تازيون خبرون
آخري دم تائين وڙهنداسين، مودي ياد رک سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين: عمران خان - “آرٽيڪل 149” جو پڙاڏو: پ پ جو وفاقي سرڪار کان استعيفيٰ ۽ نئين سر چونڊن جو مطالبو - سنڌو ديش ڳالهه مناسب ناهي، صوبائي خودمختياري تي يقين رکون ٿا: شاهه محمود - آفيسر شاهي هلڻ نه ڏبي، عهدن تي ويٺل ماڻهن جي اڪثيريت عوام جي خدمت نٿي ڪري: سپريم ڪورٽ - اسان کي هر محاذ تي سفارتي ڪاميابي ۽ ڀارت کي شڪست ٿي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ - مهاجرن جو قرض اسان کي نه وسارڻ گهرجي (اسد عمر) سڀ کان پهرين بنگال ۽ سنڌ ٺهراءُ پاس ڪيا: خورشيد شاهه - ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، ٽيبل هيٺان ڪشميرين جو سمجهوتو ناهي ٿيڻ وارو: شيخ رشيد - بلاول ڀٽو زرداري جي بيان مان ملڪ دشمني ڪڍي ڏيکاريو: پيپلز پارٽي جو حڪومتي ميمبرن کي چئلينج - ڪراچي ۾ ٻوريون وجهي سيوريج لائيون ۽ گٽر بند ڪندڙن جي ڳولا جي ذميواري رينجرز حوالي - آزاد ڪشمير تي قبضي لاءِ مڪمل تيار آهيون، آخري فيصلو حڪومت ڪندي: ڀارتي آرمي چيف پاران ڌمڪي

Daily Archives: July 3, 2019

گرفتارين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، حڪومت اڳيان نه جهڪنداسين ۽ نه وڪامنداسين: احسن اقبال

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اسان گرفتارين ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون تنهن ڪري حڪومت اڳيان نه جهڪنداسين ۽ نه وري وڪرو ٿينداسين. نيب راولپنڊيءَ ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مون کي نارووال اسپورٽس سٽي بابت طلب ڪيو ويو هو،  نارووال اسپورٽس سٽي جي انتظامي منظوري ۽ انتظامي معاملن بابت سوال هئا، نارووال اسپورٽس سٽي ۾ مالي بي ضابطگين بابت ڪو به سوال نه هو، پاڪستان ۾ عالمي معيار جو اسپورٽس سٽي جوڙيو ويو، ڇا اهو گناهه آهي ته پاڪستان ۾ عالمي معيار جو اسپورٽس سٽي قائم ٿي ويو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ جاچ ٿيڻي آهي ته سڀني جون انڪوائريون بند ڪري بي آر ٽي جي هئڻ گهرجي، بي آر ٽي سبب پشاور کڏن ۾ تبديل ٿي ويو آهي.  هن چيو ته عمران خان جون پاليسيون پرويز مشرف دور کان به بدترين آهن، اهڙا طريقا پرويز مشرف به استعمال نه ڪيا، اسان سڀ گرفتارين لاءِ تيار آهيون، گرفتاري کي تمغو سمجهي سجائينداسين، اسان ملڪ ۾ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان گرفتارين ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، عمران خان جي حڪومت اڳيان نه جهڪنداسين ۽ نه وري وڪرو ٿينداسين. سندس چوڻ هو ته اسان عمران خان جي بي ضابطگين کي وائکو ڪرڻ نه ڇڏينداسين، عمران خان پاڪستان جي معيشت تباهه ڪرڻ جي مشن تي آهي. احسن اقبال چيو ته جنهن ملڪ جي ترقي ۾ حصو وڌو اڄ ڏوهاري آهي، جنهن ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪيو اهو حڪمران آهي، اسان کي ملڪ ۾ ترقي جون رٿائون ٺاهڻ جي سزا ملي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن توانائي جون رٿائون قائم ڪيون ته سزا ڀوڳي رهيو آهي، 12 هزاري ميگا واٽ بجلي منصوبي پاڪستان جو هڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي معاملي تي مخالف ڌر ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، رهبر ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اجلاس ٿيندو، اسان تڪڙ ۾ آهيون پر حڪومت اسان کان به تڪڙي آهي، حڪومت چئي رهي آهي ته جهيڙو ڪيو.

 

فلمن ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ پسند آهي: ايوا لنگوريا

 

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره ايوا لنگوريا جو چوڻ آهي ته فلمن ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ پسند آهي. امريڪي خابرو اداري موجب اداڪاره ايوا لنگوريا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فلم ۾ ڪا به اداڪاره ماءُ بڻجڻ جو ڪردار خوشي سان قبول ڪندي آهي ته اهو فطري عمل آهي ڇو ته هر عورت کي ماءُ بڻجڻ پسند آهي. هن چيو ته سندس زندگي جو بهترين وقت اهو هوندو آهي جيڪو هو پنهنجي پٽ سان گذاريندي آهي ۽ پنهنجي پٽ جا ننڍا ننڍا ڪم ڪري کيس سڪون ملندو آهي.

 

پشيماني جو اظهار ، روينا ٽنڊن، پنهنجا ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن، دنگل گرل زائرا وسيم کي ناشڪرو چوڻ تي پڇتائڻ لڳي جنهن بعد هن پنهنجا ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.فلم “سيڪريٽ سپر اسٽار” ۽ “دنگل” ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا زائرا وسيم جي مذهب خاطر بالي ووڊ ڇڏڻ جي اعلان سموري بالي وووڊ کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ڪو ان معاملي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي.پر اداڪارا روينا ٽنڊن اها پهرين شخصيت آهي جنهن زائرا جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي هن کي ناشڪرو قرار ڏنو هو ۽ گھڻي سخت لهجي ۾ چيو هو ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته رڳو ٻه فلمن ۾ ڪندڙ اداڪارا هن انڊسٽري کي ڇڏي رهي آهي جنهن کيس سڀ ڪجهه ڏنو. آئون رڳو اهو ئي چئي سگھان ٿي ته جيڪڏهن وڃڻو اٿو ته باوقار طريقي سان وڃو ۽ پنهنجا تنگ نظر خيال پاڻ تائين محدود رکو.پر هاڻي روينا ٽنڊن کي پنهنجن  لفظن جو سختي سان اندازو ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي رد عمل تي پشيماني جو اظهار ڪندي چيو ته زائرا جو فيصلو اسان جهڙن ماڻهن لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي جيڪي فلمن، سينيما ۽ انڊسٽري سان محبت ڪندا آهن. آئون پنهنجا پهريان ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري رهي آهيان جنهن ۾ آئون سخت لفظ استعامل ڪيا هئا.

 

ٻين جي آسري ۾ ناهيون، غلطين جي گنجائش ناهي، سڀاڻي ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين: سرفراز احمد

 

لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيم غلطين مان سبق سکي ورتو، هاڻي بنگلاديش خلاف ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته ڀارت خلاف ميچ کان پوءِ سڀني رانديگرن کي گڏ ڪري ڳالهايو ته ٽيم توڙي مينيئجمنٽ جي ڀرپور محنت باوجود ڪٿي غلطيون ڪري رهيا آهيون؟ ۽ سٺي ٽيم طور سٺي پرفارمنس جو مظاهرو نه پيا ڪيون، پنهنجي مسئلن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سينيئرن ۽ جونيئرن سڀني چيو ته گذريل ميچن ۾ جيڪو به ٿيو اهو وساري ايندڙ ميچن لاءِ نئين عزم سان ميدان ۾ لهنداسين، ان کان پوءِ پاڪستان بهتر ٽيم طور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪاميابيون حاصل ڪيون.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ٽيمن جي ميچن جو نتيجو اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهي، اسان جو ڌيان پنهنجي پرفارمنس تي آهي، بنگلاديش خلاف ميچ کان اڳ وقفو هجڻ سبب تياري جو سٺو موقعو ملي ويو، آخري ميچ ۾ به ڪاميابي جو تسلسل برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.سرفراز احمد جو چوڻ هو ته انگلينڊ ۾ پرستارن ۽ پاڪستاني عوام جي سپورٽ سان رانديگرن جو حوصلو وڌيو آهي، اميد آهي ته بنگلاديش خلاف ميچ ۾ به سندن حوصلو برقرار رهندو.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڪپتان چيو ته حارث سهيل 5 نمبر تي بيٽنگ ڪندي ٽيم لاءِ گھڻو بهتر پرفارم ڪري سگھي ٿو، ان ڪري کان آئون پوءِ  بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، مون سميت ڪنهن جي به بيٽنگ نمبر کان وڌيڪ ٽيم جي مفاد ۾ فيصلن جي اهميت آهي

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم دعائن سان هتي پهتي آهي، نه ته ڪڏهن جو گهر واپس اچي وڃي ها: محمد يوسف

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر محمد يوسف جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي محنت ته لازمي ڪرڻي پوندي، بنگلاديش سان ميچ ۾ ڀلي ڪيترو ئي هدف ملي حاصل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم دعائن سان هتي پهتي آهي، نه ته ڪڏهن جو گهر واپس اچي وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان کي هر صورت ۾ بنگلاديش کي هارائڻو پوندو ۽ انگلينڊ جي شڪست جي به دعا ڪرڻي پوندي.

