تازيون خبرون

Daily Archives: January 9, 2018

بجلي بحران 15 سالن لاءِ حل ڪري ڇڏيو، 4 سالن ۾ ڪيل ڪم معجزي کان گهٽ ناهي: وزير اعظم

سيالڪوٽ (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو اهي ته نوازشريف اسان جو ليڊر هو آهي ۽ رهندو عدالتي فيصلا ردي جي ٽوڪري ۾ ويندا اسان هميشه خدمت جي سياست ڪئي آهي ڪنهن کي گاريون نه ڏنيون آهن روزانو پارٽي ۽ ليڊر تبديل ڪندڙ پاڪستان جي خدمت نٿا ڪري سگهن سياست جا فيصلا عدالتن ۾ نه پر پولنگ اسٽيشنن تي ٿيندا آهن 2018 جي چونڊن ۾ پاڪستان جو عوام نوازشريف ۽ (ن) ليگ جي حق ۾ فيصلا ڪندو سومر تي مسلم ليگ (ن) جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته اسان مان ڪوبه وڏ وزارت جو اميدوار نه آهي اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته نوازشريف جنهن تي به هٿ رکي ٿو اهو ئي وزيراعظم هوندو اها ئي جمهوريت جي ڪاميابي آهي اسان کي اميد آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ پاڪستان جو عوام مسلم ليگ (ن) ۽ نوازشريف جي حق ۾ فيصلا ڪندو وزيراعطم چيو ته (ن) ليگ ملڪ جا مسئلا حل ڪيا آهن اسان انهن مشڪلاتن کي حل ڪيو آهي جيڪي پاڪستاني تاريخ ۾ نه حل ڪيون 4 سال اڳ جمعي جي نماز پڙهڻ ويندي وقت به اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي خودڪش حملو نه ٿئي پر اڄ اسان امن سان رهون ٿا ڪراچي جيڪو دنيا جي پنج تشدد وارن شهرن م ليکيو ويندو هو پر اڄ اتي امن آهي پاورز پلانٽس سي اين جي اسٽيشنز ۽ گهرن ۾ گئس نه هئي پر اڄ صورتحال مختلف آهي. جولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون ان ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪندو اسان کي قبول هوندو نواز شريف جو فيصلو عوام قبول ناهي ڪيو عوام ۽ تاريخ ان کي به ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندو اسان کي يقين آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ن) ئي ڪامياب ٿيندي. ٻئي طرف  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪوئي مڃي يا نه مڃي پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي افغانستان ۾ اڍائي لک بيروني فوج آئي ۽ ڪجهه نه ڪري سگهي اسان دهشتگردي کي منهن ڏنو ۽ ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو چئن سالن جي دوران ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي ڪوششن جي پرواهه نه ڪندي حڪومت ترقي جو سفر جاري رکيو لوڊشيڊنگ جي بحران تي ضابطو آندو آهي مستقبل ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت به گهٽ ٿيندي جنهن سان صنعتن زراعت ۽ گهريلو صارفين کي وڌيڪ فائدو ٿيندو سيالڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ اين ايڇ اي 200 ارب رپين جي لاڳت جا منصوبا مڪمل ڪري رهي آهي جنهن سان علائقي جي قسمت سڌري ويندي نندي پور منصوبو بدعنواني جي ڪري دير جو شڪار ٿيو اسان جي حڪومت ان کي مڪمل ڪيو ۽ 425 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بجلي ۽ گئس جي قيمت جا معاملا به طئي ٿي ويندا سومر تي هتي سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي انٽرنيشنل ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪوبه گرين فيلڊ ايئرپورٽ ڪامياب ناهي ٿيو هي پهريون گرين فيلڊ ايئرپورٽ اهي جيڪو ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ ان کي بين الاقوامي ٽرمينل شامل ڪيو ويو آهي جيڪو نه رڳو هن علائقي پر پاڪستان لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو هن چيو ته سيالڪوٽ جي تاجر برادري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن هن منصوبي ۾ سيڙپ ڪئي ۽ ان کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت هن منصوبي ۾ خاص سهڪار ڪيو هن چيو ته فيصل آباد ۾ به تاجر برادري اهڙي قسم جو منصوبو شروع ڪرڻ جي خواهشمند اهي وزيراعطم يقين ڏياريو ته حڪومت ان کي به ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي هن چيو ته سيالڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ اين ايڇ اي 200 ارب رپين جي لاڳت جا منصوبا مڪمل ڪري رهي اهي جنهن سان هن علائقي جي قسمت سنوارنجي ويندي. ماضي ۾ حڪومتون پنجن سالن ۾ صرف منصوبا جوڙينديون رهيون پر عملي ڪم شروع ٿيڻ سان ئي انهن جو مدو ختم ٿي ويندو هو هن چيو ته ننديپور منصوبو 2006 ۾ شروع ٿيو هي بدعنواني جي ڪري دير جو شڪار رهيو پر اسان جي حڪومت ان کي مڪمل ڪيو ۽ ان منصوبا سان 425 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئيآهي اسان توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ۽ مڪمل ڪيا آهن جنهن سان نه صرف اڄ پر ايندڙ 15 سالن لاءِ بجلي جون ضرورتون پوريون ٿينديون هن چيو ته اسان بجلي جي پيداوار وڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي پيداواري قيمت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته هاڻي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ۾ بجلي جو سخت بحران هو صنعتي ۽ گهريلو صارفين کي بجلي نه ملي رهي هئي پر هي اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ويزن آهي جنهن جا هي هاڪاري نتيجا ملي رهيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خان عباسي سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي انٽرنيشنل ٽرمينل جو افتتاح ڪرڻ پهتو ته خواجه آصف سندس آجيان ڪئي وزيراعظم سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل ٽرمينل جو افتتاح ڪيو.

