تازيون خبرون

Daily Archives: February 20, 2018

دپيڪا ڪڪر ايندڙ سومر تي شادي ڪري ڇڏيندي

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور ڊرامي سسرال سمرن ڪا فيم اداڪارا دپيڪا ڪڪر ايندڙ سومر تي شادي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته هوءَ پنهنجي شادي جي تاريخ پڪي ٿيڻ تي تمام گهڻي خوش آهي.ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا دپيڪا ڪڪر پنهنجي ڊرامي جي ساٿي اداڪار شعيب ابراهيم سان شادي ڪري رهي آهي، ۽ شادي بابت تمام گهڻا تفصيل اڳ ئي جوڙو ميڊيا کي فراهم ڪري چڪو آهي، پر هن ڀيري دپيڪا ميڊيا کي آگاهي ڏني آهي ته هوءَ  26 فيبروري تي شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گهوٽ ڀوپال جو رهواسي آهي، تنهنڪري شادي جي مک تقريب پڻ ڀوپال ۾ ٿيندي.جڏهن ته شادي جي تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار جي گهرڀاتين سميت ويجها دوست ئي شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڙو شادي کي ميڊيا جي نگاهن کان بچائڻ لاءِ ڀوپال ۾ تقريبن جو بندوبست ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ آهي ته هي انهن جي ذاتي خوشي آهي، تنهنڪري ميڊيا پريشان نه ڪري

 

ٽائيگر شروف تي قسمت مهربان، باغي ٿري ۾ به ڪاسٽ

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار ٽائيگر شروف تي قسمت جي ديوي اڄڪلهه تمام گهڻي مهربان آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس هڪٻئي پويان لاڳيتو فلمون ملي رهيون آهن. ان جو ثبوت اهيو آهي ته ٽائيگر شروف جي فلم باغي ٽو اڃا تائين رليز نه ٿي آهي، پر فلم ميڪر فلم جو ايندڙ سيڪوئل باغي ٿري ٺاهڻ جو اعلان ڪندي ان ۾ به ٽائيگر شروف کي ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽائيگر شروف هن وقت باغي ٽو جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف آهي، ۽ هن وٽ ٻئي ڪم لاءِ ترت ڪو وقت ناهي، پر ان هوندي به هن وٽ هالي ووڊ فلم ريمبو جي هندي ورجن واري فلم پڻ آهي، پر ان هوندي به هو باغي ٿري جي لاءِ پهرين ۽ آخري ترجيح بڻيل آهي. فلم ميڪر احمد خان ميڊيا کي آگاهي ڏني آهي ته هو باغي ٿري پڻ ٺاهي رهيو آهي ۽ ان ۾ هڪ ڀيرو وري مرڪزي ڪردار ٽائيگر شروف ئي ڪندو. هن ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال ڊسمبر کان شروع ڪئي ويندي.

 

اڳوڻي ڪرڪيٽر عامر حنيف جي پٽ زرياب سليڪشن نه ٿيڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽر عامر حنيف جي پٽ محمد زرياب مبينه طور تي ٽيم ۾ سليڪشن نه ٿيڻ تي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. عامر حنيف مطابق سندس پٽ انڊر 19 ٽيم ۾ کيڏي چڪو هو ۽ وڌيڪ عمر  وارو قرار ڏيڻ سبب پريشان هو.واضح رهي ته گذريل مهيني لاهور ۾ ٿيل انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ محمد زرياب ڪراچي جي نمائندگي ڪئي هئي، ان دوران انجري سبب کيس واپس موڪليو ويو هو ۽ ڪوچز جو چوڻ هو ته کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو جنهن تي دلبرداشته ٿي محمد زرياب گذريل رات خودڪشي ڪري ڇڏي.محمد زرياب جي والد عامر حنيف الزام مڙهيو ته ”سندس پٽ کي ايترو پريشرائيز ڪيو ويو جو هو آپگهات تي مجبور ٿي ويو.“ گڏوگڏ هن درخواست ڪئي ته ”منهنجو پٽ ته هليو ويو پر ٻين جي پٽن کي بچايو وڃي.“ واضح رهي ته محمد زرياب عامر حنيف جو وڏو پٽ ۽ فرسٽ ايئر جو شاگرد هو. زرياب جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس مطابق پوسٽ مارٽم بعد موت جو سبب معلوم ٿي سگهندو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زرياب جي وارثن طرفان پوليس سان ڪو رابطو نه ڪيو ويو آهي

 

ڌوني ٽي ٽوئنٽي ۾ وڌيڪ ڪيچن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

 

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڀارتي وڪيٽ ڪيپر مهيندر سنگهه ڌوني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو.ڏکڻ آفريڪا سان مختصر ترين فارميٽ جي پهرئين ميچ ۾ ميزبان رانديگر ريزا هينڊرڪس جو ڪيچ وٺندي ئي ڌوني سريلنڪن ڪمار سنگاڪارا جو وڪيٽن جي پويان سڀ کان وڌيڪ 133 ڪيچن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.سنگاڪارا اهو رڪارڊ 254 ميچن ۾ قائم ڪيو هو جڏهن ته ڌوني 134 هون شڪار پنهنجي 275 هين مقابلي ۾ ڪيو. ان فهرست ۾ دنيش ڪارٿڪ 123 ڪيچن سان ٽئين نمبر تي آهي ۽ ان کانپوءِ پاڪستاني ڪامران اڪمل ۽ ويسٽ انڊين دنيش رامدين موجود آهن

