تازيون خبرون

Monthly Archives: April 2018

راڳ جي دنيا ۾ پيءُ جي ساٿ سان پير پاتو، هاڻي ڪنهن جي پرواهه ناهي: شلپا رائو

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ گلوڪاره شلپا رائو چيو آهي ته گلوڪاري والد جي چوڻ تي اختيار ڪيم.ڀارتي ميڊيا مطابق شلپا رائو چيو ته جمشيد پور سان تعلق رکندي آهيان، جتي پڙهائي تي وڌيڪ توجهه ڏني ويندي آهي ۽ ميوزڪ کي سنجيده ناهي ورتو ويندو، صرف هڪ شخص آهي، جنهن مون لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ اهو منهنجو والد آهي، جنهن منهنجي ٽيلينٽ جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي ۽ مون تي اعتماد ڪيو، جنهن تي سندس تمام گهڻي ٿورائتي آهيان.هن چيو ته ان ڳالهه سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته ماڻهو اتي ڇا چوندا ۽ منهنجي ان انداز ۾ پرورش ٿي

 

ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني روپوش، ملڪيت ضبط

 

ممبئي (شوبز نيوز)  ڀارت جي خاص عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني ۽ سندس مڙس جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارت جي خاص عدالت ۾ ماضي جي بي باڪ اداڪارا ممتا ڪلڪرني جي خلاف 2016 ۾ داخل ٿيندڙ منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اداڪارا ۽ سندس مڙس تي 2 هزار ڪروڙ رپين جي ماليت جي ايفي ڊرين ڪينيا اسمگل ڪرڻ جو الزام هو .عدالت اداڪارا ۽ سندس مڙس وڪرم گواسوامي کي رپوش قرار ڏيندي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.خاص عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ ممبئي جي علائقي ۾ قائم اداڪارا جي ٽن فليٽن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جن جي ماليت 20 ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ان کان اڳ ڀارتي پوليس هن ڪيس ۾ رقم جي منتقلي جي حوالي سان ممتا ڪلڪرني جا بينڪ اڪائونٽ ٽرانزيڪشن ۽ بينڪ جي وچ ۾ ٿيندڙ اي ميل ڳالهه ٻولهه جو ريڪارڊ پڻ پيش ڪيو هو. هن ڪيس ۾ اداڪارا ۽ سندس مڙس جي کانسواءِ 14 ٻيا جوابدار پڻ نامزد آهن. پوليس موجب ڊرگ مافيا جي ڊيلر ”جي مکي“ پوليس جي اهم معلومات ۽ ثبوت فراهم ڪيا، جنهن تحت ڀارت جي ۾ پوليس اداڪارا جي مڙس کي ساٿين ايفي ڊرين جو وڏو مقدار ڪينيا اماڻي هئي جنهن کي اداڪار جي مڙس وڪرم گواسوامي وصول ڪيو هو جڏهن ته رقم اداڪارا جي اڪائونٽ ۾ موڪلي وئي هئي. جنهن بعد عدالت گذريل سال اداڪارا ۽ سندس مڙس جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا. جڏهن ٻئي پاسي  ٻئي  عدالت ۾ پيش نه ٿيا.ماضي جي مشهور اداڪارا 46 ورهين جي ممتا ڪلڪرني ڊرگ اسمگلنگ جي حوالي سان سمورا الزام رد ڪندي انهن الزامن کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏنو هو. ممتا ڪلڪرني ڪڀي تم ڪڀي هم، ڇپا رستم، ڪرانتي وير ۽ ڪرن ارجن جهڙي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو. پر منشيات واپرائڻ سبب 1992 کانپوءِ ڪنهن به فلم ۾ نظر نه آئي، ممتا ڪلڪرني 2013 ۾ وڪرم گواسوامي شادي ڪئي، هو پنهنجي مڙس سان گڏ نيروبي ۾ ڪينيا ۾ رهندي آهي.

 

هاشم آملا قومي ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهريون ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين بڻجي ويو

 

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) مشهور بيٽسمين هاشم آملا کي ڏکڻ آفريڪن حڪومت طرفان شاندار ڪارڪردگي تي آرڊر آف ايڪامانگا ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.ڏکڻ آفريڪا جي مسلمان ڪرڪيٽر هاشم آملا کي ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ڏکڻ آفريڪي حڪومت طرفان قومي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.هو آرڊر آف ايڪامانگا ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهريون پروٽيز بيٽسمين آهي، ان کان اڳ فاسٽ بالر شان پولڪ ۽ مکايا نتيني کي به اهو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.اهو ايوارڊ ڏکڻ آفريڪا جي وڏي قومي ايوارڊ مان هڪ آهي جيڪو آرٽس، ڪلچر، ادب، موسيقي، صحافت ۽ اسپورٽس ۾ شاندار ڪارڪردگي ۽ خدمتن تي ڏنو ويندو آهي.آملا ڏکڻ آفريڪا طرفان 117 ٽيسٽ، 164 ون ڊي ۽ 43 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز کيڏيون آهن ۽ مجموعي طور تي 17794 رنسون اسڪور ڪيون آهن، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان ٽرپل سينچري ٺاهيندڙ واحد بيٽسمين پڻ آهي، هن انگلينڊ خلاف اوول ۾ 311 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي هئي.

 

مشڪل ڪنڊيشنز ۾ پاڪستاني بيٽسمينن جا هٿ پير سڄي ويا، ڪينٽ خلاف بري طرح ناڪام

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) مشڪل ڪنڊيشنز ۾ پاڪستاني بيٽسمينن جا هٿ پير سڄي ويا، ڪينٽ سان چئن ڏينهن واري ميچ جي پهرئين ئي ڏينهن پوري ٽيم 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ڪينٽ سان چئن ڏينهن واري وارم اپ ميچ جي شروعاتي ڏينهن سميع اسلم ۽ اظهر علي تي ٻڌل پاڪستان جي اوپننگ جوڙي 12 هين ووار جي اڌ ۾ ٽٽي ته اسڪور بورڊ تي صرف 28 رنسون ئي موجود هيون، اظهر کي گڊمين بولڊ ڪيو، هن 15 رنسون ٺاهيون، ايندڙ اوور جي پنجين بال تي سميع اسلم به 13 رنسون ٺاهي ميدان کان ٻاهر هليو ويو، ان کي پوڊمور ايل بي ڊبليو ڪيو، مجموعي اسڪور 53 ٿيو ته حارث سهيل کي صرف 5 رنسن تي گڊمين پويلين واپس موڪلي ڇڏيو.اسد شفيق امام الحق جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي مجموعي کي 111 تائين پهچايو پر پاڻ 17 رنسن تي ئي ٿامس جي وڪيٽ بڻجي ويو، ڇهين نمبر  تي ايندڙ بابر اعظم 2 چوڪن جي مدد سان 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، هيگيٽ جي بال تي وڪيٽ ڪيپر رائوس ڪيچ ورتو.پهرئين ٽيسٽ ڪيپ لاءِ پنهنجو ڪيس مضبوط بڻائيندي امام الحق ون ڊائون پوزيشن تي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 111 بالن تي 61 رنسون ٺاهيون، ان جي اننگز 9 چوڪن تي ٻڌل هئي، ان کي گڊمين ايل بي ڊبليو ڪيو.جنهن وقت هو آئوٽ ٿيو ته مجموعي اسڪور 129 هو، شاداب خان کي هيگيٽ 7 رنسن تي بولڊ ڪيو، ڪپتان سرفراز احمد گڊمين جي بال تي ڪاٽ بيهائنڊ ٿيڻ کان اڳ صرف 4 رنسون ٺاهيون، محمد عامر به گڊمين جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، هو به صرف 4 رنسون پنهنجي نالي جي اڳيان داخل ڪرائي سگهيو.حسن علي آخر ۾ هارڊ هٽنگ جو مظاهرو ڪندي 2 ڇڪن ۽ ايترن ئي چوڪن جي مدد سان 11 بالن تي 24 رنسون ٺاهيون، اهو آئوٽ ٿيندڙ آخري رانديگر ثابت ٿيو، پوڊمور جي بال تي هيگيٽ ڪيچ ورتو، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي پهرئين اننگز جو 55.2 اوورن ۾ 168 رنسن تي خاتمو ٿيو، ول گڊمين 5 جڏهن ته پوڊمور ۽ هيگيٽ 2، 2 رانديگرن ئي آئوٽ ڪيو.جواب ۾ ڪينٽ 15 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ تي 39 رنسون ٺاهيون هيون ته گهٽ روشني سبب راند روڪي وئي، اوپنر بيل ڊرومنڊ کي هڪ تي حسن علي پويلين موڪليو، جڏهن راند رڪي ته ڊڪسن 24 ۽ ڊينلي 12 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيو هو

