تازيون خبرون
هڪ سال ۾ پيٽروليم شين جي مد ۾ 206 ارب 28 ڪروڙ ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف - وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ ذريعي متبادل نظام هلائڻ چاهي ٿو، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار - جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي ويو - ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو - حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ آهي: عمران خان - وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق - ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ نبيري مان مليل رقم سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪئي ويندي: شهزاد اڪبر - وڏي وزير جي صدارت ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو اجلاس، آءِ جي سنڌ جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار، ٺهراءُ منظور - ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي بازياب نه ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون - اسلام ڪوٽ: مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي، واٽھڙو فوت، 3 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

Monthly Archives: March 2019

پاڪستان پراڻن طريقن تي هلندي ڪنگال ٿي ويو: عمران خان

ڪوئيٽا/ راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو  آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج ۽ بلوچستان حڪومت جي گڏيل منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور جو فيس بڪ تي هڪ پيغام ۾ چوڻ آهي ته انهن منصوبن ۾ ڪارڊيڪ سينٽر ڪوئيٽا، زوب روڊ موٽر وي شامل آهن. هن چيو ته گڏيل منصوبن جي پيڙهه جي پٿر جي موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال به وزيراعظم سان گڏ هو، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪوئيٽا جي ڪارڊيڪ پراجڪيٽ کي يو اي اي حڪومت جو مالي سهڪار آهي، هن ٻڌايو ته ڪوئيٽا ۾ ماحول دوست بايو ميڊيڪل ورڪشاپ ۽ ويسٽ مئنجمينٽ پلانٽ به ٺاهيو ويندو، ڪوئيٽا زوب روڊ ڪچلاڪ، مسلم باغ ۽ سيف الله قعلي وچ ۾ لگهندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته روڊ ٺهڻ سان بلوچستان جي پٺ تي پيل علائقن ۾ معاشي حالتون بهتر ٿينديون، ڪوئيٽا زوب روڊ اولهندي ڪوريڊور جي متبادل طور استعمال ٿيندو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ايندڙ اليڪشن کٽڻ لاءِ افتتاح ڪرڻ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي اهڙو ڪوبه منصوبو شروع نه پيا ڪيون جيڪو رڳو اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي پراڻو پاڪستان ترقي جي دڳ تي نه پئي هلي سگهيو اسان روزانو 6 ارب رپيا قرضن تي وياج جي مد ۾ ادا ڪري رهيا هئاسين اشرافيا کي امير بڻائي ملڪ جي عوام کي صحت تعلي، روزگار، پيئڻ جي پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو ماضي جي حڪومتن بلوچستان ۽ خاص ڪري سي پيڪ جي الهندي روٽ کي نظرانداز ڪيو نئين پاڪستان ۾ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪريو بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بهترين مڪاني نظام آڻينداسين ماضي ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪيو ويو هاڻي ايئن نه ٿيندو بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي سمورن وڏن شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهي رهيا آهيون بلوچستان ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪئي ويندي هو جمعي تي هتي بلوچستان ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڪارڊيڪ سينٽر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۽ ڪوئيٽا ذوب شاهراه کي سي پيڪ تحت ٻٽو ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا، شاهه محمود قريشي، خسرو بختيار، شيخ رشيد احمد، زبيده جلال، قاسم خان سوري، بلوچستان جو گورنر جسٽس رٽائرڊ امان الله ياسين زئي، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جو خاص مددگار سردار يارمحمد رند، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفتيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا به موجود هو وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان جي ترقي جو فيصلو ڪيو آهي اسان ايندڙ اليڪشن کٽڻ لاءِ افتتاح ڪرڻ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون اهڙو ڪوبه منصوبو شروع نه پيا ڪيون جيڪي اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ استعمال ڪيون ۽ ان سان عوام کي فائدو نه پهچي اسان اليڪشن نه پر ملڪ جو مستقبل ڏسڻ چاهيون ٿا هن چيو ته پاڪستان ۾ تبديلي جي سوچ کڻي آيا آهيون ملڪ پراڻي پاڪستان جي دڳ تي اڳتي نه پئي هلي سگهيو، جڏهن حڪومت سنڀالي ته روزانو قرضن تي وياج جي مد ۾ 6 ارب رپيا جاري ڪيا پيا ويا جنهن جي ڪري ملڪ تباهي واري ڪناري تي اچي ويو هو. هن يو ته اسان حڪومت ۾ اچي بلوچستان کي خاص ترجيحي ڏني آهي صوبي جو ڪيس خصوصي آهي ماضي ۾ بلوچستان کي ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ڇو ته هتان اليڪشن کٽڻ ۽ پاور ۾ اچڻ لاءِ ڪو فائدو نه ملندو هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ فيصل آباد ڊويزن جون سيٽون بلوچستان کان وڌيڪ آهن جڏهن به بلوچستان جي ضرورت پئي هئي ته ڪجهه ماڻهن کي نوازي عوام جو پئسو انهن ئي ماڻهن کي ڏنو ويندو هو جنهن سان بلوچستان پوئتي هليو ويو اين ايف سي ايوارڊ سان ملندڙ پئسا هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيڻ جي ڪري اڄ به بلوچستان بنيادي سهولتن کان محروم اهي جڏهن ته هڪ مخصوص طبقو امير کان امير ٿي ويو آهي هن چيو ته ڪارڊيڪ سينٽر سڄي بلوچستان جي ضرورت هو صوبي جي مريضن کي علاج لاءِ ڪراچي وڃڻو پوندو هو. پر پاڪ فوج ۽ حڪومت بلوچستان جي ڪوششن سان بلوچستان هيلٿ ڪمپليڪس جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿي رهيو آهي هن منصوبي جو خصوصي ڪريڊٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڏانهن به وڃي ٿو جنهن گڏيل عرب امارات کان هن سموري منصوبي لاءِ فنڊ ورتا هن چيو ته اسان بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ۽ فوج سان گڏجي ڪينسر اسپتال ٺاهينداسين جيتوڻيڪ هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڏلکيائي ٿيندي پر مون کي اميد آهي ته اسان جلد هتي اسپتالون به ٺاهينداسين وزيراعظم چيو ته اڄ بلوچستان ۾ سي پيڪ اولهه روٽ ڪم شروع ٿي رهيو آهي ڪوئيٽا زوب 305 ڪلوميٽر ڊگهو رستو تبديلي جو نتيجو ۽ گيم چينجر منصوبو آهي هن بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي پٺتي پيل علائقن کي فائدو پهچندو هي روڊ نه صرف بلوچستان پر ڊيرا اسماعيل خان، فاٽا سميت ٻين علائقن کي به هڪٻئي سان ڳنڍيندو جنهن سان ترقي جا نوان دڳ کلندا ۽ ايندڙ وقت ۾ هتي انڊسٽريز زون به قائم ٿيندا هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ جنهن به ملڪ کي تباهه ڪرڻ هجي ان جي اشرافيا کي خريد ڪري ملڪ جي نظام کي تباهه ڪيو وڃي ٿو پاڪستان ۾ به اشرافيا کي امير جڏهن ته ملڪ کي قرضي ڪري عوام کي تعليم صحت روزگار، پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو ماضي جي حڪومتن کي الهندا روٽ اڳ ٺاهڻ گهرجن ها ڇو ته هن روڊ سان ملڪ جي ڏتڙيل علائقن کي ترقي جا موقعا مهيا ٿين ها هن چيو ته ڪوئيٽا کان طفطان ريلوي ٽريڪ ٺاهي رهيا آهيون ڪوئيٽا اسلام آباد لاهرو پشاور جو ماسٽر پلان ٺاهينداسين ماضي ۾ ماسٽر پلان نه هجڻ جي ڪري اڄ شهرن ۾ سهولتن جي اڻاٺ آهي ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويندا ملڪ جي ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڻ لڳائڻ جي ضرورت آهي عوام وڌ ۾ وڌ حصو وٺي هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي خدشو آهي ته غير مقامي ۽ ٻاهرين ملڪ مان ماڻهو اچي کين اقليت ۾ تبديل ۽ سندن حق ڦٻائيندا اهڙا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ته ٽيڪينيڪل ادارا قائم ڪيا ويندا ته جيئن مقامي ماڻهو هنر سکي وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا حاصل ڪن. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير جي ساراهه ڪندي چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته بلوچستان جو وڏو وزير کي صوبي جي عوام جو احساس ۽ درد آهي مان اڳ به وڏن وزيرن جون تقريرون ٻڌيون آهن پر ڄام ڪمال خان دل سان ڳالهه ڪئي آهي صوبو خوشقسمت آهي جو ان کي ڄام ڪمال جهڙو وڏو وزير مليو آهي.

