تازيون خبرون

Monthly Archives: March 2018

عمر گل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽن جي ڊبل سينچري ٺاهي ورتي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين بالر عمر گل هنن ڏينهن ۾ پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي پي ايسا يل جي ايونٽ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف هن پنهنجي پهرين ميچ کيڏي ۽ ان ميچ ۾ عمر گل 24 رنسن عيوض 6 رانديگرن کي پويلين موڪليو.اها پي ايس ايل جي تاريخ جي ٻئين بهترين بالنگ آهي ان کان اڳ روي بوپارا 16 رنسن جي عيوض 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو.عمر گل کي ان شاندار ڪارڪردگي سبب مين آف دي ميچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته ان جي ٽيم اها ميچ هارائي وئي، ڪوئيٽا خلاف 6 وڪيٽون حاصل ڪري عمر گل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري ڪري وڌي.ان جي وڪيٽن جو تعداد 201 آهي، عمر گل ٻيون بالر آهي جنهن ٽي 20 ۾ تيز ترين 200 وڪيٽون حاصل ڪيون.عمر گل اهو ڪارنامو 147 ميچن ۾ انجام ڏنو، تيز ترين 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ سعيد اجمل وٽ آهي جنهن اهو ڪارنامو 139 ميچون کيڏي سرانجام ڏنو

 

ڪپتان سان ڪو اختلاف ناهي، مغرور ٿيڻ جو تاثر به غلط آهي: حسن علي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته منهنجو ڪپتان سرفراز احمد سان ڪو اختلاف ناهي. حسن علي چيو ته اها ڳالهه درست ناهي ته پاڪستان جي تازوئي ڪاميابين ۾ حصو وجھڻ بعد آئون مغرور ٿي ويو آهيان، آئون بااخلاق ۽ پنهنجي وِک زمين تي رکندڙ انسان آهيان. ان بابت خليجي اخبار کي انٽرويو ۾ حسن علي چيو ته ميڊيا ان واقعي کي وڌائي پيش ڪيو، اهو ميچ جي شدت جي ڪري ٿيو هو، آئون سرفراز جي گھڻي عزت ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجھندو آهيان، آئون اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجو ٽيم ۾ موجود ڪنهن به رانديگر سان اختلاف ناهي.

 

آخر “وليد” جو قصور ڪهڙو آ؟: شفيق الرحمان شاڪر

شامي شهر “ غوطه” جي هڪ اسپتال ۾ ستن سالن جو معصوم گلن جهڙو ٻارڙو “الوليد “  زخمي حالت ۾ علاج لاء داخل آهي.هو ٻين سوين زخمين مان هڪ آهي.شام جي اٽڪل پنجاه اسپتالن ۾ داخل اهڙن ٻين هزارين ٻارن کي  اهو ناهي معلوم ته هنن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ۾ زخمي،مفلوج يا معذور بنايو ويو آهي.قيامت جي ويجھو هئڻ جي نشانين مان هڪ نشاني اها به ٻڌائي ويئي آهي ته “ قتل ٿيندڙ بيخبر هوندو ته هن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو پيو وڃي ۽ قاتل کي خبر نه هوندي ته هو ٻين ماڻهن کي ڇو قتل ڪري رهيو آهي.”  اڄ افغانستان کان عراق تائين ۽ يمن کان شام تائين اها ئي حالت آهي جو جتي ڪٿي بي گناه  انسانن جي خون سان زمين لال بڻجي رهي آهي. آمريڪي هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر “ چوسو ڊوسڪي“ جي چوڻ مطابق اها آمريڪا ۽ روس جي غائباڻي جنگ آهي.آمريڪا جي ڪوشش آهي ته شام جي زرخيز زمينن ۽ قيمتي معدنيات تي قبضو ڪجي ته جيئن مستقبل ۾ سندس بگڙيل ٻار اسرائيل کي غذائي کوٽ جي مسئلي کان بچائي سگھجي ۽ شام جا قدرتي وسيلا آمريڪا جي استعمال ۾ اچي سگھن. جڏهن ته روس جا ٽي معاملا آهن،پهريون اهو ته ولادين مير پٽين آمريڪا کان افغانستان ۾ روس جي شڪست جو بدلو چڪائي رهيو آهي جهڙيء طرح آمريڪا ويتنام ۾ سندس شڪست جو بدلو افغانستان ۾ ورتو هو.روس جو ٻيو موقف اهو آهي ته هن جي فلسطينن سان پراڻي دوستي آهي ۽ هو اسرائيل جي فلسطينين خلاف جارحيت کي روڪڻ لاء شام ۾ موجود آهي.ٽيون معاملو وسيلن تي قبضي جو آهي.روس کي مستقبل ۾ عالمي منڊيء ۾ شام جي تيل ۽ گئس جي ايتري ئي ضرورت پوندي جيتري هن وقت آمريڪا کي آهي.

