تازيون خبرون

Daily Archives: March 7, 2018

اسان کي جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي: ناصر جنجوعه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعا آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. تفصيل موجب ناصر جنجوعا سان آمريڪي ميڊيا جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار وفد کي علائقائي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي پريزنٽيشن ڏني. ان موقعي تي هن نائن اليون کان پوءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته عسڪري حڪمت عملي افغان معاشري کي هميشه زخم ڏنا آهن،  عسڪري حڪمت عملي جنگ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو خاتمو نظر نٿو اچي جڏهن ته اسان کي جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان آمريڪا ۽ افغانستان سان سهڪار تي ٻڌل فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. ناصر جنجوعا چيو ته پاڪستان هڪ طويل عرصي کان سياسي مصالحت تي اصرار ڪري رهيو هو، خطي جي ملڪن سان دوستاڻي ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ خطي جي سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ناصر جنجوعا به حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان آمد تي وفد جا ٿورا مڃيندي چيو ته اميد آهي ته آمريڪي وفد کي موجوده صورتحال ۾ مدد ملندي، وفد کي اهو اهم ڪردار ڄاڻڻ جو موقعو ملندو جيڪو پاڪستان پهرين کان ئي ادا ڪري رهيو آهي.

 

سنڌ اسيمبلي تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن لاءِ رائلٽي مان حصو گهري ورتو

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي گهر ڪئي آهي ته تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن ۽ تعلقن کي تيل ۽ گيس جي رائلٽي مان حصو ڏنو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي سگهن ، اها گهر هڪ ٺهراءَ ۾ ڪئي وئي جيڪا نند ڪمار پيش ڪئي هئي، سنڌ اسيمبلي اها به گهر ڪئي آهي ته صوبي جي وڏن شهرن ۾ نيٽ زيرو انرجي بلڊنگ جي تصور کي رائج ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، هي مطالبو به هڪ ٺهراءَ جي ذريعي ڪيو ويو جيڪو ايم ڪيو ايم جي ميمبر صابر حسين قائمخاني پيش ڪيو، سنڌ اسيمبلي ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي ميمبر ڊاڪٽر ظفر احمد ڪمالي جو ٺهراءُ به اڪثريت سان منظور ڪري ورتو جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته ميرپور خاص ۾ دل جي بيمارين لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي.

 

پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو: فرحت الله بابر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته سندس ئي پنهنجي پارٽي پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو آهي ۽ خدشو آهي ته ڪٿي 2018ع عدليه تي ريفرنڊم ثابت نه ٿئي. سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي فرحت الله بابر چيو ته رياست جي اندر رياست بڻائي وئي آهي، فيض آباد ڌرڻي ۾ جمهوري حڪومت کي جهڪايو ويو، ڊي فيڪٽو اسٽيٽ کي احتساب جي دائري ۾ آڻيندي آڻيندي پارليامينٽ کي سمجهوتو ڪرڻو پيو، مون کي افسوس آهي ته منهنجي پارٽي به پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو. فرحت الله بابر چيو ته افسوس ٿيندو آهي ته معزز جج قانون جي بدران شعر ٻڌائيندا آهن، اسان کي خدشو آهي ته 2018ع عدليه تي ريفرنڊم ثابت نه ٿئي، اهو رستو ئي اختيار نه ڪيو جو چونڊن جو سال ججن جي فيصلي جو ريفرنڊم نه ڪري ڇڏي. ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن ننڍا ننڍا صوبا برابري جو حق گهرڻ لڳن.

 

سينيٽ چونڊون: اليڪشن ڪميشن جو هارس ٽريڊنگ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾  مبينا هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. سينيٽ چونڊن کان پوءِ مختلف سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ پارليامينٽ ميمبرن طرفان هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳايو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين سينيٽ اليڪشن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبرن جي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف به ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب سينيٽ چونڊن کان پوءِ مختلف پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن جي بيان شايع ٿيا جنهن ۾ هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻندڙ ثبوتن سان گڏ 14 مارچ تي پيش ٿين جيئن مبينا هارس ٽريڊنگ جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.

 

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: ملڪ ۾ امن ۽ مضبوطي کي پائيدار بنائڻ لاءِ حاصل ڪاميابين کي جاري رکڻ جو عزم

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ امن ۽ مضبوطي کي پائيدار بڻائڻ لاءِ ڪاميابين کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي خلاف ملڪ ۾ جاري آپريشنن ۽ خوشحال پاڪستان پروگرام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊر ملڪ ۾ امن ۽ مضبوطي کي پائيدار بنائڻ لاءِ حاصل ڪاميابين کي جاري رکڻ جو به عزم ڪيو آهي.