 

 

اين ايف سي جي ورڇ تي خدشاظاهر، سنڌ حڪومت پاران حصو وڌائڻ جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت قومي مالياتي وسيلن (اين ايف سي) جي ورڇ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي وارن صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ قومي مالياتي وسيلن ( اين ايف سي) جي ورڇ تي خدشن جو اظهار ڪندي آمدن ۽ وسيلن کان گهٽ فنڊ ڏيڻ جي دانهن ڪئي ۽ وفاقي حڪومت کان شيئر وڌيڪ ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. اين ايف سي ايوارڊ جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت نه ڪئي پر سندس جاءِ تي ناڻي وارو سيڪريٽري شريڪ ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير  اسد عمر جو اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته قومي مالياتي ايوارڊ بجيٽ کان پهرين جوڙي نه سگهندو ۽ ايندڙ بجيٽ گذريل مالياتي ايوارڊ جي موجب ئي بڻجندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو جي وفاق کان فنڊ نه ملڻ واري ڳالهه سياسي اعتراض آهي، نائين مالياتي ڪميشن ۾ صوبن جو حصو گهٽ نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ آهي ته ڪنهن صوبي طرفان ڪي خاص اعتراض ناهن آيا. آئين ۾ صوبن جو حصو داخل آهي ان کي گهٽ نٿو ڪري سگهجي. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ کي جوڙڻ آءِ ايم ايف سان سلهاڙيل ناهي. ٻئي پاسي ناڻي واري وزارت طرفان قومي مالياتي ڪميشن اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ نائون قومي مالياتي ڪميشن اجلاس ٿيو، فيبروري ۾ بڻايل 6 هيٺين گروپن اجلاس کي بريفنگ ڏني ۽ بريفنگ ۾ وسيلن جي ورڇ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. پڌرائي موجب تجويزن ۾ وسيلن جي ورڇ ۾ شفافيت، هم آهنگي ۽ ڊيٽا جي بدلي تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ هيٺين گروپن کي وسيلن جي ورڇ تي تجويزون ڏيڻ وارو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه مالي وسيلا برابر ورهائڻ واري تجويز ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين کي هڪ جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي قيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي تجويزن کي ساراهيو ويو. پڌرائي موجب اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ هلندڙ سال 31 ڊسمبر تائين پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ۽ اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس اپريل کان پهرين رٿيو ويندو. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ فاٽا ۾ ٽيڪسن کي لاڳو ڪرڻ ۽ واپار ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ بابت تجويزون ڏنيون وينديون.  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ مالياتي ڪميشن جي وڏي ذميواري آهي، آءِ ايم ايف سان مالي معاملن ۾ ڳالهين دوران صوبن کي به شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته هر صوبو مالياتي وسيلن جي ڊيٽا جي بدلي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪندو ۽ قومي مالياتي ڪميشن سيڪريٽريٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيا ويندا. پڌرائي موجب سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ان سلسلي ۾ رضاڪاراڻي طور تي تجويزن پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته تيل ڳولي رهيا آهيون، خوشخبري اچڻ تي حالتون بهتر ٿي وينديون.  لاهور ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ملڪ خطرناڪ حالتن مان ٻاهر نڪري آيو آهي، هاڻي قوم کي پريشاني جي ضرورت ناهي،  مستقبل ۾ پاڪستسان لاءِ وڏيون خوشخبريون آهن.  هن چيو ته هن وقت پنجاب نه پر سموري ملڪ جو ئي خزانو خالي  آهي پر ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. اسد عمر چيو ته نواز شريف جو مستقبل عدالت ئي طئي ڪندي،  پاڪستان ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي،  ماضي جي حڪومتن قومي ناڻي جي بيدردي سان ڦرلٽ ڪئي ۽  ڪنهن عوام بابت نه سوچو.

 

پاڪستان وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف موثر ڪارروائي ناهي ڪئي: ايف اي ٽي ايف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف) پاڪستان ۾ 8 وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف ڪارروائي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف جي ايشيا پيسيفڪ گروپ جي وچ ۾ ٽن ڏينهن وارين ڳالهين جو دور مڪمل ٿي ويو. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف 8 وڏين پابندي مڙهيل تنظِمن جي خلاف ڪارروائي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب ايشيا پيسيفڪ گروپ جي اختيارين موجب پاڪستان وڏين پابندي مڙهيل تنظِمن جي خلاف موثر ڪارروائي ناهي ڪئي. ان کان سواءِ ايشيا پيسيفڪ گروپ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي گهٽتائي تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. گروپ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف ڪارروائي جي طريقيڪار تي به پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي پي جي جو مسجدن ۾ چندو جمع ڪندڙن خلاف ڪارروائي بابت حڪومت جي ٻٽي موقف تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب ايشيا پيسيفڪ گروپ بريفنگ جي حوالي سان پنهنجي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ پاڪستان طرفان ڪيل بندوبستن ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