 

جذبا جهونا ناهن ٿيندا!: عرفان منان

اهو پل ڪيڏو نه پيارو ۽ سڀاڳو هيو، جنهن پل جنگشاهيءَ جي جبلن ۾ جوءِ جي جوڌي جوان محترم رسول بخش پليجي جو جنم ٿيو. اهو جنم هڪ فرد نه پر ان تاريخ جو جنم هيو، جنهن جو هر ورق هر باب مستند آھي. اهو جنم ان تاريخ جو جنم هيو، جنهن ننڍي کنڊ ۾ جدوجهدن ۽ جريئتن جا نه مٽجندڙ ڪيئي اھڃاڻ ڇڏيا. پليجي صاحب جي زندگيءَ جو جيڪڏھن سربستو اڀياس ڪري ڏسبو ته، اها ڄاڻ پئجي ويندي ته، سندس حياتيءَ جي لغت ۾ ٿڪجڻ، بيھڻ، هٽڻ ۽ جهڪڻ وارا لفظ ئي ڪونه ملندا. هو هن ديس جو اهو دلدار ماڻهو آھي، جنهن جي محبت جو محور اهي عام لوڪ انسان آھن. جن کان سمورا حق ڦريا ويا آھن. جيڪي ڏتڙيل آھن. اهو ئي سبب آھي جو عوامي تحريڪ جي اندر انهن ماڻھن جو تعداد تمام گهڻو آھي، جيڪي سنڌ وطن جا اصلي باشندا آھن.

رسول بخش پليجو سياست جي دنيا جو اهو سورج آھي، جنهن جي سوجهري سان سنڌ ۾ عوامي انقلابي ۽ قومي سياست ۾ روشني پيدا ٿي. ڦوهه جوڀن واري دلربا حياتيءَ کان وٺي، جهور عمر تائين هي منفرد ماڻهو هڪ لمحو به جدوجهد ڪرڻ کان رهي ناهي سگهيو. پليجو صاحب پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ سراسر جدوجهد، ڪوشش ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو حقيقي روپ لڳندو آھي. هو اهڙي يونيورسٽي ۽ ادارو لڳندو آھي. جنهن ۾ ڪيئي شعبا هوندا آھن، ۽ هر هڪ شعبي جي پنهنجي اهميت ۽ افاديت هوندي آھي. هن انسان پنهنجي سڄي زندگي مسڪين طبقي جي ڦريل حقن کي واپس وٺڻ واري انوکي ويڙهه ۾ گذاري آھي. هن املهه انسان سنڌ جي قومي عوامي سياست ۾ نت نوان لاڙا پيدا ڪري، سياست جي اهڙي سيج سجائي جنهن مٿان اهو طبقو اچي ويٺو جيڪو پنهنجي بنيادي حقن کان محروم هيو. هن سياست جي افق تي اهڙا ته چنڊ ۽ تارا لڳائي ڇڏيا، جن جي روشنيءَ سان جوءِ جرڪي پئي. سنڌ جي قومي ۽ عوامي سياست جيڪا ڀوتارن، وڏيرن، مرشدن، پيرن، ميرن، وٽ قيد ٿيل هئي. ان کي وڏين ماڙين ۽ اوچن محلن مان ڪڍي جهانگين جي جهوپن، مارن جي منھن تي پهچائڻ وارو به پليجو صاحب ئي آھي. جنهن سياست جي اڳواڻي مٿيون طبقو ڪندو هيو، سا عام ماڻهوءَ لاءِ ڄڻ ته حرام ۽ ناجائز هئي. پر پوءِ جڳ ڏٺو ته، ڪيئن ان سياست جي اڳواڻي وارو جهنڊو هيٺين طبقي جي مسڪين ماڻھن پنهنجي هٿ ۾ کنيون. جيڪا ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي. ان ۾ به پليجو صاحب جون محنتون شامل آھن. هن هڪ اهڙي نج انقلابي نظرياتي پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين غير معمولي ۽ مثالي جدوجهدون پئي ڪيون آھن. هن جي ذھني، فڪري ۽ شعوري ڌارائن مان ڪيترائي شاگرد سيراب ٿي چڪا آھن. سندس ڏاهپ جي آويءَ مان هزارين، خاص ڪري هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ نوجوان، مرد، عورتون، شاگرد، ننڍا وڏا ۽ پڪا پوڙھا پچي لال ٿيا آھن. سندس پارٽيءَ جو هر ڪارڪن هر علم سان هٿيار بند هئڻ سان گڏوگڏ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن کان منفرد لڳندو آھي. رسول بخش پليجو جيڪو سياسي دڳ ۽ پيچرو ٻڌايو آھي ۽ انهيءَ تي هلڻ جو ڏس ڏنو آھي، اهو به نرالو آھي. هن قومي ۽ طبقاتي نظريو ڏئي اهو منجهيل سُٽ  سلجهايو آھي ته، ويڙهه فقط هڪ ئي طريقي سان نٿي وڙھي سگهجي. پر ٻن ٽن مورچن تي سياسي ۽ نظرياتي طور هٿيار بند ٿي سوڀون ماڻي سگهجن ٿيون. عام طورتي ڏٺو ويندو آھي ته، هڪ سياسي اڳواڻ فقط سياسي اڳواڻ تائين محدود هوندو آھي ۽ ٻين پاسن جو هو پورائو ناهي ڪري سگهندو. پر پليجي صاحب اها اڻ ٿيڻي ڳالهه قبول نه ڪئي. هو هڪئي وقت مدبر سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو  اديب، دانشور، وڪيل، شاعر، لطيف جو پارکو، تاريخ، فلسفي، سائنس، مذھب جو ڄاڻو، موسيقي تي مهارت رکندڙ تقرير ۽ تحرير جو پڻ ماهر آھي. پليجو صاحب انهن سڀني شعبن سان اهڙو ته نڀاءُ ڪيو آھي. ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ادب جي دنيا ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم تنقيد نگاريءَ جو هوندو آھي. پليجي صاحب سنڌي ادب ۾ بلڪل نرالي انداز سان صحيح ڪم ڪيو آھي. هن پنهنجي تيز تکي ۽ سگهاري قلم جي نوڪ سان ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ”سندي ذات هنجن“ جھڙا شاهڪار ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جو انقلاب آڻي ڇڏيو. سندس ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ، نام نهاد رجعت پرست ٽولي بابت آھي. جنهن ٽولي سنڌي اديبن ۽ شاعرن تي هٿ ٺوڪيون ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون هيون. ان ڪتاب ۾ پليجي صاحب وڏن دليلن ۽ تاريخي مثالن سان سمجهاڻيون ڏئي، ان ٽولي کي اهڙي ته ادبي شڪست ڏني جو اهي ٻيهر مجال آھي، جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍن. سندس ٻئي شاهڪار مجموعي سندي ذات هنجن، ۾ هن وري اهو ڀرپور ۽ شاندار نموني سان سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته، حقيقي، اصلي ۽ سچو پچو ادب ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو آھي، ۽ نام نهاد مايوس ڪندڙ ادب ڪهڙو هوندو آھي. پليجي صاحب جا اهي ٻئي ڪتاب هر هڪ ماڻهوءَ کي پڙھڻ گهرجن. سنڌي ادب جي جهول ۾ اهي ٻئين ڪتاب رکي پليجي صاحب سنڌي ادب جي نه وسرندڙ خدمت ڪئي آھي. ان کان سواءِ ڪتاب ”اوهان جي پڄاڻا“ به پنهنجو مٽ پاڻ آھي. منجهس پليجي صاحب جي شاعري ترجمو ٿيل عالمي ادب جي سڀني ٻولين جي ترجمي مان چونڊ شاعري شامل آھي. پليجي صاحب جا لاتعداد سياسي، ادبي، فڪري، انقلابي ڪتاب ۽ ڪالم لکت جي روپ ۾ موجود آھن. ٻئي اهم ڳالهه ته پليجي صاحب لطيف کي به منفرد انداز سان بيان ڪيو آهي. ان بابت پليجي صاحب جا شاندار ليڪچر، ڪتاب ۽ ڪالم موجود آھن. جن سڀني کي سهيڙي ھاڻي هڪ ڪتاب ”تنين ماڻڪ ميڙيا“ جي نالي سان ادبي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آھي. جنهن ۾ پليجي صاحب لطيف جي نرالي ۽ نئين تشريح ڪئي آهي. پليجي صاحب ان ڪتاب ۾ لطيف جي انسان دوستي، مظلوم دوستي، عالم دوستي، ڏاهپ، بهادري ۽ ھمت جي اهڙي ته سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ وضاحت ڪئي آهي، جو عام ماڻھو به اهو سمجهي سگهي ٿو ته، واقعي ئي ڀٽ ڌڻي سنڌي قوم جو سچو حقيقي ويڄ ۽ رهبر آھي. لطيف جيڪي صلاحون، تجويزون ۽ ترڪيبون ۽ نسخا ڏسيا آهن. جيڪڏھن سنڌي قوم انهن نصيحتن تي عمل ڪري ته، آجپي آسودگيءَ جي منزل تي آسانيءَ سان رسي سگهجي ٿو. پليجو صاحب بنيادي طور تي مارڪسٽ آهي. مارڪسزم کي به، پليجي صاحب ڏاڍي سولائيءَ ۽ عوامي ٻولي ۾ سنڌ ۾ متعارف ڪرايو آھي.

اسان جي سماج ۾ عورت کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آھي. ان کي جتيءَ جو ڪو ڪو سمجهي پيو لتاڙبو آھي، پر پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجهي ان خام خيالي کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سياست جيڪا مَرد جي اثر هيٺ هئي، پر پليجي صاحب جو خيال هيو ته، جيسين سنڌ جي سياست ۾ عورتن جو حصو نه هوندو. تيسين سنڌ جي سُڌ، سمجهه ۽ سياست اڻپوري ۽ اڌوري آھي. سنڌ جي نج سادي ۽ ٻھراڙيءَ جي عورتن جڏھن سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجهدون هلايون، لانگ مارچ ڪيا ۽ ايم آرڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، عورتن تي ٿيندڙ ظلمتن خلاف، جلسا، جلوس ۽ سيمينار ڪرايا ته، سالن کان وٺي مرداڻي سماج ۾ قيد بنيل عورتن جي ڳچين مان غلاميءَ جو طوق ٽٽندي نظر آيو. سنڌ ۾ اهڙي تنظيم کي منظم ڪرڻ ۾ به پليجي صاحب جي فڪر جو ڪمال آھي. هاري ۽ مزدور طبقا سماج ۾ ريڙهه جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏھن اهي شعوري طور صحتمند هوندا ته، انهن جي حقن جي  ڪڏھن به حق تلفي ڪونه ٿيندي.

