تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

Daily Archives: August 4, 2019

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي اڳرائي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي هر فورم تي اٿارڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ڀارت پاران هٿين خالي ڪشميرين تي وڌندڙ ڀارتي اڳرائي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي هر فورم تي اٿرڻ جو فيصلو ڪيو آهي آچر تي شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ اڳوڻن سيڪريٽريز جو هنگامي صلاح مشورن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڳڻتي واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير جي صورتحال کي سڄي دنيا کي ڳڻتي آهي ڀارتي ارادن ، خطي ۾ امن امان تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري انساني حقن جون تنظيمون تڪڙو ان صورتحال جو نوٽيس وٺن.

 

سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، 4 وزيرن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 4 وزيرن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ 4 نون وزيرن پنهنجي عهدن جو حلف کنيو، کين گورنر عمران اسماعيل حلف کڻايو.  حلف کڻندڙن ۾ سيد ناصر شاهه، عبدالباري پتافي، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ سهيل انور سيال شامل آهن. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نثار کهڙي ۽ اعجاز شاهه شيرازي کي صلاحڪار مقرر ڪيو آهي.

 

سموري سياسي قيادت کي هڪ زبان بڻجي ڀارتي دهشتگردي کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪرڻ گهرجي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظ۾ جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي سموري سياسي قيادت کي گڏجي ڀارت کي سڄي دنيا آڏو وائکو ڪرڻ گهرجي سياسي قيادت ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي معاملن تي اتحاد ۽ ٻڌي جو پيغام ڏئي ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هي وقت سياست جو ناهي پر ملڪي سلامتي ۽ ڪشميرين جي آزادي واري حق سان ڄمي بيهڻ جو آهي.

 

پاڪستان ڪشميرين جو وڪيل هو ۽ انهن جي فتح تائين رهندو: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته ڪشميرين جي فتح لازمي ۽ واضح آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته نوجوانن جي شهادت مذمت جوڳو عمل آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل صورتحال جو فوري طور نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير ۾ بي ڏوهن جو قتل عام روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن سميت سڄي دنيا والاريل وادي ۾ ڀارتي فوج جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي. سندس چوڻ هو ته نريندر مودي هوش کان ڪم وٺي ۽ ياد رکي ته بي ڏوهن جو رت ظالم قومن ۽ رياستن کي کائي ويندو آهي، ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرايون ٿا ته هر پاڪستاني ان جدوجهد ۾ توهان سان گڏ آهي، پاڪستان ڪشميرين جو وڪيل هو ۽ انهن جي فتح تائين رهندو، الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح مظلوم ڪشميرين جي ٿيندي، ڇو ته اهي حق تي آهي ۽ الله پاڪ سدائين مظلوم جي مدد ڪندو آهي.

 

پاڪستاني قوم ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستاني قوم ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خاطري ڪرايون ٿا ته پاڪستان انهن سان گڏ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر سراج الحق چيو ته ايل او سي تي ڀارتي شر پسندي وڌي وئي آهي، عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڀارت خطي کي جنگ جي باهه ۾ ڌِڪڻ چاهي ٿو، ڪلسٽر بمن سان وڏي تباهي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، رت جي آخري ڦڙي تائين ڪشميرين جو ساٿ ڏينداسين، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته حڪمرانن کي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌڻ گهرجي.

 

ماهره خان ۽ مهوش حيات ۾ اداڪاري واريون صلاحيتون ئي موجود ناهن: ناديه خان

 

ڪراچي(شوبز نيوز)اداڪاره ۽ ميزبان ناديه خان اداڪاره ماهره خان ۽ مهوش حيات جي اداڪاري تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته منهنجي ويجهو نه ته ماهره خان کي اداڪاري ايندي آهي ۽ نه ئي مهوش حيات ۾ اداڪارائن واريون صلاحيتون موجود آهن. گذريل هڪ هفتي کان پاڪستان جي سينئر اداڪار فردوس جمال جو ماهره خان بابت ڏنل بيان ته نه ته هو سٺي اداڪاره آهي ۽ نه ئي سٺي هيروئن سوشل ميڊيا تي تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ وري هاڻ اداڪاره ۽ ميزبان ناديه خان جو بيان به سوشل ميڊيا تي اچي ويو آهي جنهن ۾ هن ماهره خان ۽ مهوش حيات ٻنهي کي اداڪاري جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. اداڪاره ناديه خان تازو ئي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان احسن خان ناديه خان کان سوال ڪيو ته هو اداڪاره ماهره خان، صبا قمر ۽ مهوش حيات ان ٽنهي جي اداڪاري جي حوالي سان ڪهڙن نمبرن تي رکندي. جنهن جي جواب ۾ ناديه چيو ته هو پهرين نمبر تي صبا قمر کي رکندي ٻئين نمبر تي اقرا عزيز کي جڏهن ته ان جي ويجهو اداڪاره ماهره خان ۽ مهوش حيات کي ان لسٽ ۾ شامل ئي نٿي ڪرڻ چاهي ڇو ته هنن ٻنهي کي اداڪاري ئي نٿي اچي. ميزبان احسن خان ناديه خان جو جواب ٻڌي حيران ٿي ويو ڇو ته مهوش حيات جي اداڪاري تي اڄ تائين ڪنهن به سوال ناهي اٿاريو هي پهريون دفعو آهي جو ناديه خان ان کي به اداڪاري جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

 

ڪرينا کي لنڊن ۾ ساٿي ماڊل سان گڏ ڪافي پيئڻ مهانگي پئجي وئي، وڊيو وائرل

 

لنڊن(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ڪرينا ڪپور کي لنڊن ۾ ساٿي ماڊل سان گڏ ڪافي پيئڻ مهانگي پئجي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڀارٽي ميڊيا مٿس ڪڙڪي پئي. بيبو گرل ڪرينا ڪپور هن وقت لنڊن ۾ ترسيل آهي جٿي هو هڪ برانڊ لاءِ ماڊلنگ ڪري رهي آهي برانڊ جي شوٽ ۾ مصروف بيبو گرل ساٿي ماڊل سان گڏ ڪافي پيئڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون ڪڍيون ۽ هڪ ڪافي هائوس پهتي ته ميڊيا ورڪرن سندس وڊيوز ڀري ورتيون. ڪافي هائوس ۾ ساٿي ماڊل سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڀارتي ميڊيا پاران مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور هاڻي ماءُ بڻجي چڪي آهي انڪري کيس ماڊلز سان ايترو بي تڪلف نه ٿيڻ گهرجي جڏهن ته ان حوالي سان ڪرينا ڪپور جي دوستن جو چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور گهڻي وقت بعد ٻيهر ماڊلنگ شروع ڪئي آهي انڪري هو ساٿي ماڊلز سان بي تڪلف آهي. سندن چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور ساٿي ماڊلز کي هميشه اڳيان آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي ان ڪري هو هر وقت اها ڪوشش ڪندي آهي ته ساٿي اداڪارن جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مدد ڪري، ان ڪري لنڊن ۾ پڻ هو ماڊلنگ دوران ساٿي ماڊلز سان دوستن وانگر ورتاءُ ڪري رهي آهي.

 

وڌيڪ ٻن سالن لاءِ ٽيم منهنجي حوالي ڪريو پوءِ ڪمال ڏسو: آرٿر جي آڇ

 

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) ڪوچ مڪي آرٿر پي سي بي کي آڇ ڪئي آهي ته وڌيڪ 2 سالن جي لاءِ قومي ٽيم منهنجي حوالي ڪريو ۽ پوءِ ڪمال ڏسو. جڏهن ته قومي رانديگر ڪوچ مڪي آرٿر کان خوش ناهن. جنهن سبب اعتماد جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.هوڏانهن بورڊ اختيارين سان تمام ويجهو رهندڙ هڪ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪوچنگ جي لاءِ اڳوڻي سريلنڪا جي رانديگر مهيلا جي وردني جو نالو ڏنو آهي پر ان جو آءِ پي ايل سان وڏو معاهدو آهي ۽ پاڪستان کيس ايتري وڏي رقم  نٿو ڏئي سگهي.رپورٽ موجب مڪي آرٿر پي سي بي کي چيو آهي ته مون کي وڌيڪ 2 سالن لاءِ ذميواريون ڏنيون وڃين ان دوران هو ٽيم کي بهتر بنائي ڇڏيندو. هن اها به راءِ ڏني آهي ته ڪنهن پاڪستاني کي ان جو نائب بنايو وڃي ته جيئن هو ان سان گڏ رهي سکي سگهي ۽ پوءِ جڏهن هو وڃي ته ڪوچنگ ان جي حوالي ڪئي وڃي.

 

ڀارتي باڪسر جو راند ۾ به جنگي جنون هٿيار سجائي عامر خان کي مقابلي جو چيلنج

 

نئين دهلي: (اسپورٽس نيوز) ڀارتي باڪسر نيراج گويت راند ۾ به جنگي جنون ڏيکاريندي پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي ٽيبل تي هٿيار سجائي مقابلي جو چيلنج ڏنو آهي.ڀارتي باڪسر نيراج گويت سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو هٿيارن سان سجايل ٽيبل سان گڏ ويٺل آهي. ان تصوير سان گڏ ڀارتي باڪسر ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مان هاڻ فٽ ٿي ويو آهيان ۽ عامر خان کي رنگ ۾ هارائڻ جي لاءِ تيار آهيان.برطانوي ڄائي پاڪستاني باڪسر عامر خان به ڀارتي باڪسر نيراج گويت کي جواب ڏيندي چيو آهي ته تون مون کي هن هٿيارن سان نٿو هارائي سگهين. مون کي هارائڻ جي لاءِ توکي هٿيارن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته ڀارتي باڪسر ۽ عامر خان جي وچ ۾ فائٽ گذريل مهيني 12 جولاءِ تي سعودي عرب ۾ شيڊول هئي پر ڪار حادثي سبب نيراج گويت عامر خان سان فائٽ تان هٿ کڻي ويو هو.