 

 

 

ڀارتي ظلمن پڙهيل لکيل ڪشميرين کي  هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو: آمريڪي اخبار

نيويارڪ/سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) بڊگام ضلعي ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ ٻه ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪمشير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي بڊگام ضلعي ۾ ڀارتي فورسز طرفان آپريشن دوران هڪ ڀيرو وري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڪشميري شهيد ٿي ويا. ماٿري ۾ ٻن ڏينهن دوران شهيد ٿيل ڪشميرين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.  گذريل ڏينهن به شوپيان ضلعي ۾ ڀارتي فوج اڳرائيءَ جو مظاهرو ڪندي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڪشمري شهيد جڏهن ته ڪلگام ضلعي ۾ فائرنگ ۾ ٻه ڪشميري شهيد ٿي ويا هئا.

 

آمريڪي اخبار پنهنجي هڪ تحقيقي رپورت ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم عروج تي آهن جتي تعليم يافته ماڻهن کي به هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. آمريڪي اخبار “ واشنگٽن پوسٽ ”  موجب ٻه ڏينهن اڳ ڪشمير يونيورسٽي جو پروفيسر محمد رفيح اچتو گم ٿي ويو جنهن بعد سندس لاش مليو جڏهن ته استاد جي موت تي پڙهيل لکيل سمورا ماڻهو هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.  آمريڪي اخبار موجب 31 ورهين جي پروفيسر رفيع ڪشمير يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي جنهن آڏو هڪ روشن مستقبل هو پر هن ڀارت خلاف مزاحمتي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروفيسر شاگردن جو پسنديدا استاد هو ۽ هو اهڙو دانشور هو جنهن صارفين تي نمايان تحقيق ڪئي هئي. آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب ڪشميري انجينئر جي قتل کانپوءِ نوجوان پنهنجي والدين کان سوال ڪري رهيا آهن ته هٿيارن جي مقابلي ۾ ڊگرين جو ڪهڙو فائدو. آمريڪي اخبار جي تحقيق موجب 2008ع کانپوءِ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ نوجوانن جو انگ وڌي رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه ورهيه اڳ تائين ڪمزور ٿيندڙ هٿياربند جدوجهد ۾ نئون جوش جذبو اچي ويو آهي. 2013ع ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿيندر نوجوانن جو انگ رڳو 16 سيڪڙو هو جڏهن ته 2017ع ۾ مقابلي ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ نوجوانن جي شرڪت 2018ع ۾ 52 سيڪڙو رهي.  آمريڪي اخبار موجب 191 ڪشميري نوجوانن مزاحمتي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. گهرو حقن ۽ گورننس کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جنهنڪري ڪشميري چون ٿا  ننڍين ننڍين ڳالهين تي زهر اوڳاڇيندڙ ڀارتي رويو چڙ جو ڪارڻ آهي. آمريڪي اخبار موجب ڀارت گذريل سال پرڏيهي صحافين تي ڪشمير ۾ رپورٽنگ جي پابندي هڻي ڇڏي ايستائين جو واشنگٽن پوسٽ کي سرينگر تائين محدود رهڻ ۽ ڀارتي مخالف ماڻهن سان نه ملڻ جي شرط تي اجازت ڏني وئي.  محقق موجب سوشل ميڊيا سبب لکيل پڙهيل طبقو مزاحمتي تحريڪ ۾ گهڻو شامل ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڀارتي اهلڪار آمريڪي اخبار سان اعتراف ڪندي چيو ته نوجوانن پاران مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ پريشان ڪندڙ آهي.

