تازيون خبرون

Daily Archives: March 6, 2018

شام ۾ ٿيندڙ انسانيت جو قتل عام ۽ گڏيل قومن جي ذميواري: صاحب خان ڀٽي

ترڪي، روس، سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن پاران شام ۾ ٿيندڙ انسانيت جي قتل عام تي خاموشي سواليا نشانبڻجي وئي آهي، ترڪي ۽ روس پاران بار بار شام ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، شامي حڪومت باغين کي ڪچلڻ لاءِ آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن سبب هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو پنهجيون حياتيون وڃائي ڇڪا آهن،جيتوڻيڪ گڏيل قومن پاران جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو پر 30اڏينهن دوران جنگ بندي اثرائتي نه هئڻ سبب دمشق جي علائقي غوطا تي سرڪاري فوج جي بمباري ۽ هوائي حملن ۾ لڳ ڀڳ 600 مارجي ويا آهن، جيڪڏهن تباهه ٿيل عمارتن کي ڏسبو ته ان مان به اهو اندازو لڳائي سگهبو ته هي انگ اکر ته رڳو ميڊيا تي ايندڙ آهن پر مارجي ويلن جو انگ کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.  ڪجهه ڏينهن  اڳ  جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو هو ته ان ۾ شام اندر جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد باغين جي قبضي هيٺ علائقن خاص ڪري دمشق جي اوڀر واري علائقي غوطا ۾ ڦاٿل زخمين کي طبي امداد ڏيڻ ۽ متاثر علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ هو پر ان جنگ بندي واري اعلان تي به ڪو خاص عمل نه ٿي سگهي هو.

گڏيل قومن جي انساني حقن بابت نائب سيڪريٽري جنرل مارڪ لوڪو جو چوڻ هو ته ٺهراءُ جي منظوري باوجود متاثر علائقن ۾ امداد پهچائڻ جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي. شام ۾ وڌيڪ بمباري سبب ڪيترائي ماڻهو بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته زخمين کي به هن وقت تائين ڪا خاص طبي امداد نه ڏني وئي آهي.  هوڏانهن شامي صدر بشارالاسد چيو آهي ته شامي فوج جي ڪارروائي دهشتگردي خلاف آهي، جيڪي جاري رکيون وينديون. جيستائين باغي غوطا کي ڇڏي نٿا وڃن، تيستائين شامي فوج سندن خلاف ڪارروايون ڪندي رهندي. ٻئي طرف  شامي فوج باغين جي قبضي هيٺ آيل اوڀر علائي غوطا جو 10 سيڪڙو علائقي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. جڏهن ته اها به دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته حڪومتي فورسز جي تازين ڪارروائين کانپوءِ اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ 4 علائقا ۽ 2 ايئربيس حڪومتي فورسز جي قبضي ۾ هليا ويا آهنجڏهن ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات شام کان اوڀر الغوطا ۾ شهرين خلاف تشدد بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ شام تي زور ڀريو ته هو تشدد روڪي انساني امداد کڻي وڃڻ جي اجازت ڏي ۽ بحران جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.

گذريل مهيني شامي فوج غوطا واري علائقي تي چڙهائي شروع ڪئي هئي. جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، هوڏانهن گڏيل قومن اوڀر غوطا ۾ تشدد کي نه قبولڻ جوڳو قرار ڏيندي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته 18 فيبروري کان جاري آپريشن ۾ هيل تائين 6 سئو ماڻهو مارجي ويا آهي ۽ لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن شامي فوج پاران غوطا ۾ ببماري کانپوءِ ڪيترائي ڪٽنب ۽ شهري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. جيڪا خبر “سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس” ڏني آهي، جنهن موجب هيل تائين 3 کان 4 سئو خاندانن جي لڏپلاڻ جا اطلاح آهن. اوڀر غوطا 2012ع کان باغين جي ڪنٽرول ۾ آهي،

