين کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تربيت ناهي ڏني ويندي جڏهن ته خناگي ٽي وي چئنل ۽ اخبارون ۽ اين جي اوز ان قسم جا تربيتي پروگرام ترتيب ڏينديون آهن ۽ اهي جيڪڏهن اطلاعات کاتي کي سهڪار جي درخواست ڪندا آهن ته اسين انهن سان سهڪار ڪندا آهيون سوالن جي وقفي جي دوران اپوزيشن ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي پاران آرڪائيوز جي حوالي سان سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته سنڌ آرڪائيوز ۾ هن وقت تاريخي دستاويز، ڪتاب ۽ نقشا موجود آهن ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال هتي ٿي رهيو آهي ائين ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ ناهي . هن چيو ته اسان جي آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ جي هڪ خوبصورت ۽ جديد گھرجن سان ڀرپور عمارت ڪلفٽن جي علائقي ۾ موجود آهي جتي ڪلهوڙو دور  کان سمورو تاريخي ورثو چاهي چاهي اهو ڪتابن جي صورت ۾ هجي يا نقشي جي صورت ۾ مختلف دورن جي اسيمبلين جي ڪارروائي جي صورت ۾ اتي محفوظ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان 18 هين ترميم کان پوءِ ٻين صوبن کان به سنڌ جي ان قديم ورثي ۽ هتان جي دستاويز کي ٻين صوبن ڱان به منقتل ڪيو آهي جڏهن ته برطانيا ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌ جي حوالي سان لکيل صديون پراڻن ڪتابن کي به ان عمارت جي مختلف لائبريرن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آرڪائيوز کاتي هن سال پنجن نئين اسڪيمن تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ مختلف ۾ ان قسم جي عمارتن ۽ اتان جي رڪارڊ کي ان ئي عمارت ۾ محفوّظ ڪرڻ جي انتطامن سميت ٻيا شامل آهي. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته اڃان تائين کاتي پاران ريسرچ جي حوالي سان ڪنهن به يونيورسٽي سان ڪو به معاهدو ناهي ڪيو ويو پر اسان وٽ صوبي ۽ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪالجيز جا شاگرد ۽ ساگردياڻيون ۽ ريسرچ ڪندڙ ان عمارت جو دورو ڪندا آهن ۽ ان ريسرچ ۾ آرڪائيوز کاتو سهڪار فراهم ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سموري رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان ويب سائيٽ ۽ مختلف موبائل ايپ جي ذريعي ان جي پوري دنيا تائين رسائي جي حوالي سان به پاليسي جوڙي رهيا آهيون ۽ ان تي ڪم جاري آهي.

 

ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، نينگر سميت 3 شهري شهيد، پاڪ فوج فوجي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو

راولپنڊي(نيوز ڊيسڪ) ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگر سميت 3 شهري شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏيندي فوجي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ تتا پاني سيڪٽر تي آبادي کي نشانو بڻايو. ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 7 سالن جي نينگر سميت 3 شهري شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي فوج کي ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀارتي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي به ٿي پيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي فائرنگ ۾ ڀارتي فوج جا 2 بنڪرز به مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن.

 