 

ڏارهياڙي جبل ۽ ڪتي جي قبر جو تاريخي پسمنظر ۽ تفريحي ماڳ سان الميو: احمد خان ڇٽو

جڏھن سومرن جي حڪومت  هوندي هئي، ان وقت ڇٽا ذات جا ماڻھو انهن جا خاص مددگار هوندا هئا. ڪن تاريخدانن پاران سومرن جو پاڙو ڪري ڄاڻايو ويو آھي، پر ڇٽا ذات اصل ۾ سمان آهن. سندن کهاوڙ، کهڙا پاڻ تاريخي طور ڀائر آھن ۽ گهلو سندن ويڳو ڀاءُ آھي محترم بيگم حميده کهڙو جو لکيل ڪتاب ”ايوب کهڙي بابت“ تان ورتل شجرو ۽ محترم سردار محمد بخش کھاوڙ جي زباني 2004ع.

جڏھن سومرن جي حڪومت ختم ٿي ته علاوالدين خلجي سندن ڇٽن جو به دشمن ٿي پيو. انهي دوران ڇٽن پنهنجي بچاءَ ڪرڻ لاءِ موجوده بلوچستان ڏانهن رخ ڪيو. ڪجھ سيوهڻ شريف جي آس پاس رهڻ لڳا. جن بلوچستان جو رخ ڪيو. انهن مان ٽي چار گهر ڇٽن جا اچي ڏارهياڙي جبل وٽ رهيا. اتان جا رهواسي چون ٿا ته اڳ هن علائقي ۾ پاڻي جبل مان وهندو هيو. اتي سارين جو فصل به ٿيندو هيو. اتان جا وڏڙا چون ٿا ته هڪ دفعي زميني زلزلو آيو جنهن جي ڪري اهو جبل ٽٽي پيو. جنهن کي ڏارهياڙو جبل چون ٿا. ڏار+هياڙو=ڏار وارو ٽٽل حصو يا ڏاڙهياڙو کاڌل حصو جيڪو موجوده وقت ۾ ان حصي کي اتان جا ماڻھو ڦوڙ ڪري سڏيندا آھن. اهو تمام ٿڌو پڻ آھي. ان جي ايراضي ۾ آبادي به ڪندا آھن.

جيڪو اڳ پاڻي وهندو هيو ۽ زلزلي اچڻ بعد بند ٿي ويو اهو زيري زمين وهڻ لڳو اهي فصل جيڪي اڳ ٿيندا هئا اهي ختم ٿي ويا ، ۽ برسات تي اتان جا ماڻھو آبادي ڪرڻ لڳا اهو پاڻي (ميرھڙ) جي علائقي مام  چشمي جي صورت ۾ نڪتو جيڪو هيٺ گائينچن جي علائقي کي آباد ڪري ٿو.
جنهن کان پوءِ هڪ نک چانڊامون پاڙو عيسا نالي ڏارهياڙو ڇٽو تي به نالو رکيو ويو. جنهن جي دوران هڪ درويش صفت انسان (پيرباري)ذات جو باريجو پڻ هيو اهو اچي رهڻ لڳو.  موجوده وقت ۾ ڇٽن جي هڪ نک يا فريب باريجا سڏجي ٿي. اهو پير باري ڏارهياڙي ڇٽي جو مال چاريندو هيو. انهيءَ کان پوءِ ڏارهياڙي ڇٽي پنهنجي نياڻي نالي ڊاکي پير باري کي شادي ڪري ڏني. جڏھن پير باري صاحب بيمار ٿيو ته وصيعت ڪئي ته جڏھن مان وفات ڪيان ته منهنجو لاش هڪ ڏاند جي مٿان رکي ڇڏجو ۽ جتي اهو ڏاند وڃي ويهي رهي ته پوءِ اتي قبر کڻي دفن ڪندا. پوءِ انهن ماڻھن ايئن ڪيو. موجوده وقت ۾ بلوچستان جي حد گُري جي علائقي ۾ سندس قبر پڻ آھي ۽ سندس قبر تي 1947ع کان اڳ اتان جا رهواسي وڃي پڙ وجهندا هئا، 1987ع دوران مان خود اتي گهمڻ لاءِ ويو هيم. ۽ اتان جي ماڻھن پير باري جي ڏاند وارو رستو ڏٺم. جتان ڏاند لاش سميت گذريو هو. اتي هڪ اونهي سِيرَ (نئه) هئي. جنهن ۾ هڪ وڏو ڪنب پاڻيءَ جو هو. ڏڪر پوڻ وقت اتان جا رهواسي رسين ذريعي هيٺ لهي پاڻي ڀري ايندا آھن. اتي ان ڏاند جو کُرَ جو نشان هيو، ۽ وڏي جبل تان هيٺ ڏاند لٿو. انهيءَ جاءِ کي پير باريءَ وارو لڪ ڪري چوندا آھن. انهيءَ کان علاوه سير جي ڀرسان ڏکڻ طرف هڪ غار پڻ هيو. انهيءَ  مان پاڻيءَ جو زوردار آواز اچي پيو ۽ اتان ٿڌڙي هير لڳي پئي. جيئن ايئر ڪنڊيشن جي هوا هوندي آھي. ڏارهياڙي جبل جي علائقي ۾ تمام گهڻي ٿڌ پڻ آھي. جيئن ڪوئٽيا، ڪوهه مري ۽ گورک جهڙي ٿڌ پڻ آھي ۽ اتي قسمين قسمين ٻوٽا پڻ آھن جن کي طب جي لحاظ  کان جڙي ٻوٽيون چئي سگهجي ٿو.

