تازيون خبرون

Daily Archives: February 17, 2018

سلمان خان جي سماجي تنظيم بينگ هيومن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي مشهور سماجي تنظيم بينگ هيومن کي ممبئي جي بلدياتي اداري برهان ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان بليڪ لسٽ ڪيو ويو.سلمان خان بهترين اداڪار هجڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو نرم دل به آهي ۽ غريب عوام لاءِ پنهنجي دل ۾ بي پناهه محبت رکي ٿو اهو ئي سبب آهي جو هن غير سرڪاري سماجي تنظيم بينگ هيومن قائم ڪئي.سلمان خان پنهنجي قائم ڪيل تنظيم جي نگراني پاڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي ته ان تنظيم وسيلي غريب ماڻهن کي وڌ کان وڌ مدد ملي، اهو ئي سب آهي جو اڄ بينگ هيومن جو شمار ڀارت جي مقبول ترين سماجي  تنظيمن ۾ ٿيندو آهي جڏهن ته هاڻ سلمان خان جي تنظيم کي ممبئي جي بلدياتي اداري برهان ميونسپل ڪارپوريشن طرفان بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب بينگ هيومن فائونڊيشن مقرر وقت دوران ممئي جي علائقي باندرا ۾ رضاڪاراڻا ڊائيلائسس يونٽس قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو ان  تنظيم کي بليڪ لسٽ  ڪرڻ سان گڏوگڏ نوٽيس به موڪليو ويو آهي.2016 ۾ بي ايم سي 12 ڊائيلائسس سينٽرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن ۾ هڪ ميهين دوران 199 ڊائيلائسس مشينن وسيلي تقريبن 10 هزار ڊائيلائسس ڪيا وڃڻا هئا

 

رنڌير ڪپور جي ايڪترهين سالگرهه تي شاندار پارٽي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينئر اداڪار رنڌير ڪپور جي 71 هين سالگره گذريل رات جو دير سان ملهائي وئي جنهن ۾ سندس ڌيئرن ڪرشما ڪپور، ڪرينا ڪپور، سندس ڀاءُ رشي ڪپور، ڀاڄائي نيتو ڪپور کان علاوه ڪٽنب جي ٻين ڀاتين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪيڪ ڪٽي کيس سالگره جون واڌايون ڏنيون ويون.جڏهن ته سندس سالگره جو ڪيڪ سندس ڏوهٽن تيمور علي خان، ڪيان ۽ سمائرا ڪپور طرفان آندو ويو هو جنهن تي لکيل هو ”وئي لو يو نانا.“ سالگره تقريب جون تصويرون سندس ڌيءَ ڪرشما ڪپور پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شيئر ڪيون جنهن ۾ ڏسي سگهجي پيو ته ببيتا ڪپور پنهنجي مڙس کي سالگره جو ڪيڪ کارائي رهي آهي جڏهن ته ان موقعي تي سندس ڌيئر ڪرشما ۽ ڪرينا پيءُ ماءُ کي پيار مان ڏسي رهيون آهن

 

مارٽن گپٽل جي سينچري رائيگان، آسٽريليا هٿان نيوزيلينڊ کي شڪست

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پنجين ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.آڪلينڊ جي ايڊن پارڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 243 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ ڪينگروز هدف 18 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪيو.آسٽريليا طرفان اوپننگ بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ۽ آر ڪي شارٽ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ جارحاڻو انداز اختيار ڪندي ڪيوي بالرن کي چڱو ساٽو ڏنو، ٻنهي بيٽسمين پهرين وڪيٽ تي 121 رنسون جوڙيون ته وارنر 24 بالن تي 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان جي اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 4 چوڪا به شامل هئا.وارنر جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ نئين ايندڙ بيٽسمين ڪرس لين به جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر هو صرف 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، گلين ميڪسويل 31 ۽ مرڪس اسٽونس 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ايرون فنچ 36 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.آسٽريليا طرفان آرڪي شارٽ صرف 44 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 76 رنسون ٺاهيون ۽ نمايان اسڪورر رهيو جڏهن ته ان شاندار ڪارڪردگي تي ان کي ميچ جو بهترين رانديگر به قرار ڏنو ويو. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، ايش سوڌي، ٽرينٽ بولٽ ۽ گرينڊ هوم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.ان کان اڳ نيوزيلينڊ بيٽنگ ڪئي ته اوپننگ بيٽسمين مارٽن گپٽل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 54 بالنر تي 9 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 105 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪولن منرو 76، ٽم سيفرٽ 12، مارڪ چيمپين 16، گرينڊ هوم 3 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا

 

پي ايس ايل سميت پاڪستان جي هوم سيريز ملائيشيا ۾ ڪرائڻ تي غور

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن طرفان اسٽيڊيمز لاءِ ڊگهي مدي واري معاهدي جون شرطون رکڻ کانپوءِ پي سي بي مستقبل ۾ ملائيشيا جي باري ۾ غور شروع ڪري ڇڏيو.هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي شروع ٿيڻ ۾ صرف هڪ هفتي کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته هو مارچ جي پهرئين هفتي ۾ ملائيشيا وڃي رهيو آهي جتي هو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪندو.نجي چينل سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته شارجا ۽ دبئي ۾ پي سي بي هوم سيريز ۽ پي ايس ايل جون ميچون ڪرائي ٿي، جيتوڻيڪ يو اي اي ۾ اسان اتان جي اسٽيڊيمز لاءِ ڊهگي مدي واري معاهدي لاءِ چيو پيو وڃي جيڪو اسان لاءِ ممڪن ناهي.هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان پنهنجي هوم سيريز ۽ پوري پي ايس ايل پاڪستاني اسٽيڊيمز ۾ ٿيندي پر هاڻ جڏهن يو اي اي ۾ جنوري ۾ افغانستان پنهنجي ليگ ۽ يو اي اي امارات ليگ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي ته پي سي بي لاءِ صورتحال ڳڻتي جو سبب آهي

 