آمريڪي صدر پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي والاريل رياست ۾ عوام کي عيد جي نماز ادا ۽ قرباني ڪرڻ نه ڏني ويئي وادي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀ ڄاڻن ٿا ڪيستائين اهڙو ماحول رهندو ڪيستائين هي حڪم رهندو دنيا به ڀارتي بچاءُ وري وزير جي غير ذميواراڻي بيان کي ڏسي رهي آهي اسان جي سوچ آر ايس ايس واري نه اهي اسان پنهنجي اقليتن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ڪشمير جي مسئلي تي سڀ گڏ آهيون هي تنقيد جو وقت نه آهي ڪشمير جي معاملي جي حساسيت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي لاءِ آمريڪي صدر جا ٿورائتا آهيون ڊونلڊ ٽرمپ والاريل وادي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي پرڏيهي وزير خطي جي صورتحال ۾دلچسپي وٺڻ تي آمريڪي صدر جا ٿورا به مڃيا گذريل ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ عمران خان وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت هن چيو ته عمران خان ٽرمپ کي چيو ته ڀارت جي جارحاڻي پاليسي جاريآهي وزيراعظم ٽرمپ کي چيو ته اوهان صحيح آيو ته انساني هقن جي ٽيمن کي والاريل ڪشمير موڪليو وڃي ڀارتي بچاءُ واري وزير راجناٿ سنگهه جي بيان کي غير ذميواراڻُ قرار ڏيندي هن چيو ته ڀارت جي عوام کي سخت ڳڻتي آهي ته سرڪار اسان کي ڪيڏنهن ڌڪي رهي آهي دنيا به ڀارتي بچاءُ واري وزير جي غير ذميواري واري بيان کي ڏسي رهي آهي چنار وادي جي حالتن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي نيو ڪليئر فليش پوائنٽ بڻائي ڇڏيو آهي واڌي ۾ مسلمانن کي ضبح ڪيو پيو وڃي والاريل ڪشمير ۾ ٽن هفتن کان ڪرفيو لاڳو آهي اسڪول بند پيا آهن والاريل رياست ۾ عوام کي عيد جي نماز ۽ قرباني ڪرڻ نه ڏني ويئي وادي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀ ڄاڻن ٿا.

 

والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺي ڳالهه آهي ڀارت هڪ طرفي قدمن سان حقيقتون تبديل نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سگهي ٿو هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جنهن بهتر نموني سان دنيا ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو قوم کي ان تي فخرآهي هن چيوت ه عالمي برادري هڪ طرفي ڀارتي قدمن ۽ ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس سان ڀارتي دعويٰ ڪوڙي نڪتي ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي هن چيو ته ڀارت هڪطرفي قدمن سان حقيقتون نه تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي دنيا جي اکين ۾ دوڙ وجهي سگهي ٿو هن چيو ته ڀارتي ناانصافين ۽ ڪشميرين تي ظلم جو ڪيس هر فورم تي پيش ڪندا رهنداسين هن چيو ته هر فورم تي ڀارت کي ان ظلم جو آئينو ڏيکارينداسين.

 

جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل: وڊيو تڏهن مفيد هوندي جڏهن نواز شريف جي آزادي جي درخواست ايندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل تي ٻڌڻين بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت جج ارشد ملڪ کي لاهور موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سندس اعتراض جوڳي وڊيو حڪومت وٽ آهي، اُها به کيس بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پُڇيو ته ناصر جنجوعه دعويٰ ڪئي هئي ته ارشد ملڪ کي هُن جج مقرر ڪرايو هو، ڇا اُهو مبينا شخص سامهون آيو، جنهن ارشد ملڪ جي مقرري ڪرائي هئي؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اُهو مبينا شخص منظرعام تي نه آيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ وڊيو هئي، جنهن ذريعي جج کي بليڪ ميل ڪيو ويو، ٻي وڊيو پريس ڪانفرنس ذريعي ڏيکاري وئي هئي.
مبينا اعتراض جوڳي وڊيو وارو معاملو اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهباز شريف ۽ ليگي قيادت وڊيو کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، مريم نواز به وڊيو کان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس چوڻ هو ته اعتراض جوڳي وڊيو نه ڏٺي آهي. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ پٽاندڙ ملتان واري اعتراض جوڳي وڊيو ۾ طارق محمود به نظر اچي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل، اُهو نظر اچي رهيو آهي. اُن وڊيو جي فارينزڪ ڪرائي وئي آهي، باقي ارشد ملڪ جي نئين وڊيو جي فارينزڪ نه ڪرائي وئي آهي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جج ارشد ملڪ جي وڊيو سڄي ملڪ ۾ ماڻهن وٽ اچي وئي آهي، رڳو ايف آءِ اي وٽ نه آهي؟ وڊيو جي فارينزڪ ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ سڄو ملڪ ۽ عدالت جنهن وڊيو جي حوالي سان سوال پُڃي رهي آهي، اُن جي فارينزڪ ناهي ٿي سگهي، اِن جو ڪهڙو ثبوت آهي ته پهرين وڊيو اصل آهي؟
ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ ابهام ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته رپورٽ ۾ ابهام پيدا ٿيو آهي، غالبن 2 وڊيوز هيون، هڪ وڊيو اعتراض جوڳي هئي، جنهن ذريعي جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻي وڊيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاري وئي. ڏسڻو اهو آهي ته وڊيو جي ڪاپي جي فارينزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته يوٽيوب وڊيو جي فارينزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ڪجهه ڄاڻ کُليل عدالت ۾ نٿي ڏئي سگهجي، هن ڪيس جا 2 اهم ڪردار ناصر بٽ ۽ سليم هن وقت ملڪ ۾ نه آهن. وڊيو مان نواز شريف کي فائدو ٿيندو؟ ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته نواز شريف جي سزا ختم ۽ آزادي جي حوالي سان وڊيو فائديمند تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڪا درخواست داخل ڪئي وڃي، ڇا قانوني فائدو وٺڻ لاءِ ڪنهن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نه ڪنهن به درخواست داخل ناهي ڪرائي. عدالت ٻڌڻي بعد ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. جج کي لاهور واپس موڪلڻ جو حڪم عدالت اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي حڪم ڏنو ته جج ارشد ملڪ کي لاهور واپس موڪليو ته جيئن واڳيل عدالت ڪيس تي فيصلو ڪري سگهي، توهان کيس اسلام آباد ۾ ويهاري ڇو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهيو. جيڪو جج عام سائل کان بليڪ ميل ٿئي ٿو ته اُهو ڪنهن کان به بليڪ ميل ٿي سگهي ٿو. جج ارشد ملڪ جي اعتراض جوڳي وڊيو وفاقي سرڪار وٽ آهي، تنهن ڪري اُها به کيس بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي.

 

وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، استادن جي تربيت تي خاص توجه ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو استادن جي سکيا وارن پروگرامن ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سخت جاکوڙ ڪري رهيو آهي ته جيئن بهترين استاد اڀري اچن ۽ ايندڙ نسل جو تعليمي مستقبل محفوظ ٿي سگهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسڪول ايجوڪيشن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن قاضي شاهد پرويز، ايڊيشنل سيڪريٽري (ترقيات) عليم لاشاري، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هو استادن جي سکيا وارن پروگرامن تي ڌيان ڌري رهيو آهي. هن چيوته اسان استادن جي تربيت کي ري ڊزائين ڪندي ٽين دنيا خاص طور سريلنڪا جي پريڪٽس ۽ نئون ٽرينڊ متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بهترين استادن جي تربيتي اڪيڊمي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ٿيوري، پريڪٽيڪل ٽيچنگ، ڪميونيڪيشن جي طريقي، ٽيچنگ ٽيڪنيڪس، شاگردن ۽ والدين سان ڊيلنگ جو طريقيڪار ۽ اخلاقيات لاءِ استادن جي تربيتي پروگرامن کي ري ڊزائين ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. هن چيو ته اسان اهڙن ملڪن جنهن بهترين تعليمي هدفن  کي حاصل ڪيو آهي کان لاڀ پرائي سگهون ٿا. وڏي وزير ڪلاس پهرين کان اٺين ڪلاس تائين درسي ڪتابن جي سموري مواد جي نظرثاني ڪرڻ جي بھ منظوري ڏني. منصوبي تحت درسي ڪتابن جي مواد جي نظرثاني ڪئي پئي وڃي جنھن لاءِ ماھرن جي ھڪ ڪميٽي سميت پبلشرن، رائيٽرن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ناليوارا تعليمدان تي ٻڌل جوڙي وئي آھي جيڪا سموري مواد جي چڪاس ۽ انھيءَ کي جديد ضرورتن موجب اپ ڊيٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي. سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن قاضي شاھد پرويز وڏي وزير کي ٻڌايو تھ ڪم ھلندڙ آھي ۽ ايندڙ 3 مھينن اندر ان جي منظوري لاءِ وڏي وزير کي پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪڏھن ان جي منظوري ڏني وئي تھ ايندڙ سيشن يعني پھرين جولائي کان عملدرآمد ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو تھ درسي ڪتابن جي نئين مواد ۾ شاگردن لاءِ اٽريڪشن ھجڻ گھرجي تھ جيئن اھي سٺي طريقي سان ۽ دلچسپي سان پڙھي سگھن. ھن درسي ڪتابن بابت رھنمائي ڪندي چيو تھ انھن ۾ رنگن جي اسڪيم، آئي ٽي بابت ڄاڻ يا جديد اوزارن وغيرھ تي پر درسي ڪتابن جي مواد ۾ لازمي طور اعليٰ قدر، انساني حقن ۽ جانورن جي حقن، مذھبي رھنمائي ۽ حب الوطني بابت بھترين مواد ھجڻ گھرجي. ھن چيو تھ ڪتابن کي گريڊ/ڪلاس جي گھرجن موجب ڊيولپ ڪيو وڃي. سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز وڏي وزير کي ٻڌايو تھ اي ڊي پي جي 140 اسڪيمن لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا آھن جنھن تحت 2000 اولين ترجيح اسڪول يونٽن ھلندڙ مالي سال جي آخر تائين قائم ڪيا ويندا. ھن چيو تھ گذريل سال 1400 اسڪول جون عمارتون مڪمل ٿيون آھن. وڏي وزير سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي ھدايت ڪئي تھ ھو اسڪولن لاءِ فرنيچر جي خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪري. ھن چيو تھ فرنيچر سٺي معار جو ھجڻ گھرجي ۽ خريداري شفاف نموني سان ڪئي وڃي. فرنيچر جي خريداري لاءِ عالمي ٽينڊر  ڪرائڻ جي بھ تجويز ھئي پر وڏي وزير چيو تھ سٺي ساک رکندڙ مقامي فرمن کي ترجيح ڏني وڃي. ھن کاتي کي اھا پڻ ھدايت ڪئي تھ ھو مقامي سطح تي فرنيچر جي خريداري جي امڪانن جو پڻ احاطو ڪري تھ جيئن اھو آساني سان ٿي سگھي. وڏي وزير تعليم کاتي کي اھا پڻ ھدايت ڪئي تھ ھو نوان استاد ڀرتي ڪن جيڪي سائنس، حساب ۽ انگريزي پروفيشنل طريقي سان پڙھائي سگھن. ھن چيو تھ اسان کي پنھنجن استادن کي تربيتي نظام کي مضبوط بڻائڻ آھي ۽ گڏوگڏ ٽيچنگ جي صلاحيتن ۽ استادن جي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي پڻ بھتر  بڻائڻو آھي.

 

فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن، ڏوهارين سان مقابلو، ڊي ايس پي خانپور شهيد

شڪارپور/چڪ/خانپور (نمائندن وٽان) مشهور فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي خانپور سميت 2 اهلڪار مرڻينگ، نازڪ حالت ۾ سکر ريفر. پوليس موجب آپريشن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ ڪجهه ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. جگر جلال، سندس پٽ، هڪ ڀاءُ ۽ ٻن سازندن جي بازيابي لاءِ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ اهلڪار بابر شاهه سخت زخمي ٿي پيا، ٻنهي کي پهريان مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کين سکر ريفر ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن سان مقابلو جاري آهي، پوليس جي فائرنگ ۾ ڪجهه ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.