ڪتي جي قبر بابت اٽڪل 1200ع ڌاري جي ڪهاڻي پڻ آھي هڪ نالي ميرڪ ڇٽو هيو جنهن کي هڪ هوشيار ۽ بهادر ڪتو هيو، جيئن موجوده وقت ۾ وڏن ماڻهن ۽ انگريزن ۽ فوجن وٽ هوشيار ۽ بهادر جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڪتا پڻ ھوندا آھن. اهڙي نموني جو ڪتو هوندو هيو. سندس جو مالڪ ڏارهياڙي علائقي ۾ رهندو هيو. هڪ روايت موجب ڏارهياڙي جبل جي اوڀر طرف ڪرڇ جي جابلو علائقي ۾ نالي حسين ڇٽو رهندو هيو انهيءَ ميرڪ ڇٽي کان ڪتو وٺي ويو ته گهر اڪيلو آھي مان سنڌ جي ميداني علائقي مان اناج ۽ ٻيو ضرورت وارو سامان وٺي اچان پويان متان مال ۽ گهر جو سامان چوري ٿي وڃي. ٻئي روايت آھي ته ڏارهياڙي جبل جي ڏکڻ طرف هڪ ذات جو بروهي رهندو هيو انهيءَ کي ميرڪ ڇٽو اهو ڪتو ڏنو انهيءَ کان قرض وٺي آيو ۽ شرط اهو هيو ته قرض واپس ڪري ڪتو پنهنجو ڪاهي ويندس.
ٻنهي صورت ۾ اهو ڪتو ميرڪ ڇٽو کان ورتو ويو جنهن ماڻھو ڪتي کي پاڻ وٽ آندو اهو پاڻ سنڌ جي ميداني علائقي ڏانهن پنهنجي گهر جي لاءِ سودو سامان وٺڻ ويو ته پويان سندس گهر مان سامان چوري ٿي ويو. جڏھن گهر مالڪ واپس سامان وٺي آيو ته ڪتو ان جي قميص ۾ چڪ وجهي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيو. گهر جو مالڪ ڪتي جي پويان هلڻ لڳو. نيٺ ڪتي چوري ٿيل سامان جي مٿان بيهي ڀونڪڻ لڳو. مالڪ سامان ڏسي خوشيءَ مان اهو کنيون جڏهن گهر جو مالڪ پنهنجي وٿاڻ تي آيو ته ڪتي جي هوشياري ڏسي خوشيءَ مان ڪتي کي ڳچيءَ ۾ خط لکي ٻڌي اصل مالڪ ميرڪ ڇٽي ڏانهن اجازت ڏئي روانو ڪيو. ڪتي جو مالڪ ميرڪ ڇٽو به ڪتي جي جاچ لهڻ لاءِ گهران نڪتو ته رستي ۾ اهو ڪتو مليو ته مالڪ ڏسڻ سان ڪتي کي ڪاوڙ مان بجو ڏنو ۽ ڪتي کي چيائين ته تون ڇو ڀڄي آيو آھين. هڪ دم ڪتو پڇ لٽڪائي پيرن تي ڪري پيو ۽ اتي ئي ڪتي دم ڏنو. مالڪ ڏٺو ته ڪتي جي ڳڄيءَ ۾ خط لکيل آھي. اهو خط کڻي پڙھايو ته جنهن وٽ ڪتو هيو انهيءَ تفصيلي خط لکي ۽ ڪتي کي اجازت ڏئي موڪليو هو. جنهن کان پوءِ مالڪ انهيءَ وٽ روبرو وڃي پڪ ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪتي جي اصلي مالڪ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جنهن جي ڪري ڪتي کي ڪپڙي جي ڪفن سان ويڙھي کيٿر يعني کيرٿر جبل جي وڏي ۾ وڏي ٽڪري تي دفن ڪيو.

ان کان پوءِ ان قبرکي ڪتي جي قبر واري چوٽي سڏيو ويندو آھي جيڪا موجوده وقت ۾ يوسي غيبي ديرو تعلقو قمبر ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ سابق ضلعي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ هيو. جنهن کان پوءِ ميرڪ ڇٽي کي مار + چو =ڪُتي کي ماريندڙ سڏڻ لڳا. انهيءَ جي اولاد کي مارچو سڏيو ويندو آھي. موجوده وقت ۾ ڇٽا ذات ۾ (مارچو )پاڙو به آھي. ان نسل يا خاندان مان ڪجھ ماڻهو ڏارهياڙي جبل جي علائقي ۾ رهندڙ آھن. انهيءَ کان الاوه شهدادپور ، وارھ ، حيدرآباد جي ڀرسان به رهندڙ آھن.

بلوچستان علائقي حب چونڪي ۽ دريجيءَ جي علائقي ۾ تمام گهڻا ماڻھو آباد آھن موجوده وقت ۾ ان پاڙي يا خاندان مان ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو جيڪو صحت کاتي ۾ ڊائريڪٽر سنڌ هيو. هاڻي رٽائرڊ پڻ آھي. ٻيو ڊاڪٽر ممتاز علي ڇٽو جيڪو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر پڻ آھي، ٽيون محترم محمد صادق ڇٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل پڻ حيدرآباد ۾ آھي ، ان سان گڏ ڪيترائي لکيل پڙھيل ماڻھو به آھن.

جڏھن 1843ع ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ان وقت ضلعي شڪارپور ۽ تعلقي نصيرآباد ۾ ڏارهياڙي وارو جابلو علائقو هوندو ھو ان وقت انگريزن سنڌ جي سرحد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انگريز آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي. ان وقت پهريون انگريز ڏارهياڙي جبل جي علائقي جي ترقي ڏانهن قدم کنيو. پوءِ اهو علائقو بلوچستان جي سرحد تي هيو پهريان انگريز سڄي جابلو پٽيءَ جي رستي تي امن قائم ڪرائڻ لاءِ پوليس جون چونڪيون قائم ڪيون ۽ ڏارهياڙي ڳوٺ ۾ سرڪاري بنگلو ٺھرايو، ۽ اتي هڪ وڏو پاڻيءَ جو تلاءُ کوٽرايو. ڏارهياڙي علائقي جي حد پينئرو جبل ڪرڇ مهيسر ۽ ويڊ، الله وارو حصو، ڇٽن جي حد ۾ پڻ آھي. جيڪو صدين کان وٺي قبضي ۾ رهيو آھي اهي انگريز آفيسر هر سال گرمين جي موسم ۾ ڏارهياڙي ۾ اچي تفريح ڪري ويندا هئا ، انگريزن جي امن قائم ڪرڻ وقت حمل ۽ وارهه جا هندو واپاري گرمين جي موسم ۾ اچي وڻجھ واپار ڪري ويندا هئا، هندن جا ٻه ٽي دوڪان به هوندا هئا، ڏارھياڙي جي رهواسين کان گيھ اُنَ ۽ ڏاسَ وٺي ويندا هئا، انهن کي قرض به ڏيندا هئا، جڏھن انگريز آفيسرن کي (ڪتي جي قبر )جي خبر پئي ته اهي اچي ڪتي جي قبر ۽ ڏارهياڙي جبل جي علائقي جي ٿڌي موسم بابت چڱي طرح ڄاڻ حاصل ٿي ، جنهن کان پوءِ انهن انگريزن تاريخي احوال پنهنجي هٿن سان قلمبند ڪيو ، جنهن کان پوءِ ڪتي جي قبر ۾ ڏارهياڙي وارو علائقو تمام گهڻو مشھور ٿيو.

هتي استاد عبدالرئوف گائينچي جو بيت ڏارهياڙي جي علائقي جي ٿڌي موسم هئڻ بابت هيٺ ڏجي ٿو.

ويڍ ۽ لاکاني، بيشڪ بست دري،

ڏوري ڏٺو جن آ، تن ساعت ناه سري

***

سنڌ جو ڪوھ مري، ڏارهياڙي جو ڏيھ آ.

ويڍ ۽ لاکاني، بيشڪ ٿڌا ماڳ،

***

ڏارهياڙي جي ڏيھ جا، روح رسيلا راڳ،

ڀونءِ جا چمڪيا ڀاڳ آھڙ گهلي هير ٿي.

***

انهيءَ کان الاوه ڊاڪٽر شبير احمد بهلول ڇٽو جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ڏارهياڙي جبل جي علائقي ۽ ماڻھن جي عڪاسي ڪري ٿو،

جتي ٿڌڙي هير گهلي ٿي

ڪوئٽيا ڪوھ مري کان هير ملي ٿي

محبت وڌائي مير فقير رکي ٿي

سک سوز جيان ، عزم جي مثل.

