تازيون خبرون
پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيڻ سان 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو: عمران خان - آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي پيسا موڪليندڙ 4 ڪمپنيون گڏيل آهن: شهزاد اڪبر - ن ليگ پاران وزيراعظم، شهزاد اڪبر ۽ ٻين خلاف برطانوي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان - پ پ جا وڏيرا پاڻي چور آهن، نادر مگسي پاران رينجرز گهرائڻ جو مطالبو - پاڪستان ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو معذور آهن، انهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل زميواري آهي: عارف علوي - شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي: فردوس عاشق اعواڻ - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر ۽ عثمان بوزدار جون ملاقاتون، تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جي خاطري - اڳوڻي صدر جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ، پرڏيهي امداد اسٽيٽ بئنڪ ۾ ايندي آهي: آصف علي زرداري - يونيسيف جي سهڪار سان پورهيو ڪندڙ ٻارڙن بابت سروي ڪري رهيا آهيون جئين انهن کي فني تعليم ڏئي سگهجي: وڏو وزير - ايڪنڪ داسو پن بجلي منصوبي جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد خوشخبري ٻڌائينداسين: فيصل واوڊا

Daily Archives: July 10, 2019

ڪنهن به سزا يافته شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عدالتن مان سزا ماڻيندڙ ماڻهن جي ٽي وي انٽرويوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به سزا يافتا شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 12 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دور ۾ خرچن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ عمران خان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف جي دور ۾ پرڏيهي دورن تي 1421.5 ملين، جڏهن ته آصف زرداري جي دور ۾ 183.5 ملين رپيا خرچ ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سزا يافتا ماڻهن جي ٽي وي انٽرويوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙا انٽرويو نشر ڪرڻ خلاف پيمرا سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به سزا يافتا شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اڳوڻا حڪمران قومي ناڻي تي دورا ڪندا رهيا، ملڪ ۽ قوم کي انهن پرڏيهي دورن سان ڇا حاصل ٿيو؟ اڳوڻن دورن ۾ اڏايل دولت جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ورتو ويندو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف پنهنجي 4 سالن جي دور ۾ 1 ارب  84 ڪروڙ رپيا پرڏيهي دورن تي خرچ ڪيا جڏهن ته آصف علي زرداري صدر طو 1 ارب 42 ڪروڙ رپين جا 134 دورا ڪيا. ڪابينا اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ گذريل ٻن دورن جي 10 سالن جو ملڪي قرض 6 هزار ارب کان وڌي 30 هزار اربن تائين پهچڻ وارو معاملو بحث هيٺ آيو، جڏهن ملڪي قرض وڌي رهيا هئا ته حڪمرانن جي شاهي خرچن جو ٻڌي لِڱَ ڪانڊارجي ويندا آهن. تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ 134 پرڏيهي دورا ڪيا، انهن دورن تي 1 ارب 42 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، هو گڏيل طور تي 257 ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهيو ۽ ان دوران هن جي هوٽل ۾ قيام تي 55 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، آصف زرداري 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پاڻ سان گڏ پرڏيهي دورن تي وٺي ويو. وفاقي وزير موجب آصف علي زرداري جا 48 دورا ذاتي نوعيت جا هئا، هن جا رڳو دبئي جا 51 دورا هئا جنهن تي 10 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا ۽ وڏي ڳالهه ته اِها آهي ته هڪ غريب ملڪ جي صدر آصف زرداري پنهنجي سمورن دوران دوران رڳو ٽپس جي مد ۾ 2 ڪروڙ خرچ ڪيا ۽ ساڍن 4 ڪروڙ رپين جا تحفا ماڻهن کي ڏنا. شفقت محمود ٻڌايو ته نواز شريف وزير اعظم طور 4 سالن ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپيا پرڏيهي دورن تي خرچ ڪيا، هو 262 ڏينهن ٻاهر رهيو هن لنڊن جا 24 دورا ڪيا جن تي 22 ڪروڙ 39 لک خرچ ٿيا، نواز شريف جا لنڊن جا 20 دورا ذاتي هئا جنهن تي سرڪاي خرچ ٿيو، هن سعودي عرب جا به 12 دورا ڪيا جنهن تي 24 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا پنهنجي دورن دوران نواز شريف 3 ڪروڙ رپين جو ٽپون ڏنيون، جڏهن ته 6 ڪروڙن جا تحفا پڻ ڏنا انهن خرچن ۾ پي آءِ اي جو جهاز استعمال ڪرڻ جو نقصان شامل ناهي نواز شريف جي جهاز لکڻ وڃڻ تي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. شفقت محمود ٻڌايو ته گذريل دورن ۾ عجيب شيون ڏٺيون وزير هتان کان سواءِ ٻاهر به نوڪريون ڪري رهيا هئا، مسلم ليگ ن جو خواجا آصف بچاءَ وارو وزير، پرڏيهي وزير، پاڻي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم جو وزير به رهيو، ۽ گڏوگڏ ئي هو پرڏيهي ڪمپني جو ملازم هو. خواجا آصف اقامي جي ذريعي هڪ ڪمپني کي ايڊوائزر شپ ڏئي رهيو هو ۽ ڪمپني کان 15 لک رپيا وٺي رهيو هو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته خواجا آصف وزير به هو ۽ پرڏيهي ڪمپني جو ايڊوائزر به هو، جاچ جي ضرورت آهي ته هو پرڏيهي ڪمپني جو ايذوائرز ڇو هو، جاچ جي ضرورت آهي ڪنهن جي ڪمپني ۽ ڪهڙي ملڪ جو ڪهڙو ملازم رهيو، حلف جي تحت ڪو وزير ائين نٿو ڪري سگهي، ايستائين جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن صدر بڻيو ته هو پنهنجي ڪمپني کان الڳ ٿي ويو، پر اسان جي مهوريت جو حال ڏسو. يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شاهد خاقان عباسي جي وزير اعظم طور پرڏيهي دورن جي تفصيل جلد پيش ڪئي ويندي.

 

ڪنٽينر وارا پارليامنٽ اندر ويهي پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن: بلاول زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا سڏايل اجلاس ختم ڪرڻ پارليامنٽ تي حملو آهي، پارليامنٽ جي اندران پارليامنٽ تي حملو ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسپيڪر جي آفيس مان هڪ نوٽيفڪيشن نڪتو جنهن ۾ چيو ويو ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا سڏايل اجلاس ختم ڪيا وڃن ٿا.  اڄ ڪنٽينر وارا پارليامنٽ اندر پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، اسٽيڊنگ ڪميٽين بنا پارليامنٽ اڻپوري آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اڄ اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾5 بلن تي بحث ڪرڻو هو. رولز موجب اسپيڪر کي اهو اختيار حاصل ناهي. اڄ جڏهن ڪميٽين جي اجلاسن بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پرڏيهه ۾ آهن. اڄ ڪنٽينر وارا پارليامنٽ جي اندر ويهي پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، رولز موجب اسپيڪر ڪميٽين جي اجلاسن تي پابندي نٿو هڻي سگهي. هن چيو ته هي خودمختيار پارليامنٽ کي نٿا مڃن، اسان سمجهون ته ڀڳل ٽٽل جهموريت به آمريت کان بهتر هوندي آهي. جيڪڏهن اوهان اهڙي نموني ايوان هلائيندئو ته پوءِ مخالف ڌر وٽ آپشن گهٽ هوندا آهن، اسپيڪر کي فوري طور ڪميٽين جي اجلاسن بابت فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان پارليامنٽ خلاف ٿيندر ڪنهن به قدم خلاف ويڙهه ڪنداسين،  هي سمورا قدم ان فاشسٽ حڪومت جو چهرو وائکو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پارليامنٽ ۾ ڪنهن به جهموريت لاءِ اهم ترين ادارو آهي، هتي جهمور جي مسئلن تي ڳالهايو ويندو آهي، ماڻهو پنهنجن معاملن لاءِ ان فورم کي استعمال ڪري هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن جهموريت جا رستا بند ڪيا ويا ويندا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، هن چيو ته گذريل ڏينهن ٽن ٽي وي چئنلن جي نشريات بندي ڪئي وئي، اهو اظهار جي آزادي تي حملو آهي، صحافت جي آزادي تي حملو آهي ۽ اهو ڪنهن طور قابل قبول ناهي. بلاول ڀٽو چيو ته اڄ صحافي نه اخبارن ۾ پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو موقف ڏئي سگهي ٿو، ٽوئيٽر اڪائونٽ بند ڪرايا پيا وڃن. بلاول ڀٽو چيو ته دنيا کي ان جو جواب ڪير ڏيندو هن ملڪ ۾ احسان الله احسان جو انٽرويو هلي سگهي ٿو، ڪلڀوشن ياديو جو انٽرويو هلي سگهي ٿو، پر قبائلي جوانن ۽ اڳوڻي صدر جا انٽرويو سندن موقف نٿا هلي سگهن.