سوال اهو ته هن سڄي معاملي ۾ سعودي عرب ۽ ترڪي ڪهڙي راند کيڏي رهيا آهن؟انهن جو مثال لومڙيء وارو آهي جو شينهن شڪار ڪري ٿو ۽ اها بچيل سچيل هڏين لاء اتي پهچي وڃي ٿي.ترڪي ڪردن ۽ سعودي عرب شيعن جي دشمنيء ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيئي رهيا آهن. ستن سالن جي زخمي ٻار الوليد کي اها ڄاڻ آهي ته هن جا ماء پيء  ۽ ٻه سڳا ڀائر حملن ۾ مري چڪا آهن۽ هن جي ڀيڻ زخمي حالت ۾ ساڳي ئي اسپتال ۾ سندس بستري ڀرسان درد وچان ڪنجھي رهي آهي.پر اولوليد اهو بلڪل نٿو ڄاڻي ته  ڪهڙن  ۽ ڪنهنجن مفادن جي لڙائيء ۾ هن ۽ هن جي ڪٽنب تي مصيبتن جا اهي جبل ڪريا آهن.هن کي اهو به معلوم ناهي ته سعودي عرب جي سربراهيء ۾ 39 مسلمان ملڪن گڏجي هڪڙو فوجي اتحاد ٺاهيو آهي جنهن جو هڪڙو مقصد آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏجي شام کي هر حال ۾ شڪست ڏيڻ ۽ تباه ڪرڻ آهي.الوليد کي اها خبر به ناهي ته وسيلن تي قبضي جي اها جنگ گذريل پنجاه سالن کان جاري آهي.شاه فيصل، ذوالفقار علي ڀٽو،جمال عبد الناصر،ڪرنل معمر قذافي،صدام حسين ۽ ٻيا به ڪيئي مسلمان اڳواڻ ۽ حڪمران آمريڪا سان مزاحمت جي ان جنگ ۾ پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن ۽ مرسيء جهڙا اڄ به جيلن ۾ سڙي رهيا آهن.وليد کي اهو پتو به ناهي ته شام تي حملي جون تياريون تل ابيب، واشنگٽن ۽ رياض ۾ 2009ع کان 2011ع تائين ڪيون وييون هيون.ٻن سالن جي ان ڊگھي منصوبا بنديء ۾ اهو جائزو به ورتو ويو هو ته جيڪر 50 يا 60 لک شامين کي ماري ۽ ڏيڍ ڪروڙ شامين کي زخمي يا معذور ڪري به جيڪر شام تي قبضو ڪري سگھجي ٿو ته اهو آمريڪا ۽ اسرائيل لاء ڪو نقصان جو سودو ناهي.امريڪي ليکڪ ۽ انٽيلجنس ماهر “ جارج فرائڊ مين” ان جنگ کي ٽين عالمي جنگ جو نالو ڏنو آهي.ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد ۽ اردن جي موجوده بادشاه عبداﷲ ثاني پنهنجن تقريرن ۾ ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو آهي ته عالمي طاقتون ڄاڻي واڻي مسلمان ملڪن ۾ رتوڇاڻ ۽ تشدد جو اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گھرن ٿيون جو اتان جي نوجوانن ۾ انتقام جي باه ڀڙڪي جنهن جي نتيجي ۾ اتي تشدد ۽ انتهاپسنديء جا جذبا وڌن ته جيئن سڀاڻي مسلمانن تي دهشتگرديء جو ٺپو لڳائي انهن ملڪن خلاف فوجي ڪاروائين ۽ هوائي حملن جو جواز پيدا ڪري سگھجي.اهڙيء طرح اهڙن ملڪن ۾ فساد،خلفشار،انتشار ۽ انارڪي پيدا ڪري عالمي طاقتون اتي هميشه لاء مداخلت ڪري ويهڻ ۽ سندن وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ناپاڪ راند رچائي رهيون آهن.انهيء راند ۾  پوري عالم جو امن تباه ٿئي،لکين بي گناه انسان بارود جي ڍيرن هيٺان دٻجي وڃن،هزارين  معصوم ٻارڙ ا عمر لاء اپاهج بڻجي وڃن يا سڄي دنيا دوزخ جو نمونو بڻجي وڃي.انهيء قبضا خور عالمي مافيا لاء مڙئي خير آهي.اهو هڪڙو وليد ناهي جيڪو پنهن جي ننڍپڻ جون صرف ست بهارون ڏسڻ کان پوء حالتن جي خزائن ۾ پنهن جي ماء جي هنج ۽ پيء جي پيار کان محروم ٿي، ڀڄي،ڀري،ٽٽي ۽ وکري ويوپر اهڙا سوين وليد دنيا جي انهن نام نهاد چوڌرين،امن جي دعويدارن ۽ انصاف جي ديوتائن کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته “ڇا اسان جو ڏوه صرف اهو آهي جو اسان شام جي ڌرتيء تي جنم ورتو!”