***

سادا سودا مارو ويٺا مال چارين،
اکر الفت جو پل پل پيا سارين ،
سادگي سينگار تن سان سدائين اچارن،
مهمان نوازي آتن ، ارم جي مثل.

***
مزاراڻي،باجڪ، سينهاچ جو آ سهارو،
حمل آ ڪاڇڙي کي ڏي پاڻي سارو،
گورخ،ڪشمير،واديءَ کان وڌيڪ پيارو،

محبت جا گل ۽ گلزار وڌي صنم جي مثل.

***
جنهن ۾ گئس ۽ پٿر جا آھن خزانا،

قيمتي ٻوٽا ڏسي ناسي ٿين ٿا ديوانا،

رئيس ، سردار ڏسي لالچ جا ٺاهن ٿا آشيانا،

جيڪو ڪري لالچ تنهن لاءِ گم جي مثل.

***

ڪڪهن، سيسو ، هرڻ ،گڊ ، سرھ ۽ تتر رهن ٿا،

مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون ٻڌائي منظر هڻن ٿا،

ڏسي عجب نظارا سي دل کي وڻن ٿا،
ڪري جيڪو قهر تن سين ظلم جي مثل .

***

رئيس احمد ، ڦيرو ، کٽو کٽاڻي ۽ شڪر خان

جيڏي هئي محبت تيڏا هئا هو جوان،

دشمن سان جنگ جوٽي ماريا ٿي بيمان،

سدائين هڪ هئا هڪ ٿي هڪ قدم جي مثل

***

ڪرڇ ، ويڍ ، فوندل کي ڪري صاف سٿرو

ڪري تن جو مان مٿان ۽ رنگ گهرو،
ڌوئي پاڻيءَ سان ظاهر ڪري تن جو چهرو ،
جيڪو مڃي نه احسان شرم جي مثل.

***
جتي ڪتي جي قبر جو آھي مثال ،

ڪندو جيڪو غداري سو دل مان ڪڍي خيال

انسان جيان حيوان ۾ وفا بيمثال ،
وفائن جا ملن خزانا ڪرم جي مثل.
***

بيمار پيئن پاڻي تن کي ملي نئين زندگي ،

ڇٽا شبير تڏھن مان ڪيان ٿو بندگي،
ڪتي وفاداري ڏيکاري ديوانگي،
ڏي سڀ کي جيئندا جنم جي مثل.
هن ڏارهياڙي ۽ ڪتي جي قبر جي علائقي جي تفريحي ماڳ سان 1884ع کان ڪو وڏو الميو اهيو ٿيو جو انگريزن چانڊين جي نواب کي جاگير ڪري ڏني. جنهن تي ڇٽن ۽ چانڊين جي نواب سان علائقائي تضاد پيدا ٿيو. جنهن تي نواب صاحب قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ڇٽن جي مٿان مرزا قليچ بيگ مختيار ڪار نصير آباد پوءِ وارھ جو پهريون ٿيو. جي غلط رپورٽنگ تي ڪيس ٻه دفعا داخل ڪيا، پر انهن جي انگريزن پاڻ اچي وڌيڪ جاچ ڪري ڇٽن جي حق ۾ فيصلو ڏنو. جيڪا سند خان آف قلات ڏني ان تي انگريزن به حد بندي جو فيصلو برقرار رکيو مرزا ڪليچ بيگ اتان جي رهواسين بابت سفرنامي ۾ جيڪو لکيو آھي اهي الفاظ ڏکائيندڙ آھن ، ڏارهياڙي جبل جي علائقي جو اهو تضاد ڇٽن کي ورثي ۾ مليو آھي جڏھن به چانڊين جو نواب طاقتور ٿيندو آھي ته ڪونه ڪونه فساد برپا ڪرائيندو آھي ڇٽا گائينچا اصلي طرح سان پاڻ ۾ ڀائر آھن گائينچا اڳ ڇٽن جو پاڙو هيو اٽڪل 1650ع ڌاري پاڻ ۾ گهرو ويڙھ ٿي ان بعد جدا ٿيا ، جنهن کان پوءِ چانڊين جي نواب وٽ گائينچا حاضري ڀرڻ لڳا جڏھن کان جاگير جو تضاد ٿيو آھي ان وقت کان وٺي گائينچا نوابن جي چوڻ تي هلندا آيا آھن اهي نواب صاحب نٿا چاهين ته هنن مان تضاد واري صورتحال ختم ٿئي، ڇو ته ڇٽا گائينچا تضاد ختم ٿيندو ته پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا جيڪا جابلو پٽي آھي اها نوابن کان قبضي مان نڪري ويندي ، ۽ اتي جابلو پٽيءَ وٽ ترقياتي ڪم ٿيندا ته اتان جا اصل رهواسي سجاڳ ٿيندا جنهن جي ڪري انهيءَ تضاد کي هٿي ڏيندا پيا اچن . هڪ چوڻي آھي ته ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو.

