تازيون خبرون

Daily Archives: March 1, 2018

دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف جنگ جاري رهندي: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف جنگ بندي جاري رهندي. تفصيل موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بچاءُ واري وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجه آصف، گھرو وزير احسن اقبال ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير راڻا افضل سميت چيئرمن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪيمٽي ۽ ٽنهي فوجي ادارن جا سربراهه شريڪ ٿيا. قومي سلامتي ڪميٽي کي عالمي ۽ علائقي جي صورتحال ۽ خاص خطي جي ملڪن سان گڏ لاڳاپن تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته پرڏيهي وزير خواجه آصف روس سان ڪامياب دوري جا تفصيل ٻُڌائيندي چيو ته ٻئي ملڪ هر شعبي ۾ ٻه طرفي لاڳاپا وڌائڻ جا خواهشمند آهن. ڪميٽي پرڏيهي پاليسي جي فريم ورڪ جي بحالي ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي ڌياڻ ڏيڻ تي اتفاق ڪرڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ دوست ملڪن سان اقتصادي شرڪت داري وڌائڻ ۽ مفاد تي ٺهيل سهڪار تي به اتفاق ڪيو جڏهن ته سي پيڪ جي اهميت کي به ورانيو ويو ته ان جي ثمرن سان پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. قومي سلامتي ڪميٽي افغانستان سان گڏ موثر بارڊر مينجمنٽ ۽ وقار سان گڏ افعان پناهگيرن جي واپسي تي زور ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. ڪميٽي ايل او سي تي ڀارت طرفان فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي چيو ته  ڀارت فائربندي جي ڀڃڪڙين جي ذريعي ولاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو.ڪميٽي پاڪستاني عوام جي مفاد ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ جاري رکڻ تي به اتفاق ڪندي چيو ته قومي مفاد ۾ اختيار ڪيل پاليسين تي عمل درآمد جاري رهندو.

 

ميمو گيٽ جعلي قرار، نواز شريف کي ڇو ڪڍيو ويو عوام جو مسئلوناهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهبازشريف ۽ عمران خان کي ڪراچي مان اليڪشن وڙهڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته (ن) ليگ تڪراري شخصيت کي پارٽي صدر بڻايو شهبازشريف کي ماڊل ٽائون ۾ رتوڇاڻ ملتان ميٽرو ۽ عاشيانه ڪرپشن اسڪينڊل ۾ جواب ڏيڻو آهي عوام کي ان سان ڪوبه واسطو نه آهي ته نوازشريف کي ڇو ڪڍيو عمران خان طالبان جي اوقاف فنڊ مان مدد ڪري رهيو آهي جيڪو ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جو سبب بڻجندو ميمو گيٽ اسڪينڊل هڪ ڪوڙو ڪيس هو اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي ڪراچي ۾ ميمبرشپ مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ پ واحد جماعت آهي جيڪا عوامي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي جنهن سبب اهو آهي ته پ پ پ عدالت ۽ پارليامينٽ بدران صدائين عوام سان گڏ بيٺي هوندي آهي بلاول ميمو گيٽ اسڪينڊل کي ڪوڙو ڪيس ڪوٺيندي الزام مڙهيو ته پانامه ڪيس کان ڌيان هٽائڻ لاءِ نوازشريف ميمو گيٽ اسڪينڊل کي جيئرو ڪري رهيو آهي سڀ ڄاڻن ٿا ته ميمو ڪيس جعلي ڪيس هو بلاول ڀٽو چيو ته پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون ۾ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو مسلم ليگ (ن) کي ڪنهن تڪراري شخص کي پارٽي صدر نه بنائڻ گهرجي ها هن چيو ته عمران خان ۽ شهبازشريف کي دعوت ڏيان ٿو ته اچن ۽ ڪراچي مان چونڊ وڙهن پر ڪراچي جو عوام رڳو پ پ پ کي ڪامياب ڪرائيندو. هن چيو ته ميڊيا کي آزاد هئڻ گهرجي.

 

جيڪو ووٽ جي عزت نه ڪندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين: نواز شريف

ڪوٽ مومن (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قوم فيصلو ڪيو آهي جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين، سينيٽ چونڊن ۾ ن ليگ جي اميدوارن کي شينهن جو نشان نه مليو آهي، معاملو ڌانڌلي ڏانهن وڃي رهيو آهي عوام ڌانڌلي کي ناڪام ڪندو، مون خلاف درخواست داخل ڪندڙ عمران خان به چئي رهيو آهي ته عدليا جو فيصلو ڪمزور آهي، مڃون ٿا ته نواز شريف ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي، ٺيڪي مان ڪو ئي پيسو ناهي ميڙيو پوءِ ان ئي فيصلي جي بنياد تي صدارت تان به هٽائي ڇڏيو، اڄ وري ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان سان پيار ڪندڙ ۽ حق تي قائم رهندڙ انسان آهيان پوئتي هٽڻ وارو نه آهيان، سفر ڪجهه ڏکيو آهي برداشت ڪري رهيو آهيان، مون سان گڏ ٿورو برداشت ڪرڻو پئي ته ڪريو، پاڪستان سان جيڪي ڪجهه ماڻهو ورتاءُ ڪري رهيا آهن انهن کي اسان روڪينداسين، ملڪ کي واپس دڳ تي آڻينداسين، اربع تي هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ن ليگ جو چونڊ نشان شينهن آهي ۽ اسان جي اميدوارن کي شينهن جو نشان نه پيو ملي هي ڏاڍ ڇو پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مان مسلم ليگ ن جو صدر هيس، انهن مون کي هٽائي ڇڏيو پر اڄ به مان ڄاڻا ٿو ته اوهان جي نظر ۾ مان ڇا آهيون، نواز شريف چيو ته اوهان نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان ڪڍي رهيا آهيو، نواز شريف ڪهڙي ڪرپشن ڪئي هئي، مڃون ٿا ته ڪرپشن ناهي، نواز شريف ڪهڙي ٺيڪي مان پيسا ميڙيا آهن، هن چيو ته نواز شريف ڪا ئي خزاني مان خرد برد ڪئي هئي، اها به مڃي وڃي ٿي ته ڪا خرد برد ناهي ڪئي ته پوءِ ڇو ڪڍيو، چون ٿا ته نواز شريف پٽ کان پگهار نه ورتي، ان کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، نواز شريف چيو ته پاڪستان جي وڏن وڏن وڪيلن چيو آهي ته اهو فيصلو درست نه آهي، هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ گهرجي، جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين، هي قوم فيصلو ڪيو آهي، نواز شريف چيو ته مون وک اڳتي کنئين آهي، اوهان مون سان وک وک سان ملائي هلو، پاڪستان ٻيهر خوشحالي واري دڳ تي آڻينداسين، غريبنکي گهر ڏنا ويندا، گهر جي درواز تي انصاف ڏنو ويندو، پاڪستان اندر هڪ بهترين معاشري اڏيو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان نواز شريف جيڪو واعدو ڪندو آهي اهو ضرور پورو ڪندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شاهد خاقان عباسي ن ليگ جو بهترين ساٿي آهي، شهباز شريف به بهترين ساٿي آهي، سڀ ساڄي کاٻي ويٺل همدرد آهن، ڏوهه انهن جو آهي جن فيصلو ٻڌايو ۽ پاڪستان کي پوئتي هٽائي ڇڏيو. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته اوهان منهنجي موقف سان متفق آهي جنهن تي ماڻهن هٿ مٿي کڻي نواز شريف جي حق ۾ نعرا هنيا، هن چيو ته چونڊن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽ مومن ضرور ايندس.

 

شهباز شريف 9 سالن ۾ 9 هزار ارب خرچ ڪيا: عمران خان

اسلام آباد/لاهور/بني گاله (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پرڏيهي وزير خواجه آصف خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ثبوتن باوجود نيب جي خاموشي سمجھه کان ٻاهر آهي. بني گاله ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه آصف خلاف نيب طرفان پي ٽي آءِ درخوست تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي عمران خان ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پرڏيهي وزير خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ثبوتن باوجود نيب جي خاموشي سمجھه کان ٻاهر آهي، نيب کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. عمران خان عثمان ڊار کي پي ٽي آءِ وفد سان گڏ نيب چيئرمين سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عثمان ڊار پرڏيهي وزير ۽ سندس گھرواري جي بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جا ثبوت فراهم ڪري سگھي ٿو، ڏيهي ناڻو لُٽيندڙ جو احتساب ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته قوم عدليه کان پوءِ احتساب جي اداري ڏانهن ڏسي رهي آهي ۽ اميد آهي ته نيب جلدي ئي پر­يهي وزير خلاف ڪارروائي جو آغاز ڪندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف ڀائر سپريم ڪورٽ ۽ نيب جي پٺيان پئجي ويا آهن پر پاڪستان اڄ ادارن سان گڏ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف گذريل 9 سالن ۾ 9 هزار ارب رپيا خرچ ڪيا، ڪڪ بيڪ وٺڻ لاءِ ميگا پراجيڪٽن تي رقم لڳائي وئي، فيصل سبحان جو نالو چين جي ايس اي سي پي ڏنو آهي، سندس ڏوهه هيو ته ملتان ميٽرو ۾ ان جي ڪرپشن جو ٻڌايو. فيصل سبحان کي غائب ڪيو ويو، اهڙا ڪم سياستدان نه مافيا ڪندي آهي. هن چيو ته نواز شريف برطانيا ۾ چيو هو ته هو ق ليگ جي ڪنهن ٽولي کي وٺندو پر بعد ۾ هن پنهنجي پارٽي ۾ لوٽا ڀريا. عمران خان چيو ته پنجاب پوليس جو نظام سڄي پاڪستان جي سامهون آهي، جيستائين ادارا مضبوط نه ٿيندا ملڪ اڳتي نه وڌندو، صوبي جي اسپتالن ۾ هڪ بستر تي چار چار مريض آهن، شريف ڀائرن پنهنجي مشهوري مهم تي 40 ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، شريف ڀائر سپريم ڪورٽ ۽ نيب جي پٺيان پئجي ويا آهن، مسلم ليگ ن فوج، سپريم ڪورٽ ۽ نيب تي حملا ڪري رهي آهي، هو چون ٿا ته نيب مغل اعظم کي گهرائي توهين ڪئي. پاڪستانين جا 300 ارب رپيا چوري ٿيا، ڇا هنن کي عوام جي ڪا به فڪر ناهي، ڇا سٺي ۽ چڱي جي تميز ناهي، مسلم ليگ ن کي نواز شريف کان 300 ارب رپين جو مطالبو ڪرڻ گهرجي پر هن کي تاحيات سربراهه بڻايو ويو حالانڪ سياسي پارٽي ۾ تاحيات سربراهه ناهن هوندا. هنن عوام جو پيسو چوري ڪيو آهي، عوام انهن کان ضرور پڇندو، پاڪستان اڄ سپريم ڪورٽ ۽ نيب سان گڏ آهي.  ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 2018ع ۾ ڪراچي مان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فيصلو اليڪشن سيل مينجنمٽ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪراچي جي ڪارڪنن کي عمران خان جي ڪراچي کان وڌيڪ لاهور تي ڌيان تي ڳڻتي هئي ان ڪري اهو فيصلو پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي ۽ اسد عمر جي سفارش تي ڪيو ويو، ڪراچي مان چونڊون وڙهڻ جو مقصد سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي اونرشپ حاصل ڪرڻ آهي، ڪراچي مان چونڊون وڙهڻ جي فيصلي جي سينئر قيادت به حمايت ڪري ڇڏي.ان کان سواءِ اينڊڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ٽيڪنالوجي جي استعمال جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪانسٽيٽيوشن مينجنمنٽ اينڊ ورڪر موبالائزيشن سافٽ ويئر استعمال ڪندي. عمران خان اليڪشن سيل ۽ اڳواڻن کي تڪ بندين تي نظر رکڻ جي هدارت ڪندي چيو آهي ته جنهن تڪ بندي تي خدشا هجن ان جو قانوني بچاءُ ڪن ۽ پي ٽي آءِ ليگل فورم ۽ سينئر قيادت تڪ بندين تي قانوني ۽ سياسي مدد فراهم ڪن.

 

ڪي پي ڪي حڪومت 100 ارب رپين مان به ميٽرو منصوبو نه ٺاهي سگهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت 100 ارب لڳائي به ميٽرو منصوبو ناهي بڻائي سگهي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنجاب کي ماڊل صوبو بڻايو ۽ روڊن جو ڄار وڇايو. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اسان جي سربراهه نواز شريف ڪنهن کي گار ڏيڻ ناهي سيکاريو، ميان صاحب ملڪ ۾ ترقي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ مٿس هڪ رپئي جي به ڪرپشن جو الزام ثابت ناهي ٿيو. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، اقتصادي راهداري جو تحفو ڏنو ۽ هو اڄ به عوام جي ووٽ جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

 

ماسترياڻين جو مقام ۽ شان عزت سڀ کان مٿي آهي ۽ انهن جي تذليل برداشت نه ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين جي گرفتارين ۽ مٿن تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي هن چيو ته ماسترياڻين جو مقام ۽ شان عزت سڀ کان مٿي آهي ۽ انهن جي تذليل برداشت نه ڪئي ويندي هن چيو ته ماسترياڻين کي موجوده دور ۾ سندن جائز حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته حڪومت ماسترياڻين جي تذليل کان پاسو ڪري هن چيو ته گرفتار ماسترياڻين کي جلد آزاد ڪيو وڃي پ پ پ ماسترياڻين جي جائز مطالبن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي.