پليجي صاحب سنڌ جي هاري ۽ مزدور کي سياسي سمجهه ساڃاهه جا ڪيئي سونهري سبق پڙھايا. اهو ئي سبب هيو، جو هاري تحريڪ ۽ مزدور تحريڪ جو ڪارڪن جيڪو صرف هڪ يا ٻه درجا پڙھيل هيو. اهو لطيف، تاريخ ۽ دنيا جي انقلابن تي تز دليلن سان بحث ڪرڻ لڳو. ايئن لڳندو آھي ته، هو عام هاري مزدور ڪنهن يونيورسٽيءَ مان پڙھي آيو آھي. ڪنهن به قوم جو ٻار جيسين ذھني طور امير نه هوندو تيستائين اها قوم ترقيءَ جي راهن تي قدم رکڻ جي قابل نه بنجي سگهندي. ان اهم پاسي کي به نظر ۾ رکندي. پليجي صاحب سجاڳ ٻار تحريڪ جو بنياد وڌو. ان سجاڳ ٻار تحريڪ جو پتڪڙو ٻار جڏھن سياسي تعليم جي سند وٺي ميدان تي لٿو ته، راڄن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ان سجاڳ ٻار تحريڪ جو پتڪڙو ٻالڪ ٻاتن ٻولين ۾ سياست، سائنس شاعري ۽ فلسفي تي نهايت ئي باريڪ بيني سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ جي سگهه رکندڙ آھن. شاگرد قوم جو آئينو هوندا آھن. جيترو اهو صاف هوندو اوترو ئي قوم جو چهرو ڏسڻ ۾ چٽو لڳندو. پليجي صاحب سنڌي شاگرد تحريڪ جو وجود وجهي سنڌ جي شاگرد سياست ۾ اهڙي ته سڳنڌ پيدا ڪئي، جو ساري سنڌ ان خوشبوءَ سان واسجي وئي. سنڌي شاگرد تحريڪ رڳو سياسي ميدان ۾ ڀڙ نه هئي، پر ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي تعليمي ميدان ۾ به الڳ اهميت رکندڙ هئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جا شاگرد پنهنجي پنهنجي وقت جا ذھين ڊاڪٽر، انجينيئر، وڪيل، پروفيسر، جج ۽ وڏا آفيسر ٿي نڪتا. اهي سڀئي ڪارنامان پليجي صاحب جي فڪري نظريي جا آھن. جنهن ان قسم جا ڪيئي ادارا جوڙي سنڌي قوم جي ماڻھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، فڪري روح ڦوڪيو.

پليجو صاحب هاڻي عمر جي ان ڏاڪي تي اچي پهتو آھي، جنهن کي پيرسني چيو وڃي ٿو. اها عمر مڪمل آرام ڪرڻ جي ھوندي آھي، پر عمر جي ان سرحد تي پهچڻ کان پوءِ به پليجو صاحب ذھني ۽ فڪري طور جوان لڳي رهيو آھي. هاڻي به سندس چوڻ آھي ته، سنڌ جي وارثي ڪجي. سنڌ لاءِ سوچجي. سنڌ لاءِ لکجي. ان مان پتو پئجي وڃي ٿو ته، عشق ڪڏھن به پوڙھو ناهي ٿيندو. محبت ڪڏھن به ٿڪجي رڪجي نٿي. جذبا ڪڏھن به جهور ۽ جهونا ناهن ٿيندا. اهي ته سدائين جوان هوندا آھن. هڪ صديءَ جو سياسي سفر ڪندي ڪندي پليجي صاحب ڪيئي لاها چاڙھا ڏٺا. ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو. هو سالن جا سال جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد رهيو. هن جي مٿان ڪي ئي ڪفر جون ڪوڙيون فتوائون لڳيون. هن تي ڪيترائي تحريري، تقريري ۽ جسماني موت مار حملا ٿيا. هن کان فاضل راهو جھڙو ارڏو سياسي سفر جو سچو ساٿي کسيو ويو. هن جي پارٽي مٿان ڪيترائي ئي طوفان برپا ٿيا. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو هن کي رت جا رشتا به اڪيلو ڪري هليا ويا. پر هن برجستي انسان هر مسئلي، مشڪلات ۽ مصيبت جو ڏاڍي دور انديشي ۽ سنجيدگيءَ سان مقابلو ڪري ان کي بري طرح هارائي ڇڏيو. عظيم آدرشن جي خالق رسول بخش پليجو کي جنم ڏڻ جي موقعي تي اسين قومي، عوامي ۽ انقلابي سلام پيش ڪريون ٿا.