ڇٽن ۽ گائينچن جي پاڻ ۾ گهرو ويڙھ کان پوءِ ٽي دفعا ويڙهه ٿي جنهن ۾ 1921ع ،1972ع ۽ ٽيون 8 جنوري 2004ع تي نواب شبير احمد چانڊيو ۽ سردار محمد صالح ڀوتاڻي ڇٽو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ فيصلو ڪيو پر اهو فيصلو به اڌورو ڪيو ويو. جنهن ۾ حد بندي نه ٿي آھي انهيءَ کان علاوه ڇٽن جا ٽي خون رهيل آھن. ڇٽن جو شرط اهيو آھي ته جيڪا اسان کي خان آف قلات جي حد بندي ٿيل کي انگريزن به بحال ڪئي آھي اها ئي حد بندي گهرجي. ٻئي قابل قبول ناهي ڇٽن کي وڪرو ڪيو ويو آھي ان تي ڇٽن جا پڙھيل ماڻهو ناراض آھن ته اسان کي ڪنهن جي به غلامي قبول ناهي .ڇٽن جو سردار ۽ گائينچن جو نواب ٻنهي ڌرين ۾ هڪ خوف پيدا ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آھن پاڻ ۾ مائٽ پڻ آھن جيئن چانڊين جي نواب گائينچن جي علائقي مان گئس ۽ پٽرول جي رائلٽي ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري رهيو آھي ، اهڙي نموني سان ڇٽن جو سردار به ايئن ڪري رهيو آھي، پر ڇٽن جي سردار صاحب بلوچستان جي ڪرخ شهر کان ڏارهياڙي جي علائقي ڏانهن ڪچو رستو ٺھرائي ڏنو آھي پر سنڌ حڪومت طرفان رستي ٺھرائڻ جي سهولت ٻنهين ذاتين کي نٿي ڏني وڃي .جنهن ۾ خاص مرحوم شبير احمد چانڊيو هو ۽ هاڻي نواب سردار خان چانڊيو جو هٿ آهي.
جابلو پٽي جا سڀ رهواسي خاموش ۽ بيوس بنيل آھن انهن ذاتين سان گڏ چانڊين جو اچ وڃ وارھ شھر ڏانهن گهڻو هوندو آھي پر اهو وڏو الميو آھي ته ڇٽن گائينچن جو پاڻ ۾ تضاد علائقي تي آھي انهيءَ تضاد جي ڪري ٻنهي ڌرين کي رستي جي اجازت نٿي ڏني وڃي ۽ ڏارهياڙو جبل هڪ تفريحي ماڳ وارو علائقو سنڌ جو حصو پڻ آھي انهيءَ رستي نه هئڻ ڪري ڪٽيل آھي ۽ بلوچستان جي حاڪم جو اثر پڻ آهي نه وري اسان جي سنڌ حڪومت مالڪي ٿي ڪري ، ان ڏارهياڙي جبل جي تفريحي ماڳ ڏانهن رستي ٺهرائڻ لاءِ مان 1986-87ع کان وٺي ڪوشش ڪري رهيو آھيان. مون وٽ درخواستن جو وڏو فائيل پڻ موجود آھي جيڪو ڏارهياڙي جبل جي رستي بابت آھي ۽ صدر اسحاق ۽ نواب شريف جا ليٽر پڻ موجود آھن ان کان علاوه محمد خان جوڻيجي جي وقت ۾ سازدا اداري جا پڻ ليٽر آھن ، 1996ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مرڪزي حڪومت هئي انهيءَ کي سعودي عرب ۾ منهنجي طرفان منهنجي سئوٽ درخواست ڏني ،انهيءَ تحت سنڌ جو وزير اعليٰ مرحوم سيد عبدالله شاھ ڏارهياڙي جبل جي پاڻ وزٽ ڪري سروي ڪرائي اتي سيد عبدالله شاھ جلسو به ڪيو سيد عبدلله شاھ تقرير دوران وڏي آواز سان پڇيو ته هن جلسي ۾ سڀ ذات جا ڇٽا آھيو جواب ۾ ھا جو جواب آواز ۾ آيو ، انهيءَ کان پوءِ نواب شبير احمد چانڊيو ايم اين اي رستي ٺھڻ تي اعتراض ڪيو پر سيد عبدالله شاھ بينظير ڀٽو جي حڪم تي عمل ڪري رستي جي منظوري جي عمل کي وڌايو پر پ پ جي حڪومت ختم ٿي اتان جا غريب مسڪين اڄ ڏينهن تائين تڪليفون برداشت ڪندا رهن ٿا ، ان رستي ٺھڻ مان ڇٽن، گائينچن ۽ معرفاڻي چانڊين جو نقصان ٿيو آھي ، موجوده وقت ۾ هتان جي نواب سردار خان چانڊئي ايم پي اي وارهه کي هن تفريحي ماڳ لاءِ وارھ ۾ کليل ڪچهريءَ ۾ درخواست مون ڏني جنهن تي نواب صاحب مسڪرائي اهو جواب ڏنو ته مون وٽ ۽ سنڌ حڪومت وٽ ايتري بجيٽ نه آھي جو اهو رستو تعمير ٿي سگهي ، جيڪر اهو رستو ٺهيو ته منهنجي چراگاھ کي جنهن ۾ هرڻ ۽ گڍ رهن ٿا انهن کي نقصان ٿيندو ، ۽ مان راضي نه آھيان ، ان کان پوءِ وارھ شھر ۾ هڪ سماجي تنظيم ٺاهي ان تحت مرڪزي حڪومت ڏانهن درخواستون موڪليون ويون انهن جو جوابي ليٽر ۽ پاڻيءَ جي سهولت لاءِ اچي مليا پر هتان جا آفيسر ڪوبه تعون نٿا ڪن پر ڪوشش جاري ساري آھي هن تنظيمن جي طرفان هر سال ڏهين آگسٽ تي ڏارهياڙي جبل ۽ ڪتي جي قبر وٽ اجلاس ڪرڻ کان پوءِ هن علائقي جي وفات ٿيل ماڻھن سان گڏ شھيد ٿيڻ لاءِ ڪئي وئي آھي ۽ دعا ۾ هن علائقي جي ماڻھن کي خوشحالي آڻڻ سان گڏ پاڻي ۽ رستي جي سهولت پيدا ڪرڻ لاءِ رب سائين کي عرض ڪيو ويو ته هر سال تي هتي اجلاس ۽ خيرات ڪئي ويندي .
ان کان پوءِ سردار محمد صالح ڀوتاڻي ڇٽو ڏارهياڙي ۾ پاڻي مهيا ڪرڻ جي لاءِ ٽيوب ويل لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي خيسي مان پنجٽيھ لک رپيا ڏنا آھن. جنهن جو ڪم جولاءِ 2016ع کان ڪم شروع ٿي ويو آھي پر پاڻي اڃا نه نڪتو آھي ان کان علاوه نواب سردار احمد خان چانڊيو جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺھراءُ پاس ڪرايو پر اهو سنڌ سان ايترو سچو نه آھي ڇو ته پنهنجي قبيلي ذات جا جيئي سنڌ جي نعري تحت  پريم اميراڻي ،روپلو چولياڻي منير چولياڻي ۽ ان کان علاوه وحيد لاشاري جي شھيد ٿيڻ تي اڄ تائين عذرخواهي به نه ڪئي آھي باقي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو ڪوڙو نعرو هڻي، ڏارهياڙي جبل ۽ ڪتي جي قبر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

 