 

نواز شريف جي حڪومت کي هڪ لک ماهوار آمدني تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي هدايت

چڪوال/ لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي هڪ لک رپيه هر مهيني آمدني تي انڪم ٽيڪس نه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل رائيونڊ ۾ ملاقات ڪئي. نواز شريف ناڻي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته فردي ٽيڪس ۾ فوري طور گهٽتائي آندي وڃي ۽ ان جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽ نه هئڻ گهرجي، جڏهن ته هڪ لک رپين تائين هر مهيني آمدني تي ڪابه ٽيڪس نه ورتي وڃي.  اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته 15 فيبروري 2018ع تائين ايڪسپورٽرز جي سيلز ٽيڪس 100 سيڪڙو ريفنڊ ڪئي وڃي. هن چيو ته گئس جي اگهن ۽ جي آءِ ڊي سي سان صنعتڪار تمام گهڻا پريشان آهن تنهن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪئي وڃي ته جيئن پاڪستاني صنعتڪار ڏکڻ ايشيا جي صنعتڪارن سان مقابل ڪري سگهن.

 

ڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي ڪڍڻ واري فيصلي جي ڪري ڏڦيڙ پيدا ٿي رهيو آهي،  قوم ٻڌائي ته نواز شريف ڪڏهن 10 رپين جي به چوري ڪئي، ايترا مهينا گذري ويا پر خبر ناهي پئجي سگهي ته نواز شريف ڪهڙو الزام آهي. چڪوال ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته خيالي پگهار جي ڪري نواز شريف کي ڪڍيو ويو، هنن اقامي تي وزير اعظم کي ڪڍي ڇڏيو.  مون تي هڪ ٿيلهي جي ڪرپشن جو به الزا ناهي، چيو ويو ته پٽ کان پگهار نه ورتي ۽ خيالي پگهار تي ڪڍيو ويو. منهنجو والد صاحب گذاري ويو ۽ مون کي ست سال پاڪستان نه اچڻ ڏنو ويو، عوام جي ڪري ماضي ۾ دل تي لڳل زخمن کي وسارڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته  چوڌري لياقت علي خان پنهنجي تڪ جي گهڻي خدمت ڪئي، چوڌري لياقت علي خان منهنجو پراڻو ساٿي هو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته منهنجو ۽ مسلم ليگ ن جو مشن ڪهڙو آهي؟ اسان کي ملڪ مان بي دخل ڪيو ويو سڀ ڄاڻن ٿا. اسان هميشه خلوص نيت سان پاڪستان جي خدمت ڪئي جڏهن ته پوين 4 سالن ۾ به خدمت جي جذبي ۾ گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ وارن چهرن کي ياد رکڻ گهرجي، جن عوام کي اونداهه ۾ ڌڪيو اهي هاڻ ڪٿي آهن، چار سالن جي اندر لوڊيشيڊنگ کي ختم ڪيو، بجلي ۽ روڊ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن، منهنجو ويزن هو ملڪ ۾ روڊ بڻجي گهرجن ۽ اسان بجلي جا ايترا منصوبا لڳايا جو لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي. سندس چوڻ هو ته 2013ع کي ياد ڪيو جڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي هر جاءِ تي نظر اچي ايندي هئي، اسان سي پيڪ شروع ڪيو ته 56 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ آئي.  ملڪ ۾ آپريشن ڪري دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ۽ مون کي ناهل ڪرڻ جي واري فيصلي کان پو ڏڦيڙ پيدا ٿي رهيو آهي جڏهن ته  معاملو پاناما جو هو پر نااهل اقامي تي ڪيو ويو.