*****

 

نئب جانچ طريقو ڇو تبديل ڪري…؟: غلام مصطفيٰ جمالي

نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي يا سڀ ڪجهه غلط ڪري رهيو آهي.؟ ڪنهن جي اشاري تي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي يا پنهنجي مرضي هلائي رهيو آهي.؟ڪيترا سوال ذهن ۾ ايندا رهندا آهن اهو تڏهن جڏهن نئب پنهنجي ڪاروائين ۾ تيزي آڻيندي آهي يا وري پنهنجي جاچ جي ڄار ۾ ڪنهن وڏي مڇي کي ڦاسائيندي آهي..!پر اها به هڪ واضع ڳالهه آهي ته نئب ادارو اهڙو آهي جيڪو ڪجهه اڪثر ڪنهن نه ڪنهن جاچ جي ڪري پر تنقيد جو نشانو ضرور بڻبو آهي ۽ جيڪڏهن نئب پنهنجي ڪم ۾ تيزي آڻي ته پوءِ به کيس تنقيد جو نشانو ضرور بڻايو ويندو آهي ان ڪري نئب به عجيب مشڪلاتن جي گهيري ۾ آهي.

نيب جي ڪاروائين جي هڪ سواليه نشان آهي پر شايد هن وقت نيب اداروعوام جي سوچ مطابق ڪجهه بهتر ڪري رهيو آهي پر اُن جي ڀيٽ ۾ نيب اهو ادارو حڪمرانن جي سوچ مطابق سڀ ڪجهه غلظ ڪري رهيو آهي..! ان ڪري اهو به هڪ سوال آهي ته ڇا نئب پاڪستان مان واقعي ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ڪو ڪرادر ادا ڪندو..؟ ان ڪري هن وقت جيڪي ڳاليهون سامهون آيون آهن ان مان اهو واضع ظاهر آهي ته نئب جي جاچ به“ڪجهه دنون چاندي فر انڌيري رات”وارو ئي مثال بڻجي ويو آهي اهو ان ڪري جو نئب جيڪي به ڪيس پاڪستان اندر ظاهر ڪيا آهن.انهن مان ڪنهن به هڪ جو نتيجو سامهون نه آيو آهي.سواءِ ميان نواز شريف جي نااهلي جو..جڏهن ته نئب اهو ادارو آهي جيڪو پنهنجي طاقت جي زور تي ڪيترن ئي ڪرادرن کي پنهنجي انجام تائين پهچائي سگهي ٿو ۽ نئب انهن لٽيرن جي خلاف سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو جيڪي پاڪستان جي معصوم عوام کي پئسي کي لٽي رهيا آهن پر نئب ادارو اهڙو ڪو به ڪارنامو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو آهي ان ڪري شايد هاڻ عام ۽ ننڍي طبقي جو ماڻهو،سرڪاري،ملازم،۽ حڪومتي اميدوارن کان ويندي،خد حڪومت جي وزيراعظم جي به تنقيدي نشاني جي ور چڙهي ويو آهي.

ڪجهه وقت پهرين نئب ڪجهه اهڙيون به ڪاروايون ڪيون جيڪي هليون ته ٿورڙي وقت لاءِ پر انهي ڪاروائي ملڪ جي ڪيترن ئي لٽيرن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون جئين ميان نواز شريف جو نااهل ٿيڻ،پاڪستان پيپلزپارٽي جو شرجيل ميمڻ جو گرفتار ٿيڻ،ڊاڪٽر عاصم جو گرفتار ٿيڻ پر ڪجهه وقت لاءِ ئي هيو ۽ جيئن وقت پاسو بدلي ڪيو ته نئب انهن وڏن مڇن کي ڇڏي ڪري ويچارن معصوم سرڪاري ملازمن جي اچي پويان پئي.ان ڪري پاڪستان جا ڪجهه سياسي حلقا پنهنجي تقريرن ۾ اڪثر چوندا رهندا آهن ته نئب معصوم سرڪاري تي ڪاروايون ڪرڻ بند ڪري جڏهن ته ڪيتري عرصي کان پوءِ اهڙي بيان بعد آصف علي زرادي ۽ سابق وزيراعظم ميان نواز شريف جي اهڙي بيان تي دلچسپي جو اظهار ڪيوآهي.

نئب هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جي دهشت کان هر ادارو ۽ آفيسر لهرائي ٿو.ان ڪري جو پاڪستان اندر گذريل پنجاهه سال کان وٺي ڪرپشن جو عروج رهيو آهي  انهي ڪرپشن ڪلچر جي ڪري سرڪاري آفيسر جيڪو ڪارو ناڻو ٺاهيو آهي ۽ حڪومتي ادارن جي سياستدانن به ڪارو ناڻي مان گهر ڀريا آهن هن ڪري نئب جنهن به اداري تي ڪاروائي ڪئي آهي انهي نئب کان اهو ئي سوال ڪيو آهي ته آئون ڇو.؟جيڪو ڪجهه آئون ڪري رهيو آهيان اهو ته ٻيا به ڪن پيا.انهي ڪري اهي ادارا جيڪي ڪرپشن مان ڪارو ناڻو ڪمائي رهيا آهن.اهي سوال ڪري جان ڇڏائڻ ٿا چاهين ته آخرمان ڇو.