 

نيب انڌو قانون آهي، حڪومت وڊيو جو دفاع ڪندي يوٽرن ورتو: ن ليگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوامي راءِ جي شموليت کان سواءِ  ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ماڻهو اسان کي چئي رهيا آهن ته هن حڪومت مان جان ڇڏرايو. نواز شريف جيل ۾ آهي پر عوام هاڻ به اسان سان گڏ آهي، ملڪ ترقي رڳو تڏهن ڪندو جڏهن عوام جي راءِ شامل هوندي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر چيو آهي ته اڄ جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار رڳو حڪومت آهي انصاف نه ٿيندو ته ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي. شاهد خاقان چيو ته نواز شريف قانون جي بالادستي جي لاءِ ملڪ ۾ واپس آيو هو، هو پاڻ چوي ٿو ته مون کي بليڪ ميل ڪيو ويو آهي اڄ ڪٺهڙي ۾ نواز شريف کي نه وزير اعظم کي هئڻ گهرجي. ن ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته مون ڪهڙي ڪرپشن ڪئي آهي، حڪومت هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ثبوت پيش نٿي ڪري سگهي، مون تي الزام لڳائڻو آهي ته سامهون لڳايو هڪ سال ٿي ويو آهي حڪومت کي ادارا انهن جا آهن، گرفتار ڪرڻو آهي ته ڪيو. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته الله جو شڪر آهي اڄ عوام اسان سان گڏ آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام لڳائڻ سان ملڪ نه هلندو، ملڪ کي هلائڻ وڏي ذميواري جو ڪم آهي، اسان نوجوانن جي روزگار جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون.  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ويڊيو جو دفاع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪلهه ويڊيو جي معاملي تي سڀ کان وڏو يوٽرن ورتو، هن چيو ته ان ويڊيو سان حڪومت ڪو به تعلق ناهي. اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن دعويٰ ڪئي حڪومت پنهنجي طور تي ويڊيو کي چيڪ ڪرائي چڪي آهي، ان ويڊيو جو فرانزڪ ڪرائي ورتو آهي، حڪومت کي به خبر آهي ته ويڊيو ٺيڪ آهي، تڏهن ئي عمران خان چيو ته ويڊيو سان حڪومت جو تعلق ناهي، عدليه پاڻ ڏسي، اهو بيان انڪري ڏنو ويو ته حڪومت کي خبر پئجي وئي ته ويڊيو ۾ ڪا به ٽيمپرنگ ناهي. شاهد خاقان چيو ته ثبوت عوام جي عدالت ۾ رکي ڇڏيو آهي، جنهن سان نواز شريف جي سزا قانوني ۽ اخلاقي طور تي ختم ٿي وئي آهي، کيس جيڪا سزا ڏني وئي ان جي هاڻ ڪا به قانوني حيثيت ناهي رهي، اسان ويڊيو پيش ڪئي، پر ڪنهن تي الزام نه هنيو، ويڊيو کان انڪار ناهي ڪيو ويو، اسان جيڪا ويڊيو پيش ڪئي، اها ئي ڪافي آهي، وڌيڪ ويڊيوز جي ضرورت ناهي، جيتوڻيڪ ن ليگ وٽ ان کانسواءِ به ڪيئي ويڊيوز آهن پر ڪنهن به اداري سان اختلاف نٿا چاهيون. هن چيو ته احتساب جي حقيقت به عوام آڏو اچي چڪي آهي، سوال اهو آهي ته ويڊيو کانپوءِ عدالتي سزا جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ نيب انڌو قانون آهي، جيڪو سدائين سياستدانن خلاف استعمال ٿيو آهي، جنهن ملڪ ۾ انصاف جو نظام شڪي ٿي وڃي اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت جي احتساب جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون آهن. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته ويڊيو ٽيپ احتسابي نظام تي سنگين الزام لڳائي ڇڏيا آهن، اعليٰ عدالتن کي ان معاملي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، اسان ري ٽرائل جي ڳالهه ناهي ڪئي، اسپيڪر جو وس هلي ته اسيمبلي تي ئي پابندي هڻي ڇڏي يا ان کي بند ڪري ڇڏي، اسپيڪر نٿو چاهي ته اسيمبلي هلي، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ ان تي ڪارروائي ٿئي. هن چيو ته اسان اهو پڻ چيو ته سياسي ڪيس آهن، ان تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ماتحت عدليه ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جون رپورٽون ۽ ناڻي واري وزير جي رپورٽن ۾ تضاد آهي، آءِ ايم ايف جي رپورٽ تي تفصيلي پريس ڪانفرنس رکنداسين، ان تضاد کي عوام آڏو رکنداسين.