 

پروڊڪشن آرڊرز ۾ ترميم جو فيصلو، ڪرپٽ ماڻهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پراڊڪشن آرڊر قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث اسيمبلي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر نه ٿيڻ گهرجي.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊر بابت قانون ۾ ترميم جي هدايت ڪئي.  ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث پارليامينٽ ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن، اهڙي قسم جي قيدين کي جيل ۾ سياسي قيدي جو درجو نه ملڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊر وارو معاملو قانون واري وزارت حوالي ڪري ڇڏيو.

 

 

لڳي ٿو ته بندر جي هٿ ۾ استرو اچي ويو آ، حڪمرانن کان ملڪ نه پيو هلي: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪمزور ماڻهن ٽي وي چئنل تي منهنجو انٽرويو نشر ٿيڻ کان روڪيو، هڪ اعليٰ شخصيت خلاف لنڊن ۾ ڪيس ٺهي رهيو آهي جيڪو آمريڪا تائين ويندو.  احتساب عدالت ۾  پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪمزور ماڻهو ئي انٽرويو روڪڻ جهڙا ڪم ڪندا آهن، هڪ اعليٰ شخصيت خلاف لنڊن ۾ هڪ ڪيس ٺهي رهيو آهي جيڪو آمريڪا تائين ويندو،  اهڙي ڪيس ۾ جاچ لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهي آهي،  جڏهن اسان جي حڪومت ايندي ته نيب ڪيس جو نوٽيس وٺندي، منهنجي انٽرويو ۾ اها ئي ته اصل ڳالهه هئي.  آصف علي زرداري راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته ڇا راڻا ثناءَ الله منشيات پنهنجي ئي گاڏي ۾ کڻي ويندو هوندو،  مون تي به منشيات جو اهڙو ئي ڪيس ٺاهيو ويو اهڙي ڪيس مان نڪرندي پنج سال لڳي ويا،  منهنجي ڪيس ۾ منشيات نه هئي پر وڌي وئي، منهنجي ڪيس ۾ به موت جي سزا هئي راڻا ثناءَ الله تي ٺاهيل ڪيس جي سزا به موت آهي.  هن چيو ته حڪمرانن کان ملڪ نه هلي رهيو آهي ۽ حڪمران ٽيڪس مٿان ٽيڪس هڻي رهيا آهن،  هاڻي تي گاڏين تي به ٽيڪس لڳائي وئي آهي، لڳي ٿو ته بندر جي هٿ ۾ پاڪي اچي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته في الحال حڪومت کي طاقتور ڌر جي حمايت حاصل آهي، ملڪ يمن، شام يا موجوده حالت ۾ ئي رهي ٽي آپشن آهن. وزيراعظم جي خطاب بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته وائڙي جون ڳالهيون ڇو ٻڌان، مون وٽ وقت ئي ناهي. هن چيو ته  اسان وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين، پنهنجي گرفتاري پاڻ پيش ڪري اسان وڙهي رهيا آهيون، هن سينيٽ چيئرمين جي تبديلي بابت سوال جو جواب نه ڏنو.

 

