تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

Daily Archives: May 3, 2019

صدارتي نظام بابت افواهه رد، دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر اين آر او نه ملندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام بابت خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته صدارتي نظام بابت ڪائي سوچ ويچار ئي موجود نه آهي اپوزيشن دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اين آر او نه ملندو اسد عمر اڄ به پي ٽي آءِ جو حصو آهي هو زبردست ماڻهو آهي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  صدارتي نظام بابت ڪابه سوچ ويچار نه پئيڪئي وڃي وزياعظم کان سوال ڪيو ويو ته اڻ چونڊيل ماڻهو ڪابينه ۾ آيا آهن تنهنڪري صدارتي نظام جو تاثر اڀريو ان تي وزيراعظم چيو ته ماهرن جي ضرورت پوندي آهي تنهنڪري اڻ چونڊيل ماڻهن کي ڪابينه ۾ شامل ڪيو هن چيو ته جتي ماهر ماڻهو نه هوندا اتي ٽيڪنيڪل ماڻهو رکنداسين. وزيراعظم کي تبديل ڪرڻ جو مقصد صرف بيٽنگ آرڊر تبديلڪرڻ آهي عمران خان چيو ته ڏسڻو پوندو ته قانونسازي لاءِ پيش ڪيل بلن تي اپوزيشن ڪيترو ساٿ ڏي ٿو پيش ڪيل بلن جو تعلق سياست سان نه پر عوام سان آهي جيڪڏهن اپوزيشن بلن جي منظوري ۾ ساٿ ڏي ته وڏي ڳالهه ٿيندي اپوزيشن جمهوريت جي نالي تي پنهنجي چوري لڪائي رهي آهي هي ماڻهو پاڻ وائکا ٿي ويندا. وزيراعطم هڪ دفعو ٻيهر اين آر او بابت ترديد ڪندي چيو ته مخالف ڌر دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اين آر او نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جو معاشي اينڊيڪيٽرز ڏسي رهيو اهي ڏکئي وقت کان پوءِ سڄا ڏينهنا چڻا آهن اسان پنجن سالن ۾ عوام کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي وزيراعظم صحافين سان ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي به موجود هو. وزيراعظم عمران خان رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو اهي ته انتظاميه ۽ آفيسر فيلڊ ۾ موجدو رهن نفعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ترت ايڪشن ورتو وڃي رمضان ۾ عوام کي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ بجلي گئس پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ صوبائي حڪومتن جي سطح تي ڪنٽرول روم ٺاهيا وڃن ته جيئن فيلڊ آفيسرن پاران روزانو جي بنياد تي موڪلي ويندڙ رپورٽن جو جائزو وٺي سگهجي ۽ رمضان ۾ انتظامي ڪنٽرول کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي هو جمعي تي هتي وزيراعظم هائوس ۾ رمضان پئڪيج 2019 جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو اجلاس ۾ عبدالرزاق دائود، عبدالحفيظ شيخ، عثمان بزدار، محمود خان، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، يوسف بيگ مرزا، نديم افضل چن، مخدوم هاشم، جوان بخت، ميان عاصم اقبال، تيمور سليم جگهڙا، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري چيف سيڪريٽري۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عوام جي ڏکيائين جو مڪمل احساس آهي ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته رمضان مهيني کي آڏو رکي لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ويئي ته سحر ۽ افطار جي وقتن ۾ بجلي گئس ۽ پاڻي هر حال ۾ مهيا ڪيو وڇي ان سان گڏوگڏ امن امان جي صورتحال تي مڪمل نظر رکي وڃي.

 

دنيا ۾ ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نه ٿو ڪري سگهي، گڏجي هلڻو پوندو: حفيظ شيخ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مهانگائي هڪ مسئلو آهي جنهن تي حڪومت پريشان آهي. اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت خرچ گهٽائڻ لاءِ مضبوط اپاءَ ورتا آهن، دستياب وسيلن مان به فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، معاشي حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نه ٿو ڪري سگهي، گڏجي هلڻو پوندو، چين ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن هڪ ٻئي سان واپار جو رستو ڪڍيو آهي، گڏيل ڀائيواري کانسواءِ ملڪن جي اقتصادي ترقي ممڪن ناهي،  حڪومت اڪيلي سر اقتصادي ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي ڪامياب ملڪن کي ڏسڻو پوندو ته هنن ڪيئن ترقي ڪئي، ماڻهن کي ترقي ڏيڻ کانسواءِ اسان اقتصادي ترقي نه ٿا ڪري سگهون.  سندس چوڻ هو ته  شروع کان ئي پاڪستان برآمد کي هٿي ڏيڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ مضبوط اپاءَ ورتا ويا،  حڪومت آئي ته ايڪسچينج ريٽ گهڻو هئڻ سبب برآمد گهٽ هئي.  عبدالحفيظ شيخ چيو ته ڪجهه هفتن ۾ بجيٽ اچڻ واري آهي، معاشي فريم ورڪ جوڙڻو پوندو ۽ مالي خساري کي گهٽ ڪرڻو آهي، روينيو شعبو مستقبل جي گهرجن موجب آڻڻو پوندو، 13 سالن دوران ڪنهن ڪمپني جي نجڪاري نه ڪئي وئي، درآمد ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. ناڻي واري صلاحڪار مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته مهانگائي هڪ مسئلو آهي جنهن تي حڪومت پريشان آهي، تيل جي اگهن ۾ اضافي تي حڪومت جو ڪنٽرول ناهي، عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا ويندا،  معاشري ۾ پوئتي رهندڙن لاءِ سوشل پروگرام شروع ڪيا ويندا،  هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، مناسب پروگرام طئي ٿي ويندو.

 

ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس، علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق

راولپنڊي (اين اين آءِ) عسڪري قيادت ملڪ ۾ جٽادار امن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ۽ علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي آءِ ايس پي آر موجب 221هين ڪور ڪماندڙز ڪانفرنس جمعي تي جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيو ڪانفرنس جي صدارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا ڪئي اجلاس ۾ اڀرندڙ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ آپريشنل ردالفساد جي اڳڀرائي سميت ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو عسڪري قيادت ملڪ ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ ان مقصد لاءِ علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

 

3،3 لا آفيسر بيٺا آهن پر خبر ناهي ته فائيل ڪٿي آ؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نيب کي ڇنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اعجاز جکراڻي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيف جسٽس چيو ته 3-3 لا آفيسر هجڻ باوجود اها خبر ناهي ته فائيل ڪٿي آهي ۽ سڀ هڪ ٻئي جو منهن ڏسي رهيا آهيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر جواب جمع ڪرائڻ باوجود چيو ته کين درخواست جي نقل ڪاپي نه ملي آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ پراسيڪيوٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڇا توهان هوا ۾ جواب داخل ڪرايو آهي، اعجاز جکراڻي جي درخواست تي نيب به جواب جمع ڪرايو هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جا 3،3 لا آفيسر بيٺا آهن پر اها به خبر ناهي ته فائيل ڪٿي آهي؟ سڀ هڪ ٻئي جو منهن ڏسي رهيا آهيو؟  اُن کان اڳ نيب طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته اعجاز جکراڻي جو نالو جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ به آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ پوءِ نيب طرفان راولپنڊي ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويندو.

 