لطيف جي گيتن جهڙي صائمـ جروار: ثاقب بلوچ

اڄ موئن ڌڙي جي مٽي چوي ٿي تـ اهڙا ڪهريل ظلم تـ ڪڏھن منهجي قديميت ۾ بـ نـ ٿيا جيڪي ظلم اڄ جي سنڌ جي دجالي دور ۾ عام آھن,لاڙڪاڻي کي اڄ موئن معيار ٿو ڏي, اها ننگري جتي ڪالھ هڪ ثمينا جي ڳائيندڙ آواز کي دٻايوويو هو اڄ انهي لاڙڪاڻي جي ميروخان ۾ ھڪ معصوم گل جيان ٻھڪندڙ نياڻي کي ازيتن سان قتل ڪيو ويو, هو تـ معصوم هئي هو صرف گهر جو رستو ڀلجي وئي, مگرهندجاليدورجاماڻھونانسانيتمان ڀلجي ويا آھن,
ڇا معصوم صائمـ جروار کي اهو حق نـ هو تـ هو ٿيهلو کڻي اسڪول وڃي سگهي, پنهجي سرتين سان راند رچائي سگهي, اهو ڪو پهريون ڪڙڪيل ڪهر ناهي , انهيء ئي پي پي جي پئرس لاڙڪاڻي جي ست سالا ساحل ڪوريجو ۽ پنهج سالا سنڌو سومرو, خانپور جي نو سالا سرور پونهر, قصور جي ڇهه  سالا زينب, مردان جي چارسالا عاصمـ, عمرڪوٽ جي اميشا, ٺل جي فضيلا سرڪي انهن سمورن مظلومن کي ازيت جو نشانو بڻايو ويو. اڃا ڪيترا قهر ڳڻايان. ڪيتري نـ افسوس جي ڳالھ آھي تـ حڪمرانن جون ڌيئريون ڇوٽن ڪپڙن ۾ بـ محفوظ آھن ۽ سنڌ جي سادن سانگهين جون معصوم۽سٻاجهڙيونياڻيون ستن ڪپڙن۾بـ ازيت جو نشانو بڻجن ٿيون،  صائمـ جروار جيڪا هن دجالي دور جي سماج کان اڻواقف هئي ان کي ڪهڙي ڪل تـ هن سنڌڌرتي جتي لطيف سرڪار جي سر ٻولي ٿي۽ جتي قلندر جو رڪس ٿئي ٿو،  جتي موئن ڌڙي جي مٽي آھي اتي انسانيت کي داغيندڙ درندا هوندا جن جي اندرجوانسان موئل هوندو, اهي حيا و شرم کان خالي هوندا, ان معصوم نينگر کي ڪهڙي خبر تـ انهن ماڻھن جي چهرن پٺيان چهرا چهڙيل آھن, جيڪي حيوانيت جا چهرا آھن. جي انهن درندن کي جانور چئجي تـ اها جانور جي توحين آھي ڇو جو ڪتو بـ ان گهر جي باتي کي ڏاٺ ناهي ڏييندو جتان هو کائيندو آھي,هي هڪ صائما جروار جو قتل ناهي هي سنڌ جو قتل آھي,سنڌ جنهن ڪالھ ھندستان مان آيل مهاجرن جي نياڻين مٿان شفقت جو هٿ رکيو هو ۽ انهن جي مٿي تي پنهجائپ جي پوتي رکي هئي, جتي نياڻن کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو, اتي اڄ صائما جو روح چوندي هوندي تـ مونکي ست قرآن نـ صرف انسان سمجهيو ها, اي سنڌ ڌرتي تو تـ هميشا ننگن کي ساک ڪري رکيو پر اتي منهجي عزت محفوظ ناهي رهي, مان تـ هڪڙي ننڍڙي ج انهئ سمان تـا ڃا دنيا جي دستور کان ئي اڻ واقف هئس, اڄ تنهجي ننگري۾ڪنهن دندري جي ساھ مان وحشيت جي دپآئي جنهن مونکي ازيتن سان قتل ڪيو, اي منجهي ڌرتي اهو مان ڄاڻان ٿي تـ مونکي ڪئين چيٻاٽيو ويو,مون تي ڪهڙڪيل قهر جو تـ ڪير اندازو ئي نٿو لڳائي سگهي. منهجي ڌرتي هڪ دانهن توکي آھي, ٻي دانهن لطيف سرڪار ۽ مخدوم بلاول کي ڏيندس, تـ اي ڀٽائي جنهن ماروئڙن تي تو بيت لکيا انهن اڄ تنهجي بيتن جو قتل ڪيو, اي مخدوم بلاول جنهن سنڌ لاء تو سر ڪٽايواڄ ان ئي سنڌ جي واسين سنڌ جو قتل ڪيو,پر افسوس آھي اڄ جي حڪمرانن تي جن جو ضمير صدين کان مئل آھي, جن کي صائمـ جي سور جو احساس ئي ڪونهي. گلگت جي ملالا لاء تـ دنيا واجهائي ٿي پر سنڌ جي صائما جي سور کان واقفهونديبـاڻواقفآھن, اڄصائمـسانگڏ سنڌ بـ دفن ٿيو پر اسان جي نااهل حڪمرانن جو وار بـ ناهي چريو, اهي ووٽ وٺڻ لاء تـ فڪرمند هوندا آھن ۽ اسيمبلين ۾ اپوزيشن خلاف تـ ڳالائيندا آھن پر ڪنهن مظلوم تي ٿيل ظلم تي نٿا واجهائن, انهن جو پنجهيون نياڻيون تـ محفوظ رهندا آھن پر سنڌ جون نياڻيون ازيت جو شڪار ٿينديونآهن, آخر ڪيسيتائين سنڌ کي بار بار قتل ڪيو ويندو, ۽ ڪڏھن اسان جا حڪمران نشيلي ننڍ مان اٿندا ۽ لطيف جي ننگري جي واهر ڪنداسنڌي ماڻھو ته سڄي دنيا لاء درد رکي ٿو ,دنيا ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿئي ته  اسان سڀني کان اڳڀرا هوندا آھيونپر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته
سنڌ جي سورن جو ڪنهن کي به احساس ڪونهيصائمـ جروار قتل انهي ڳالھ جو ثبوت آھي. برهال بحثيت هڪ عام فرد جي مان گذارش ٿو ڪريان هن دجالي دور جي حڪمرانن کان تـ اهي صائـمـ جو سور محسوس ڪن جئين قصور جي زينب لاء واجهائيو ويو ائين ئي سنڌ جي صائمـ جي واهر ڪئي وڃي, ان نياڻي جي روح کي انصاف ڏياريو وڃي,۽ صائمـ جي وارثن جو زخم ڀريو وڃي, ۽جئين اسيمبلين ۾حڪمرانن جي مفاد ۾بل منظور ٿيندا  آهن ائين ئي انهن مظلوم ماڻھن جي لاء ب ـ ڪاقانون ٺاھي وڃي جئين هن ملڪ جي قانون۾غريبن لاء انصاف ڪجھ سستو ٿي سگهي, ۽ صائمـ جي قاتل کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جئين وري ڪا صائم ازيت جو شڪار نـ بڻجي, ۽ بار بار سنڌ جو قتل نـ ٿئي,

 

 

پنهنجي ئي حڪومت کان پڇاڻو…!!

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  گذريل ڏينهن لاهور م ڪوٺايل اجلاس ۾ چيو  هو ته ايندڙ چونڊن ۾ اها سوچ ختم ڪنداسين ته جنهن تي ڳجهيون طاقتون هونديون آهن رڳو اهي ئي اليڪشن کٽي سگهن ٿا، مسلم ليگ ن ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي زور تي ضرور ڪاميابي حاصل ڪندي.   ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ کي عزت ڏياري ويندي، پارٽي جا مخلص ڪارڪن ايندڙ چونڊن جي تياري ڪن. ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهن جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪئي پئي وڃي، مشرف جي به خوشامد ڪئي وئي، ڇا ڪڏهن اسان ڪنهن اصول تي بيهنداسين.  پاڪستان ۾ چونڊيل نمائندن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن دل ۾ عوام جو قدر نه هجي ته منصب نه رکڻ گهرجي، احسن اقبال درست چيو ته توهان جي عزت آهي ته سياستدانن جي به آهي. اسان کي پنهنجي سوچن ۽ ذهنن کي تبديل ڪرڻو پوندو. اسان خلاف ڪيسن ۾ ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي، اهڙن ڪيسن ۽ زيادتين خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. ذاتي مفادن لاءِ ملڪ ۽ قوم جي مفادن کي قربان ڪيو پيو وڃي. اڳوڻي بنگلاديش ترقي جي ميدان ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري چڪو آهي، اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جاتي پائڻ ڏسڻ گهرجي. ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو گهر گهر پهچي چڪو آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي. بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ڪرنسي به پاڪستان کان بهتر آهي، اسان هڪ وک اڳتي ۽ 2 وکون پوئتي ٿيندا رهياسين ته ڇا ٿيندو. ترقي ڪندڙ ملڪ هاڻي پوئتي وڃي رهيو آهي، پرويز خٽڪ جي وات مان نڪري ويو ته کيس مٿان کان آڊر مليو، اهڙي قسم جي سياست کي روڪي ئي جديد دنيا ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف ٻڌائين ته حڪومتي عملداري ڪٿي آهي.

 