 

آءِ ايم ايف پروگرام خطري ۾ آهي: گورنر اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اين اين آءِ) گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر رضا باقر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف مطالبا پورا نه ٿيا ته آءِ ايم ايف پروگرام معطل ٿي سگهي ٿو ڪراچي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ معاشي تجزيه ڪارن جي برينگ دوران اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ايف اي ٽي ايف شرط پورا ڪرڻ لاءِ خاص ٽيم ڪري رهي آهي ايف اي ٽي ايف جي ڪري آءِ ايم ايف پروگرام خطري ۾ آهي ايف اي ٽي ايف جا مطالبا پورا نه ٿيا ته آءِ ايم ايف پروگرام معطل ٿي سگهي ٿو ايف اي ٽي ايم مطابق حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ايف اي ٽي ايف ملڪن جي مدد لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان حوالي سان سياستدانن جي ذريعي ميمبر ملڪن سان رابطو ڪيو ويو آهي رضا باقر چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ڪري بچت ۽ خرچن ۾ وڏوخال پيدا ٿيو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي زيرو نه ڪيو ويندو حڪومتي خرچ وڌڻ ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي سان قرضن ۾ اضافو ٿيو ٽيڪس اڳاڙي ۾ گهٽتائي سان مالياتي خساري ۾ واڌ ٿي هن چيو ته پاڪستاني معيشت جي ڀيٽ مصر سان نٿي ڪري سگهجي پاڪستان پنهنجي معيشت کي دستاويزي بنائڻ چاهي ٿو ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي عوام جي قوت خريد بحال ٿي رهي آهي.

 

نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي پابندي. پاڪستان کي ايندڙ مهيني بجليءَ جا اگهه اڍائي رپيه في يونٽ وڌائڻا پوندا: آئي ايم ايف