وزيراعظم 10 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ، اليڪشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي مالي سال ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه جا گوشوار جاري ڪري ڇڏيا، وزيراعظم عمران خان 10 ڪروڙ 82 لک 36 هزار رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، وزيراعظم عمران خان بني گالا گهر جي ماليت ظاهر نه ڪئي، وزيراعظم عمران خان بني گالا کي تحفي طور ظاهر ڪيو، وزيراعظم پنهنجي زال بشريٰ بيبي جي اثاثن جو تفصيل ڏئي ڇڏيو، بشريٰ بيبي جي نالي بني گالا ۾ 3 ڪنال جو گهر، پاڪ پتن 431 ڪنال زمين، اڪاڙا ۾ 266 ڪنال زمين ڏيکاري، وزيراعظم جا ڊالر، پائونڊ اسٽرلنگ ۽ يورو اڪائونٽس آهن، وزيراعظم عمران خان کي 2 لکن جون 4 ٻڪريون آهن، وزيراعظم عمران خان 6.2 مربع زرعي ۽ ڪمرشل زمين جو مالڪ آهي، اڳوڻو صدر آصف زرداري 66 ڪروڙ رپيا ماليت جي اثاثن جو مالڪ آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو دبئي جا اڪائونٽ رکندڙ نڪتا، آصف زرداري جي ملڪ کان ٻاهر ملڪيت نه آهي، آصف زرداري وٽ هڪ ڪروڙ رپين جا گهوڙا ۽ جانور آهن، آصف زرداري وٽ هڪ ڪروڙ 66 لکن جا هٿيار آهن، بلاول ڀٽو سڀ کان امير قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ شامل آهي، بلاول ڀٽو هڪ ارب 54 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي اثاثن جو مالڪ آهي، بلاول ڀٽو جا دبئي ٻن ويلاز ۾ شيئرز آهن، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي اثاثن جي ماليت 18 ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ آهي، شهباز شريف جي زال نصرت شهباز جي نالي 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا اثاثا آهن، شهباز شريف جي زال تهمينا دراني جا 57 لک 65 هزار رپين جا اثاثا آهن، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر اثاثن جو تفصيل به ظاهر ڪيو، شهباز شريف جا ملڪ کان ٻاهر 14 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن، شهباز شريف لنڊن ۾ هڪ فليٽ جو مالڪ آهي، شاهد خاقان عباسي 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، شيخ رشيد وٽ 3 ڪروڙ 58 لک رپين جا اثاثا، 8 ڪروڙ 63 لکن جو بينڪ بيلنس، 25لک جا پرائيز بانڊ آهن، رانا ثناءُ الله جا 6 ڪروڙ 60 لک جا اثاثا آهن، خورشيد شاهه 6 ڪروڙ ماليت جو مالڪ آهي، مراد سعيد قومي اسيمبلي جي غريب ميمبرن ۾ شامل آهي، مراد سعيد وٽ 36 لک روڪ ۽ 15 تولا سون آهي، شهريار آفريدي 2 ڪروڙ جو مالڪ آهي، پرويز خٽڪ وٽ 13 ڪروڙ 95 لکن جا اثاثا ۽ اڍائي لک رپين جو بينڪ بيلنس آهي، پي ٽي آءِ جو ايم اين اي سميع الحسن گيلاني هڪ ارب رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، وفاقي وزير علي زيدي 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.

 

روسي بري فوج جي سربراهه جي آرمي چيف سان ملاقات، پاڪستان ڪنهن کي نقصان پهچائي فائدو وٺڻ تي يقين نه ٿو رکي: جنرل باجوه

راولپنڊي( نيوز ڊيسڪ) روسي بري فوج جي سربراهه جو جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن کي نقصان پهچائي فائدو وٺڻ تي يقين نه ٿو رکي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب روسي ڪمانڊر اِن چيف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا، پاڪ فوج جي چست جٿي روسي فوج جي سربراهه کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب روسي ڪمانڊر اِن چيف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي توڙي تربيبي معاملن ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ روس گڏيل فوجي لاڳاپن کي وڌي اڳتي وڌائڻ جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان ڪنهن کي نقصان پهچائي فائدو وٺڻ تي يقين نه ٿو رکي، پاڪستان گڏيل سهڪار، رابطن ۽ بهتر لاڳاپن تي يقين رکي ٿو. آرمي چيف چيو ته روس ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ فوجي سهڪار خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ڪارڻ بڻجندو. رآءِ ايس پي آر موجب روسي فوج جي سربراهه ملاقات دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جيڪي به ڪاميابيون ماڻيون آهن، دنيا کي ان جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي. روسي ڪمانڊر انِ چيف پاڪستان سان مضبوط ۽ وسيع بنياد تي لاڳاپن جو اظهار ڪندي چيو ته روس پاڪستان سان وڌيڪ بهتر لاڳاپا چاهي ٿو.

 

 

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون تي عمل ٿي رهيو آهي، هاڻي ڪابه شيءَ بي نامي نه رهندي: فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون تي عمل ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ ڪاري ناڻي جو خاتمو ٿيندو. ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ايف بي آر جي ايڊ جيوٽنگ اٿارٽي بي نامي ٽرانزيڪشن  چيئرمين، ميمبرن مقرر ۽ بي نامي زونز ۾ ٽيڪس ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ٽيڪس ڪمشنر بي نامي زون ڪراچي سنڌ جي مشهور سياسي خاندان جي بي نامي ملڪيتن ۽ شيئر جي بي نامي تحت ٽيچمينٽ ڪري ڇڏي آهي.  هن چيو ته هاڻي ڪا به شيءَ بي نامي نه رهندي،  تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون تي عمل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ملڪ مان ڪاري ناڻي جو دور ختم ٿيندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي قدم اڀرندڙ نئين پاڪستان جي جهلڪ آهي.