جيتوڻيڪ گڏيل قومن شام جي شهر غوطه ۾ بشار الاسد حڪومت جي بمباري کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي عالمي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر نٿو لڳي ته ان سان ڪو شام، روس ۽ ٻين ملڪن تي ڪو اثر پوندو، ڇاڪاڻ ته  هن وقت تائين جيڪي به گڏيل قومن طرفان اعلان ڪيا ويا آهن، انهن تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنيوا ۾ انساني حقوق ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي زيد عه الحسين چيو هو ته اهي ڏوهه ڪندڙ جوابدار ٻُڌي ڇڏن ته سندس سڃاڻپ ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ مٿن ڪيس هلائڻ لاءِ دستاويز تيار ڪيا پيا وڃن. جنگ بندي جي ٺهراءُ تي اتفاق باوجود غوطه ۾ عام شهرين تي مسلسل بمباري ۽ گوله باري ڪئي پئي وڃي. اسان سڄي صورتحال جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون شهرين کي سرنڊر ڪرڻ يا موت مان ڪنهن هڪ رستي جي چونڊ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

هوڏانهن روسي صدر ولاد مير پيوٽن اعلان ڪيو آهي ته روس انتهائي تباه ڪندڙ هٿيار تيار ڪري ورتا آهن. ۽ هو اهي جديد ترين ايٽمي ميزائل دنيا جي ڪنهن به حصي تي اُڇلي سگھي ٿو جڏهن ته آمريڪي بچاءُ وارو نظام به ان ميزائلن کي روڪي نٿو سگھي.اهڙي بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته روس ۽ آمريڪا ۾ به ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، بهرحال ان تي بعد تبصرو ڪيو ويندو پر هن  وقت  شام جي صورتحال تي ڳالهائينداسين، ڇاڪاڻ ته شام ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ۽ اڳ به شام ۾ اهڙيون انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿينديون رهيون آهن ۽ ماڻهن تي خطرناڪ هٿيار استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيندو رهيو آهي ۽ عرب ملڪ  به رڳو هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ ۾ پورو آهن، عراق جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته اتي به اهڙي ئي صورتحال نظر ايندي،  ڪجهه علائقن ۾ دهشتگرد شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن ته ڪجهه  علائقن ۾ وري شامي حڪو،مت ۽ عرب اتحادي بمباري ڪري معصوم شهرين  جو قتل عام ڪري رهيا آهن.  جيتوڻيڪ  ڪنهن به ملڪ اهڙي ڪڌي عمل جي  سري عام مذمت نه ڪئي آهي پر گڏيل قومن مذمت ڪندي جنگ بندي جي  ٺهراءُ به منظور ڪيو پر ان تي ڌرين پاران عمل نه ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون  حياتيون وڃائي ويٺا ، ان جو به ذميوار ٻيو ڪير نه شامي صدر بشارالاسد  ئي آهي، جيڪو پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ  آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائي رهيو آهي،

روس ۽ ترڪي جي مداخلت به شامي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي.  روزاني  مختلف چينلن تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته شام ۾  بمباري  سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي به شام ۾ تباهي جا منظر   شيئر ڪيا پيا وڃن،جيڪي ماڻهو  تباهه ٿيل عمارتن ۾ ڦاٿل آهن، اهي به ويڊيو شيئر ٿي رهيون آهن ، ايتري قدر جون معصوم ٻارڙن جي لاشن جا ويڊيوز به  ماڻهن جو هانءُ ڦاڙي ٿا رکن.  هاڻ ڏسڻو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو روايتي بيانن ۽ اعلانن کان ڪم وٺندو  يا شام ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻندو.

sahibalisindhi@yahoo.com

 

 

“اڌ اکري” يا “هٿ جي صفائي”….!: شفيق الرحمان شاڪر

اهي جن جي سياسي جلسن کي اسان سونهن بخشيندا آهيون،جن کي اسان پنهنجي روح جو  رهبر بنائي پنهنجا ووٽ مٿانئن گھور ڪندا آهيون ۽ کين اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ جي ڏاڪڻ بڻبا آهيون.اهي جڏهن اسان جي ٽيڪس جي ئي پيسن مان ڪجھه اسڪيمون اسان کي عنايت ڪندا آهن ته اسان پنهنجي مٿان انهن جو اهو عظيم“ احسان” سمجھندا آهيون.اسان جا اهي ئي نمائندا بار بار پاڻ به اسان تي سندن اهڙا احسان ڳڻائيندا رهندا آهن.ڪا اسپتال يا اسڪول ٺهرايائون، ڪا گھٽي يا رستو تعمير ڪرايائون ته پوري تقرير انهيء ئي عظيم احسان جي موضوع چوڌاري گھمندي نظر ايندي.جلسن ۾ انهيء جو ئي جلوو جرڪندو نظر ايندو ۽ اسان جي پئسن مان ئي ڏنل مهانگن اشتهارن ۾ انهن نمائندن جون اٺ جيڏيون تصويرون مرڪندي ملنديون.ٻين لفظن ۾ هنن جو مطلب اهو هوندو آهي ته “ اوهان ان سهولت جي لائق نه هئا پر ڇا ياد ڪندا جو اسان اوهان تي اهو ٿورو ڪري ڇڏيو.”اسان به اهڙاسادا آهيون جو سندن انهن فرمانن تي نچڻ،ٽپا ڏيڻ ۽ جھمريون  هڻڻ لڳندا آهيون. انهيء جو مطلب اهو ڪونهي ته اهي عوامي ڀلائيء جا ڪم ڪا اهميت  نٿا رکن.سٺا ڪم آهن،ضرور ٿيڻ گھرجن پر هڪ هٿ سان عوام کي ڪجھه ڏيڻ ۽ ٻئي هٿ سان انهن جو کيسو کنڀي ۽ انهنجو پيٽ پٽي وٺڻ ڪهڙي عوامي ڀلائيء جي وصف ۾ اچي ٿو؟توهان پري نه وڃو،صرف گذريل ڪجھه مهينن ۾ پيٽرول ۽ تيل جي اگھن ۾ ٿيل واڌ ڏسو ته حڪمرانن طرفان عوامي اوني ۽ ڀلائيء جون سموريون قلعيون کلي وڃن ٿيون.

عوام جي بنيادي ضرورتن جي شين جون قيمتون وڌائڻ ۾ آخر ڪنهنجي “سازش” آهي؟ويچاري غريب عوام جي ڳڻتيء ۾ اهي روزانو صرف ٻه ڪلو پنهنجو وزن وڌائين ٿا.مختلف ترقياتي منصوبا اچن ٿا،مختلف اسڪيمون منظور ٿين ٿيون پر ميدان تي خرچ ڪيترو ٿئي ٿو ۽ ڪيترو پئسو ڪرپشن جي صورت ۾ اصل “حقدارن“ جي وچ ۾ حصا پتيون ٿئي ٿو،اهو هاڻي ڪو لڪيل راز نه رهيو آهي. مزي جي ڳالهه اها ته جيڪو به بد عنوانيء جي اهڙن الزامن ۾ نامزد ٿئي ٿو يا پڪڙجي ٿو ته اهو پنهن جي پاڪ ۽ پوتر هئڻ جا قسم کڻڻ لڳي ٿو.پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ ۽ عوام جي هيء تباه ٿيل حالت آخر ڪنهن جو ڪرشمو آهي؟ماڻهن جي اڪثريت جيڪر اڄ به ٻن وقتن جي  مانيء لاء محتاج آهي ته ان ڪارنامي  جو سهرو آخر ڪنهن جي سر تي آهي؟جيڪر نوجوان،مائرون ۽ پيئر بک ۽ بي روزگاريء کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ته انهن کي ان طرف ڌڪڻ واري راڪاس مان رسو ڪنهن ڪڍيو؟اڄ جيڪي حڪمران پنهنجي مظلوميت جون ڪهاڻيون بڌائي ماڻهن کان داد وصول ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪڏهن عوام جي مظلوميت به ياد آئي آهي؟اڄ جن کي رياستي نظام ۾ خرابيون ئي خرابيون نظر اچي رهيون آهن انهن هڪ ڊگھو عرصو حڪمران رهندي انهن خرابين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟جواب سولو آهي ته اڳي صرف عوام ڦاسندو هو ۽ هاڻي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اها اشرافيا پاڻ قانون جي ٻنڌڻ ۾ آئي آهي.جنهن ڪري انهن کي سڀ “خرابيون ”سمجهه ۾ويٺيون آهن ۽ کين “سڌارن” جي سوچ آئي آهي. ٻئي طرف عوام جي اڪثريت ڪرپشن جي ان پوري قصي ۾ لاتعلق ۽ لاپرواه بڻيل نظر اچي ٿي.انهن جي نظر ۾ اهي عوامي نمائندا جيڪر ڪو پئسو کائين به ٿا ته اهو “ سرڪاري پئسو” آهي،عوام جو پئسو ٿورو ئي آهي!جڏهن ته عوام اکين سان ڏسندو رهي ٿوته اهي جيڪي هر اليڪشن ۾ ڪروڙين روپيا پاڻيء جيان هارين ٿا، اهو پئسو واپس ڪٿان وصول ڪن ٿا؟ هتي مسئلو اهو آهي جو جيستائين قانون ٻئي لاء متحرڪ هجي ته قانون سٺو پر اهوئي قانون پنهنجي سر مٿان اچي وڃي ته ساڳيو قانون “ڪارو” بڻجيو وڃي.

جيستائين احتساب جا هٿ ٻئي جي ڳڄيء ۾ هجن ته اهڙو احتساب ملڪ جي بهتريء لاء ضروري آهي پراحتساب جو اهو ئي پير پنهنجي پڇ تي اچي ته اهو احتساب نه پر “انتقام” بڻجيو وڃي.عوام کي آسائشون نه پر زندگيء جون رڳو بنيادي ضرورتون مهيا ڪرڻ لاء اڃا اسان کي آخر ڪيترين اليڪشنن کي ڀوڳڻو آهي؟ عوام جي تقدير بدلجڻ جي راهه ۾ آخر ڪيترين عظيم ۽ خطرناڪ “سازشن” جون بارودي سرنگون وڇايل آهن؟ سماج جو نوجوان طبقو هن وقت جنهن ذهني،نفسياتي ۽ معاشي دٻاء ۽ مايوسيء مان گذري رهيو آهي ان جو اندازو شايد اڃا تائين هن حڪمران لڏي کي نه ٿي سگھيو آهي.اهي انهن تعليمي ڊگرين جو ڇا ڪن جيڪي هنن جي  بکايل ڪٽنبن کي ٻن وقتن جي ماني مهيا نٿيون ڪري سگھن.توهان انهن مان ڪهڙي جوش،جذبي ۽ تعميري سرگرمين جي اميد رکي سگھو ٿا جيڪي زندگيء جي هن تيز رفتار ڊوڙ ۾  مايوس ٿي ٿڪجي ويهي رهيا آهن.انهن کي توهان حالتن جي ستم ظريفيء حوالي ڪري ڇڏيو آهي.انهن لاء عزت ڀرئي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميداري ناهي ته پوء ڪنهن جي آهي؟ ٻئي طرف هن اشرافيا جا افعال ڏسو جن جون عياشيون ۽ فضول خرچيون کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. خبر ناهي ڪهڙي دنيا جي مخلوق آهن .پوء به هنن جون اهي رڙيون ته ساڻن ظلم ٿي ويو، سندن خلاف سازشون ڪيون پييون وڃن،کانئن انتقام ورتو پيو وڃي.اهي نامعقول قصا، اهي بي بنياد ڪهاڻيون ۽ اهي رٽيل افسانا بڌي بڌي ڪن ئي پچي پيا آهن.

ماڻهن کي اهو ٻڌايو ته اوهان باربار چونڊون کٽڻ کان پوء حڪمرانيء جي هيڏي ڊگھي عرصي ۾ عوام جي ڀلائيء لاء ڪهڙا پاپڙ ويليا آهن؟ قانونساز ادارن ۾ عوام جي حقيقي بهبود لاء ڪيتري قانونسازي ۽ پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن جي تحفظ لاء ڪيتري ديده دليري ۽ داداگيري ڏيکاري آهي؟عوام جي روزمره جي زندگيء مان  اهنج  ۽ تڪليفون گھٽائڻ لاء ڪهڙا شاندار قدم کنيا ويا ۽ پنهنجن زندگين کي وڌيڪ پرآسائش بنائڻ لاء ڇاڇا ڪيو ويو؟ڳالهه ڪنهن اڪيلي حڪمران جي نه پر پوري حڪمران اشرافيا جي آهي. هن نام نهاد جمهوريت انهن جي سوچن ۽ روين ۾ آخر ڪهڙيون بنيادي تبديليون آنديون آهن؟عدالتن تي الزام هڻڻ،ٻين ادارن کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ يا سازشن جا ڊگھا افسانا ٻڌائڻ سان عوام جا  سڀ اصل مسئلا حل ٿي ويندا؟جڏهن مظلوم هئڻ جا دعويدار بار بار وڏي بي رحميء سان غريب عوام تي پاڻ پيٽرول بم ڪيرائين ٿا ان وقت انهن کي ڪجھه ته عوام جي مظلوميت جوبه احساس هئڻ گھرجي پر اهو احساس ناهي، باقي اها سموري ڊرامي بازي هو هميشه کان عوام سان ڪندا رهيا آهن.ووٽ ۽ عوامي همدرديون حاصل ڪرڻ لاء انهن وٽ سوين نت نوان رانديڪا آهن.ملڪ ۽ عوام تي عظيم احسانن ۽ شاندار ڪارنامن جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي.اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائي انهن کي غيرضروري  معاملن ۾ منجھائڻ ان اشرافيا جي کاٻي هٿ جو کيل آهي ۽ اهو ئي کيل هو هاڻي به کيڏي رهيا آهن ”،پناما نه اقاما،اقاما نه پناما،نيب ظالم،عدالتون جانبدار،جي آئي ٽي دشمن،ادارا ستمگر،” مطلب ته ملڪ ۾ هر شيء هنن جي خلاف آهي ۽ ڪوبه ادارو صحيح ناهي.وري ڪيڏي جرئت ۽ بهادريء سان اعلان ڪن ٿا ته “ ڪو ڏهن روپين جي ڪرپشن ثابت ته ڪري ڏيکاري.” انهن وٽ اهائي ته جادوئي ٽوپي آهي جو ادارن توڙي عوام کي سڀ ڪجھه معلوم هئڻ باوجود سندن ڪرپشن ثابت نٿي ٿي سگھي.ان کي چئبو آهي“ اڌ اکري”  يا  “هٿ جي صفائي“….!

انهن جي عوام کان هميشه جيان اهائي  معصوم فرمائش آهي ته اهي جڏهن ٽهڪ ڏين ته عوام به واڇون ٽيڙي ۽ ٻٽيهي پٽي انهن سان گڏ ٽهڪ ڏئي ۽ جڏهن اهي روئن ته عوام به ڪيڪاڙيون ڪري انهن سان گڏ ماتم ڪرڻ لڳي پر شايد هينئر انهيء اشرافيا کي پنهنجو ماتم پاڻ ڪرڻو پوندو جو عوام وٽ ماتم ڪرڻ لاء سندن پنهنجا سور ئي ڪافي آهن.

فيض احمد فيض جي لفظن ۾ ته

“اور  ڀي  غم هين  زماني  مين  محبت ڪي سوا،

راحتين اور ڀي هين وصل ڪي راحت ڪي سوا،

مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ ”

 

سينيٽ جون چونڊون ۾ سنڌين جي نمائندگي: ڪامريڊ منان چانڊيو.

خيرن سان پاڻ واري اسلامي جمهوري ملڪ ۾ سينيٽ جي اڌو اڌ سينيٽرن جي چونڊ خير خوبيءَ سان پوري ٿي. اهو به يقين آھي ته جن 52 سينيٽر چونڊن ۾ شاندار سوڀ حاصل ڪئي آھي، ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي جي سوين چونڊيل عيوضين انهن معزز ماڻھن کي پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري پارليامنٽ جي مٿين ايوان تائين پهچايو آھي. اهي سڀ جا سڀ آئين جي آرٽيڪل جي شق نمبر 63\62 تي سئو سيڪڙو پورائي پاسداري ڪندڙ هئا. جن جي ٿورڙي جهلڪ ڪجھ هفتا اڳ بلوچستان حڪومت جي وزيرن ۽ اسيمبلي ايم پي ايز جي احسن ڪارڪردگي ۽ سياسي وفاداريءَ مان ڏسي سگهجي ٿي. ان کان علاوه نون چونڊجي آيل سينيٽرن کي ووٽ ڪيئن مليا، سي ڪنهن ڏنا؟ ان تي سيڙپ يا لاڳت ڪيتري ٿي ۽ اهي حضرات وري سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي ووٽ ڏيڻ جي ڪيتري مٺائي وٺندا؟ ان کان پوءِ سرڪاري عرف عوامي فنڊن کي ڪيئن ۽ ڪيترو ٻرو ڏيندا؟ هتي مزي ۽ توجه طلب ڳالهه اها پڻ آهي ته، نئون پاڪستان اڏڻ ۽ ڪرپشن کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ جون دعوائون ۽ ڊاڙون هڻندڙ خان صاحب جي پارٽي جي حڪومت واري صوبي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي 12هن ميمبرن جن جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي انهن ”انصاف“ جون سموريون تقاضائون پوريون ڪندي، پنهنجو پاڻ کي نيلام گهر ۾ نيلام ڪندي ٽڪن عيوض پنهنجي ضمير کي تين وال ڪري نه صرف پاڻ کي مهڻي هاب ڪري ڇڏيو پر پنهنجي تڪ جي سمورن ووٽرن سان ڌوڪي يا دغابازي ڪئي. جتي انهن پئسي جي پوڄارين عمران خان جي پارٽي ۽ سنگت جي پت وائکي ڪري ڇڏي. اتي وري خود خان صاحب جي جمهوريت سان دلچسپي ۽ چونڊيل ادارن جي احترام ڪرڻ جي خبر هن پاران پنهنجو ووٽ استعمال نه ڪرڻ سان پئي ٿي.

اسان جي نظر ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز پاران ووٽ وڪرو ڪرڻ ۽ خان صاحب پاران وري پنهنجي نامزد ٿيل پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ تي نه اچڻ ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. باقي رهيو سوال رئيس وڏي پاران پنهنجي دلبند دوستن کي ڏوڪڙن جون پٺارڪون پارائي بلوچستان سان تعلق رکندڙ آزاد سينيٽرن کي هديو ڏيڻ لاءِ اوڏانهين روانو ڪرڻ ڪا نئين ڪهاڻي ڪانهي. ڇاڪاڻ ته ان ڪهاڻي جي پهرين رليز ٿيل قسط بلوچستان اسيمبلي جي همراهن جي ٿيل سودي طور خلق خدا ڏسي چڪي آهي. اُهي سڀئي سوغاتون هينئين سان هنڍائيندڙ ڳالهيون، پنهنجي جاءِ تي، پر سينيٽ جون چونڊون مقرر وقت تي موجوده ڪشيده سياسي حالتن ۾ ٿيڻ هڪ سياسي ۽ جمهوري قسم جو ڄڻ ته معجزو آھي. ڇو ته بلوچستان اسيمبلي جي عيوضين جي خريده فروخت حڪومت جي تبديلي ۽ ميان صاحب جي نون ليگ جي صدارت واري عهدي تان سپريم ڪورٽ پاران نااهل ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي جولاءِ مهيني کان هن وقت تائين هن جيڪي به صدارتي منصب دوران فيصلا ڪيا هئا. انهن کي به رد ڪرڻ جا حڪم صادر ڪيا. اهڙي منجهيل سياسي ۽ قانوني صورتحال کان پوءِ ايئن پيو لڳي ته، شايد سينيٽ جون چونڊون ڪونه ٿين. هونئن به پاڻ واري ملڪ جي حڪومتي ۽ سياسي صورتحال سدائين تبصرن ۽ تجزيئن جي ور چڙھندي پئي اچي. نه صرف اهو پر جڏھن به مائي مارشل لا چاهيندي آهي ته بنا ڪنهن دعوت ۽ ڪوٺ جي اچي لڏو لاهي ويهندي آھي، ۽ واپس وڃڻ لاءِ ڪڏھن به رضاڪاراڻا طور تي پنهنجي اصل ماڳ مڪان تي اسهڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي. اهڙي ريت وري جڏھن ته مسمات جمهوريت ڪيترين ئي هيلن، بهانن ۽ ايلازن منٿن کان پوءِ ايندي آھي ته، ان کي وري رهڻ ڏنو ئي ڪونه ويندو آھي.

بهرحال سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ جيڪاصورتحال سامهون آئي آھي، تنهن موجب نون ليگ سڀن کان مٿي آھي. ٻئين نمبر تي پ پ، اهڙي ريت تحريڪ انصاف ٽئين نمبر تي آھي. مزي جي ڳالھ ته فوجي جنرلن جي دادلي ۽ سياسي طرح تاتيل ۽ پاليل ايم ڪيو ايم وڃي پنهنجي منتطقي انجام تي پهتي. ڏٺو وڃي ته سينيٽ اهڙو ادارو آھي، جنهن ۾ ملڪ جي سڀني صوبن جي نمائندگي برابر جي بنياد تي طئي ٿيل آھي. يعني هر هڪ صوبي مان 24-24، اسلام آباد 2، ۽ فاٽا مان 4 سينيٽر هوندا آھن. چوڻ جو مقصد ته پنجاب مان پنجابي، بلوچستان مان بلوچي، ڪي پي ڪي مان پختون ۽ سنڌ مان سنڌين جي نمائندگي سينيٽ ۾ واضح اڪثريت ۾ هئڻ گهرجي. ٻين صوبن ۾ ته ان فارمولي تي عمل ٿيندو پيو اچي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ مان جيڪي سينيٽر منتخب ٿين ٿا، انهن مان گهڻائي غير سنڌين جي رهندي پئي آئي آھي. اسان هتي اڄ کان نو سال اڳ سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن جو ڪجھ حوالو ڏيڻ ضروري سمهجون ٿا. ان وقت سنڌ مان صرف 7 سنڌي سينيٽر چونڊجي مٿئين ايوان تائين پهتا هيا. باقي ٻيا ٻين صوبن، قومن ۽ اُردو آبادي سان تعلق رکن پيا. هن ڀيري به سنڌ مان صرف 8 سينيٽر سنڌي آھن. باقي ٻيا خيرن سان ٻين صوبن، قومن ۽ هتان جي اُردو آباديءَ سان لاڳاپيل آھن. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سينيٽ جهڙي اهم اداري ۾ صرف 8 سنڌي هوندا. اهڙي ناانصافي ڪندڙ سياسي پارٽين ۾ سڀ کان وڌيڪ پ پ پ آھي. /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

جنهن هميشه کان وٺي غير سنڌين کي اهميت ڏئي سنڌين کي ان اهم اداري کان پري رکندي پئي اچي. پاڻ اهو مڃون ٿا ته ملڪ جي آئين ۾ اهڙي ڪابه شق شامل ڪانهي، جنهن موجب ڪنهن به قوم جي لاءِ سينيٽ ۾ مخصوص سيٽون رکيل هجن. پر پوءِ به ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سينيٽ جي قيام جي پهرين ڏينهن يعني 1973ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ڪنهن ٻئي صوبي مان ورلي سينيٽر چونڊيو هجي. ها، هنن چونڊن ۾ اهو ضرور ٿيو آھي ته اڳوڻي وزير اعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو جي پٽ اسد جوڻيجو کي نون ليگ اسلام آباد جي هڪ مخصوص سيٽ تان ڪامياب ڪرايو آھي. نه ته سدائين سنڌ مان پنجاب جا پنجابي، ڪي پي ڪي جا پختون، ڪشمير جا ڪشميري، وغيره سينيٽر ٿيندا پيا اچن. اها روش پارلياماني اصولن جي ابتڙ سمجهون پيا، ۽ چاهيون ٿا ته سنڌ مان سينيٽ ۾ سنڌين جي نمائندگي نمايان ۽ وڏي پئيماني تي هئڻ گهرجي. ڇو ته اهڙي اهم اداري ۾ سنڌين جي نمائندگي ڀرپور هئڻ سان هڪ ته سنڌي قوم کي پنهنجي نمائندگي جو احساس ٿيندو، ٻيو ته سنڌ مان جيڪي ٻين صوبن، قومن ۽ نسلن سان تعلق رکندڙ سينيٽر چونڊبا اهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي صحيح نمائندگي ڪونه ڪندا. هتي اها سٺي اهو سٺو سنوڻ سمجهون ٿا ته، هن ڀيري پ پ پ سنڌ جي هڪ قومي هيري روپلي ڪولهي جي خاندان جي هڪ نياڻي ڪرشنا ڪولهي کي سينيٽ تائين پهچائي بهتر عمل ڪيو آھي. جنهن جي ساراهه نه ڪرڻ قلمي ڪنجوسائپ هوندي، پر هڪ اقليتي برادري جي نياڻي پارليامنٽ جي مٿين ايوان تائين پهچائڻ جي ڪري پ پ حڪومت ۽ ان جي قيادت جي ڪيل سنڌ ۽ سنڌين سان ٻه اکيائي ۽ زيادتين کي پاڙي يا وساري نٿو سگهجي.