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان ايندڙ مهيني کان بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا آءِ ايم ايف جي اسٽاف سطح جي هن رپورٽ ۾ وڏو انڪشاف ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي 516 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ جي دعويٰ جي ابتڙ ٽيڪسن جو اصل کاتو رڪارڊ 733 ارب 50 ڪروڙ رپيا آهن رپورٽ ۾ چيو ويو ته 16 مئي کان پاڪستان اوپن ايڪسچينج لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاسڪتان ان حقيقت جو اظهار نه پيو ڪري 39 مهينن جا 6 ارب ڊالر پئڪيج تحت ڪائي نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم متعارف ڪرائڻ تي به مستقل پابندي هوندي پاڪستان تازو ئي جنرل سيلز ٽيڪس جي جڳهه تي ويليو ايڊيٽ ٽيڪس لڳائڻ جو پابند اهي آءِ ايم ايف اسٽاف سطح جي رپورٽ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي پاڪستان کي 6 ارب ڊالر جي منظوري جي پنجن ڏينهن کان پوءِ جاري ڪئي آهي آءِ ايم ايف لاڳو شرطن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي مانيٽر ڪندي جن مان هڪ اها آهي ته ايف آ3 آرکي سيپٽمبر جي آخر تائين 1.071 ٽريلين رپيا ٽيڪسن جي مد ۾ جمع ڪرائڻا پوندا ته جيئن ايف بي آر ايندڙ سال جون تائين 5.503 ٽريلن سالياني حدف کي اصل ڪري سگهي آءِ ايم ايف موجب ايف اي ٽي ايف جي سفارشن تحت پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي ۾ مالي مدد روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رپورٽ ۾ وڌيڪ انبڪشاف ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف جي شرط تي صارفين کان واڌو آمدني جي مد ۾ 150 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ 11 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي ٻي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ آگسٽ جي آخر کان اڳ لاڳو ٿي ويندي. آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط مطابق حڪومت ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ لا3 ڊسمبر جي آخر تائين پارليامينٽ ۾ ترميمي نيپرا ايڪٽ آڻڻ جي پابند هوندي.

آءِ ايم ايف قسط جاري ڪرڻ سان گڏ شرطن جي ڊگهي لسٽ هٿ ۾ ڏئي ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان مستقبل ۾ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم نه ڏيندو، حڪومت سيپٽمبر تائين سگريٽس تي ايڪسائيز لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاءِ لائسنس جاري ڪندي، پاڪستان آڪٽومبر تائين ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽن مان نڪرڻ لاءِ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ جي فريم ورڪ تي اثرائتا قدم کڻندو، هر قسم جون ٽيڪس مراعتون ختم ڪيون وڃن، ٽيڪس اڳاڙي ۾ جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي، گذريل ڏينهن جاري ڪيل پڌرنامي موجب سيپٽمبر تائين حڪومت نيپرا جي تعين ڪيل بجلي جي نون ريٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، حڪومت سيپٽمبر تائين عالمي پارٽنرن جي سهڪار سان جامع سرڪلر ڊيٽ جي خاتمي جو پلان تيار ڪندي، پڌرنامي موجب ڊسمبر تائين پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جو ڪنهن ناليواري عالمي اداري کان آڊٽ ڪرائيندي، حڪومت تي اسٽيٽ بينڪ کان بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ نئون قرض وٺڻ تي پابندي مڙهي وئي، سرڪاري ادارن ۾ گورننس ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون جو مسودو پيش ڪرڻو پوندو، پڌرنامي موجب سيپٽمبر تائين حڪومت کي 76 ارب رپين جو ٽِيڪس ريفنڊز ادا ڪرڻو آهي، ايف بي آر پهرين 3 ماهي ۾ هڪ هزار 71 ارب رپيا ٽيڪس اڳاڙين جو هدف پورو ڪرڻو آهي، پڌرنامي موجب سيپٽمبر تائين حڪومت کي تعليم ۽ صحت تي 3 سئو 49 ارب رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻي آهي، پڌرنامي موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پهرين 3 ماهي ۾ 45 ارب رپيا خرچ ڪرڻا آهن، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سيپٽمبر تائين پاور سيڪٽر کي 23 ارب رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون آهن، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڄاڻايل هدفن تي اڳڀرائي تي جائزو وٺي سيپٽمبر کانپوءِ نئين قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان حڪومت اڳواٽ شرطن تي عمل ڪري چڪي آهي، بينڪن جي وياج جي شرح ۽ گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي، آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان مشڪل معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف موجب هر قسم جون ٽيڪس مراعتون ختم ڪيون وڃن، ٽيڪس اڳاڙين ۾ جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي، رپئي جو ملهه مارڪيٽ طئه ڪري، اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وڃي. ڪرپشن روڪٿام وارن ادارن کي مڪمل خودمختياري ڏني وڃي، جي ايس ٽِي کي ويٽ موڊ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، ريئل اسٽيٽ ۽ زراعت کان وڌيڪ ٽيڪس حاصل ڪئي وڃي، آءِ ايم ايف چيو ته آڪٽومبر تائين ايف اي ٽي ايف جون سموريون شرط مڪمل ڪيا وڃن، سوئي گيس ڪمپنين سان ڊسڪوز قائم ڪيا وڃن، آءِ ايم ايف چيو ته پاڙيسري ملڪن سان واپار وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، 7 نفعو ڏيندڙ ڪمپنين کي خانگايو وڃي، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جو آڊٽ ڪرايو وڃي، سرڪاري ڪمپنين کي خانگائڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي، غريبن لاءِ امدادي پروگرام شروع ڪيا وڃن.

