تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

Daily Archives: April 24, 2019

نورا فاتحي ، ماهرا خان سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ  ۾ “دلبر گرل” نالي سڃاتي ويندل مراڪشي اداڪارا نورافاتحي پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ماضي جي مشهور گيت “دلبر دلبر” تي آئٽم نمبر ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ بالي وود آئٽم گرل نورا فاتحي کي پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي ايندڙ فلم “سپر اسٽار” ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نورا بالي وود جيان هن فلم ۾ به آئٽم نمبر ڪندي نظر ايندي.نورا جي پاڪستاني فلم ۾ شموليت جي خبر سندس جي پاڪستان ۾ موجود مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو هو، پر نورا طرفان پاڪستاني فلم سائن ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت ڪو به بيان سامهون نه آيو هو. پر هاڻي نورا ان بابت خاموشي ٽوڙيندي فلم “سپر اسٽار” ۾ آئٽم نمبر ڪرڻ بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته خبر ناهي ته اها افواهه ڪٿان پکڙي، پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته اها خبر ڪوڙي آهي، نه آئون ڪا پاڪستاني فلم سائن ڪئي آهي ۽ نه ئي فلم “سپر اسٽار” ۾ ڊانس نمبر ڪري رهي آهيان آئون اهي خبرون ٻڌي حيران آهيان. نورا وڌيڪ وڌيڪ چيو ته هن وقت منهنجو ڌيان مڪمل طور تي پنهنجي ڪيريئر تي آهي آئٽم سونگز تي نه.واضح رهي ته ماهرا خان هاڻوڪي ڏينهن ۾ فلم “سپر اسٽار” جي شوٽينگ ۾ مصروف آهي جنهن ۾ ماهرا سان گڏ اداڪارا اشرف مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو.

 

هالي ووڊ ۾ ڳايل گانو اڄ به ياد ايندو آهي : پريانڪا

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا مائيڪ تي ڳائڻ کان ڊڄڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. اداڪاره پريانڪا هڪ آمريڪي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هوءَ گهڻا گانا ڳائي چڪي آهيان ۽ اسٽيج تي ڊانس به ڪري سگهان ٿي پر مائيڪرو فون تي ڳائڻ کان ڊڄندي آهيان. هن چيو ته کيس مائيڪرو فون سامهون ڳائڻ ٽيلي پرامپٽر تان پڙهڻ جيان لڳندو آهي. اداڪاره جو چوڻ هو ته هوءَ مائيڪ تي سٺو نه ڳائي سگهندي آهي پر فلمن ۾ ان کي سٺو ڏيکاريو ويندو آهي. پريانڪا چوپڙا ٻڌايو ته هن هاليووڊ فلم “ازنٽ اِٽ رومانٽڪ” ۾ گانو تمام سٺي انداز ۾ ڳايو هو. اداڪاره هينئر باليووڊ سان سائن ڪيل پنهنجا پروگرام مڪمل ڪرڻ ۾ رڌل آهي، ان بعد هوءَ پنهنجي ور نڪ جونس سان گڏ آمريڪا منتقل ٿي ويندي.

 

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي فٽنيس جي بحاليءِ لاءِ 22 ڪلو وزن گهٽائي ورتو

ممبئي(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي فٽنيس جي بحاليءِ لاءِ 22 ڪلو وزن گهٽائي ورتو آهي.ڀارتي ٽينس اسٽار پنهنجي فٽنيس جي بحاليءَ لاءِ روزانو 5 ڪلاڪ جم ۾ سرگرم رهڻ لڳي آهي.ثانيه مرزا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن وقت تائين هن پنهنجو وزن 22 ڪلوگرام گهٽائي ورتو آهي.پٽ اذهان جي پيدائش کانپوءِ ٽينس ميدان ۾ واپسي جي خواهشمند ثانيه مرزا جو چوڻ آهي ته هن سخت محنت ڪري وزن گهٽايو آهي.هن چيو ته هوءَ هاڻي آسٽريلوي ٽينر رابرٽ بالارڊ جي نگراني ۾ دبئي ۾ فٽنيس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ثانيه مرزا جو چوڻ هو ته آگسٽ ۾ ٽينس ميدان ۾ واپس اچي يو ايس اوپن جي تياري ڪرڻ چاهي ٿي.

 

ٽيم وٽ هوم گرائونڊ تي عالمي ٽائٽل کٽڻ جو سنهري موقعو آهي ، هدف حاصل ڪرڻ لاءِ رانديگرن کي صلاحيتن کان وڌيڪ پرفارم ڪرڻو پوندو . بين اسٽوڪس

لندن (اسپورٽس نيوز ) انگلنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪس چيو آهي ته ٽيم وٽ هوم گرائونڊ تي عالمي ٽائٽل کٽڻ جو سنهري موقعو آهي ، هدف حاصل ڪرڻ لاءِ رانديگرن کي صلاحيتن کان وڌيڪ پرفارم ڪرڻو پوندو . هن چيو ته ورلڊ ڪپ ٽائٽل کٽڻ ڪينگروز خلاف ايشينز سيريز ۾ فتح کان وڌيڪ ڪارنامو هوندو . انگلنڊ هلندڙ سال ورلڊ ڪپ کان پوءِ آسٽريليا خلاف ايشينز سيريز جي ميزباني ڪندو .