 

سعودي شهرين لاءِ ويزا في ختم، شهرين کي پاڪستاني هوائي اڏن تي ويزا جاري ڪئي وينديۡۡۡۡ: فواد چوڌري

رياض (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد حسين چيو آهي ته تازو ٿيندڙ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ سعودي عرب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، سعودي شهرين کي پاڪستان جي ايئرپورٽن تي ويزا جاري ڪئي ويندي، سعودي سياحن جو پاڪستان اچڻ اسان جي معيشت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، پاڪستاني سعودي عرب ۾ سينيما ۽ فلم جي شعبي ۾ سيڙپ ڪري سگهن ٿا، جمعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فواد حسين چيو ته سعودي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، سعودي عرب ۾ رهندڙ 20 لک پاڪستانين جو ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، هن چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ناڻي ورانگي جو چوٿون موڪلي رهيا آهن، هن چيو ته مان سعودي عرب جو دورو سعودي عرب جي ثقافت واري وزير جي دعوت تي ڪيو. هن چيو ته سعودي جي ثقافت واري وزير جو پاڪستان سان بهتر لاڳاپو آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اچڻ سان پاڪستان ۽ سعودي جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، هن چيو ته سعودي ولي عهد پاران پاڪستان جو دورو ۽ سندس لفظن جو مثال نٿو ملي، هن چيو ته سعودي ولي عهد پنهنجو پاڻ کي پاڪستان جو سفير قرار ڏنو، هن چيو ته سعودي عرب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، سعودي عرب جي ثقافتي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۾ تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستاني ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي، چوڌري فواد چيو ته پاڪستان ۾ فنون لطيفا جا ادارا ڪافي مضبوط آهن، هن چيو ته سعودي عرب کي ڪلچرل اڪيڊميز قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي، سعودي عرب کي ثقافتي شعبي ۾ فنڪارن ۽ ماهرن جي خدمتن جي به آڇ ڪئي آهي، چوڌري فواد چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سعودي شهرين لاءِ ويزا ۽ فيس ختم ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سعودي شهرين کي پاڪستاني ايئرپورٽس تي ئي ويزا جاري ڪئي ويندي. سعودي سياحن جو پاڪستان اچڻ اسان جي معيشٽ لاءِ فائدي وارو ثابت ٿيندو، هن چيو ته سعودي عرب سان پاڪستاني فلمن جي نمائش جي اجازت تي ڳالهه ٿي چڪي آهي، 1971 کانپوءِ پاڪستاني سينيما جو زوال شروع ٿيو جيڪو هاڻ بهتر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال کان سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن، دنيا ۾ پاڪستاني ڊرامن جو معيار بهتر آهي تنهنڪري پاڪستاني سعودي عرب ۾ سينيما ۽ فلم جي شعبي ۾ سيڙپ ڪري سگهن ٿا.

 

 

 

ڀارت دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ وڃائي ويٺو، پاڪ فوج کان ڊنل ڀارتي فوج طرفان پنهنجو ئي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ جو انڪشاف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت 27 فيبروري تي پاڪستاني فوج سان چڪرين دوران گهٻراهٽ ۾ ميزائل فائر ڪري پنهنجو ئي هيليڪاپٽر ڪيرائي وڌو.  پاڪستان سان جنگ جي خوف سبب ڀارتي فوج گهٻراهٽ ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ وڃائي ويٺي ۽ پاڪستاني فوج سان چڪري دوران غلطي سان ميزائل فائر ڪري پنهنجو ئي هيليڪاپٽر ڪيرائي وڌو هو.  27 فيبروري تي پاڪستان سان چڪري واري ڏينهن سرينگر ويجهو انڊين ايئر فورس جو ايم آءِ 17 وي فائيو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن ۾ 6 اهلڪار مارجي ويا هئا پهريون ته ڀارتي ايئر فورس هيليڪاپٽر کي ٽيڪنيڪي حادثو قرار ڏنو هو.  هاڻي ڀارتي اختيارين جي جاچ رپورٽ ۾ خبر پئي آهي ته هيليڪاپٽر ڪرڻ کان ٿوري دير اڳ ڀارتي دفاعي نظام مان ميزائل فائر ڪيو ويو هو ۽ ساڳيو ميزائل امڪاني طور هيليڪاپٽر جي تباهي جو سبب بڻيو. ميزائل فائر ٿيڻ کان اڳ سڃاڻپ جي نظام آءِ ايف ايف مان پتو لڳايو ويندو آهي ته هي دشمن جو جهاز آهي يا پنهنجو ڪو جهاز آهي. هاڻي ڀارتي جاچ ادارا اهو پتو لڳائڻ ۾ مصروف آهن ته ميزائل فائر ڪرڻ کان اڳ آءِ ايف ايف نظام فعال هو يا نه هو ۽ ڪهڙي هنڌ غلطي ٿي آهي. ڀارتي ميڊيا اڪنامڪ ٽائمز انڊين ايئر فورس جي ذريعن موجب جيڪڏهن واقعي مان ثابت ٿي ويو ته پنهنجي ئي ميزائل سان هيليڪاپٽر تباهه ٿيو ته ذميوار آفيسرن خلاف ڪورٽ مارشل ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

مني لانڊرنگ بابت نيب ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي مني لانڊرنگ بابت نيب ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر هر ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائن، نيب ايندڙ ٻڌڻي تائين انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي جڏهن ته نيب پيراوائز ڪمٽنس به ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جمع ڪرائي.

 

 

پاڙيسرين سان ڏک سک ۾ ساٿ ڏيو، هيشه پاڪستان جي فوج کي سٺي نظر سان ڏسو: پير پاڳاري جي مريدن کي تلقين

ڪنڌرا (م.ڊ) حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري ڪنڌرا لڳ تاريخي شهر اروڙ ۾ عقيدتمندن کي زيارت ڪرائي، پيرپاڳارو فنڪشنل ليگ صدر جي نائب صدر فقير عنايت الله ٻرڙو جي دعوت تي اروڙ پهتو، جتي هزارين مريد ۽ عقيدتمند به زيارت لاءِ پهتا، پيرپاڳاري عقيدتمندن ۽ مريدن کي زيارت ڪرائڻ بعد کين تلقين ڪندي چيو ته پاڙيسرين سان ڏک سک ۾ ساٿ ڏيو، چوپايو مال پاليو، ان ۾ اوهان جي زندگي سٺي گذرندي، هيشه پاڪستان جي فوج کي سٺي نظر سان ڏسو، اسين پاڪستان ٺهڻ کان وٺي فوج سان گڏ گذاريو آهي، حڪومت ڪنهن جي به هجي اسان تي ڪو به فرق نٿو پوي، پير سائين پاڳاري مريدن ۽ واسطي دارن کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته خاص طور تي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو.

 

 

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب وڌيڪ 4 ٻارڙا  فوت، هلندڙ مهيني انگ 84 ٿي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽ:سجاول بجير)ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب وڌيڪ 4 ٻارڙا  فوت ٿي ويا،سول اسپتال مٺي ۾ 45 ڏينهن جو انيل ولد گروُئو ميگهواڙ،9 مهينن جو نفيس ولد ممتاز سومرو،ڪشور ميگهواڙ جو تازو ڄاول ٻارڙو ۽ ننگرپارڪر جي تعلقه  اسپتال ۾ پرتاب جو تازو ڄاول ٻارڙو فو تين ۾  شامل آهن،جنهن کان پوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ وڌي  84 ٿي ويو  ۽ هلندڙ سال انگ 194 ٿي ويو آهي،مٺي سول اسپتال ۾  44 کان وڌيڪ ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي،ٿر ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي،جنهن سبب ٿري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن،ٿر ۾ چوپائي مال جو چارو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي،جنهن سبب 80 لک مال بکن ۾ پاھ ٿي ويو آهي،ٻئي پاسي ٿر ۾ گرمين جي موسم ايندي ئي پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي،سوين کوھ سڪي وڃڻ بعد جر کارو ٿي ويو آهي،سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل آر او پلانٽس به ناڪاره بنجي ويا آهن جنهن سبب لکين ٿري پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ بيتاب آهن،جيڪي اُڃ ۾ تڙپي رهيا آهن،

 

 

سنڌ حڪومت ۽ هڙتالي استادن ۾ ڳالهيون ڪامياب، مطالبا منظور، ايڇ ايس ٽي استادن جي ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار استادن جي مطالبي تحت ايڇ ايس ٽي استادن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيو، جي ايس ٽي استادن کي 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي ويندي. ٽائيم اسڪيل جي حوالي سان استادن جي مطالبي تحت وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي)کي 5 سال جو عرصو مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن موجب گريڊ ۾ ترقي پهرين جولاءِ 2019ع کان لاڳو هوندي. صوبائي وزير سردار شاهه ۽ گسٽا جي وفد وچ ۾ ڳالهين دوران طئه ٿيو آهي ته سال 2014ع ۾ ڀرتي ٿيل ٽيچنگ ڪيڊر جي حوالي سان ڪميٽي جائزو وٺندي ۽ پوءِ اُن جي سفارشن جي روشني ۾ ڀرتين واري موجوده ضابطن ۾ ترميم ڪئي ويندي. ٽائيم اسڪيل تحت جي ايس ٽي استادن کي 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي حوالي سان سمري وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته اقرا، اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جي حوالي سان به هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ضابطن/قانون ۾ ترميم لاءِ مناسب تجويزون سنڌ ڪابينا کي پيش ڪندي.