 

مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، صادق سنجراڻي جو استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) ملڪ جي ٻن وڌين اپوزيشن جماعتن جي قيادت تي ڪرپشن جي الزامن جي باوجود پي ٽي آءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سينيٽ ۾ موجود اپوزيشن صادق سنجراڻي جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ جو ٺهراءُ ۽ سينيٽ اجلاس سڏائڻ جي رڪويزيشن جمع ڪرائي ڇڏي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ جي ٺهراءُ کي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ اپوزيشن سان تعلق رکندڙ سينيٽرز جو هڪ اجلاس سينٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفرالحق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ عدم اعتماد جي رٿ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي ويئي اجلاس ۾ شيرين رحمان، پرويز رشيد مصدق ملڪ آصف ڪرماني سميت سسئي پليجو، يوسف باديني، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، مشاهدالله خان، ستاره حيات ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ان کان سواءِ پ پ پ کان رٺل سينيٽر خانزاده خان به هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيو جڏهن ته مخالف ڌر جماعتن جي اجلاس ۾ سراج الحق ۽ مشتاق احمد شرڪت نه ڪئي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ تيار ڪرڻ لاءِ مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سينيٽر شيرين رحمان رولز تي بريفنگ ڏني جنهن کان پوءِ صادق سنجراڻي جي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ شيرين رحمان ۽ سينيٽر جاويد عباسي تيار ڪيو جنهن تي اجلاس ۾ شامل سمورن اپوزيشن سينيٽرن صحيحون ڪري ڇڏيون ذريعن ٻڌايو ته اپوزيشن سينيٽ اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪويزيشن جمع ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو جنهن کي ٺهراءُ سان گڏ جمع ڪرايو ويو. ٻئي طرف  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي پارٽين طرفان سينيٽ چيئرمين کي حمايت جي خاطري ڪرائي وئي آهي. تفصيل موجب مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين کان استعيفيٰ جي مطالبي تي صادق سنجراڻي اتحادي پارٽين طرفان حمايت جي خاطري کان پوءِ مستعفيٰ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. فاٽا جي آزاد ميمبرن طرفان به سينيٽ چيئرمين جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. اتحادي پارٽين سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي گذريل ڏينهن کان ٿيل ملاقاتن ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو هو.