وفاقي حڪومت 19-2018 لاءِ 52 کرب کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل مالي سال ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه لاءِ 5 هزار 932 ارب، 50 ڪروڙ حجم جي واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي مالي سال بجيٽ جي حجم کان 16 ڏهائي 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال بجيٽ دوران وسيلن جوڪاٿو 4917.2 ارب رپيا آهي جيڪا ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي مالي سال جي بجيٽ ۾ 4713.7 ارب رپيا هئي، ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه جي بجيٽ ۾ خالص محاصل جو ڪاٿو 3070.4 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جيڪو ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي بجيٽ ۾ 4.9 وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبن جو حصو 2590.1 ارب رپيا رکيو ويو آهي جيڪو مالي سال ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي ڀيٽ ۾ 8.1 هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال دوران جملي خرچن جو ڪاٿو 5932.5 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جنهن مان جاري خرچ 8780.4 ارب، جڏهن ته ترقياتي خرچ 1152.1 ارب رپيا هوندا، عوامي خدمتن تي خرچن جو ڪاٿو 3340.4 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) کان ٻاهر ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 180.2 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جيڪو ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي بجيٽ ڪاٿي کان 18.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو حجم 1650 ارب رپيا رکيو ويو آهي جنهن مان 850 ارب رپيا صوبن لاءِ رکيا ويا آهن، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق جو حصو 8 سئو ارب رپيا رکيو ويو آهي جنهن مان 420.4 ارب رپيا وفاقي وزارت ۽ ڊويزنن لاءِ، جڏهن ته 246.1 ارب رپيا ڪارپوريشن لاءِ، 5 ارب رپيا جٽادار ترقي جا حدف ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته 8.5 ارب رپيا زلزلي سبب نئين تعمير ۽ بحالي اٿارٽي ارا لاءِ 5 ارب رپيا، سي پيڪ منصوبن جي مثابقت جي لاءِ 10 ارب رپيا وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جي 10 سالن جي منصوبي لاءِ رکيا ويا آهن، 45 ارب رپيا عارضي بي گهر ماڻهن جي رليف، 45 ارب رپيا سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ، جڏهن ته 10 ارب رپيا وزيراعظم جي يوٿ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ 5 ارب رپيا گيس انفرا اسٽرڪچر سيس لاءِ رکيل هوندا، خرچ پورا ڪرڻ لاءِ بينڪن کان قرض جو ڪاٿو 1015.3 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن کان وڌيڪ آهي، جمعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اپوزيشن سخت احتجاج ۽ واڪ آئوٽ جي باوجود وفاقي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ تقرير ڪندي هن چيو ته بجيٽ کانسواءِ هڪ ڏينهن به حڪومت نٿي هلي سگهي. هن چيو ته هيءَ بجيٽ عوامي بجيٽ آهي، حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ورثي ۾ ملي هئي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي گهٽ هئي، هن چيو ته مئي 2013 ۾ حڪومت آئي ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پروگرام ڏنو، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ سمورن چئلينجز کي منهن ڏنو، 5 سالن ۾ سخت محنت ڪئي، ڏکيا فيصلا ڪيا، ذاتي مفادن کي اهميت نه ڏني، ناڻي وزير ٻڌايو ته واڌ جي شرح ۾ 5.79 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل 13 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي، اڄ ملڪ دنيا ۾ 24 هين وڏي معيشت آهي، هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ مارچ تائين ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو رهي، گذريل 5 سالن دوران ٽيڪس اوڳاڙين ۾ غير معمولي واڌ ٿي، تاريخ جي سڀ کان گهٽ وياج جي شرح سبب ملڪ ۾ ترقي جا موقعا پيدا ٿيا، زرعي قرضن تي وياج جي شرح ۾ ڪافي گھٽتائي ٿي آهي، ناڻي وزير بجيٽ تقرير ڪندي ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2018 کان سول، فوجي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڌهاڪ رليف الائونس ڪيو ويو آهي، سمورن پينشنز لاءِ به 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، هائوس رينٽ الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پينشن جي گهٽ مان گهٽ حد 6 هزارن مان وڌائي 10 هزار ڪئي وئي آهي، فيملي پينشنرز کي 4 هزار 5 سئو رپين مان وڌائي 7 هزار 5 سئو ڪيو ويو آهي، 75 سالن کان وڌيڪ عمر جي پينشنرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پينشن 15 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، اسٽاف، ڪار ڊرائيور، ڊپيج رائيڊر لاءِ اوور ٽائيم الائونس 40 رپيا في ڪلاڪ مان وڌائي 80 رپيا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ گهر، موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لاءِ ايڊوانس جي مد ۾ 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سينيئر آفيسر پرفارمنس الائونس لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته 2013 ۾ بي آءِ ايس پي ذريعي 37 لک گهراڻن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا ويا هئا، 2013 ۾ هن پروگرام لاءِ في خاندان ٽي ماهي وظيفو 3 هزار رپيا مقرر هو پر اسان ان جي حجم ۾ هڪ سئو 13 ارب رپين تائين واڌ ڪئي، في خاندان ٽي ماهي وظيفو 4 هزار 8 سئو 34 رپيا ڪيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فائدو وٺندڙ ڊسمبر 2017 تائين 56 لک تائين ڪيو ويو، هن سال بي آءِ ايس پي کي 124 ارب رپين تائين وڌايو ويو آهي، هن چيو ته بيوه جي قرض جي حد ساڍا 3 لکن مان وڌائي 6 لک ڪئي وئي آهي، غربت جي خاتمي لاءِ 68 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته نان فائلر ڪمپني تي وڊ هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 7 سيڪڙو مان وڌائي 8 سيڪڙو ڪرڻ جي آهي، 4 لک مان 8 لک آمدني تي هڪ هزار رپيا انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو، 8 لک کان 12 لک آمدني تي 2 هزار رپيا، نالي لاءِ انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو، نان فائلرز کي 40 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي جائيداد خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ٽيڪس گذارن کي 3 سالن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آڊٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو، پراپرٽي تي وڊ هولڊنگ ٽيڪس، خريدار جي ظاهر ڪيل ويليو تي هڪ سيڪڙو ايڊجيسٽ ايمبل ايڊوانس ٽيڪس جي تجويز آهي، هن چيو ته فرٽيلائيز مينيو فيڪچرز لاءِ ايل اين جي ٻاهران گهرائڻ تي لڳل 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪئي وئي، 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي، ايل اين جي ٻاهران گهرائڻ، آر ايل اين جي سپلاءِ تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس گهٽائي وئي آهي، نان ڪارپورٽيڊ ڪيسن جي صورت ۾ وڊ هولڊنگ ٽيڪس 7.75 سيڪڙو مان وڌائي 9 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، ٽيڪس لائبلٽي جي حد 25 سيڪڙو مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، پراپرٽي خريد ۽ وڪرو ڪرڻ، ويليو تي سودو داخل ڪرڻ جي تجويز آهي، صوبا اعلان ڪيل ويليو تي جملي هڪ سيڪڙو صوبائي ٽيڪس اسٽمپ ڊيوٽي طور، ڪيپٽيل ويليو ٽيڪس وٺندا، هن اعلان ڪيو ته قرآن پاڪ جي طباعت ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاغذ تي سيلز ۽ ڪسٽمس ڊيوٽي ختم، فلاحي ادارا، ايس آءِ يو ٽي، عزيز طبا فائونڊيشن، سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ ۽ الشفا آءِ اسپتال کي انڪم ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته بجلي تي هلندڙ گاڏيون گهرائڻ تي لڳل ڪسٽم ڊيوٽي 50 سيڪڙو مان گهٽائي 25 ڪئي وئي آهي، بجلي جي گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن تي 16 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، بجلي تي هلندڙ گاڏين لاءِ 15 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي جي ڇوٽ هوندي، اليڪٽرڪ گاڏين جي اسيمبلي لاءِ سي ڪي ڊي ڪٽ 10 سيڪڙو جي رعايت تي ٻاهران گهرائڻ جي تجويز آهي، ايل اي ڊي پارٽس ۽ ڪچي مالي تي لڳل 50 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي تجويز آهي، هن ٻڌايو ته سيگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ جي تجويز آهي، جنهن تي ٽيئر ون سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 3 هزار 964 رپيا مقرر ڪرڻ، ٽيئر ٽو سگريٽ تي هڪ هزار 7 سئو 70 رپيا ۽ ٽيئر ٿري سگريٽ تي 8 سئو 48 رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. بجيٽ دستاويز موجب جاري خرچن لاءِ 4 سئو 78 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي ترقياتي پروگرام جو حجم هڪ هزار 152 ارب ۽ هڪ ڪروڙ رپيا، جنرل پبلڪ سروس تي خرچ 3 هزار 340 ارب رپيا هوندا. دستياب وسيلن ۾ محصولن جو حصو 2590 ارب رپيا رکيو ويو آهي، دستياب وسيلن جو ڪاٿو 4713 ارب 70 ڪرڙو رپيا رکيو ويو آهي، بيروني دستياب وسيلا هڪ هزار 118 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آهن، هن چيو ته پوليٽري فارمز تي مختلف وٽامنز ٻاهران گهرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي 10 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ٻاهران ڍڳا گهرائڻ تي 3 سيڪڙو ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، زراعت، ڊيري ۽ پوليٽري جي شعبن لاءِ رليف جي تجويز آهي، فش فيڊ تي لڳل 10 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، ڊيري فارمز جي پکين ۽ جانورن جي خوراڪ تي لڳل سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، زرعي مشينري تي سيلز ٽيڪس جي شرح 7 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهن، هن چيو ته استعمال ٿيل ڪپڙن ۽ جوتن تي 3 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، چمڙي، ڪپڙي جي شين تي اڻ رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ سيلز ٽيڪس 9 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، چمڙي، ڪپڙي جي شين تي 6 سيڪڙو ٽيڪس رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ برقرار رهندي، مفتاح اسماعيل چيو ته ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر جي تياري، اسمبلنگ جي 21 پرزا ٻاهران گهرائڻ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪئي وئي آجي، مقامي اسٽيشنري آئٽم تي زيرو ريٽنگ بحال ڪرڻ جي تجويز آهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سمنڊ جي پاڻي کي استعمال لائق بڻائڻ لاءِ پلانٽ تعمير ڪيو ويندو جنهن سان روزانو 50 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، هن موجب وفاقي حڪومت گرين لائين لاءِ بسون خريد ڪرڻ جي به آڇ ڪري ٿي، هن چيو ته ڀاڻ جي ڪارخانن تي گيس جي فراهمي تي سيلز ٽيڪس 10 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، هر قسم جي ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 3 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي تجويز آهي، يوريا ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو ۽ ڊي اي پي تي هڪ سئو رپيا في ٻوري آهي، هن بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته قينصر جي سمورين دوائن تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، نظر جي عينڪ تي ڪسٽم ڊيوٽي 11 مان گهٽائي 3 سيڪڙو جي تجويز آهي، ناڻي وزير فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ 4 نقاطي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته فلم جي سيڙپڪاري تي 5 سالن تائين انڪم ٽيڪس تي 50 سيڪڙو ڇوٽ جي تجويز آهي، غريب فنڪارن جي مالي مدد لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته آپٽيڪل فائبر ڪيبل ٻاهران گهرائڻ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي 20 مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، آپٽيڪل فائبر ڪيبل جي ڪچي مال تي ڪسٽم ڊيوٽي 5 سيڪڙو تجويز آهي پلاسٽڪ گهرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي 16 سيڪڙو مان گهٽائي 11 سيڪڙو ڪرڻ جي آهي، ٽائر ٺاهڻ جي ڪچي مال تي ڪسٽم ڊيوٽي 20 سيڪڙو مان گهٽائي 16 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، ٽرانسفارمر ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽيل شيٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي 10 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهن، هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت اينڊڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ايويئيشن جي ڪل 13 منصوبن لاءِ 4 ارب 67 ڪروڙ، 64 لک 87 هزار رپيا رکڻ جي تجويز آهي، هن ٻڌايو ته ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه لاءِ ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ هڪ سئو 80 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي، ان مد ۾ 1100.3 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