 

سينٽ اليڪشن، ڌانڌلين کان هارس ٽريڊنگ تائين…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ته“نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪُٽجي”۽ اهو پهاڪو هن وقت سنيٽ جي چونڊن سان بلڪل ٺهڪي ملي ٿو ڇو ته سينٽ چونڊن کان پهرين سينٽ ميمبر جي وڪامڻ واري ڳالهه ۽ انکانپوءِ هارس ٽريڊنگ وارو معاملي تائين پهچڻ، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته معاملو وري به لئي مٽي ٿي ويندو بس ٿوري وقت لاءِ هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا آهي ٻيو ڪجهه به نه..ڇو ته هي پاڪستان جي سياست جو اهو تلاهه آهي جنهن اندر سموريون مڇونُ مانگر مڇ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن جئين اڳين جو الهه تلهه ناس ڪري سگهجي.انهي ڳالهه به ڪو شڪ ناهي ته سينٽ جي چونڊن ۾  هن وقت تعداد ۾ پئسو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ انهي معاملي کي سامهون رکندي ٿيڻ ته ائين گهرجي هان ته معاملي جي پوري طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هان ۽ سينٽ جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ها پر هڪ وري هڪ نئون بحث ڪرڻ کان بهتر آهي ته سمورين سياسي جماعتن جي اڳواڻ کي اهو ڪرڻ گهرجي ته ماٺ ۽ خاموشي واري رستو اختيار ڪري ويهي رهن ته ملڪ لاءِ بهتر ٿيندو ۽ جيڪو به ڪجهه ڪرڻو اٿن اهو پنهنجي پارٽي ۾ ويهي ڪن جئين ملڪ اندر هڪ نئون رينگٽ شروع نه ٿي.بجائي انجي جو پارليامينٽ تي ڇهه ڇنڊجن،هن وقت عدليه ۽ پارلياميٽ جي خلاف جيڪا سياستدن جي زبان استعمال ٿي رهي آهي اهڙِي زبان پاڪستان جي تاريخ ۾ به ڪڏهن استعمال ناهي ٿي. پارليامينٽ مٿان ايترو ته گند اڇلايو ويو آهي جنهن اندر هر ماڻهو جو دامن داڳ دار نظر اچي رهيو آهي ضميرفروشي جو ڪاروبار ايترو ته وڌي ويو آهي جو جنهن کي جيتري به لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهو ڪاروبار اوترو نروار نظّر اچي رهيو آهي ۽ وجهه به اها ئي آهي ته انهي کان انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي،هن وقت اندر هاڻ ته اهو رواج ٿي ويو آهي ۽ هي ڪاروبار عروج تي پهتل آهي هتي هر ڪو انهي عيب دار چادر کي پنهنجي ڳچي مان ڪڍي ڪري ٻئي جي ڪنڌ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿي ٿو ته سڀ پئسي جي راند آهي جيڪو گهڻي ٻولي لڳائيندو آهي اهو وڌيڪ ميمبر خريد ڪندو آهي. جڏهن ته اسميبلي ميمبر هڪ دفعو پاڻ کي خريد ڪرائيندو آهي ۽ پاڻ انهي اسميبلي اندر ڇهه سال وڪاميندو رهندو آهي،۽ پاڪستان جي معصوم قوم کان سندس ڏنل پئسو وياج سميت وصول ڪيو ويندو آهي،پر ٿيندو ڇا..؟سڀ ڏسندا چار پنج ڏينهن شور شرابو هلندو ۽ پوءِ روايت موجب اهو معاملو وري به آهستي آهستي بند ڪتابن ۾ رهجي ويندو جنهن جو ماضي جو هڪ پراڻو قصو به نه لڳندو،۽ پاڪستاني عوام وري به پنهنجي ڪمن ڪارن ۽ موج مستي ۾ لڳي ويندي.