سمجهان ٿو ته نئب کي پنهنجي ڪاروائين کي شفاف ڪرڻ لاءِ پنهجي طريقڪار کي فوري بدلائڻ گهرجي ۽ پاڻ مٿان ٿيندر تنقيد جو جواب ڏيڻ گهرجي.هن وقت پاڪستان جو ڪهڙو ادارو آهي جيڪو ڪرپشن کان آجو آهي.؟ جنهن اندر ڪرپشن نه ٿيندي هجي،۽ اهو به سوال آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن به اداري اندر ميگا ڪرپشن نه ٿيندي هجي ته پاڪستان اندر ميگا ڪرپشن جو نالو ڇو ڏنو ويو آهي..؟ پر ايترو ضرور آهي جو نئب پنهنجي ڪاروائين ۾ جيتري تيزي آِڻيندي آهي جيڪڏهن انهي ڪيسن کي حل ڪرڻ ۾ به اهڙي تيزي آڻي ته شايد اها پوءِ ڪجهه نه ڪجهه تنقيد کان بچي وڃي.

هن وقت سياسي حلقا چئي رهيا آهن ته  نئب سرڪاري ملازمن خلاف ڪاريوان بند ڪري ان ڪري اهي سياسي حلقا پنهنجي جاءِ تي درست به هجن ڇو ته سرڪاري ملازم سڀ هڪ جهڙا نه ناهن.ڪي پنهنجي فرض سان سچا آهن ۽ ايڏا مفلص آهن جو فاڪا ڪشي ته برداشت ڪري سگهن ٿا پر حرام جو هڪ رپيو به کائي نه سگهن..مون ڏٺو آهي.انهن ايماندار آفيسرن کي جن جي گهرن جي چلهه ڪيترائي ڏينهن ناهي ٻرندي.. جن مان معصوم ٻار پنج رپين واري چاڪليٽ لاءِ پيا سڪندا آهن ۽ پنهنجي پاڙي ۾ ڪاري ناڻي سان پيٽ ڀريندڙ وڏن پيٽن وارن کي ٻارن کي مهانگيون شيون کائيندي پيا اکين مان لڙڪ واهيندا آهن.. پر انهن سياسي حلقن کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي اگر اهڙن آفسرن کي خلاف اگر نئب جاچ به ڪري ٿي ته انهن کي گهرن مان نڪرندو به ڇا..؟ جن جي ٻارن کي بکايل پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ وقت تي ماني به نصيب نه ٿي انهن تي اگر نئب ڪاروايون به ڪري پوءِ به انهن جي دامن مان ڇا نڪرندو..؟ ان ڪري اهو ضرور آهي ته نئب انهن جي خلاف ئي جاچ ڪندي آهي.جن ڪاري ناڻي مان گهر ڀريا آهن.ان ڪري هن دفعي انهن سياسي حلقن  جي نئب تي تنقيد سمجهه ۾ نه آئي.ڇو ته اسانکي ته اها به خبر ناهي ته سياسي حلقا ڪهڙي معصوم سرڪاري ملازمن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن .ان ڪري نه نئب جو ڪاروايون ٿيون سمجهه ۾ اچن ۽ نه ئي سياسي حلقن جي ذهن ۾ ويهي.

نئب ڪا ڪالهه پاڪستان ۾ ايجاد ناهي ٿي ۽ نه ئي تازيون ڪارايون ڪيون آهن.ڇو ته نئب پ پ جي ڪيترن ئي سياستدانن خلاف وٽ پڪڙ ڪري کين گرفتار ڪيو.پر ان تي به انهن حلقن ڪو بيان نه ڏنو.ڊاڪٽر عاصم گرفتار ٿيو ته  چوڌري نثار چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي اسان وٽ فر فر واري اعتراَضي وڊيو پيل آهي پر افسوس ته  اهو آهي ته اها وڊيو اڃان تائين ظاهر ئي نه ٿي سگهي ۽ ڊاڪٽرعاصم به آجو ٿي ويو.انڪري سمجهه ۾ نه آيو ته چوڌهري نثار اهڙو بيان ان وقت ڇو ڏنو.

ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي نئب هاڻي سنڌ کي ڇڏي ڪري پنجاب جو رخ ڪيو آهي.ان ڪري  وفاق کي نئب تي ڪاروائين تي اعتراض ڇو آهي اهو سجهه کان ٻاهر آهي.برحال نئب اگر سنڌ کان پوءِ پنجاب اندر ڪرپشن جي ڪيس جاچ جو گهيرو تنگ ڪيو آهي ته اها به سٺي ڳالهه آهي.آخر سنڌ کان پنجاب جو وارو ته آيو.ان ڪري نئب اگر پنجاب حڪومت خلاف ڪاروايون ڪرڻ تي موڊ ۾ آهي ته کيس نقيد کان ڊڄڻ نه گهرجي ڇو ته اگر هو ڪارويوان ڪندي ته به تنقيد ٿيندس اگر نه ڪندي ته به تنقيد ٿيندس.ان ڪري ايترو ضروري آهي ته  نئب پنهنجون ڪاروايون ڪري ته ان ۾ سچائي هجي.ته جيئن انهن ڪاروائين جي ور ڪو معصوم به چڙهي

 

