تازيون خبرون

Daily Archives: January 11, 2018

قصور ۾ معصوم ٻارڙي زيادتي بعد قتل، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽون بند، 2 ڄڻا قتل

اسلام آباد/قصور / لاهور (اين اين آءِ)پنجاب صوبي جي شهر قصور ۾ هڪ ٻي معصوم نينگري کي مبينه زيادتي کان پوءِ گهٽو ڏيئي ماريو ويو پوليس مطابق قصور جي علائقي روڊ ڪوٽ جي رهواسڻ ستن ورهين جي ٻارڙي پنج جنوري تي ٽيوشن ويندي اغوا ٿي ۽ چئن ڏينهن کان پوءِ ان جو لاش ڪشمير چوڪ ويجهو هڪ ڪچري جي ڍير تان هٿ آيو پوليس مطابق ٻارڙي کي زيادتي کان پوءِ گهٽو ڏيئي ماريو ويو ڊي پي او قصور ذوالفقار احمد ٻڌايو ته قصور جي واقعن تي 5000 کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪئي ويئي آهي ته 67 ماڻهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو هن چيو ته شهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي مدد سان جاچ شروع ڪئي ويئي ٻارڙي جي وارثن ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج فراهم ڪئي ڊي پي او مطابق سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ٻارڙي کي جوابدار سان ويندي ڏٺو ويو هن ٻڌايو ته قتل ڪيل ٻارڙي جا والدين عمري جي سعادت لاءِ ويل آهن ڊي پي او مطابق جملي طور تي زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل هي اٺين ٻارڙي آهي ۽ زيادتي جو شڪار ٻارڙين جي ڊي اين اي مان هڪ ئي نمونو مليو آهي ٻارڙي جي قتل جي خبر جنگ ۾ باهه وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي ۽ ماڻهو احتجاج ڪندي گهرن مان نڪري آيا ماڻهو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا ۽ مارڪيٽ به بند ڪيا ويا ۽ ٻئي پاسي هرهنڌ پوليس جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا ۽ فيروزپور روڊ تي مظاهرو ڪندڙن پوليس کي ڌڪا پڻ ڏنا قصور ۾ هڪ سال دوران 11 معصوم ٻارڙين کي اغوا کان پوءِ قتل ڪيو ويو پر پوليس هڪ به ڏوهاري اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي. پوليس پاران جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري کان پوءِ مظاهرو ڪندڙن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو ۽ سمورن روڊن تي ٽريفڪ بحال ٿي ويئي ٻئي پاسي وڏي وزير شهبازشريف قصور ۾ زيادتي کان پوءِ ٻارڙي جي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو شهباز شريف قاتلن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏيندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ هدايت ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف قصور ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي کانپوٰءِ قتل جي واقعي خلاف سڄي شهر ۾ احتجاج شروع ٿي ويو، مڇريل ماڻهن ڊي سي آفيس جو گهيراءُ ڪري ڇڏيو، عمارت کي نقصان پهچائڻ سان گڏ سرڪاري ۽ خانگي گاڏين کي ڀڃي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن تي پوليس سڌيون گوليون هلايون جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، مظاهرو ڪندڙن پاران پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، واقعي خلاف شهر ۾ سمورا تجارتي مرڪز بند ڪيا ويا، ضلعي انتظاميا جي درخواست تي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو، ڊاڪٽر طاهر قادري معصوم ٻارڙي جي جنازي نماز پڙهائي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان موقعي تي ڊاڪٽر طاهر قادري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قصور وارن سان هي 12 هون ڀيرو ٿيو آهي، الله ظالمن کي آخري انجام تائين پهچائي ۽ هن ڌرتي تي امن قائم ڪري، هن چيو ته جنهن دور حڪومت معصوم ٻارڙين کي تحفظ فراهم نه ڪيو وڃي اهڙي حڪومت کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي، زينب جو قتل انسانيت جي تذليل آهي، هن چيو ته نواز شريف ڪٿي آهين، اچ يتيمن ۽ مظلومن سان اچي گڏجي بيهه، شهباز شريف اچ مظلومن کي گڏجي سهارو ڏيو، هن چيو ته پوليس جي فائرنگ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ڪيترائي زخمي ٿيا، اهو ننڍو ماڊل ٽائون سانحو آهي، اڄ ماڊل ٽائون سانحي جي تاريخ ورجائي وئي آهي، رينجل پوليس آفيسر صحافين کي ٻڌايو ته ٻارڙي جو موت گهٽو ڏيڻ سان ٿيو آهي، هن امڪان ظاهر ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته ان ٻارڙي جي قتل ۾ 2 ڄڻا ملوث هجن، جڏهن ته جلد جوابدار قانون جي گرفت ۾ هوندا، هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن پاران رپورٽ ۾ موت جو سبب ناهي لکيو ويو آهي، مختلف نمونا فرانزڪ رپورٽ لاءِ موڪليا ويا آهن، وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته ان جي رپورٽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪئي وڃي. قصور ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل 8 ورهين جي نينگري زينب جي والدين جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري تائين نياڻي جي تدفين نه ڪنداسين، اربع تي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قصور ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل ٻارڙي جي والد چيو ته پوليس ٻارڙي کي ڳولڻ ۾ تعاون نه ڪيو، جيڪڏهن پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪري ها ته جوابدار گرفتار ٿي وڃن ها، ٻارڙي جي والد چيو ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا ان وقت تائين نياڻي جي تدفين نه ڪنداسين، هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، زينب جي والد چيو ته اسان سان جيڪو ظلم ٿيو ان تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، سيڪيورٽي حڪمرانن لاءِ آهي، اسان ته جيت ماڪوڙا آهيون، عام ماڻهو لاءِ ڪو تحفظ نه آهي، هن چيو ته اسان گذريل 2 سالن کان نياڻين کي گهر کان ٻاهر موڪلڻ کان ڊنل آهيون، هڪ پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن، زينب کي 4 ڪلما ياد هئا ۽ پنجون ياد ڪري رهي هئي، جڏهن ته هوءَ هر وقت دورود شريف پڙهندي هئي، ان موقعي تي ميڊيا ٻارڙي جي امڙ سان به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ صدمي سبب نه ڳالهائي سگهي، هن چيو ته منهنجي نياڻي زينب هن دنيا ۾ نه رهي آهي ته مان ڇا چوان، مون کي انصاف گهرجي، واضح رهي ته قصور ۾ زينب کي زيادتي کانپوءِ گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن ٻارڙي جو لاش گندي جي ڍير ۾ اڇلائي ڇڏيو، 5 ڏينهن اڳ زينب گهر کان نڪتي هئي، جڏهن ته کيس رستي تان اغوا ڪيو ويو. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر قادري 7 ورهين جي نياڻي زينب جنهن کي وحشي صفت عنصرن اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو هو، سندس قصور ۾ جنازي نماز پڙهائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڊل ٽائون شهيدن سان گڏ قصور شهيدن جو به انتقام وٺنداسين، عوام جي جان ۽ مال ۽ گلاب جي گلن جهڙن ٻارڙن جي تحفظ ۾ ناڪام حڪمرانن جو اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به جواز نه آهي، حڪمران جلد کان جلد استعيفيٰ ڏين، پوليس انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙ هٿين خالي شاگردن تي سڌي فائرنگ ڪري ماڊل ٽائون سانحي جي تاريخ ورجائي، جيستائين هي وحشي صفت قاتل حڪمران مڙهيل رهندا، تيستائين گلاب جهڙا ٻارڙا ۽ ٻارڙيون قتل ٿينديون رهنديون، هن چيو ته معصوم زينب قرآن پاڪ پڙهڻ وڃي رهي هئي ته ظالمن کيس قتل ڪيو، هي انسانيت جا ذميوار قاتل اعليٰ پنجاب ۽ ان جي گنڊا پوليس آهي، طاهر قادري چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پاران واقعي تي نوٽيس وٺڻ کي ساراهيو ۽ چيو ته قاتل ڀل ڪيڏا بااثر ڇو نه هجن کين ۽ سندن سرپرستن کي آخري انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري 7 سالن جي زينب جي قاتل جي گرفتاري تائين قصور ۾ قيام جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب 7 سالن جي زينب جو والد عوامي تحريڪ جو ملازم آهي ۽ ٻارڙي جي جنازي نماز عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ادا ڪئي. عوامي تحريڪ جي سربراهه اعلان ڪيو ته هو معصوم ٻارڙي جي قاتلن جي گرفتاري تائين قصور ۾ ئي رهندو ۽ متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ کان سواءِ  نه ويندو.

 

زينب قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو، 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب

راولپنڊي/اسلام آباد(اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار قصور ۾ معصوم نينگري سان پيش آيل واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب آرمي چيف ٻارڙي جي وارثن جي اپيل تي فوري ڪارروائي ڪندي پاڪ فوج کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سول انتظاميا جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻارڙي جي وارثن پنهنجي ڌيءَ کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي سندن مطالبو آهي ته جيستائين کين انصاف نه ملندو هو پنهنجي ڌيءَ کي دفن نه ڪندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان انصاف جي اپيل ڪئي هئي. بئي طرف پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه معصوم زينب جي قتل جي مزمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آرمي کي سول انتظاميا جي هر طرح جي مدد جي هدايت ڪئي آهي، اربع تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پاران جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف معصوم زينب جي قتل جي مزمت ڪئي. معصوم زينب جي والدين جي اپيل جي رد عمل ۾ پاڪ فوج جي سربراهه آرمي کي هدايت ڪئي ته جوابدارن جي گرفتار ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سول انتطاميا جي مدد ڪئي وڃي.

 

افغان سر زمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن سبب پاڪستان کي خطرا آهن: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ” را“ ۽ ” اين ڊي ايس“ گڏجي پاڪستان ۾ استحڪام پکيڙي رهيو آهن، افغان سر زمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن سبب پاڪستان کي خطرا آهن. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ مقرر سمورن ملڪن جي سفيرن کي پرڏيهي کاتي طرفان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ترجمان موجب سمورن سفيرن کي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ هاءِ ڪمشنر بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڊي جي ملٽري آپريشن، ڊي جي ملٽري ايم آءِ به بريفنگ ۾ شامل هئا. ترجمان موجب دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن بابت ورڪنگ بائونڊري، ڪنٽرول لائن تي ڀارتي جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چار سالن ۾ پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪيون.

 

پاڪستان ۾ روزاني 11 ٻار زيادتي جو نشانو بڻجندا آهن: رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ روزاني 11 معصوم ٻار جنسي وحشت جو شڪار بڻجندا آهن. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ گذريل 2 سالن دوران ٻارن سان زيادتي وارن واقعن ۾واڌ نظر آئي آهي. پوليس رڪارڊ ۽ مختلف تنظيمن جي انگن اکرن موجب تقريبن روزاني 11 معصوم ٻار جنسي درندگي جو شڪار بڻجندا آهن ۽ رڳو 2016ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 ٻار اهڙا جيڪي زيادتي جي نتيجي ۾ پنهنجين حياتي تان هٿ کڻي ويٺا يا قتل ڪيا ويا. پوليس تئاين پهتل ڪيس مان رڳو 76 سيڪڙو ٻهراڙي وارن علائقن جا ۽ 24 سيڪڙو شهري علائقن جا هيا. جنسي حوس جو نشانو بڻجندڙ ٻارن مان رڳو 41 سيڪڙو ڇوڪرا هيا ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي واقعا پوليس تائين پهتا ئي ناهن، ان ڪري رڪارڊ جو حصو به ناهن بڻجي سگهيا. ان ڏوهه جي خلاف قانون سازي جي باوجود اهو سلسلو بيهڻ جو نالو ناهي وٺي رهيو جنهن جو وڏو سبب قانون تي عمل درآمد نه ٿيڻ آهي.

 

قصور ۾ معصوم ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو فعل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءُ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب قصور ۾ معصوم بارڙي سان زيادتي ۽ قتل جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته متاثر خاندان سان گڏ آهيون ۽ ظالم کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير چيو ته قصور ۾ معصوم ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو فعل آهي اهڙو ڪڌو فعل ڪندڙ شخص معافي جي نه پر سزا جي لائق آهي هن چيو ته متاثر خاندان سان گڏ آهيون ۽ ظالم کي عبرت جو نشان بڻائينداسين.

 

معصوم ٻارڙي زينب جو زيادتي بعد وحشياڻو قتل شريفن جي حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معصوم ٻارڙي جو اغوا کان پوءِ زيادتي ۽ قتل شريفن جي بادشاهي جي منهن تي چماٽ آهي شريف حڪمران مسلسل اهڙن وحشياڻن واقعن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن لڳي ٿو ته پنجاب جا ڪجهه علائقا ٻارڙِين لاءِ جهنم بڻايا ويا آهن پنهنجي بيان ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قصور ۾ ستن ورهين جي ٻارڙي سان ڏاڍائي کان پوءِ بي رحمي کان پوءِ قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي هن چيو ته قصور ۽ شيخوپوره ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ۽ قتل جا واقعا مسلسل ٿي رهيا آهن صرف هڪ سال ۾ شيخوپوره ۾ زيادتي ۽ قتل جا اهڙا 11 واقعا ٿيا آهن. هن چيو ته شريف ڀائر حڪمران طور پنهنجن فرضن کان مڪمل غافل آهن ٻارڙن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي لاءِ شريف ڀائرن جو برداشت جو رويو ناقابل قبول آهي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتي ۽ قتل جي واقعن معاشري کي جنجوڙي ڇڏيو آهي. مجرمن سان شريفن جو نرم رويو برداشت نه ڪنداسين معصوم بارڙن سان زيادتي ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم ٻارڙن جي قتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان سمورن متاثر خاندانن سان گڏ آهيون.

 

وڏي وزير ڪراچي ۾ جديد ترين سهولتن ۽ مشينريءَ سان ليس وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن اسٽيشنز جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ جي علائقي سائيٽ ۾ جديد ترين سهولتن ۽ مشينريءَ سان ليس وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن اسٽيشنز (وي آءِ سي ايس) جي پيڙهه جو پٿر رکندي چيو ته ڪمرشل سامان کڻندڙ ۽ مسافر گاڏين جي فٽنيس جديد ترين اصولن جي روشنيءَ ۾ اعليٰ ٽيڪنالاجي ذريعي ڪئي ويندي ۽ رڳو لاڳاپيل معيار وارن گاڏين کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو. وهيڪل انسپيڪشن سينٽر جي سنگ بنياد واري تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن اسٽيشنز (وي آءِ سي ايس) پروگرام گهڻو اڳ شروع ٿيڻو هو بهرحال گهڻين ڏکيائيڻ بعد ان کي فعال ڪيو پيو وڃي، دير جو ڪارڻ بهتر نظام آڻڻ هو. اسان وهيڪل انسپيڪشن جو پروگرام تمام سٺي ڪمپنيءَ کي ڏنو آهي، خانگي ڪمپني اوپس (OPUS) جي شراڪتداريءَ سان وهيڪل انسپيڪشن جو پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته روڊن تي جيڪي گاڏيون هلي رهيون آهن انهن جي ڪابه چڪاس نه آهي، اسان ڪروڙن رپين جون گاڏيون خريد ڪندا آهيون پر ڪجهه هزار رپيا ڏئي فٽنس ناهيون ڪرائيندا ۽ نتيجو حادثي جي صورت ۾ جاني نقصان ذريعي سامهون ايندو آهي. مونکي ياد آهي ته لنڪ روڊ تي گاڏيءَ جي فٽنس نه هئڻ ڪري حادثي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو هو، اسانکي گهرجي ته روڊن تي هلندڙ گاڏين جي چڪاس ڪرايون. هن چيو ته سائيٽ جي انفراسٽريڪچر کي بهتر ڪرڻ لاءِ تعميراتي رٿائن تي 9 بلين رپيا لاڳت اچي رهي آهي، جنهن تي هڪ بلين رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو آهي ۽ مان سمجهان پيو ته سائيٽ ايسوسيئيشن سٺو ڪم ڪري ڏيکاريندي. انهيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته گرين لائن جي تعمير وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، جڏهن ته اورنج لائن جي تعمير سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ انشاءَ الله اهي ٻئي منصوبا هڪ ئي وقت ۾ مڪمل ٿيندا. انهن ٻنهي منصوبن جو بس آپريشن سنڌ حڪومت ڪندي جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ييلو لائن منصوبي تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون ۽ ريڊ لائن منصوبو بينڪ جي شراڪتداريءَ سان هلي رهيو آهي. اهي وڏا منصوبا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت گهربل آهي. سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم  ڪري رهي آهي ڪي ايم سي کي به بجيٽ ڏنو آهي ۽ هن وقت حالتون بهتريءَ ڏانهن وڃي رهيون آهن. هن ڪراچيءَ جي صفائيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ هن وقت ڪراچي ڊويزن جا ٻه ضلعا ڪراچي ڏکڻ ۽ ڪراچي اوڀر جون حالتون اڳ کان بهتر آهن، جن جو ڪم ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ تحت اسان ڪري رهيا آهيون. ڪراچيءَ ۾ گهڻي وقت بعد روڊن کي ڌوئڻ وارو شروع ٿيو، گذريل هفتي ڪراچيءَ جي دوري تي مون ڏٺو ته هر دڪان اڳيان گند پيل هو جيڪو نهايت ئي خراب عمل آهي، حالانڪه ويسٽ مئنيجمنيٽ بورڊ طرفان هر ضلعي ۾ گند پيٽيون رکيون آهن، ماڻهن جو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گند ڌٻن ۾ اڇلائن. وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اسانجو ڌيان اسٽريٽ ڪرائم تي ڏنل آهي ياد رهي ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ هر ٻئي ڏينهن شٽرڊائون هڙتال ٿيندي هئي جنهن سان ڪاروبار متاثر ٿيندو هو پر هاڻ الله سائين جي مهرباني آهي ته 2017ع ۾ ڪو اهڙو دهشتگرديءَ جو واقعو پيش نه آيو. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم وڏي آبادي واري هن شهر ۾ دنيا جي ٻين وڏن شهرن کان تمام گهٽ آهي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترجيحي اپاءَ وٺي رهيا آهيو. ٽرانسپورٽ ۽ سڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان لاءِ ان سينٽر جي شروعات تمام اهم آهي جنهن جو مقصد گاڏين کي بهتر حالت ۾ روڊ تي آڻڻ آهي، مون کي ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته وڏي وزير پهرين گڏجاڻي ڄاڻايل پروگرام بابت رکي هئي. هن چيو ته گاڏين جي فٽنس سرٽيفڪيشن جو جديد نظام فعال ڪيو ويو آهي. وهيڪل انسپيڪشن سسٽم جي ماڊرن نظام سان هم آهنگ ورڪشاپس ابتدائي طور تي ڪراچيءَ ۾ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کي بعد ۾ ڊويزنل هيڊڪواٽرز ۾ پڻ بحال ڪيو ويندو. هن چيو ته نئين ڪمرشل ۽ پرائيوٽ مسافر ۽ سامان کڻندڙ گاڏين جي وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن پروگرام سان هر ٽن سالن بعد پاس ڪرائڻ لازمي هوندو. انهيءَ کان پهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي پي ٽي فلاءِ اوور جو دورو ڪيو، اتي وڏي وزير مرڪزي رستن تي گند ڪچري جا ڍير ڏسي انتظاميا تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميونسيپل ڪمشنر ضلعو اولهه ڪراچي ڇا ڪري رهيو آهي؟ هر هنڌ گند جا ڍير آهن صاف ڪير ڪندو؟ وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي ميونسيپل ڪمشنر ضلعي اولهه ڪراچي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ کانسواءِ وڏي وزير سائيٽ ايسوسيئشن جي ڪمبائن افيوليئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پهچڻ تي قاسم سراج تيلي، زبير موتي والا ۽ ٻين کين آجيان ڪئي. پلانٽ شروع ڪرڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي واڌيون ڏيندي زبير موتي والا چيو ته روينو اسٽيمپ جو سائيٽ ۾ آڊٽ ٿيندو آهي پر هاڻ اي-اسٽيمپ جو دور آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي شهر کي شديد ضرورت آهي جيڪا مزدور طبقي کي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. زبير موتي والا وڏي وزير کي سائيٽ ايسوسيئشن لاءِ ڪنوينشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مطالبو پيش ڪيو. وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته افيوليئنٽ پلانٽ 12 ارب رپين جو منصوبو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت وڏي سيڙپ ڪري رهي آهي. سڀ کان وڌيڪ صنعتون ڪراچيءَ ۾ آهن، انهن جي افيوليئنٽ لاءِ وفاقي حڪومت کي فنڊ ڏيڻ گهرجن. ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ به اسانکي ناهي ملندو. هن چيو ته لياري ايڪسپريس وي به جلد شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير ڊي آءِ جي کي سائيٽ ۾ ٽريفڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته سڪيورٽي بابت سائيٽ ايسوسيئشن سان گڏجي اپاءَ ورتا وڃن. هن صنعتڪارن کي سندن فيڪٽرين جو فرنٽ پرڪشش بڻائڻ جي هدايت ڏيندي اي-اسٽيمپ جي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سائيٽ جي ڪنوينشن سينٽر کي فنڊن ڏيڻ جو يقين ڏياريو.