سرجيس ته سُور سامائي ته سُک ويا:ۡ ماهم سنڌي / ميرپورخاص

ست سورمين جي ساراهه ڪندڙ سنڌ صوبي اندر اسانکي عورتن جي روپ ۾ هر قسم جي بهادري وارا ڪردار نظر ايندا .  هڪ عام عورت کان سورمي ٿيندي ٿيندي عورت ان ڌرتي نماء بڻجي ويندي آهي ، جيڪا انهن انسانن جا ٿُڏا به سهي ٿي جيڪي انهي ڌرتي جي سهاري هلن ٿا ، وري ڏسجي ته اها  ڌرتي پاڻ مٿان هلندڙن کي به هر زلزلي کان بچائي ٿي . انهيء زمين جي ٿورڙي لرزش يا زلزلو به قد آور  بُت جو جٽاءُ ناهي ڪري سگهندو . عورت کي جڏهن به موقعو مليو آهي ته ان هر محاذ تي پاڻ مڃايو آهي ۽ جڏهن به کيس سور ڏنا ويا آهن ان سَر تي سَٺا آهن  .  اها ئي عورت سنڌ اندر اڄ به  هيڻائي جو ، انيڪ زيادتين جو شڪار آهي . اسانجو معاشرو ڪيترين مثبت تبديلين بعد اڄ به سجاڳ ڪونهي ، تنهنڪري اڄ به مرداڻو معاشرو عورت جا جائز حق ، ان کان آزادي سان جئيڻ جو ڏانءُ ، بهتر تعليم تربيت ، ۽ سار سنڀار جو حق پيرن هيٺيان ڇڪي ڇني رهيو آهي . سنڌ اندر عورت کي ڪمزور ڪرڻ لاء اڻ ڳڻيا  حربا استمعال ڪيا وڃن ٿا جئين اهو اُڀري پنهنجي طاقت سان مردن جي سامراجي نظام کي شڪست نه ڏئي وجهي . عورتن سان پيش ايندڙ اهم مسئلن ۾ سر فهرست عورتن سان ٿيندڙ زيادتي ، گهريلو تشدد ، ڪاري ڪري مارڻ ، نوڪري جي هنڌن تي هراسمينٽ ، ننڍي عمر ۾ شادي ، سڱ چٽي ڏيڻ ، ڏاج جي نالي تي ظلم ڪرڻ ، ڌي نه ڄمڻ يا اولاد نه ٿيڻ تي کيس اڪيلو ذميوار ڪرڻ ، کيس تعليم کان دور رکڻ  وغيره آهن . انهن سنجيده مسئلن لاء سنڌ حڪومت قانون ٺاهيا ، سزائون پڻ مقرر ڪيون آهن پر عمل کان سواء علم رهندو ته به ڪهڙي ڪم جو رهندو ؟ عورتن لاء ٺهندڙ قانون صرف ڪاغذن جي پنن تي ئي لکيل رهجي وڃن ٿا ۽ سنڌ جي عورت اڄ به انهن مان ڪو به لاڀ حاصل ناهي ڪري سگهي . شايد ان جو ممڪن سبب اهو به آهي ته اسانجو سماج اڄ به عورت جي آزادي کان انڪري ايترو ڊڄي ٿو ته ، اها جيڪر ٻاهر نڪتي ته کيس مرداڻي سماج کي چئلينج ڪرڻ خاص مشڪل نه هوندو . نه صرف هڪ اڻ پڙهيل عورت پر وڏن تعليمي ادارن  ،  ڪاليجن ، يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪريون پڻ پنهنجي استادن هٿان يرغمال ٿين ٿيون .  سنڌ اندر پري گهر هجڻ سبب هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي هڪ رپورٽ موجب ، استاد توڙي هم ڪلاس ڇوڪرا ۽ ٻيو عملو پڻ ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن .  اهو سڀ انهيء ڪري جو اسان وٽ اڄ به اها ذهنيت موجود آهي ته  هڪ  عورت جي پٺتي پوڻ سان ئي مرد پاڻ کي ڪاميابي جي ويجهو ڪري سگهي ٿو . ظلم جي چڪي ۾ پيسجڻ  بعد جڏهن به سنڌ اندر عورت خلاف ٿيندڙ ڪنهن ڏاڍ ، جبر ۽ ظلم خلاف ڪو بل اسيمبلي اندران پاس ٿئي ٿو ته عورتن جو حقن واريون تنظيمون ۽ سڌريل طبقو ان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو . قانون ٺهڻ سان گڏ سجاڳ عورتن ۾ پڻ سرهائي اچي ٿي ته متان هاڻي قانون ٺهڻ سان ڪا ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي ۽ ڪٿي ڪا مظلوم بڻيل عورت  هاڻي محفوظ مقام ماڻي سگهي ، جٿان هو پاڻ خلاف ٿيندڙ نا انصافي خلاف جنگ جوٽي . نئون ٺهندڙ قانون ان سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو ڪو ازالو ڪري سگهي ،  پر اهي سڀ قانون ، سڀ واعدا ،   ٺاھ ۽  ڏوهن جون سزائون ڪاغذ تي لکيل ئي رهجي وڃن ٿيون . اهي قانون صرف سفيد ڪاغذ ڪارا ڪرڻ لاء ٺهن ٿا پر اصل زندگي ۾ ڪو فائدو ان عورت کي ناهن ڏئي سگهندا ، جنهنجي مٿان تيزاب هاري کيس سڄي عمر لاء عذاب ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو . انصاف ڳوٺن جي سنهين گهٽين مان ته نٿو گزري پر شهري افراتفري ۾   به ڪنهن مظلوم عورت جي دانهن عدالتي دروازن تائين پهچندي پهچندي گوڙ جي گدلاڻ ۾ گم ٿيو وڃي . اڄ به ڪا نياڻي ڪنهن پوڙهي کي سڱ چٽي ڏني وڃي ٿي ، يا دشمنن جي در تي قرض لاهڻ لاء نام نهاد شادي ڪري موڪلي وڃي ٿي ته ، اهو ان جي نصيب تي ڇڏيو وڃي ٿو ته رهزنن جي گهر ۾ هو عورت ڪهڙو سلوڪ سان باقي وقت گزاريندي . هن جي جان جو جوکم کڻي کيس ڪنهن پوڙهي يا نشائي حوالي صرف ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته ، اهو ڏنڊ سندس گهر جي ڪنهن مرد مٿان ٿيل قتل ڪرڻ بعد عائد ڪيو وڃي ٿو ۽  عيوضي طور عورت کي سزا ادا ڪرڻي هجي ٿي .  جڏهن ڪنهن جرڳي اندر مردن جي غيرت بچائيندي ڪيس ماريو وڃي ٿو ، ڪاري جو الزام لڳائي کيس مارڻ جي فتوائون جاري ٿين ٿيون ۽ سندس جسم ڪهاڙين جي وارن سان ته ڪڏهن بندوق جي گولين سان رتو رت ڪيو وڃي ٿو ، ته پوء اهي عورتن جي تحفظ جا  قانون هڪ مزاڪ کان سواء ڪجھ ناهن لڳندا .  ڏاج جو بهانو هجي ته به عورت ڏوهاري ، مڙس تشدد ڪري تڏهن بہ  عورت تي ئي الزام عائد ٿئي ٿو . ايتري حد تائين جو چانھ پاڻي ۾ دير ڪرڻ سبب به هڪ عورت سنگين نتيجا ڀوڳي ٿي.ڪوبه قانون انساني بهتري لاء ، انساني زندگي ۾ نظم ضبط سان گڏ ڏوهن جي روڪٿام ۽ گناهگارن کي سزا ڏيڻ لاء هجي ٿو ، پر سنڌ جي عورت جٿي اڄ سڌري دنيا ۾ اڳيان اچي رهي آهي اُتي ڪيتريون ئي سنڌياڻيون اڄ به ظلم جون ماريل ۽ هيسيل آهي.

سنڌ صوبي اندر عورت سان هر قسم جو ڏاڍ ، ظلم ۽ نا انصافي اڄ به رڪجڻ بدران وڏي تعداد سان وڌي رهي آهي . پوين هڪ ڏيڍ سال اندر 600 عورتون مختلف سببن ڪري قتل ٿيون آهن . جنهن ۾ 200 عورتون صرف ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم هيٺ قتل ڪيون ويون آهن ، جن ۾ ڪجھ راڄوڻي جرڳن جي فيصلن بعد ۽ ڪي انفرادي سطح تي قتل ڪيون ويون آهن .  ان کان علاوه 250 کان مٿي عورتون ريپ  ۽ جنسي تشدد جو شڪار ٿيون آهن . انهي عرصي ۾ تشدد ۽ مارڪُٽ ۾ سنڌ صوبي اندر 800 عورتون اجل جو شڪار ٿيون آهن . جڏهن ته 1500 کان مٿي معصوم نينگريون وحشي درندن جي حوس جون  شڪار ٿيون آهن  . اهي ٻارڙيون جيڪي اڃا نابالغ هيون ۽ سمجھ ۽ بلوغت جيتري ئي عمر به نه رکندڙ هيون . پوين سال دوران ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي سنڌ ۾ 400 کان مٿي ڇوڪرين آپگهات جي ڪوشش ڪئي جن ۾  350 ڄڻيون زندگي جو ڏيئو وسائي ويٺيون  . ياد رهي ته  سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڦاهو کائي انت آڻيندڙ  نائلا رند  ۽ قتل ڪيل تانيه خاصيخلي به انهن ئي مظلوم عورتن ۾ شامل آهن ،  جنهنن جا خون لڳ ڀڳ لڙهي ويا آهن . ان کان علاوه مجبوري سبب ۽ ظالمن جي هٿان وڪامڻ بعد هڪ رپورٽ موجب پوري پاڪستان اندر 40 لک عورتن جسم فروشي کي پنهنجو پيشو ۽ روزگار بڻائي ڇڏيو آهي . سنڌ اندر پڻ “ڪال گرل“ جي ڪهاڻي ۽ فحاشي جي اڏن جي جڳھ جڳھ هئڻ جو ڪارو ڌنڌو  ڪو لڪل ناهي ، بلڪه ان ڌنڌي مان ڪيترا ئي درندا صفت مرد ڪمائي پڻ ڪن ٿا . سنڌ اندر اڍائي سئو عورتون جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد آهن  ، جن مان ڪي مجبوري ۽ ڏاڍ سهي خون ڪري وجهن ٿيون ته ڪي انتقامي ڪارواين ۾ قاتل ٿيو وڃن . قيدي عورتن کي  جيلن اندر  ڪا سهولت ناهي هوندي بلڪه هو پاڻ جيل جي عملي هٿان هيسيل ۽ انهن جون غلام هونديون آهن . کين وڪيل تائين ڪا رسائي پڻ ناهي ملندي ۽ هو بنا رحم جي اپيل جي سزا ڀوڳينديون رهن ٿيون . جبري شادين ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ اضافو آيو آهي . هڪ پاسي والدين پاران پنهنجا رشتن ناتن ۾ مجبوري جو سبب ڄاڻائي ڇوڪريون پرڻايون وڃن ٿيون ،  ۽ وري گهڻي تعداد ۾ مدرسي جي مولوين پاران اقليتن جي معصوم ڇوڪرين کي اغوا ڪري کين جبري مذهب بدلائي شاديون ڪيون وڃن ٿيون . ايڌي سينٽر ڏي نظر ڪجي ته سوين بي گهر عورتون ترسڻ باوجود هر مهيني 100 کان مٿي عورتون اچي پناھ گاھ لاء در کڙڪائين ٿيون . سنڌ ۾ موجود 3 وڏا دارالامان  ، جيڪي حيدرآباد ، سکر ۽ ڪراچي ۾ موجود آهن  تن ۾ سهولتن جي اڻهوند سان گڏ عزت ۽ آبرو واري زندگي به سلامت ناهي . اتي پڻ عورتون کي زوري ڪجھ پئسن عيوض وڪڻيو وڃي ٿو ۽ انهن جي زندگي بدترين بڻائي وڃي ٿي . سنڌ اندر عورت ڊپريشن جو حد کان وڌيڪ شڪار آهي ۽  نفسياتي طور بيمار پڻ گهڻي ٿئي ٿي . حيدرآباد ۽ سکر جي وڏين نفسياتي اسپتالن موجب ته روز ايندڙ مختلف دماغي بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۾ 80 سيڪڙو تعداد عورتن جو هوندو آهي جيڪي گهريلو ۽ ٻاهر جي دنيا جي مسئلن جو شڪار ٿي پنهنجي ذهني صحت وڃائي ويهن ٿيون  . ڪيڏي نه حيرت جي ڳالھ چئبي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل 30 عورت ميمبرياڻيون به بظاهر خاموش آهن . سياست اندر ۽ ننڍن وڏن سياسي عهدن تي فائز عورت پڻ وڏي پيماني تي ذهني تشدد ۽ هراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون . هي اُهي عورتون آهن جيڪي سياست ذريعي تبديلي آڻڻ لاء نڪتيون آهن پر واٽ هلندي ويرين جي هٿان شڪار ٿي وڃن ٿيون . تازو ئي مثال وٺجي ته فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي چيمبر ۾ اچڻ جو چئي ڪيڏي نه بدتميزي سان ڳالهايو ويو هيو . اها ڳالھ ميڊيا تي اچڻ بعد به کيس مزاق ۽ تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو . غير ملڪي ڊگريون ماڻيندڙ تعليم يافته صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي پڻ پنهنجي شڪ جي ۽ گهريلو مسئلن جي بنياد تي زال جو خون ڪري ڇڏيو . جنهن کي ميڊيا پڻ دٻائي ڇڏيو ۽ ان جي بي گناھ زال جو خون  سندس مڙھ سان گڏ مٽي اندر دٻجي ويو . هاڻي ته سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ بعد ان جا منفي اثر پڻ عورتن تي ئي وڌيڪ پئجي رهيا آهن . فيس بُڪ سميت ٻين هنڌن تي جيڪر ڪا ڇوڪري پاڻ مڃائڻ لاء اڳيان اچي ٿي ته اها فيس بُڪ گاھ به عورت لاء حراسان ٿيڻ جو هنڌ بڻجي ويندي آهي .  سوشل ويب سائيٽن تي پڻ ڪو نه ڪو سبب ڳولي عورت کي ڦاسايو وڃي ٿو . اهي ڏوھ سائبر ڪرائم ۾ اچي وڃن ٿا پر پوء به ان سان ڏوھ جي خاتمي جي خاطري نٿي ملي . سال 2010ع ۾ وومين هراسمينٽ قانون ٺاهيو ويو ، جنهن جو مقصد عورت کي تعليمي ادارن ۽ ڪم ڪار جي جڳهين تي تحفظ ڏيڻ هو . عورتن کي هراسان ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڏنڊ ۽ سزائون پڻ مقرر ڪيل هيون پر ايترا سال گزرڻ باوجود هراسمينٽ ڪيسن ۾ گهٽتائي باوجود گهڻائي ٿي آهي . عورت جڏهن به ٻاهر نڪري ٿي ته ان جي چؤطرف موجود مردن جو عملو کيس حراسان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي . نتيجي ۾ يا ته عورت بليڪ ميل ٿي وڃي ٿي يا ان نوڪري تان هٿ کڻي ٿي . عورتن تي ٿيندڙ مارڪُٽ کي روڪڻ لاء ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2013 منظور ٿيل آهي ، پر ظاهري ڄڻ ته رديءَ جي ٽوڪري حوالي ٿيو پيو آهي .  سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2013ع پڻ قانون جو حصو بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ ننڍي عمر ۾ ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي شادي تي پابندي لڳل آهي ، پر تنهن هوندي به اڄ عام جام ٻارڙين جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪيون پيون وڃن .  اُهي  ڇوڪريون جيڪي ڏاج نه کڻي وڃڻ ڪري ساهرن طرفان ظلم جو شڪار ٿين ٿيون کين تيزاب هاريو وڃي ٿو ،    ساهرن جي خاندانن ۾ کين طعنا ڏئي زندگي مشڪل بڻائي وڃ انهي لاء به سنڌ حڪومت ڏاج جو بل تيار ڪيو آهي ، جنهن موجب نياڻي جا مائٽ ان کي 50 هزار روپين جو ڏاج يا روڪ رقم ڏئي سگهن ٿا ۽ انهيء رقم تي حق صرف انهي ڇوڪري جو هوندو . سندس مڙس ۽ ساهرن کي حق نٿو پڄي ته زبردستي اهي پئسا يا ان مان ورتل ڪا شيء پنهنجي قبضي ۾ کڻن . جيڪر والدين پئسي وارا هجن ته مرضي موجب ڏاج جي رقم وڌائي سگهن ٿا پر گهٽ ۾ گهٽ اها رقم مقرر آهي ۽ غريب خاندان ان کان مٿي ڏاج ڏيڻ جا پابند هرگز ڪونهن .  سنڌ ۾ صوبائي سطح عورتن جي لاء الڳ وزارتون ۽ حفاظتي شڪايتي سيل سان گڏ  ،  ڪيتريون ئي ملڪي ، غير ملڪي خانگي توڙي سرڪاري تنظيمون ڪم رهيون آهن .  سنڌ ڪميشن آن  دي اسٽيٽس آف وومين پڻ سنڌ گورنمينٽ پاران قائم ڪئي وئي آهي ، جنهنجي چيئرپرسن نزهت شيرين آهي . ان کان علاوه عورتن جي نمائندگي لاء هر هنڌ عورتن جا فلاحي مرڪز قائم آهن پر ڄڻ ته ناڪاره بڻيل آهن.

اڄ اسان جي سنڌ جي عورت هر هنڌ هر فورم تي پاڻ مڃائي ڪاميابي جو منزلون طئي ڪري رهي آهي . سول سوسائٽي کان وٺي سياست هجي ڊاڪٽري هجي ، انجنئيرينگ جو شعبو هجي يا سوشل ورڪر ٿي ڪري به عورت هر مقام تي پاڻ مڃرائي رهي آهي . پر نظر سنڌڙي تي ڦيرائجي ته اڄ به سنڌ جي عورت کي ست قرآن ته ڇا پر هڪ عام انسان جيترو حق حاصل ناهي .  اڄ به ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ اُها ئي عورت آهي  ،  جنهن چڪي ۾ اَن داڻا پيهي پيهي پاڻ سميت سڄي گهر جو پيٽ پاليو آهي ، اها دردن جي چڪي ۾ پاڻ پيسي پئي وڃي. سنڌ جي عورت اهو نٿو گُهري ته کيس ست قرآن واري اهميت ملي ، پر عورت گُهر ڪري ٿي ته مونکي انسان سمجهي انساني رويو رکيو وڃي . مونسان ٿيندڙ ظلم خلاف قانون ٺاهيا ويا آهن ته انهن تائين منهنجي پهچ به ممڪن بڻائي وڃي . مونکي اُهي موقعا ميسر ڪيا وڃن جو آئون ڪنهن محڪوم ۽ قبضه ٿيل قوم جيان نه بلڪه هڪ خودمختياري واري زندگي گزاريان . سنڌ جي حقن جي لتاڙ خلاف اٿندڙ ۽ سنڌ کي آزاد ڪرائيندڙ ذهن پهرين اها ڳالھ سمجهي ڇڏين تہ ،   اها قوم جيڪا عورت سان ناروا ۽ امتيازي سلوڪ رکندي ، اها ڪڏهن به ترقي يافته قوم جون منزلون طئي ڪري نه سگهندي . هڪ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي جو سڌو سنئون تعالق هڪ ماءُ جي گود سان آهي ،  جيڪا جنگي جوان ۽ بهادر پٽ تڏهن نپائي وڏا ڪندي جڏهن هو پاڻ ظلم کان آزاد ۽ تعليم يافته هوندي .

 

ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جو ڪرادر .!!!!:  غلام مصطفيٰ جمالي

ملڪ جي ترقي ۾ نوجوان جو اهم ڪردار  رهيو آهي پر هن وقت نوجوان تمام گهڻي پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن .جنهن جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ بي روزگاري آهي .مان سمجهان ٿو  ته جيڪڏهن ڪنهن به مسئلي کي سامهون رکي انهي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي  ته ڪو به اهڙو مسئلو ناهي جيڪو حل ٿي نه سگهي.!! پر هر روز ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرپشن جي اُڏار ملڪ کي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي، هر اداري ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي.!! نوجوان ملڪ جا سرمايا آهن ملڪ جا مسبقل آهن پر اڄ جو پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون کڻي دربدر واري زندگي گذاري رهيو آهي، وڏيون وڏيون ڊگريون کڻي نوجوان پٽيوالي جي پوسٽ لاءِ قطارن ۾ بيٺل انهن نوجوان جي درد کي هن ملڪ جا سياسي ڪامورا ڇا سمجهن پر افسوس ته اهو آهي ته جيترو ويڌن هن ملڪ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان آهي اهڙو ويڌن ڪٿي به ڪانهي .!!هن ملڪ اندر سفارشي دور آهي اڻ پڙهيل لاءِ ته پوسٽون آهن پر هڪ پڙِهيل لکيل نوجوان لاءِ صرف ۽ صرف ڌڪا ٿاٻا.

هن ملڪ ۾ نوڪريون انهن کي ملنديون آهن جن جي سفارش هجي يا جن وٽ پيسئو هجي پوءِ چاهي اهي نوڪرين جا اهل هجن يا نه پر کين نوڪري ِضرور ملندي آهي.!! جڏهن ته   وڏيون ڊگريون رکندڙ غريب نوجوان اهائي دربدري واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن.!!سفارش تي ڀرتي ڪيل ماڻهو  جيڪي نوڪري جا اهل ئي ناهن هوندا انهن کي نوڪريون ملنديون آهن،  جنهن ڪري ملڪ جا ادارا تباهي جي ڪناري تي اچي پهتا آهن اهي نااهل ماڻهو وڏن آفيسرن جي چاپلوسي ڪري انهن کان نوڪري وٺي عيش آرام واري زندگي گذاري رهيا آهن پر انهن کي خبر ناهي ته سندن نڙي مان گذرندڙ حرام جو هڪ گرهه به اذيت ناڪ آهي،،،وڏن وڏن نارن ۽ روڊن ۽ چوڪن تي پنهنجي نالي جا پيناپيلڪ لڳائي نوڪري وٺندڙ اهي انسان،  غريب مسڪينن جي حقن جي سري عام لتاڙ ڪري رهيا آهن، پر انهن کان به ڪير پڇي ئي نٿو.!! ڪيترن ئي غريب مسڪينن کي ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ سندن اڳيان هلي ڪري اعليءِ  تعليم حاصل ڪرڻ جي ادراي کي پست ڪري ڇڏيو آهي.! هٿن ۾ فائلون  کڻي در در جا ڌڪا کائيندڙ  نوجوان هاڻي تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ مزدوري ڏانهن لاڙو ڪري رهيا آهن ۽ مختلف هنر سکي رهيا آهن جنهن جو اثر شرح خوانگي تي پيو آهي جڏهن ملڪ ۾ ناانصافي راڄ ڪري ۽ حقڪدار کي پنهنجو حق نه ملي ۽ سندن حقن تي داڙو لڳي اهو ملڪ روشن مستقبل جا خواب ڪيئن ٿو ڏسي سگهي.!!

ملڪ جي  نوجوان کي مايوسي جي منهن ڏسڻو ٿو پوي پر سندن سينن مان حب وطني به ختم ٿي ويندي آهي ۽ پڙهيل لکيل نوجوان غلط رستن جي طرف لاڙو ڪرڻ  شروع ڪري ڇڏيندا آهن جنهن ۾ چوري،ڦرون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن جنهن مان ملڪ کي فائدو ملڻ بجاءِ نقصان ملي رهيو آهي ڪيترائي نوجوان نوڪريون نه ملڻ ڪري ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن جتي سندس ڊگرين  جي اهميت ڏسي کين سٺِي پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو آهي جن ڪري اهي ملڪ اسان جي تعليم يافته نوجوانن جي ڊگرين مان فائدو وٺِي رهيا آهن .!! پرهن  ملڪ اندر شفارش ۽ جعلي ڊگرين تي ڀرتي ٿيل ماڻهن ملڪ جي ترقي ڏيڻ بجاءِ  ملڪ کي هڪ وڏي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي ملڪ  اندر جڏهن به نئين ڀرتين جو اشتهار ايندو آهي ته ان اشتهار ۾ هڪ خاص لفظ لکيل هوندو آهي جنهن کي(ميرٽ)سڏيو ويندو آهي  پر افسوس ته اهو لفظ هاڻ صرف تقريرن جي زينت بڻيل آهي،پر جيڪڏهن ميرٽ تي نوڪريون  ڏنيون وڃن هان ته  ملڪ هن وقت وڏي  ترقي جي راهه تي هلندڙ هجي هان. ۽ نوجوان ترقي جي طرف ملڪ سان گڏ اڳرا هجن هان پر هن وقت بيروگاري ايتري ته وڌي وئي آهي جو هر ڪو پڙهيل لکيل نوجوان ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ ڪري مايوسي سبب ڊپريشن جو مريض ٿي ويو آهي جنهن جو ڇوٽڪارو  صرف ۽ صرف بهتر زندگي آهي جن ۾ کين سندن حق مهيا ڪيا وڃن ۽ اهي نوجوان ملڪ جي خدمت ڪري ملڪ کي هڪ وڏي بحران مان ڪڍي سگهن ٿا.

