تازيون خبرون
وفاقي ڪابينا جو بجلي ۽ گيس جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو - سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جون 6 هزار کان وڌيڪ سيٽون خالي، ڀرتيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. - قومي لٽيرن کي عوام نظرن کان ڪيرائي ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ - آرمي چيف جي ڪويت جي عسڪري ۽ سياسي قيادت سان ملاقات، بچاءُ ۽ سيڪيورٽي جي مختلف شعبن ۾ ٻن طرفه سهڪار وڌائڻ تي اتفاق - حڪومت پاران ٽيڪس وصولي جا حدف حاصل نه ٿيڻ جو اعتراف - سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف الزام لڳائڻ تي حڪومت اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان استعيفيٰ وٺي ڇڏي - انتظار جون گهڙيون ختم، پي ايس ايل جو ميلو سجي ويو، انتهائي سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن: ناصر حسين شاهه - ملڪ  جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي جيتري گذريل 15 مهينن ۾ ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري - سپريم ڪورٽ گيس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) بابت ڪيس جو فيصلو محفوط ڪري ڇڏيو - ايڪسپورٽ گهٽ آهي، ائين ملڪ نٿو هلي سگهي: اسٽيٽ بينڪ جو موجودا معيشت جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

Daily Archives: July 8, 2019

کوڙ ڀيرا محبت ڪئي پر ڪامياب نه ويس: منيب بٽ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪار منيب بٽ انڪشاف ڪيو آهي ته ايمن سان شادي کان اڳ کيس ڪيترين ئي ڇوڪرين سان محبت ٿي هئي. پاڪستان ٽي وي انڊسٽري جي مشهور جوڙي ايمن خان ۽ منيب بٽ جتي پنهنجي اداڪاري لاءِ مشهور آهن اتي ٻئي ڊگهي عرصي تائين شادي جون تقريبون منعقد ڪرڻ بابت به مشهور آهن. تازو اداڪاره منيب بٽ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي زندگي بابت ڪيترائي انڪشاف ڪيا. اداڪار منيب بٽ شادي تي ٿيل تنقيد بابت چيو ته کيس زندگي جي ننڍين ننڍين خوشين جو جشن ملهائڻ پسند آهي ۽ کيس ننڍپڻ کان ئي سوچ هئي ته هو شادي ڪندو ته وڏي پيماني تي ڪندو. هن چيو ته پهريان محبت ننڍي ۾ ٿي جڏهن شاگرد هيس پر ڇوڪري کي ڪا دلچسپي نه هئي جڏهن ته ٻئي ڀيري هڪ ڇوڪري مون سان سنجيده هئي پر هن منهنجي دل ٽوڙي ڇڏي. شروعات ۾ جڏهن ايمن سان مليس ته مان کيس ننڍي ڀيڻ جيان سمجهندو هيس پر پوءِ اسان جي دوستي مضبوط ٿي وئي ۽ ڪجهه سال گذرڻ کانپوءِ ايمن ۽ مون شادي جو فيصلو ڪيو.

 

ٽائيگر واحد اداڪار آهي جيڪو منهنجو مقابلو ڪري سگهي ٿو: هريٿڪ روشن

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار هريٿڪ روشن چيو آهي ته ٽائگر شروف ئي واحد اداڪار آهي جيڪو منهنجو مقابلو ڪري سگهي ٿو. هريٿڪ روشن هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته فلمن ۾ گهڻو ڪري هيرو جي ڪردار کانپوءِ مان هاڻي ڪجهه مختلف ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو اهو ئي سبب آهي جو مان يش راج جي بينر ۾ ٺهندڙ فلم جي چونڊ ڪئي جنهن ۾ مون سان ٽائگر شروف به اداڪري جا جوهر ڏيکاريندو. هريٿڪ چيو ته قابل ۽ سپر 30 جهڙين فلمن کانپوءِ مان ڪنهن اهڙي اداڪار سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جي اداڪاري ۽ ايڪشن لاجواب هجي ۽ اها شئي مان ٽائگر شروف ۾ ڏٺي ۽ ائين لڳو ته ٽائيگر ئي اهو اداڪار آهي جيڪو مقابلو ڪري سگهي ٿو.

 

مڪي آرٿر جو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف

 

ڪراچي( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر اعتراف ڪيو آهي ته قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ پڄاڻي اهڙي نه هئي، جنهن جي خواهش ڪئي هئي.فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ موجب بنگلاديش خلاف وڏي ڪاميابي باوجود قومي ٽيم جي ڪوچ خوشي ۽ ڏک جي وچ ۾ ڦاٿل نظر آيو.صحافين سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته ايونٽ ۾ ٽيم جي پڄاڻي مايوس ڪندڙ رهي، جيڪڏهن اسان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچز کي ڏسون ۽ ان کانپوءِ آخري 4 ميچز تي نظر ڊوڙايون ته ٽيم جي ڌار ڌار پرفارمنس نظر اچي ٿي.مڪي آرٿر اعتراف ڪيو ته پاڪستاني ٽيم لاءِ ورلڊ ڪپ مهم جي پڄاڻي ائين ختم نه ٿي، جنهن جي خواهش هئي ۽ جنهن تي مايوسي ملي آهي.پاڪستان آخري ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏني هئي

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو عهدو ڇڏڻ کان انڪار

 

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڪپتاني بابت منهنجي فيصلي جي اهميت ناهي، ان بابت فيصلو پي سي بي ڪندي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف ميچ اسان جي ورلڊ ڪپ مهم تي اثر وڌو، رن ريٽ سبب سيمي فائنل تائين نه پهچي سگهياسين. هن چيو ته ڀارت خلاف سٺو نه کيڏياسين، ناڪامي تي افسوس ٿيو، ڀارت سان ميچ کانپوءِ صورتحال سخت هئي،  سموري ٽورنامينٽ ۾ هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ڀرپور حمايت ڪئي.  سندس چوڻ هو ته پهرين پنجن ميچ ۾ ڪارڪردگي سٺي نه رهي پر آخري چئن ميچن ۾ ڪارڪردگي سٺي رهي، ٽيم ۾ گروپ بندي جي ڳالهه درست ناهي،  خراب کيڏڻ تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي.  سرفراز احمد چيو ته پنهنجي نمبر تي بيٽنگ ڪيان ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو آهيان، ٽيم طور اسان فائٽ ڪئي، ڪپتاني بابت  منهنجي فيصلي جي اهميت ناهي، فيصلو پي سي بي ڪندي، شعيب ملڪ کي آخري ون ڊي ميچ ۾ موقعو ڏيڻ جي خواهش هئي پر ايئن نه ٿي سگهيو.  هن چيو ته مستقبل ۾ اهليت جي بنياد تي رانديگر ٽيم ۾ جاءِ ٺاهينداسين، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بابت بورڊ فيصلا ڪري رهيو آهي، چئن ڏينهن جي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻي پوندي، جڏهن ته عابد علي، آصف علي، احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جي ٽيم ۾ جاءِ ٺهي سگهي ٿي.