جڏهن ته ڪير به اهو نه ٿو سوچي ته پوري دنيا ۾ بدنام ٿيندڙ پاڪستاني سينٽ جي چونڊن جي نظام کي تبديل ڪجي مان سمجهان ٿو ته اهو نظام تبديل ته پري جي ڳالهه آهي انهي نظام کي وڌيڪ خراب ڪيو ويندو،ڪو زمانو هو جنهن اندر اهو چيو ويندو هو ته جنهن وٽ ٻه سئو ڪروڙ رپيا هجن اهو پوري قومي اسيبملي خريد ڪري وزيراعظم ٿي سگهي ٿو جڏهن ته اهو سستو زمانو هو ۽ هاڻ انهي جا ريٽ جي مٿي چڙهي ويا آهن،جڏهن ته ٻن سئو ميمبرن جو ايوان سئو ڪروڙ رپين ۾ ته مطلب ته في ميمبر هڪ ڪروڙ رپين ۾ جڏهن ته هن وقت هڪ سياسي پارٽي ڪجهه ميمبر خريد ڪرڻ لاءِ ٽي سئو ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن،جڏهن ته  فاٽا وارن هڪ هڪ ووٽ کي ڪروڙن ۾ وڪرو ڪيو آهي،جڏهن ته هن وقت جي اهڙِي ماحول کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ اليڪشن اندر ووٽ جي قيمت ڇا هوندي،مان سمجهان ٿو ته اها به پاڪستاني عوام جي خلاف هڪ سازش آهي. پهرين پاڪستان جي عوام کي پسئو ڏيکاري کين لالچي ڪيو ويو وڃي پوءِ انهي لالچ جو فائدو وٺندي کائونس ووٽ خريد ڪيو ويندو،۽ اهڙِي ماحول کي ڏسندي اهو هام هڻي چئي سگهجي ٿو ته اسان وٽ جهموريت آهي.؟؟ ۽ پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي آزادي سان ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي يانه.؟پهرين چيو ويندو هو ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون چاهين ته عام ماڻهو کي به ٽڪيٽ ڏئي ڪري کين ميمبر بڻائي سگهن ٿو پر هاڻ اهو تاثر آهي ته انهي ميمبرن کي ٽڪيٽ به ڪروڙين رپيا ڏٺي ڪري پوءِ ڏنو ويندو،۽ پوءِ پاڪستاني عوام اهڙِن ميمبرن مان ڪا سٺائي جي اميد رکي جيڪ خد ڪروڙين رپيا ڏئي ڪري ايوان ۾ آيا هجن،۽ پوءِ اهي حڪمران عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪندا مان سمجهان ٿو ته اهڙن اميدوارن جي ذهن ۾ ته صرف ڏنل پئسو وياج سميت اوڳاڻڻ واري ڳالهه هوندي ٻيو ڪهجه به نه اهي ڪهڙا ويهي عوام جا درد ڏک دور ڪندا.انهي ڪري هن وقت سينٽ جي چونڊن بابت جيڪو معاملو هلي رهيو آهي انهي تي سنجيندگي سان ويهي سوچڻ جي ضرورت آهي يا نه اهو به اوهانجي ذهن تي ڇڏجي ٿو،ليڪن هن وقت جيڪي حالتون آهن انهن حالتن ۾ ته الڪيشن ڪيميشن به بي وس ۽ لاچار نظر اچي رهيو آهي ڇو ته وٺس ڪي اختيار ئي ناهن جو هو ضمير فروشن خلاف آپريشن ڪري سگهي،جڏهن ته بنيادي طور تي ڪنهن به پارٽِي ميمبر کي اهو آئيني حق مطابق نه ٿو روڪي سگهي ته هوُ پنهنجي پارٽي جي مطابق ووٽ ڏئي اها سندس دل جي مرضي آهي انهي ڪري اهي ميمبر خفيه طريقي سان پنهنجي ٻولي لڳائي ڪري پنهنجي پارٽي جي خلاف ووٽ ڪاسٽ ڪري ڪروڙين رپين جا مالڪ ٿي ويندا آهن،ڪو زمانو هو جنهن زماني اندر پاڪستان اندر انهي ڳالهه جو تصور به نه هوندو پر هاڻي اها سياست هڪ سياسي منڊي تي وئي آهي جتي ميمبرن توڙي ووٽرن جو ووٽ کي خريد ڪيو ويندو آهي،انهي ڪري مان سمجهان ٿو ته هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي جو سنيٽ جي ميمبر چونڊ کي به الڪيشن ۾ منقعد ڪيو ويو قومي اسميبلي جي ميمبر وانگر سينٽ جي ميمبر جي چونڊ به عوام ڪري پر هن وقت ملڪ اندر ائين ٿيڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي ڇو ته جيڪڏهن ائين به ٿي عوام سان وڌيدن ڪير ڪري. هن وقت خد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل جو نمائندن جو ڪردار اهڙو هئڻ گهرجي جو انهن لاءِ هارس ٽريڊنگ جو لفظ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جون حالتون ڏسي ججن کي به روئڻ ايندو آهي پر کليل نموني سان روئي ناهيون سگهندا.انڪري مان سمجهان ٿو ته نانگ ويو نڪري ۽ لڪيو پيو ڪٽجي وارو پهاڪو بلڪل به درست آهي ۽ ملڪ اندر قومي ادران به پئسڻ جي ٻولين ۾ تورجن ٿا