 

ڪوئيٽا:ڊي ايس پي جي گاڏي تي فائرنگ ۽ نوحصار ۾ آپگهاتي حملو، 6 ايف سي اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ٻهراڙي واري علائقي نوحصار ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب آپگهاتي حملو ڪوئيٽا جي ٻهراڙي واري علائقي نوحصار ۾ ايف سي ۽ ليويز ڪيمپ تي ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کان پوءِ ليويز ۽ ايف سي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.

ٻئي طرف  اسمگلي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن ڊي ايس پي حميد الله دستي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ميڊيا رپورٽ مطابق ڪوئيٽا ۾ اسمگلي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن ڊي ايس پي حميدالله دستي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي پوليس موجب واقعي ۾ ڊي ايس پي حميدالله دستي محفوظ رهيو پر ان جا ٻه محافظ سخت زخمي ٿي پيا ٻنهي کي رضاڪارن اسپتال منتقل ڪيو جتي انهن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ڊي ايس پي حميدالله دستي گهر کان آفيس وڃڻ لاءِ نڪتو جڏهن ته ان جي گاڏي اسمگلي روڊ تي پهتي ته اتي اڳواٽ لڪي ويٺل ٻن هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي ڊي ايس پي حميدالله دستي ڊبل ڪئبن گاڏي جي اندر موجود هجڻ سبب محفوظ رهيو جڏهن ته گاڏي جي پوئين کليل حصي ۾ ان جا 4 پوليس گارڊ سوار هئا جن مان ٻه گولين جو نشانو بڻجي ويا پوليس پاران جوابي فائرنگ به ڪئي ويئي جڏهن ته ٻئي هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا شهيد اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ۽ ايوب جي نالي سان ٿي.

 

حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، تيل اگهم ۾ 3 رپيا 56 پيسا کان 9 رپيا 45 پيسا تائين واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپيا 56 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ ٽي رپيا 56 پيسا واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد نئين قيمت 88 رپيا 7 پيسا ٿي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 2 رپيا 62 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد قيمت 9 رپيا 45 ٿي وئي، لائٽ ڊيزل جي قيمت هڪ رپئي جي واڌ سان 65 رپيا 30 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي ان کان سواءِ گاسليٽ 6 رپيا 28 پيسا مهانگو ڪيو ويو ۽ نئين قيمت 76 رپيا 46 پيسا هوندي. نوان اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿيندا.

 

ٻانهن مروڙي ڳالهه مڃرائڻ وارو طريقو قبول ناهي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته ڪنهن سان محاذ آرائي ڪئي ۽ نه وري ڪنداسين پر ٻانهن مروڙڻي ڳالهه مڃرائڻ  جو طريقو قبول ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته نه ڪو فرنٽ مين آهي ۽ نه ئي بيڪ مين، جيڪو اثاثو ڊڪليئرڊ آهي، ڪڏهن ناجائز ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ڪرائي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪنهن سان محاذ آرائي ڪئي نه ئي ڪنداسين پر ٻانهن مروڙي ڳالهه مڃرائڻ وارو طريقو قبول ناهي، ڪوڙا الزام لڳائيندڙ الله جي غضب کان ڊڄن. ريلوي واري وزير چيو ته سان کي خوفناڪ انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هاڻ به وقت آهي بسڪيو ۽ ملڪ کي ميرٽ تي هلڻ ڏنو وڃي، ملڪ جا دشمن پاڪستان تي ۽ اسان هڪ ٻئي تي حملا ڪرڻ ۾ پورا آهيون. سعد رفيق عمران خان کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جمهوريت دشمن عنصرن جو سڀ کان وڏو مهرو عمران خان ئي آهي، هل ڪري سچ کي ڪوڙ ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي، اسان ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي آبياري لاءِ طويل جدوجهد ڪئي آهي.

 

ڪنهن سياسي پارٽي يا فرد کان انتقام تي يقين نٿا رکون: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته قوم جي ڦريل رقم واپس آندي ويندي، سمورن ڪيسن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ تي ڪم ٿيندو. نيب چيئرمين ڪراچي ۾ نيب آفيسرن سان خطاب ڪبدي چيو ته بدعنواني جي ڪينسر کي پاڙان پٽڻو پوندو، ڪيسن جي جاچ ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته احتساب سڀني لاءِ پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي، ڪنهن سياسي پارٽي يا فرد کان انتقام تي يقين نٿا رکون. هن اهو به چيو ته نيب آفيسر ڪنهن دٻاءُ ۽ سفارش کي قبول نه ڪن ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، بدعنوان عنصرن کي منهن ڏينداسين.