 

ايل اين جي ڪوٽا ڪيس، نيب جون اپيلون رد، نيب جو الله ئي حافظ آهي:   چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايل اين جي ڪوٽا ڪيس ۾ نيب جون اپيلون رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته نيب جو الله ئي حافظ آهي.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ايل اين جي ڪوٽا ڪيس ۾ اڳوڻي وزير انور سيف الله ۽ اڳوڻي سينيٽر صفدر عباسي جي بريت جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته انور سيف الله پئٽروليم واري وزير طور ڪوٽا جاري ڪئي جيتوڻيڪ کيس ڪوٽا ڏيڻ جو اختيار نه هو. جسٽس عظمت سعيد سوال ڪيو ته قائدن ۽ ضابطن تحت ڪوٽا ڏيڻ جي مجاز اٿارتي ڪهڙي آهي؟ نيب جي وڪيل چيو ته مجاز اٿارٽي بابت ڪو به رڪارڊ ناهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته نيب جو الله ئي حافظ آهي، چيف جسٽس به چيو ته اسان جو ۽ سڀني جو الله حافظ آهي.  جسٽس عظمت سعيد چيو ته نيب جو موقف آهي ته وزير پنهنجي ئي صوابديد تي ڪوٽا ڏني، نيب کي ثابت ڪرڻو آهي ته ڪوٽا ڏيڻ جو اختيار ڪنهن جو هو،  ڪنهن هنڌ وزير جو ڪوٽا ڏيڻ جو حڪم يا صحيح ناهي، ڇا ڪيس کي هلائڻ جو هي طريقو غلط آهي، ان ڳالهه جو ثبوت ڪٿي آهي ته انور سيف الله ڪوٽا ڏني.  سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

 

نواز شريف کي جيل ۾ پرهيز جو کاڌو نه ڏيڻ عمران نيازي جي قاتل ذهنيت جو ثبوت آهي، سمورن ظلمن جو حساب ورتو ويندو: شهباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف آءِ ايم ايف رپورٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته رپورٽ نيازي حڪومت جي پارليامينٽ ۽ قوم سان ڳالهايل ڪوڙ جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو ته 5 سئو ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا، آءِ ايم ايف ٻڌايو ته 750 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، هن چيو ته فاسٽس حڪومت 16 سئو ارب رپين جو رڪارڊ ٽيڪس جو بار عوام تي سٿي رهي آهي، هن چيو ته 9 سئو ارب رپين جي واڌو ٽيڪس پگهاردار ۽ ڪاروباري ماڻهن کان ورتي ويندي جيڪا معاشي دهشتگردي آهي، هن چيو ته نون ٽيڪسن سان پراپرٽي ٽيڪس جو بار 45 ارب وڌي ويندو، هن چيو ته نوان گهر ته نه ٺهندا، ماڻهو پنهنجا گهر کپائڻ تي مجبور ٿي پوندا، ڪهڙي منهن سان سليڪٽيڊ وزيراعظم چوي ٿو ته 50 لک گهر ٺاهينداسين، سيمينٽ لوهه، زمين، پيٽرول ڊيزل ۽ کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ پهريائين هوش اڏائيندڙ واڌ ٿي چڪي آهي، حڪومت ٻرندي تي تيل وجهي رهي آهي، هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ٽيڪس گفٽ جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جهانگير ترين کيس لينڊ ڪروزر جو جيڪو تحفو ڏنو آهي ڇا هو ان تي ٽيڪس ڏيندو، هن چيو ته حڪومت اهي هدف حاصل نه ڪري سگهندي، ويتر ڪاروبار کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيندي، هن چيو ته هي تباهي جو نئون نسخو آهي، ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ڇو ته ان سان کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي وينديون ۽ ماڻهو پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي نه سگهندا.

 

 