 

وزيراعظم جي نواز شريف سان ملاقات، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ مشورا

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيپال جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس ورڻ تي جاتي امرا رائي ونڊ ۾ محمد نواز شريف سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيپال جي دوري تان واپس ورڻ کانپوءِ کٽمنڊو کان سڌو لاهور پهتو، شاهد خاقان عباسي نواز شريف کي ملاقات ۾ نيپال جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي ملڪ جي جملي سياسي صورتحال، چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ذريعن موجب ملاقات ۾ اتحادي پارٽين سان رابطن تي غور ۽ نين تڪبندين بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي نقطو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي خواجا آصف جو چوڻ هو ته ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي نقطو آهي. تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير خواجا آصف ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن شوپيان ۾ معصوم نوجوانن جي شهادت جي مذمت ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جو چوڻ هو ته حق خوداراديت لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. پاڪستان ڪشميرين جي آرزوئن ۽ امنگن جو مرڪز آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ پرڏيهي وزارت مسئلو عالمي فورم تي به اٿاريو. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي نقطو آهي. سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکنداسين.

 

سنڌ جي 8 ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين پوليس اسٽيشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عملي جو انگ وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي 8 ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين پوليس اسٽيشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عملي جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه 8 ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين پوليس اسٽيشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عملي جو انگ 169 مان وڌائي 16 سئو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن پوليس اسٽيشنز تي مقرر اهلڪارن جي هر مهيني جي پگهار بونس طور ڏني ويندي، آءِ جي سنڌ هي فيصلو سنڌ اندر ٻارڙن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 3، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ هڪ وومين ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين ٿاڻي ۾ تبديل ڪيو ويندو.

 

سنڌ حڪومت پي سي بي کي پي ايس ايل جي فائنل بعد ڪراچيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا ميچ ڪرائڻ جو گرين سنگنل ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نجم سيٽيءَ کي (پاڪستان سپر ليگ) پي ايس ايل جو فائنل جيڪو 25 مارچ تي هتي کيڏيو ويندو جي ترت بعد ڪراچيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا ميچ ڪرائڻ بابت گرين سنگنل ڏئي ڇڏيو. چيئرمين پي سي بي نجم سيٽيءَ اڄ سنڌ جي وڏي وزير سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سندن ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي رٿڻ بابت ڀرپور سهڪار ڪرڻ تي کين ٿورا مڃيندي چيو ته مان اوهان جو دل سان ٿورائيتو آهيان ته اوهان پي سي بي سان ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي انعقاد جي حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪيو. هن وڏي وزير کي چيو ته اوهان جي ٽيم، پوليس ۽ رينجرز ۽ سول انتظاميا سدائين اسان جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار رهيا ۽ انهن اسان سان هر هڪ پلان کي شيئر ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ پي سي بي جي گهرجن ۽ ايس او پي کي به نظر ۾ رکيو. هن چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير سندس گرين سگنل ڏئي ته هُو ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي ترت بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ منعقد ڪرائيندو. ان تي وڏي وزير چيو ته سندس ڪراچيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسيءَ تي خوشي ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي پرامن ماڻهن جو شهر آهي ۽ انهن جي سهڪار سان هتي امن جي بحالي ممڪن ٿي آهي. مراد علي شاهه چيو ته هُو روشين جي شهر ۾ راندين، قومي ۽ بين الاقوامي ادب ۽ موسيقي جا پروگرام، فن ۽ ٻين بحاليءَ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن شهر تمام گهڻي پريشانيءَ کي منهن ڏنو آهي پر هاڻ هن شهر جا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي هر هڪ لطف حاصل ڪندا. وڏي وزير ۽ چيئرمين پي سي بي سڪيورٽي پلان، ٽيمن جي اچڻ، اسٽيديم ڏانهن ايندڙ روٽس ۽ وزٽرس لاءِ سهولتن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، سعيد غني صوبائي وزير جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس ڪابينا ۾ واڌ ڪندي نئين صوبائي وزير سعيد غني کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ هن اڄ شام گورنر هائوس ۾ رٿيل هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. قائم مقام گورنر آغا سراج درانيءَ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪراچيءَ مان چونڊيل ايم پي اي سعيد غنيءَ کان حلف ورتو. واضح رهي ته صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر سعيد غني پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن آهي، سندس والد عثمان غني مزدور اڳواڻ هو ۽ سعيد غني به پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلندي مزدور يونين جي پليٽفارم تان پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن ۾ مختلف عهدن تي فرض سرانجام ڏنا. هُو پيپلز پارٽيءَ جي سيٽ تان سينٽر پڻ چونڊيو ۽ وڏي وزير جو محنت وارو صلاحڪار به رهيو. هن ڪراچيءَ جي تڪ پي ايس 114 کان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهي ۽ وڏي اڪثريت سان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو.