تازيون خبرون

Daily Archives: January 16, 2018

آمريڪي ڪاميابي لاءِ پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار اهم آهي: ايلس ويلز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪستان کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن جنهن لاءِ آمريڪي اختياريون ڳجهي نموني پاڪستان جو دورو ڪري رهيون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف ٽوئٽ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ آهي جڏهن ته آمريڪي طرفان پاڪستان کي اتحادي سپورٽ فنڊ ۾ امداد به روڪي وئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪا ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي وقتي پرڏيهي وزسير ايليس ويلز اسلام آباد پهچي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته آمريڪا مان ايندڙ بيانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب آگسٽ کان هن وقت تائين وقتي آمريڪي مددگار پرڏيهي وزير جو اهو ٽيون دورو آهي. ذريعن موجب آمريڪي وقتي مددگار پرڏيهي وزير جي دوري بابت جڏهن آمريڪي سفارتخاني کان پڇا ڪئي وئي ته هنن سڪيورٽي بنياد تي ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو پر ذريعن موجب ايليس ويلز جو دورو هڪ کان ٻن ڏينهن جو آهي جنهن ۾ هوءَ پاڪستان جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪندي.  ذريعن موجب پهرين جنوري کان هن وقت تائين ڪيترائي آمريڪي وفد پاڪستان جو ڳجهو دورو ڪري چڪا آهن جنهن ۾ ڌرين هڪ ٻي کي پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. ذريعن موجب پاڪستان جو مطالبو آهي ته افغان ڌرتي کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي. پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي ممڪن بڻائي وڃي ۽ پاڪستان جي قربانين کي قبول ڪيو وڃي.

 

ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد، 3 ڀارتي به ماريا ويا

سرينگر /اسلام آباد/راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 ڀارتي فوجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوجبنا جواز فائرنگ ڪئي. ترجمان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جا 3 اهلڪار مارجي ويا. ترجمان موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي جندڙوٽ ۽ ڪوٽلي سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سڪيورٽي فورسز کي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي طلب ڪري ايل او سي تي ڀارتي فورسز جي بنا سبب فائرنگ ۾ 4 جوانن جي شهادت تي سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آهي. تفصيل موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي جي سائوٿ ايشيا سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي احتجاجي خط ڏيندي سيز فائر جي ڀڃڪڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. واضع رهي ته ڀارتي گولا باري سبب 4 پاڪستاني فوجي جوان شهيد جڏهن ته ٻيا 5 زخمي به ٿيا آهن. هوڏانهن   ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ سرچ آپريشن ڪري وڌيڪ 6 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي سڪيورٽي فورسز ضلعي بارا مولا ۾ جڙتو آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ ڪري 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. قابض ڀارتي فوج ۽ سينٽرل آرمڊ فورس اڙي ۾ گڏيل آپريشن ڪري نوجوان کي نشانو بڻايو ويو. 6 نوجوانن جي شهادت کانپوءِ اڙي ۾ ڇڪتاڻ آهي ۽ عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. ڀارتي اختيارين دعويٰ ڪئي ته نوجوان جو تعلق ويڙهاڪ تنظيم جيش محمد سان هو ۽ آپگهاتي حملا ڪرڻ پئي چاهيندا هئا. ڀارتي سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي ورتي ۽ چادر توڙي چوديوار جو تقدس پائمال ڪيو.  سرچ آپريشن دوران سڄي ضلعي ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪئي وئي آهي. والاريل ڪشمير جي ضلعي راڄوڙي جي علائقي سدر بني ۾ هٿياربند فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڀارتي فوج مارجي ويو.

 

ڪونسلر جي چونڊ وڙهندڙ اڄ پارٽي جو پرڌان منتري بڻجي ويٺو آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار اڳوڻي سڌُ سماءَ واري وزير پرويز رشيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پرويز رشيد جو مسلم لين سان واجبي تعلق آهي، اهڙي شخص جي اڻ وڻندڙ ڳالهين جو جواب ڏيڻ ضروري نه سمجهيم. ميڊيا جي رپورٽن موجب چوڌري نثار طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪونسلر جي چونڊ وڙهندڙ اڄ پارٽي جو پرڌان منتري بڻجي ويٺو آهي، وزير اعظم ۽ نواز شريف ڊان ليڪس رپورٽ منظر تي آڻڻ جو حڪم ڏين، ڊان ليڪس رپورٽ سامهون اچڻ تي سندس ڪرتوت سامهون اچي ويندا. ڊان ليڪس جي معاملي تي چوڌري نثار فوج جي هڪ گروپ کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو، پارٽي ۾ منهنجو ووٽ سندس حق ۾ هوندو ته چوڌري نثار کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي.

 

اليڪشن ڪميشن چونڊ فهرستن تي نظرثاني شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن 2018 جي عام چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن جنهن لاءِ چونڊن وارين لسٽن تي نطرثاني شروع ڪئي ويئي اليڪشن ڪميشن مطابق 2018 جي چونڊن لاءِ پهرين مرحلي ۾ تصديقي عمل مڪمل ڪيو ويندو جنهن دوران راءِ ڏيندڙ چونڊن وارين لسٽن ۾ داخل منتقلي يا درستگي ڪرائي سگهندا اليڪشن ڪميشن مطابق فوتي 9 لک 23 هزار 947 ووٽرن کي لسٽن مان ختم ڪيو ويندو هڪ تصديق واري عمل کان پوءِ 73 لک 60 هزار 279 ماڻهن کي ووٽر طور درج ڪيو ويندو. جڏهن ته نظرثاني کان پوءِ لسٽن ۾ درج راءِ ڏيندڙن جو انگ 10 ڪروڙ 40 لکن کان وڌي ويندي اليڪشن ڪميشن ڳڻپ کاتي کان تازو آدمشماري جي ڊيٽا سميت سمورو رڪارڊ چئني صوبن جي 137 ضلعن ۽ تڪبندي لاءِ جوڙيل 5 ڪميٽين کي فراهم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ضلعي ۽ ريجنل آفيسون تڪبندين ڪم مڪمل ٿيڻ تائين کليل رهنديون.

 

نواز شريف سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ملاقات، اهم معاملن تي غور ويچار

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جاتي امرا رائيونڊ ۾ ٿيل ملاقات ۾ محمد شهباز شريف، خواجه سعد رفيق، شوڪت ترين پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ ملڪ جي جملي سياسي، بلوچستان ۾ وڏي وزير جي تبديلي جي حوالي سان پيدا ٿيل صورتحال، سينيٽ چونڊن سميت ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي واپس اسلام آباد روانو ٿي ويو.

 

پ پ هميشه جمهوريت جي استحڪام لاءِ جاکوڙيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر توڙي پي پي پي پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف علي زرداري بلاول هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، ميڊيا سان رابطي ۾ رهندڙ عهديدارن ۽ ذميدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ چيو ته پيپلز پارٽي سدائين جمهوريت ۽ ان جي استحڪام لاءِ جاکوڙيو آهي ۽ ان ڏس ۾ آئندي پڻ پنهنجون ڪاوشون جاري رکندي. اجلاس دوران اطلاعات سان لاڳاپيل پارٽي جي مختلف ڏاڪن جي ذميوارين جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان تي زور ڏنو ويو ته هر سطح تي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس زور ڏنو ته عوام سان سڌي رابطي سان گڏ ميڊيا پڻ رابطي جو هڪ ذريعو آهي، تنهن ڪري ميڊيا سان سلهاڙيل ماڻهن سان لاڳاپا وڌايا وڃن، جڏهن ته آمريتن خلاف پيپلز پارٽي ۽ ميڊيا ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪئي آهي. اجلاس ان عزم جو پڻ ارادو ڪيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ صحافت جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي جي سدائين پٺڀرائي ڪندي رهندي. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر شيري رحمان، اطلاعات جو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، مولا بخش چانڊيو، سينيٽر تاج حيدر، ايم اين اي نفيسه شاهه، شازيا مري، سينيٽر عاجز ڌامراهه، سعيد غني، عيني مري، امجد ڀٽي ۽ سريندر ولاسائي شرڪت ڪئي.

 

زيادتي جا واقعا روڪڻ لاءِ ٻارڙن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنسي زيادتي جا واقعا روڪڻ لاءِ ٻارڙن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ ناليواري گلوڪار شهزاد راءِ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻارڙن کي اهڙي تربيت ڏيڻ گهرجي جيئن هو پنهنجي حفاظت ڪري سگهن. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪجهه شين کي نصاب ۾ به شامل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قصور جهڙن واقعن کي مستقل بنيادن تي روڪڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  سماجي تنظيمون سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ قصور جهڙا واقعا هر هنڌ ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته تعليم ذريعي ٻارڙن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قصور واقعي تي عالمي سطح تي بحث ٿيو آهي،  سنڌ سرڪار ٻارڙن جي حفاظت لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ قائم ڪيو آهي، سڀ پاڪستاني سوچن ٿا ته ٻارن کي ڪيئن محفوظ رکجي. هن چيو ته پوليس جي نظام مان ڪو به مطئن ناهي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي مخالف ڌر سان ڳالهائي پوليس جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته چئني صوبن کي ٻارڙن بابت ڄاڻ نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ ۾ اچي سياست ڪري ٿو ته اهو سندس حق آهي.

 

مريءَ ۾ غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ جو حڪم، مان مال روڊ جواني ۽ پيرسني ۾ ڏٺو آهي : چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار پنجن ڏينهن اندر مري ۾ عير قانوني عمارتون ڪيرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ مري ۾ غير قانوني اڏاوت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مري عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس مري ۾ غير قانوني اڏاوت جو سمورو تفصيل طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ڊپٽي ڪمشنر کان پڇا ڪئي ته هي غير قانوني عمارتون ڪنهن جون آهن ۽ ان جي ذميوار ڪير آهي ۽ ٻڌايو ته غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون يا نه ان تي ڊپٽي ڪمشنر مري ها ۾ جواب ڏنو ۽ ٻڌايو ته مري ۾ 2003 کان غير قانوني اڏاوتون قائم ٿيون آهن جسٽس ميان ثاقب نثار ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ته هي غير قانوني اڏاوتون ضلعي انتظاميه جي چوڻ سان قائم ٿيون هي غيرقانوني عمارتون ڪرنديون يا اوهان ڪرندا چيف جسٽس چيو ته جنهن جي دور ۾ هي غير قانوني اڏاوتون قائم ٿيون انهن جا نالا به ڏيو چيف جسٽس حڪم ڏنو ته بلڊوزر ڪرائي تي وٺو ۽ پنجن ڏينهن ۾ غير قانوني عمارتون ڪرايو هي ڪا راڪيٽ سائنس نه آهي جيڪڏهن ڪو عدالتن ۾ ڪيس آهي ته ان جو به تفصيل ڏيو ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

حڪمران ايترا ڊنل آهن جو ماڻهن سان ملڻ سندن گهر صبح جو چار وڳي ويندا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته اسان جا حڪمران ايترا ڊنل آهن جو ماڻهن سان ملڻ سندن گهر صبح جو چار وڳي ويندا آهن، اتي جيڪڏهن هڪ مولوي اچي وڃي ته هنن جو پگهار نڪري ايندو آهي 15 ڏينهن تائين روڊن ئي ناهن کوليا ويندا. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان جي برآمدات گهٽجي رهي آهي. چانور وٺندڙ هن وقت پريشان آهن، هڪ لک ٽن چانور گودامن ۾ پيل آهن ۽ پاڪستان جي 5 وڏن ايڪسپورٽرن کي ڪينيا جهڙن ملڪن گرفتار ڪيو آهي، اڄ ڪينيا جهڙو ملڪ به اسان اهڙو رويو رکي رهيو آهي جيڪڏهن ائين ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهري سان ٿئي ها ته سڄي دنيا ۾ ڪهرام متل هجي ها، ان حوالي سان جڏهن پرڏيهي سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته هن کي ان ععاملي جو علم نه هو ۽ هاڻ پرڏيهي وزارت چوي ته پاڪستان هاءِ ڪميشن ان سلسلي ۾ قدم کڻندي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان افغانستان جي جنگ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لڳائي ڇڏيو پر پوءِ به اسان کي ڌمڪي ڀريا بيان ٻڌڻ لاءِ مليا، اها اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو ثبوت آهي، ناڪارا پرڏيهي پاليسي جي ڪري ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي ڪير به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، عالمي صورتحال ٻڌائڻ لاءِ ڪو به وزير موجود ناهي.

 

هلندڙ سال پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، وڏن ڦورن جو احتساب ڪنداسين: عمران خان

ڪرڪ (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين 17 تاريخ جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته انهيءَ ڏينهن ئي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين پي ٽي آءِ هن سال ئي اقتدار ۾ ايندي ۽ اقتدار ۾ اچي وڏن وڏن لٽيرن جو احتساب ڪنداسين وڏن لٽيرن کان جيڪو پئسو ملڪ ۾ آڻينداسين اهو تعليم تي خرچ ڪنداسين ڪي پي ڪي مان نئون ٽيلينٽ سامهون اچي پاڪستان کي ڪرڪيٽ ۾ سپر پاور بڻائينداسين سومر تي ڪرڪ ۾ يونيورسٽي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمرانن مني لانڊرنگ ڪري پئسو ٻاهر موڪليو مني لانڊرنگ جو سمورو پئسو واپس آڻي تعليم تي خرچ ڪنداسين ڪنهن به ملڪ دنيا ۾ تعليم کان سواءِ ترقي ناهي ڪئي هن سال اسان خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ تعليم تي ڏني جڏهن ته اڃا هي ڪافي نه آهي عمران خان چيو ته جڏهن ڀارت کان هارائي لاهور ايئرپورٽ تي پهتس ته ڪسٽم وارن اسان جو سامان ضبط ڪري ڇڏيو ۽ ٻاهر نڪتاسين ته ٽيڪسي ڊرائيورن اسان جي خلاف نعرا هنيا برو وقت اچڻ تي اسان پنهنجي خواب کان هيٺ هليا ويندا آهيون جيستائين ماڻهو هار نٿو مڃي هار ان کي ڪڏهن به نٿي هارائي سگهي جڏهن ته خوف مان نڪرندڙ جدوجهد ڪري ڪامياب ٿي ويندا آهن عمران خان چيو ته 17 تاريخ جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين. هن چيو ته ڏکيو وقت سکڻ لاءِ ايندو آهي عمران خان چيو ته هن وقت تائين ڪي پي ڪي ۾ 100 گرائونڊ ٺاهيا آهن ۽ هر ضلعي ۾ اسپورٽس سينٽر ٺاهينداسين جڏهن ته ڪي پي ڪي مان نئون ٽيلنٽ آڏو آڻي پاڪستان کي ڪرڪيٽ ۾ سپر پاور بڻائينداسين.