 

فقير هدايت علي نجفي تارڪ صوفي شاعر: ابراهيم لاشاري (وارهه)

عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ،

عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ 

موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ،

ذڪر چپ، ۽فڪر چپ، اسرارچپ انوار چپ.

پنهنجي سرسبز سنڌ هونئين به صوفين ،صالحن، ولين ،نيڪ مرد، پيرن فقيرن ،درويشن  جي ڌرتي صدين کان سڏجندي پئي اچي ،هن سڪ ۽ قرب واري مٺي مٽي هر دور ۾ املهه انسانن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي  اهڙن عظيم املهه درويشن جي مالها  ۾ اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي  ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي ننڍڙي شهر لالورائنڪ ۾ صوفي فقير هدايت علي نجفي تارڪ ولد فقير الهداد عرف تراب علي تنيو  29جولاءِ1894 ع آچر ڏينهن مطابق 25 محرم الحرام 1312هجري  پره ڦٽي مهل   ۾ جنم ورتو . فقير هدايت علي نجفي تارڪ شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتي جيڪو وقت جو هڪ عالم ۽ صوفي بزرگ پڻ هو سندس والد سٺي تربيت ۽ تعليم ڏيڻ کانپوءَ عربي ۽ فارسي جي تعليم مدرسي ٺوڙهي شريف ۾ مولانا محب الله تنئي کانپوءِ مدرسه دارالعلوم شهر کنڊو (وارهه) ۾ مولانا خاراني صاحب کان حاصل ڪرڻ بعد سلوڪن جي راهه ۾ نوشهري فيرو جي نقشبدي بزرگ ميان صفي الله جو مريد ٿيو درياءَ خان فقير ۽ فقير نواب ولي محمد لغاري سان پڻ خاص عقيدت ٿيس پنهنجي مرشد صفي الله کان فيض وٺي اچي لالورنئڪ ۾ لنڊ واهه جي ڪپ تي آستانو اڏي سڀ لاڳاپا ترڪ ڪري ( تارڪ الدنيا) ٿي پنهنجي شآعري وسيلي اندر جي اڌمن کي ظاهر ڪندو رهيو هميشه عشق الاهي ۾ ايتري قدر محو ٿي ويو جو هر و قت عبادت ۾ مشغول رهندو هو ستن زبانن  سنڌي ،سرائڪي ، فارسي ، عربي ، هندي ، پشتو ۽ اردو جي هن عظيم صوفي  شاعر پهريان (نجفي ) تخلص اختيار ڪيو بعد ۾ (تارڪ ) سڏايائين فقير هدايت علي نجفي تارڪ مڙني خوبين جو مالڪ هوندو هو، پاڻ سدائين عبادت الاهي ۾ عمر گذاريائين صوم صلوات جو پابند هوندو هو. انسان ذات سان بيحد پيار محبت ڪندو هو علامه صاحب کي سنڌي ادب جي سڀني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هوندي هئي سندس شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ ڪافيون، ربايون ، مثنويون ،قطعات، مرثيا ، مسدس، ڏوهيڙا ، غزل ،  بيت ، مرثيه ،سلام ،نوحه منجاجات ، جهجي انداز ۾ ڇپيل آهن تارڪ سائين کي جواني جي جوڀن ۾ مجازي عشق جي مهيز  (چوٽ ) لڳي جنهن جي اثر ڪري شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين سندس عشق پنهنجي ڪنهن عزيز سان هو عشق جي ڏاڪي جي ناڪامي سبب شادي ڪرڻ جو ارادو به هميشه لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيائين پاڻ الفي پائي فقير تارڪ نجفي پيرين اگهاڙي پنهنجو ديس ڇڏي گهر کي به خير آباد چئي ٻاهر هليو ويو پنهنجي من اندر جو اظهاري پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪيو اٿين

1 عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ 

شهر چٽ ، دوڪان چٽ ، واپار چٽ ، بازار چٽ ،

جذبئه توحيد کان تارڪ رهيو ڪينڪي ،

دوستي چٽ، دشمني چٽ ، يار چٽ ، اغيار چٽ .