ملڪ جو موجوده صوتحال ڪري سندس زبانن تي انقلاب جا نعرا آهن ۽ انهن نارن کي خاموش ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سوچڻ گهرجي ۽ ملڪ اندر ڊگرين يافته نوجوان کي زندگين جي باري ۾ سوچڻ گهرجي نوجوان کي پنهنجا حق مهيا ڪيا وڃن ته جيئن هو اهڙي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن حيلا، وسيلا ۽ ذريعا انسان کي پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا آهن ڪيترائي اهڙا انسان جڪي ڪجهه به نه هئا  جڏهن کيس محمود جي روپ ۾ حيلا، وسيلا ۽ ذريعا ملي ويا ته وڏا ماڻهو بڻجي ويا ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون نکري بيٺيون. پر هن ڌريي امڙ سنڌ ۽ هن جي رهندڙ سنڌ واسين جي نصيب ۾ حيلن، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي  اها انهي ڳالهه ناهي ته سنڌ ۽ وسيلا آهن يا سنڌ ڌرتي ۾ وسيلن جي کوٽ آهي    ۽ جڏهن به ڪنهن قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي. هن جي لوچ ته گهٽجي ويندي آهي پر سوچ ۾ اضافو اچي ويندو آهي . انهيءَ سوچ جو بنياد وري وهم ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي. اسان جو اهو ئي حشر آهي ۽ اسان انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون. مفروضا ، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن. ان ڪري اسان حالتن، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو نه ڪو مفروضو ٺاهي، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا. تاريخ ۽ تحقيق جي صحت ۽ سند اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ ڪري مُرجهي پئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد انهيءَ مفروضاتي روين جي ور چڙهي اسان کان اوجهل ٿي ويو آهي . اسان جي مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو، سندس مزار جڙي وئي، پر ڪيترا ماڻهو ڪيتري وقت تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه رهيا ته ڪو سابق وزير اعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها  وهايا ته ڇا ٿي پيو؟ اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم – ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون  پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو.

اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي  ڳالهه ۾  ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.

 

رائو انوار سپريم ڪورٽ به نه آيو….

سپريم ڪورٽ نقيب الله محسود جي عدالت کان مٿڀري قتل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران رائو انوار حفاظتي ضمانت منظور ٿيڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن ڪري ڪجهه دير انتظار ڪرڻ کانپوءِ  کيس توهين عدالت نوٽيس جاري ڪيو ويو. ٻڌڻي شروع ٿي ته  چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا رائو انوار اڄ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي جنهن تي هن ٻڌايو ته هو پيش نه ٿيو آهي جنهن تي چيف جسٽس اي ڊي خواجه کي چيو ته توهان جي ذميواري اڃا به اتي ئي آهي. اسان رائو انوار کي پيش ٿيڻ لاءِ شفاف موقعو فراهم ڪيو، حفاظتي ضمانت به ڏني پر لڳي ٿو ته رائو انوار پيش نه ٿي وڏو موقعو ضايع ڪري ڇڏيو آهي، سندس گرفتاري لاءِ پوليس کي سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين. سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ لاءِ حڪم جاري ڪيا ته رائو انوار جا سمورا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن جڏهن ته عدالت حڪم ڏنو ته آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ ايم آءِ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سهولت ڏين ۽ ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت چئني صوبن جي آءِ جيز  کي هدايت ڪئي ته نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ شاهدن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.