گم ٿيل مخالف ڌر جو اڳواڻ لنڊن ۾ تفريح پيو ڪري،عمران خان جو نظريو ڪامياب ٿي ويو : فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف ضمانت کان پوءِ هڪ ڏينهن به اسپتال ۾ داخل ناهي ٿيو ضمانت گهرڻ هڪ بهانو آهي لنڊن ڀڄڻ چاهي ٿو لنڊن جي رستن تي شريف ڀائر سرعام گهمندا پيا وتن وزيراعظم پهرين ڏينهن چيو هو ته جنهن جا هٿ صاف نه هجن ان جو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ موجود رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي هو جمعي تي هتي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ظفر مرزا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي هن چيو ته ظفر مرزا کي پي آءِ ڊي ۾ ڀليڪار چوان ٿي هن چيو ته دوائون جي قيمتن کي آڏو رکندي ظفر الله کي ذميواريون ڏنيون هن چيو ته وزيراعظم دوائن جي قيمتن وڌڻ جو نوٽيس ورتو هو. وزيراعظم دوائن جون قيمتون گهٽائڻ جي هدايت ڪئي هن چيوت ه نئين پاڪستان جي منزل طرف اسان سفر ڪري رهيا آهيون صحت پي ٽي آءِ جو اهم جزو آهي هن چيوت ه اسان کي فخر اهي ته اسان ملڪ جي عوام لاءِ اهڙي چونڊ ڪئي آهي جيڪا اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي هن چيو ته عوام جي حق لاءِ وڙهڻو آهي هن چيو ته (ن) ليگ گذريل ڏينهن اپوزيشن ليڊر ۽ چيئرمين پي اي سي کي تبديل ڪيو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اپوزيشن جا سمورا دليل ناڪام ٿي ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد اهن نوازشريف جيل مان ضمانت کان پوءِ هڪ ڏينهن به اسپتال ناهي ويو. صحت جي وزير چيو ته وزارت سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن سڀ کان تفصيل سان ڳالهه ڪئي اسان کي سڀني صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي هن چيو ته وزيراعظم جي سپورٽ تي ان جو ٿورائتو آهيان هن چيو ته مون کي ڪئبينيٽ ۾ دعوت ڏني ويئي ته مان وزيراعظم جي اکين ۾ عوام لاءِ احساس ڏٺو هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻن ضروري آهي دوائن جي قيمتن سبب عوام متاثر ٿيو هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي سموريون سهولتون ڏنيون وڃن.

 

ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسر شپ آهي، سڄي دنيا ۾ ميڊيا تي دٻاءُ آهي : بلاول ڀٽو زرداري/آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ آزاد صحافت لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن ڇو ته انهن اڀرندڙ جمهوري ملڪن ۾ ميڊيا کي گهٽو ڏيڻ لاءِ نوان نوان حربا آزمايا پيا وڃن پ پ پ ملڪ جي سچن صحافين ۽ ميڊيا سان سلاڙيل شخصيتن سان گڏجي ميڊيا ۽ صحافت جي آزادي خلاف ڌمڪين جو مقابلو ڪندي جمعي تي آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پ پ پ چيئرمين چيو ته انهن ملڪن ۾ بااقتدار پارٽين پاران ميڊيا هائوسز ۽ صحافتي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ڌمڪين ۽ ڌماڪي واري پاليسي هلائي پئي وڃي جڏهن ته پاڪستان ۾ به صورتحال ان کان مختلف نه آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ اڀرندڙ جمهوري ملڪ لاءِ آزاد ميڊيا جو هئڻ ضروري آهي پ پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته سندس پارٽي آمرن پاران صحافت ۽ نشر ۽ اشاعت تي لاڳو ڪارن قانونن کي اڇلائي ڇڏيو هو هن چيو ته سندس پارٽي مختلف هٿڪنڊن جو نشانو بڻجڻ جي باوجود صحافتي آزادي لاءِ هڪ ڇٽي جو ڪم ڪندي رهندي بلاول ڀٽو زرداري نشاندهي ڪندي چيو ته صحافين ۽ پ پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن گذريل پنجن سالن کان آمريت ۽ غير جمهوري قوتن جي خلاف گڏجي وڙهندا آيا آهن آمرن اسان جي قيادت جي خلاف دنيا جو سڀ کان مهانگو ميڊيا ٽرائيل به هلايو پر اهي جرنلسٽس ۽ جيالن جو اتحاد ٽوڙڻ ۾ ناڪام ٿيا پ پ پ چيئرمين اهو عزم ورجايو ته ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۽ معاشري جي طبقي ۽ ٽولي جي نمائنده طور جماعت، ان جي پارٽي پاڪستان ۾ آزاد صحافت جي حفاظت لاءِ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صحافين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو اهي ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسر شپ آهي پيپلزپارٽي صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي پ پ پ آزاد صحافت جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي جمعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي نياپي ۾ چيو ته سڄي دنيا ۾ ميڊيا تي دٻاءُ آهي هن چيو ته آمراڻي سوچ ميڊيا کان آزادي کسي ورتي آهي هن چيو ته قوم انهن هيروز کي سلام ڪري ٿي جن آزاد صحافت لاءِ ڪوڙا برداشت ڪيا هن چيو ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسر شپ آهي.