 

پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، وفاقي ڪابينا بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ تيل صاف ڪندڙ جديد ڪارخانا لڳائڻ ۽ موجوده ريفائنري جي گهٽ ۾ گهٽ پيداواري گنجائش هڪ لک بيرل روزانو وڌائڻ لاءِ تاريخي رعائتي پيڪيج جي منظوري ڏيئي ڇڏيو پئڪيج ۾ هر قسم جي ڊيوٽي، ٽيڪس، سرچارجز، ٻاهران آيل شين تي ليوي کان ڇوٽ ۽ 20 سالن لاءِ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ جي رعايت شامل آهي جمعي تي وزيراعطم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو اي سي سي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ تيل صاف ڪندڙ جديد ڪارخانا لڳائڻ ۽ موجوده ريفائنريز جي گهٽ ۾ گهٽ پئداواري گنجائش هڪ لک بيرل روزانو وڌائڻ لاءِ تاريخي رعايتي پئڪيج جي منظوري ڏني هي فيصلو پارڪو ڪوسٽل ريفائنري پراجيڪٽ لاءِ به قابل عمل هوندو رعائتي پئڪيج ۾ هر قسم جي ڊيوٽي ٽيڪس سرچارجز ٻاهران گهرايل شين تي ليوي کان استثنيٰ ۽ 20 سالن لاءِ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ جي رعايت شامل آهي پئڪيج تحت ريفائنري جي مرمت، آپريشن، تعمير، سامان جي خريداري، انجنيئرنگ ۽ پرڏيهي ڪانٽريڪٽرز ۽ سب ڪانٽريڪٽرز سان لاڳاپيل درآمدات ۽ وڌ هولڊنگ ٽيڪس ۽ هر قسم جي ڊيوٽي، ٽيڪسن، سرچارجز ۽ ليويز کان استثنا به شامل آهي ان کان سواءِ مقامي طور تي تيار ٿيندڙ تعميراتي سامان ۽ ريفائنري جي قيام جون خدمتون سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽين کان سستيون هونديون نون منصوبن کي جي ٽيز، سب سي/پائپ لائينن وغيره منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي ريفائنري منصوبو ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون ۾ لڳائڻ جي صورت ۾ اي پي زيڊ اي رولز 1981 تحت برآداد جي ويليو تي قابل اطلاق ڊيولپمينٽ سرچارز معاف تصور هوندي هن فيصلي سان ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ نيون جديد ريفائنريز قائم ڪرڻ ۾ سهولت حاصل هوندي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گهٽ قيمت ۾ پيٽروليم شين جي فراهمي کي يقيني بنائڻ ۽ پيتروليم مصنوعات جو ٻاهران گهرايل بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ پنهنجي ذميواري سمجهان ٿو جيئن حڪوتم ۽ ملڪ جو نظام هلندو رهي، انشاءَ الله چار مهينن کان پوءِ به اسان ئي حڪومت ۾ هونداسين. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ حڪومت جيڪا به هئي ان وٽ بجيٽ کي تبديل ڪرڻ جو مڪمل اختيار هوندو. هن چيو ته ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل طرفان پيش ڪيل بجيٽ ڪابينا جو فيصلو آهي ۽ ان ۾ ڪا به غير آئيني ڳالهه ناهي. اصولن اهو ٿيندو آهي ته جيڪو محنت ڪري تياري ڪري ۽ ليڊ ڪري ان کي پڙهي ٻڌائڻ ئي ان جو حق هوندو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته جيڪا ريليف مسلم ليگ نواز جي حڪومت ڏني اها ڪنهن بجيٽ ۾ ناهي ڏني وئي.

 

مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب سميت ٻين وفاقي وزيرن جي حيثيت سان حلف کڻي ورتا

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم جي صلاحڪار مفتيٰ اسماعيل وفاقي ناڻي وزير, مملڪتي وزيرن مريم اورنگزيب، ڊآڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ انوشا رحمان وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو جاري بيان مطابق حڪومت پاران مفتيٰ اسماعيل کي ناڻي وزير، روينيو ۽ اڪنامڪ افيئر لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ان جي وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ڪوٺائي ويئي جنهن دوران صدر ممنو حسين مفتيٰ اسماعيل وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کنيو، صدر ممنون حسين مريم اورنگزيب ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ انوشا رحمان کان وفاقي وزير ۽ مسز ليليٰ خان کان مملڪتي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو حلف کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.