تارڪ نجفي هي صوفي عارف زبردست عالم ، اديب ، ۽ بهترين نثر نويسي جي سڀني خوبين جو مالڪ هو،  هن هفت زبان شاعر عمر جي ٿوري عرصي منجهه ٻه سو (200) کن ڪتاب لکي سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو،  دنيا جي گردشن ۽ لوڏن ۽ سندس جي شاعري جي مالڪي نه ٿيڻ سبب گهڻو تڻون ڪلام ڇڙوڇڙ ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪري عام ماڻهن تائين نه پهچي سگهيو ، هيترن سارن ڪتابن منجهان (چاليهارو) کن ڪتاب سندس شاگرد محترم سيد اظهر گيلاني صاحب گهوٽڪي واري جي لائبريري ۾ ته ڪي ڪتاب وري عبدالڪريم (نصرت) وٽ ۽ ڪجهه ڪتاب وري محترم مرزا اسد بيگ صاحب ۽ سندس ڀاءَ محترم مرزا اجمل بيگ جي لائبريري جي زينت بڻيا .سندس شاعري جو ڪتاب (ديوان تارڪ) سنڌي ادبي بورڊ سال 1989ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي باقي سمورا ڪتاب قلمي صورت ۾ ناياب آهن ، فقير هدايت علي نجفي تارڪ پاڻ هفت (ستن)ٻولين جي شاعر ۽ وڏو عارف، سالڪ ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي ،سندس ڪيترن ئي لقبن سان سڏيو ويندو آهي جنهن منجهه تاج الشعرا، فخرالشعرا ،خادم الفقرا، زيدته العارفين ، قدوته السالڪين ، ساقي جام ، معرفت مالڪ مجتهدالعصر سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي ،سندس شاعري اعلي قسم جي آهي ۽ ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سندس شاعري نرالي پڻ آهي علامه تارڪ نجفي شاعري جي صنف غزل جو ته بادشاهه هو غزل جي صنف ۾  به عشق جنون ۽ جوش سان پڻ ٽم ٽار لڳو پيو آهي سندس غزل ۾ پاڻ چوي ٿو ته

عشق عشرت رنج راحت وصل هجرت چار ڏينهن

عشق الفت يا عداوت آهي مدت جا چار ڏينهن

فرشاهي ڪج ڪلاهي سو سپاهي سڀ گذر

شان شوڪت ناز نعمت تاب حشمت چار ڏينهن

يار جاني جي جواني جا ودانيڪين آهه

محب مورت خوبصورت سروقامت چار ڏينهن

علامه تارڪ سائين کي الله تعالي  اهڙو ته علم ، عقل سان نوازيو هو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي پاڻ شاعري جي ميدان ۾ سڀني کان نرالو ۽ منفرد رنگ رچايو آهي سندس اهڙي جهلڪ سندس شاعري جي مطالعي ڪرڻ بعد  صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي عشق جي راهه تي ٻيو سڀ ڪجهه نابود ٿي وڃي ٿوفقط عشق وڃي بچي ٿو ڪثرت ۾ وحدت نظر اچي ٿو پاڻ فرمائي ٿو ته

عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ

عشق جي جذبن کي پاڻ بڙ جي پاڙ سان مشابهت ڏئي پنهنجي زباني چوي ٿو ته

عشق جو اڀڙائين دل ۾ وڌي ٿو وڃي

هيڏي هوڏي ٿو هڻي جيئن پاڙ بڙ

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو بزم مشاعره لاڙڪاڻو بزم مشاعره بلبل ۽ مشاهره ناري شريف سان به واسطو رهيو،  سندس اکر موتين جهڙا هوندا هئا ، پنهنجي هٿن مبارڪن سان حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي رح ، ۽ صوفي  شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ،حضرت سچل سرمت رح ، بيدل فقير ، بيڪس فقير ، ۽ نواب ولي محمد لغاري جو ڪلام لکيائين ان کان علاوه تارڪ سائين کي اهيو به اعزاز حاصل  آهي ته هن ڪلام الله شريف جا (ٻه) عدد پنهنجن هٿن مبارڪن سان پڻ لکيا جنهن منجهان هڪ قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو پڻ ڪيائين ، هن صوفي بزرگ هستي کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري  تي اعلي ڊگري  (پي_  ايڇ _ڊي ) جي ٿيسز پڻ لکي وئي آهي سندس شاعري متعلق سنڌ جي نامياري اديب ،عالم ، محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب تحيقي مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (ڊاڪٽريٽ) جي اعلي ڊگري حاصل ڪئي آهي ، هي فقير ۽ باڪمال  هفت (ستن) زبانن جو شاعر علامه محمد فقير هدايت علي نجفي تارڪ 17 محرم الحرام 1358هجري مطابق 9 مارچ 1939ع خميس ڏينهن معمولي بخار سبب پنهنجي عزيزن ،دوستن ،فقيرن ، شاگردن ۽ عقيدمندن کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي 44سال 7 مهينا 10 ڏينهن زندگي جا ڏينهن گذاري وڃي ابدي آرامي ٿيو  علامه تارڪ سائين رحلت کان ڪجهه گهڙيون پهريان آسمان ڏانهن نهاري ڪجهه پڙهڻ لڳو ،تنهن بعد چوڻ لڳو ته هينئر (تارڪ) جي وڃڻ جو وقت ويجهو آهي بعد ۾ هي شعر پڙهائين