پنجاب جي ن ليگ ۽ سنڌ جي پ پ جا ڪارناما : مسرور سيال

لوڌرا ۾ پي ٽي آءِ جي سيٽ تان ن ليگ جو غير معروف اُميداور کٽي عمران خان  کي وڏو لوڏ ڏنويو آهي ۽ اُن لوڏي هن جي پت به وائکي ڪري ڇڏي آهي عمران خان جي تقريرن مان ائين لڳي رهيو هو ته ن ليگ کان ڪيتريون ئي سيٽون کسي وٺندو پر ائين ٿيندي نظر نٿو اچي نوازشريف جا لاڳيتو عوامي مهم وارا جلسا کيس هڪ دفعو ٻيهر عوام ۾ مقبوليت ڏئي رهيا آهن هن خلاف آيل عدالتي فيصلو جيتوڻيڪ سندس شخصيت کي ڪرپٽ ماڻهن جي لسٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ کيس نااهلن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي پر هن پاڻ کي عوام وٽ آڻي عوامي حمايت جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي جنهن مان کيس اِهو موقعو ضرور مليو آهي ته هو پنهنجو دفاع ڪري ۽ عوام ۾ پاڻ کي زنده رکي سگھي ڏسجي ته سندس هي عمل عدالت سان ٽڪراءُ وارو ضرور آهي پر آهستي آهستي عدالت کي تڪراري بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو پيو وڃي . هن وقت صورتحال اِها آهي ته جيترو به نوازشريف کي سوڙهو ڪيو ويندو اوترو هو عوام کي ويجھو ٿيندو ويندو . ٿيڻ ته ائين گھرجي آ ته نااهلي واري فيصلي کان پوءِ عوام کي موٽ نه ڏئي آ نه وري کيس ئي عوام وٽ وڃڻ گھرجي ها پر هن ته نه رڳو عوام وٽ اچي پاڻ کي مظلوم بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي پر عدالتي فيصلي ۽ ججن خلاف به هڪ مهم هلائي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوازشريف خلاف ڀل ته ڪا ڳجھي طاقت به هجي ۽ کيس نااهل به ڪرائي ڇڏي پر هن جي به طاقت ڪمزوري ۾ تبديل نه ٿي آهي جو دليري سان عوامي مهم ۾ نه رڳو پاڻ پر پنهنجي ڌي مريم نواز سان گڏ ميدان تي لٿل آهي اڳ رڳو نوازشريف هو ۽ ان جو ئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو هاڻ مريم نوازجي صورت ۾ به ن ليگ کي قيادت ملي آهي جيڪا پڻ جارحاڻي ڪردار سان سامهون آئي آهي شهباز شريف ته پنجاب تائين جو ڪردار نڀائيندو رهيو آهي ان هوندي به ڏسجي ته پنجاب تائين جو ڪردار ئي اصل ۾ ن ليگ جي زندگي آهي اهو ئي سبب هو جو ن ليگ پنهنجي 5 سالن واري دور ۾ پنجاب کي ئي تبديل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال پئي ڪيا ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پنجاب ڪو تبديل نه ٿيو آهي بلڪل تبديلي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جيڪا پ پ پ جي حوالي ٿيل آهي جنهن جي حڪمراني پ پ پ جي هٿن ۾ گذريل 10 سالن کان آهي اتي ڪهڙي ترقي ٿي آهي سنڌ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي اُهو پڻ هڪ بحث آهي جيتوڻيڪ پنجاب ۾ ترقي جي باوجود ن ليگ جي مقابلي ۾ ڀرپور طاقت سان پي ٽي آءِ موجود آهي پر سنڌ ۾ پ پ پ جي مقابلي ۾ ڪو مضبوط سياسي فورم ڪونهي …… سنڌ جي صورتحال اِها آهي ته حڪمرانن وٽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪا اهڙي ڪارڪردگي ناهي جنهن کي پنهنجي اهليت لاءِ ڪليم ڪري سگھن ، وٽن ڀل ته ڪارڪردگي نه به هجي پر ووٽ وري کين ملڻ جي پڪ ضرور آهي ان ڪري ته ڀوتارن جو وڏو حلقو ساڻن گڏ آهي ء۽ کين وڏو فائدو اِهو آهي ته ڪابه سياسي ڌر مقابلي واري سگھه رکندڙ ناهي . گرينڊ ڊيموڪريٽڪالائنس پاڻ کي پ پ مخالف اتحاد ضرور سڏائي رهيو آهي پر وٽن پوري سنڌ ۾ مضبوط اميدوار نه آهن سواءِ انهن تڪن جي جتان فنڪشنل ليگ ڪامياب ٿيندي رهندي آهي تازو مورو ۾ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ باوجود به گرينڊ ڊيموڪريٽڪ  الائنس ڪي خاص نتيجا نه ڏئي سگھيا آهن ان ڪري ته جلسي ۾ اڪثريت ۾ پير پاڳاري جا مريد ئي نظر آيا جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گھرايا ويا هئا ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته پنجاب جيان سنڌ ۾ به  اتحاد نه پر مضبوط پارٽي هئڻ گھرجي ها جيڪا پ پ سان سمورين سيٽن تان  ڀرپور مقابلو ڪيو وڃي ها جيتوڻيڪ اهڙي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هُو مقابلو ڪندا پر صورتحال ائين نه پئي ٻڌائي بحرحال ايترو ضرور آهي ته پنجاب ۾ ن ليگ جي پوزيشن ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ جي باوجود توڙي  مضبوط مخالف ڌر هئڻ جي سبب به مضبوط آهي ته وري سنڌ م پ پ پ کي ڪمزور مخالف ڌر جي باوجود ۽ سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ باوجود به مضبوط آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ ن ليگ ۽ سنڌ ۾ پ پ پ پوزيشن ۾ نظر اچي رهيون آهن سندن مضبوط پوزيشن جا سبب به هڪجھڙا ناهن پر ان ڳالھه جي هڪجھڙائي ضرور آهي ته پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ پير ڄمايل آهن ڀل ته مهانگائي ، بيروزگاري ، پوليس گردي ، ادارن جي تباهي ڪري عوام جي پيرن هيٺان زمين نڪتل ڇونه هجي ……! عوام بک بدحالي جو شڪار ڇونه هجي ، ان ڪري ته بک بدحالي جو علاج پڻ حڪمرانن ڏئي ڇڏيو آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ عورتن کي هڪ هزار کان ٽي هزارتائين ڏنا پيا وڃن ۽ عورتن جي جيڪا سينٽرن تي تذليل ڪئي وڃي ٿي ان کي ميڊيا رپورٽ ڪندو رهيو آهي پر ان جا اثر عوام مٿان ڪڏهن پوندا ۽ عوام ڪڏهن سجاڳ ٿيندي ، ووٽ جو صحيح استعمال ڪڏهن ڪيو ويندو ….. ؟  خبر ناهي …..! پر ايتري خبر ضرور آهي ته جڏهن به عوام جاڳيو ۽ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ لڳندو ته تبديلي طرف وڌنڌڙ قدم مثالي ثابت ٿيندا ………….