 

ماڊل ٽائون واقعي جي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي ها ته اڄ قصور پيش نه اچي ها: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب پوليس ۾ سفارشي ۽ سياسي ڀرتين جي ڪري امن و امان جي صورتحال خراب آهي، جيستائين پوليس اهلڪار رائيونڊ ۽ ماڊل ٽائون مان هدايتون وٺندا رهندا سندن ڪارڪردگي بهتر نه ٿيندي. قصور ۾ معصوم شهرين تي فائرنگ مذمت جوڳي آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي  جوابدارن کي سزا ڏني وڃي ها ته اڄ قصور واقعو پيش نه اچي ها. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل ٻارڙي جي واقعي ۽ مظاهرو ڪندڙن تي پوليس تشدد جي حوالي سان پنهنجو ويڊيو بيان جاري ڪيو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته زينب سان جيڪو حادثو پيش آيو ان خلاف سڄي قوم روڊن تي آهي. اهو ڏک رڳو زينت جي وارثن کي ناهي پهتو پر هر پاڪستان کي ان جو صدمو پهتو آهي. اسان کي ڊپ آهي ته اسان جو معاشرو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ اهو پهريون ڀيرو ناهي پر قصور ۾ ان کان اڳ به ٻارن سان ظلم ٿي چڪا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ان ڳالهه آهي ته اُهي مظاهرو ڪندڙ جيڪي روڊن تي نڪري پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن انهن تي پوليس گوليون وسايون. ملڪ جي پوليس ماڻهن جي محافظ آهي يا کيس قاتل بڻايو پيو وڃي. ساڳي پوليس ماڊل ٽائون ۾ عام ماڻهن کي قتل ڪيو هو. پنجاب پوليس کي غير سياسي بڻائڻ تائين امن نه ايندو.

 

قصور واقعو انسانيت جي ذلت ۽ وحشت جي بدترين مثال آهي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق قصور ۾ ننڍڙي ٻارڙي جي اغوا ۽ زيادتي بعد قتل جي سخت مذمت ڪندي ان کي انسانيت جي ذلت ۽ دردنگي جو بدترين مثال قرار ڏنو آهي. هن چيو ته قصور ۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن پور حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن، لڳي ٿو ته حڪمرانن کي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ڪا به پرواهه ناهي ۽ کين رڳو اقتدار جي پريشاني آهي، معصوم نينگري کي چيڀاٽڻ وارا انسان نه پر جانور آهن. هنن کي سندن ڏوهه جي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن 2015ع وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرت جو جو نشانو بڻائجي ها ته 2016ع ۾ قصور شهر ۾ 12 ننڍڙين ٻارڙين جي اغوا ۽ قتل جا واقعن کان بچي سگهجي ها.

 

وفاقي ڪابينا اي ڊي خواجا کي تبديل ڪري سردار عبدالجميد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا موجوده آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي سردار عبدالجميد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي پوليس سروس جي 22هين گريڊ جي آفيسر سردار عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي  مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  وفاقي ڪابينا گذريل اجلاس ۾ سنڌ حڪوت کان گريڊ 22 جي آفيسرن جو پينل طلب ڪيو هو ۽ تجويزون گهريون هيون جنهن تي سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ ٽي نالا موڪليا هئا. سنڌ حڪومت جي فهرست ۾ سردار عبدالمجيد دستي جو نالو به ڏنو ويو آهي جنهن کي وفاقي ڪابينا منظور ڪيو آهي.