اسان جو سر مرڻ جي وقت هوندو يار جي هنج ۾

اسان جو دفن دلبر جي ڳلي هڪ وار ٿيڻو آ .

هن مشهور صوفي شاعر جو مقبرو لعلو رائنڪ شهر تعلقي وارهه ۾ موجود  آهي سندس درگاهه تي هر سال محرم الحرام جي 17 تاريخ تي 3 ڏينهن ساليانو ميلو پڻ لڳندو آهي سندس مزار تي هر اسلامي مهيني جي 17 تاريخ تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل تي ٿيندي رهندي آهي ،سنڌ جي سر سنگيت جا ڄاڻو ۽ صوفي راڳي ڳائي داد حاصل ڪندا آهن ،علامه محمد فقير هدايت علي  تارڪ نجفي  کان ڪيترن ئي شاگردن فيض ورتو جن ۾ خاص طور تي صوفي شاعر دادن فقير جويو ، حڪيم عبدالڪريم قاضي صاحب ، محترم اجمل بيگ صاحب ۽ محترم سيد اظهر گيلاني جا نالا ورتا وڃن ٿا سندس نموني طور هي شعر عرض ڪجي ٿو پاڻ فرمائي ٿو ته

محبوب مک پسايو مخمور ڇو نه ٿيندس ،

چيٽڪ اکين چلايو ، چڪچور ڇو نه ٿيندس ،

ڪيو قرب تنهنجي ڪشفي ، نه ته محو هوس مخفي ،

ڪيو نينهن تنهنجي نجفي مشهور ڇو نه ٿيندس.

اڄ 9مارچ 2018ع تي هن صوفي الله لوڪ شاعر جي 79 ورسي نهايت وڏي عقيدت سان لعلو رانئڪ ۾  ملهائي ويندي

 

رضا رباني جي چيئرمين شپ، پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون..

مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ جي يو آءِ جي (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پشتونخوا ميپ جي محمود خان اچڪزئي ۽ نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجو شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ن ليگ جا سينيٽر به موجود هئا. اجلاس ۾ نواز شريف اتحادي پارٽين جي سامهون تجويز رکي ته پيپلز پارٽي طرفان رضا رباني کي جيڪڏهن سينيٽ جي چيئرمين جي اميدوار طور سامهون آندو ويو آهي ته سندن فيصلي جي حمايت ڪئي وڃي. اطلاعن موجب نواز شريف جي تجويز کي اتحادي اڳواڻن طرفان بهتر ڳالهه قرار ڏنو ويو آهي ۽ تجويز جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن رضا رباني کان سواءِ ٻئي ڪنهن اميدوار کي سامهون آندو ويندو ته ن ليگ ۽ سندس اتحادي پارٽيون ان جو ڀرپور مقابلو ڪنديون. طئي ٿيو ته سموريون اتحادي پارٽيون پهرين پنهنجا نمبر پورا ڪن،  نمبر گيم جو انگ پورو ٿيڻ کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ پوءِ سموريون اتحادي پارٽيون پنهنجا اميدوار سامهون آڻينديون. هوڏانهن وري نواز ليگ ۾ به اختلاف سامهون آيا آهن. وزيراعظم راجا ظفر الحق کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ شهباز شريف پرويز رشيد جي مخالفت ڪئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ مشاهد حسين ۽ حاصل بزنجو جي سينيٽ چيئرمين بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. نواز ليگ اڳواڻن متحده اڳواڻن ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، اين اين پي سان به رابطا ڪيا آهن.