جج جي آڊيو جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جا 160 ارب ڪٿي نظر نه ٿا اچن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) قانون، اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضِيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪانر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي متن موجب حڪومت وزيراعظم نه پر ريگيوليٽرز ۽ آءِ ايم ايف هلائي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ بجيٽ کانپوءِ مني بجيٽ آندي وئي ۽ نيازي سرڪار گيس جا اگهه وڌائي ڇڏيا، اڄ تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ نئون فيصلو مڙهيو آهي ته هاڻ 3 مهينن کانپوءِ بجلي جا اگهه وڌايا ويندا، جنهن جي نتيجن ۾ غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ۽ مسئلا وڌندا، هن چيو ته وزيراعظم کان سوال ڪريان ٿو ته خان صاحب توهان ته غريبن جا مسيحا بڻجڻ ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ڪراچي ۾ انقلاب آڻڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون ۽ توهان جون ڳالهيون رڪارڊ تي موجود آهن، 2018 ۾ گرين لائين مڪمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن کي وڏي وزير ساراهيو هو، اڄ بسون آڻڻ جي واعدي سميت ڪيترن ئي واعدن کي ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن ۽ عوام انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن واعدا پورا ڪيا ويندا، پر افسوس نيازي صاحب ڪنهن محل ۾ بند ۽ نٿيا گلي تفريح لاءِ نڪري وڃي ٿو ته عوام جي ڏکن سورن تي مرهم رکڻ جو نٿو سوچي، ڏيکاريل وڏن وڏن خوابن کي پورو نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته 11 جولاءِ تي ڪراچي وارا ۽ نفيس ماڻهو وزيراعظم کان سوال ڪن ته ڪٿي آهن اهي اعلان، گرين لائين بسون، عوام جي خوشحالي جي دعويٰ، هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي جي اهم منصوبن لاءِ رڳو 25 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي ۽ ان منصوبي تحت خاص روڊ کوٽيو ويو آهي پر ڪا اميد نظر نٿي اچي، هن چيو ته وزيراعظم باغ ابن قاسم بيهي 162 ارب ڪراچي کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر بجيٽ جي ڪتاب ۾ هن دعويٰ موجب 162 ارب نظر نٿا اچن پر سڄي سنڌ لاءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، هن چيو ته ڪراچي جي عوام سان وڏا وڏا واعدا ڪري ووٽ ورتا ويا تنهنڪري هاڻ ايم ڪيو ايم ۽ عوام وزيراعظم کان انهن ڪوڙن واعدن بابت پڇاڻو ڪري، هن چيو ته وفاقي حڪومت جو هڪ ئي ڪم آهي ۽ اهو آهي، يوٽرن وٺڻ، جنهن جو مثال اهو آهي ته حيدرآباد يونيورسٽي جو افتتاح اسلام آباد ۾ ويهي ڪيو ويو پر بجيٽ نه آهي، ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي واعدا ڪيا ويا پر هڪ اسپتال جي بجيٽ نه ڏني وئي، اسان سوال ڪريون ٿا ته ڪيستائين عوام جا حق کائيندا رهندا ۽ توهان ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا.

 

 

ڪراچي ۾ ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر نجي ٽي وي جي اينڪر سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ دوران نوجوان صحافي سميت 4 ڄڻا مارجي ويا. ڊفينس جي علائقي خيابان بخاري ڪمرشل ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مارجي ويلن ۾ صحافي ۽ ٽي وي اينڪر 34 ورهين جو مريد عباس پٽ امير عباس شامل آهي، جڏهن ته ٻئي شخص جي سڃاڻپ 45 ورهين جي خضر حيات پٽ نذير جي نالي سان ٿي آهي. مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا مڙهه جناح اسپتال پهچايا ويا جتي مقتول جا وارث ۽ صحافي پهتا. پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ ڪار تي سورا هئا، مريد عباس ۽ خضر  هڪ هوٽل تي ويٺل هئا ته ڪار سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي. واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ موجود بسم الله هوٽل ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ايس پي گلشن موجب مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال پهچايو ويو جتي مارجي ويلن جي سڃاڻپ 40 ورهين جي عزيز وهاب پٽ سيد نجاف ۽ 22 ورهين جي نازڪ پٽ غلام محمد طور ٿي جڏهن ته زخمي جي برڪت پٽ اياز جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي، هٿياربندن 10 کان 12 فائر ڪيا، فائر ڪيل گولين جا 4 خول مليا آهن. پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل نازڪ آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور هو، مقتول هوٽل ٻاهر بينچن جي ويٺل هئا ته هٿياربندن حملو ڪيو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن گسلتان جوهر ۾ ٻن ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ هڪ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو آءِ جي نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ايسٽ کان رپورٽ گهري ورتي آهي.