 

سراپا احتجاج بڻيل آبادگار ۽ بيوس بڻيل سسٽم…

ڪراچي ۾ بک هڙتال تي ويٺل  آبادگارن ڪمند جا اگھه مناسب نه ملڻ ۽ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ تائين بُک هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي 5 آبادگار تنظيمن سارڪ، ايف او سي، سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن، سنڌ آبادگار هاري اتحاد ۽ آبادگار ايسوسيئيشن پاران جاويد جوڻيجو، جمال محمود کهڙو، شڪيل پلهه ۽ طارق محمود آرائين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي بُک هڙتال جاري رکي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٻن ڏينهن کان بُک هڙتال تي ويٺل سنڌ جا آبادگار ۽ هاري حڪومتي ناڪامي جو ثبوت آهن. عدالتي حڪم باوجود سنڌ سرڪار ڪمند جو مناسب اگھه ڏيارڻ ۽ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ناهي ڪرائي سگھي. سنڌ يونائيٽد پارٽي آبادگارن ۽ هارين سان هر موڙ تي گڏ آهي. ڏهرڪي ڀرسان الائنس شوگر ملز انتظاميا ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏيندي آبادگارن سان زيادتون جاري رکيو پئي اچي، آبادگارن کي 172 روپيا اگهه ڏيڻ بدارن 160 روپيا ڏيڻ توڙي في ٽرالي تي 50 کان 100 مڻ جي ڪٽوتي پڻ جاري رکيو پئي اچي انتظاميا طرفان آبادگارن جون ٻن مهينن جون ڪروڙين روپين جون رهتون روڪي ڇڏيون آهن، انتظاميا طرفان آبادگارن سان ٿيل زيادتين خلاف گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف اڳواڻ سردار شهريار خان شر جي اڳواڻي ۾ آبادگارن، زميندارن ۽ ڊرائيورن ڪمند جي لوڊنگ بند ڪري پلانٽ اندر احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، سندن چوڻ آهي ته  الائنس شوگر ملز جي انتظاميا مسلسل آبادگارن سان زيادتيون ڪري رهي آهي، جنهن سبب آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي، انتظاميا 172 روپيا اگهه ڏيڻ بدارن 160 روپي ڪمند جو اگهه ڏئي رهي آهي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 172 روپيا ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود انتظاميا ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو آهي، انتظاميا آبادگارن کي سي پي آر ۾ 172 روپيا اگهه ڄاڻايو وڃي ٿو پر آبادگارن کي وري 160 روپين جي حساب سان اگهه ڏيئي رهي آهي، هن کان علاوه في ٽرالي تي 50 کان 100 مڻ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ڪمند جو ٽراليون 10 ڏينهن تائين روڊ تي بيهي پلانٽ اندر وڃڻ جو انتظار ڪن ٿا جنهن ڪري ڪمند سڪي وڃي ٿو ۽ آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي، انتظاميه شروع کان وٺي صرف دلاسا ڏئي رهي آهي، موٽروي پوليس، اوٻاوڙو پوليس ۽ انتظاميا جا سيڪيورٽي في ٽرالي کان هڪ هزار روپيا رشوت وٺي بعد ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ڏين ٿا، ٽريڪٽر ٽراليون نيشنل هاءِ وي تي ترتيب سان بيٺل هونديون آهن، پر موٽروي پوليس ۽ اوٻاوڙو پوليس ڊرائيورن کان رشوت وٺي تربيت سان بيٺل ٽريڪٽر ٽرالين جي لائين بي ترتيب ڪري ڇڏن ٿا جنهن سان ٽريفڪ معطل ٿي وڃي ٿي ۽ موٽروي پوليس الزام ڊرائيورن تي لڳائيندي آهي، انتظاميه آبادگارن جي ٻن مهينن جون ڪروڙين روپين جون رهتون به روڪي ڇڏيون آهن.