پ پ چيئرمين آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کانئس وقت گهري ورتو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اجلاس ۾ فيصلو ڪنداسين، ان موقعي تي صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته نواز شريف رضا رباني جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي زرداري جواب ڏنو. مهرباني، پر مان نه ٿو چاهيان. هوڏانهن پ پ سليم مانڊوي والا کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ گهري ٿي. پي ٽي آءِ، بوچستان مان انوار الحق کي ڊپٽي چيئرمين بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي. سينيٽر قيوم سومري فاٽا جي سينيٽر سان ملاقات ڪئي. سجاد طوري چيو ته جيڪڏهن ڊپٽي چيئرمين فاٽا مان آيو ته قبائلي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب بڻجندي.

 

اسان کي جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي: ناصر جنجوعه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعا آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. تفصيل موجب ناصر جنجوعا سان آمريڪي ميڊيا جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار وفد کي علائقائي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي پريزنٽيشن ڏني. ان موقعي تي هن نائن اليون کان پوءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته عسڪري حڪمت عملي افغان معاشري کي هميشه زخم ڏنا آهن،  عسڪري حڪمت عملي جنگ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو خاتمو نظر نٿو اچي جڏهن ته اسان کي جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان آمريڪا ۽ افغانستان سان سهڪار تي ٻڌل فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. ناصر جنجوعا چيو ته پاڪستان هڪ طويل عرصي کان سياسي مصالحت تي اصرار ڪري رهيو هو، خطي جي ملڪن سان دوستاڻي ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ خطي جي سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ناصر جنجوعا به حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان آمد تي وفد جا ٿورا مڃيندي چيو ته اميد آهي ته آمريڪي وفد کي موجوده صورتحال ۾ مدد ملندي، وفد کي اهو اهم ڪردار ڄاڻڻ جو موقعو ملندو جيڪو پاڪستان پهرين کان ئي ادا ڪري رهيو آهي.

 

سنڌ اسيمبلي تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن لاءِ رائلٽي مان حصو گهري ورتو

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي گهر ڪئي آهي ته تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن ۽ تعلقن کي تيل ۽ گيس جي رائلٽي مان حصو ڏنو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي سگهن ، اها گهر هڪ ٺهراءَ ۾ ڪئي وئي جيڪا نند ڪمار پيش ڪئي هئي، سنڌ اسيمبلي اها به گهر ڪئي آهي ته صوبي جي وڏن شهرن ۾ نيٽ زيرو انرجي بلڊنگ جي تصور کي رائج ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، هي مطالبو به هڪ ٺهراءَ جي ذريعي ڪيو ويو جيڪو ايم ڪيو ايم جي ميمبر صابر حسين قائمخاني پيش ڪيو، سنڌ اسيمبلي ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي ميمبر ڊاڪٽر ظفر احمد ڪمالي جو ٺهراءُ به اڪثريت سان منظور ڪري ورتو جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته ميرپور خاص ۾ دل جي بيمارين لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي.

 

پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو: فرحت الله بابر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته سندس ئي پنهنجي پارٽي پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو آهي ۽ خدشو آهي ته ڪٿي 2018ع عدليه تي ريفرنڊم ثابت نه ٿئي. سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي فرحت الله بابر چيو ته رياست جي اندر رياست بڻائي وئي آهي، فيض آباد ڌرڻي ۾ جمهوري حڪومت کي جهڪايو ويو، ڊي فيڪٽو اسٽيٽ کي احتساب جي دائري ۾ آڻيندي آڻيندي پارليامينٽ کي سمجهوتو ڪرڻو پيو، مون کي افسوس آهي ته منهنجي پارٽي به پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو. فرحت الله بابر چيو ته افسوس ٿيندو آهي ته معزز جج قانون جي بدران شعر ٻڌائيندا آهن، اسان کي خدشو آهي ته 2018ع عدليه تي ريفرنڊم ثابت نه ٿئي، اهو رستو ئي اختيار نه ڪيو جو چونڊن جو سال ججن جي فيصلي جو ريفرنڊم نه ڪري ڇڏي. ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن ننڍا ننڍا صوبا برابري جو حق گهرڻ لڳن.

 

سينيٽ چونڊون: اليڪشن ڪميشن جو هارس ٽريڊنگ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾  مبينا هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. سينيٽ چونڊن کان پوءِ مختلف سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ پارليامينٽ ميمبرن طرفان هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳايو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين سينيٽ اليڪشن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبرن جي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف به ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب سينيٽ چونڊن کان پوءِ مختلف پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن جي بيان شايع ٿيا جنهن ۾ هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻندڙ ثبوتن سان گڏ 14 مارچ تي پيش ٿين جيئن مبينا هارس ٽريڊنگ جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.