 

شريف خاندان خلاف وڌيڪ ريفرنسن جي منظوري…

گذريل ڏينهن نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياستدانن سميت مختلف هائوسنگ سوسائٽين ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. نيب جي جاري ڪيل بيان موجب نيب 15 آف شور ڪمپنين جي مالڪ ذوالفقار بخاري، اين ٽي ايس انتظاميا، پيراگون سٽي انتظاميا سميت احد چيمه جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته نواز شريف جي خلاف ضمني ريفرنسز جي به منظوري ڏني وئي آهي. نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف العزيزيه اسٽيل ملز، هل ميٽل ڪيس، فليگ شپ انويسٽمينٽ ۽ 15 ڪمپنين ۾ بدعنواني ۽ ايون فيلڊز ريفرنس ۾ به ضمني ريفرنس داخل ڪيا ويندا. نواز شريف جي خلاف چوڌري شگر ملز ۾ به ڪرپشن جي انڪوائري ڪئي ويندي جڏهن ته شهباز شريف، ڪلثوم نواز، حمزه شهباز ۽ مريم نواز جي خلاف به انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ملتان ميٽرو بس ۾ شڪي رقم جي منتقلي تي شهباز شريف جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال تي عمران خان جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي ان کانسواءِ اسحاق ڊار ۽ انوشه رحمان جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي جن تي غيرقانوني طور تي نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروس جو ٺيڪو ڏيڻ جو الزام آهي جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر اسماعيل شاهه جي خلاف انڪوائري ڪئي ويندي. جڏهن ته نيب ڊاڪٽر عاصم محمود، محمود الحسن ۽ ٻين جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني آهي، جوابدارن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب بشير دائود، مريم دائود ۽ ٻين جي خلاف پڻ انڪوائري جي منظوري ڏني آهي. انهن تي الزام آهي ته پاناما ڪيس اسڪينڊل ۾ انهن جون آف شور ڪمپنيون آهن. جڏهن ته نيب پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالستار ڏيرو جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني آهي. انهن تي به آف شور ڪمپنين جا مالڪ هجڻ جو الزام آهي جڏهن ته نيب سوئي سدرن گئس ڪمپني، پاڪستان اسٽيل ملز جي آفيسرن جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني آهي، جوابدارن تي مبينا طور تي پاڪستان اسٽيل ملز جي گئس غيرقانوني طريقي سان بند ڪرڻ جو الزام آهي جڏهن ته نيب پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا جي خلاف انڪوائري جي به منظوري ڏني آهي. جڏهن ته نيب ڪي ڊي جي آفيسرن ۽ ٻين جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني آهي. جوابدارن تي رفاهي مقصد جي لاءِ مخصوص ڪيل پلاٽن کي رهائش ۽ ڪمرشل پلاٽن ۾ تبديل ڪرڻ جو الزام آهي جنهن تي قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو. نيب شيل پاڪستان لميٽيڊ جي لائين  مئنيجر ياسر آفندي، ايرو ليوب پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيئرمين ارشد جليل ۽ ٻين جي خلاف پڻ جاچ جي منظوري ڏني آهي. جوابدارن ڊفينس ڪوٽا تي ايوي ايشن کان ٻارڻ خريد ڪري عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو جنهن تي قومي ناڻي کي 2370 ملين جو نقصان پهتو. جڏهن ته نيب پيپلزپارٽي جي سينيٽر عثمان سيف الله ۽ ان جي خاندان جي ٻين ڀاتين انور سيف الله، سليم سيف الله ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني آهي. جوابدارن تي پاناما اسڪينڊل ۾ 34 آف شور ڪمپنين جي ملڪيت جو الزام آهي.