 

 

اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽرول جو اگھه 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول جو اگھه 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽرول جي اگھ ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي.   اي سي سي پيٽرول جو اگھه وڌائي 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته ڊيزل جي اگھه ۾ في ليٽر 4.89 رپيا واڌ کي منظور ڪيو ويو آهي. اوگرام پيٽروليم جي اگهن ۾ 14 رپين تائين واڌ جي تجويز ڏني هئي پر وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اگھن ۾ فوري واڌ کي رد ڪندي معاملو اي سي سي کي موڪلي ڇڏيو هو. ذريعن موجب اوگرا جي تجويز اگھه موجب واڌ ٿيڻ تي حڪومت کي پيٽرول جي مد ۾ 5 ارب رپين جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.

 

صحافت هاڻي معاشري جو چوٿون نه بلڪه پهريون ٿنڀ بڻجي چڪو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي يو جي پروگرام ورلڊ پريس فريڊم ڊي کي خطاب ڪندي چيو ته صحافت هاڻي معاشري جو چوٿون نه بلڪه پهريون ٿنڀ بڻجي چڪو آهي، جڏهن سڀئي آوازون بند ٿي وڃن ٿيون ته صحافين جي جدوجهد شروع ٿيندي آهي. وڏي وزير صحافت ڏهاري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مستحڪم جمهوريت ۾ آزاد صحافت جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ آزاد صحافت جو متحرڪ هئڻ لازمي آهي، اسين صحافت جي آزادي تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته آمريت خلاف صحافي برادري هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڻي پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.

 

عمران خان قرض وٺي چوري ڪري رهيو آهي، جهانگير ترين ۽ عليما باجي کي اين آر او ڏيڻ قوم سان غداري آهي : مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته جهانگير ترين ۽ عليما باجي کي اين آر او ڏيڻ قوم سان غداري آهي. نواز شريف جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي رد عمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته قانوني مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته قوم سان غداري اها آهي ته مشرف ۽ پ پ جي ماڻهن کي ڪابينا ۾ شامل ڪري چور چور ۽ ڦورو جا نعرا لڳائي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڇا اسان عدالتن کان اين آر او وٺي رهيا آهيون؟  حڪومت ٻڌائي ته ڪنهن کان اين آر او وٺي رهيا آهيون. مريم اورنگزيب چيو ته  قوم سان غداري آهي ته 16 ارب قرض وٺي عمران خان چوري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته قوم سان غداري اها به آهي ته جهانگير ترين ۽ عليما باجي کي اين آر او ڏنو ويو آهي.  هن چيو ته پئٽروليم وزارت ۾ جيڪو ڌاڙو هنيو ويو حڪومت ان جو جواب ڏي.

 

سر جان مارشل جي استعمال هيٺ آيل گاڏي اصل صورت ۾ بحال، اڄ موهن دڙي پهچندي

موهن جو دڙو ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي قديم ثقافتي ماڳ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ سر جان مارشل جي استعمال هيٺ آيل گاڏي جيڪا خراب حالت ۾بيٺل هئي، سنڌ سرڪار پاران لنڊن مان ڪاريگر گهرائي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڪراچي ۾ان گاڏيءِ جي مرمت ڪرائي وئي آهي. جنهن کي بلڪل ساڳي شيپ ۾آندو ويو آهي، سر جان مارشل جي استعمال هيٺ آيل گاڏي کي اڄ موهن دڙي آندو ويندو، جتي گاڏي بيهارڻ لاءِ ٿاڻي ڀرسان جڳهه پڻ ٺاهي وئي آهي، گاڏي جو افتتاح ڪجهه ڏينهن بعد صوبائي وزير سردار شاهه ڪندو.