 

بنا وياج قرضن سان غربت ختم ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

سکر( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمر ۽ دهشتگردن مون کان ماءُ کسي ورتي، 2018ع جي چونڊن ۾ عوامي طاقت سان اقتدار حاصل ڪنداسين. سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا وياج قرضن سان غربت ختم ٿي آهي. هن چيو ته عوام فيصلو ڪري ته پنجاب جهڙي ميٽرو چاهي ٿو  يا وري غربت جو خاتمو چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته 97 سيڪڙو عورتن ڪم ڪرڻ کانپوءِ قرض واپس ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن ڪڙهائي ۽ سلائي جا دڪان کولي پاڻ کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته بنا وياج قرض ڏئي عورتن جي مدد ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ اين جي اوز سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ويمن پوليس اسٽيشن جهڙا ادارا قائم ڪيا، اقتدار ۾ اچي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وسيع ڪنداسين. هن چيو ته ن ليگ سڄي ملڪ ۾ اين جي اوز خلاف سخت قدم کنيا آهن. سندس چوڻ هو ته بينظير سپورٽ پروگرام ويلفيئر جو اهڙو پروگرام آهي جنهن کي سڄي دنيا قبول ڪيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو به انقلابي سڌارا لاڳو ڪيا.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عورتن جي حقن لاءِ قانونسازي ڪئي.

 

 

 بلوچستان حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ سنجيده ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا سانحو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته بلوچستان حڪومت دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ سنجيده نٿي لڳي جسٽس دوست محمد خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ سنجيده نٿي لڳي قانون ٺاهيندڙن کي آئين به پڙهايون، شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي هاءِ ڪورٽ 2012 ۾ فرانزڪ ليب جي قيام جي هدايت ڪئي هئي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج ڪوئيٽا سانحي جي جوابدارن کي ٽريس ڪيو هر سانحي تي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جج فراهم نٿي ڪري سگهي جاچ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم آهي فورنزيڪ ليب لاءِ رکيل ڪروڙين رپيا هضم ٿي ويا جسٽس دوست محمد چيو ته ڪميشن سفارشن تي عملدرامد نه ٿيڻ به ڏوهه آهي 17 سالن کان ڌماڪا ٿي رهيا اهن صوبائي حڪومت ستل رهي هر بجيٽ ۾ 5 ملين به خرچ ڪيا وڃن ٿا ته فورنزڪ ليب تيار ٿي وڃي ها ان موقعي تي جسٽس آصف کوسه اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريندي چيو ته اوهان کي ته رپورٽ پڙهڻ به نٿي اچي ان تي عملدرآمد ڇا ٿيندو.

 

اولهه ۽ اوڀر جي سرحدن تي خطرا لامارا ڏئي رهيا آهن: خواجه آصف

سيالڪوٽ (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته الهندي ۽ اڀرندي سرحدن تي خطرا لامارا ڏيئي رهيا آهن حڪومتي ٽيم نوازشريف جا قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪندي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو ته شاهد خاقان عباسي ڏکين حالت ۾ وڏ وزارت جو عهدو سنڀاليون حڪومتي ٽيم نوازشريف جا قوم سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪندي هن چيو ته مخالفن جا پير پٽجي رهيا آهن ۽ (ن) ليگ مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته نوازشريف جي ويزن کي ڪاميابي سان چونڊن تائين وٺي وينداسين خواجه آصف چيو ته جنهن تيزي سان مسئلا حل ٿيا ان جو مثال نٿو ملي اسان جي دور ۾ جيتري ترقي ٿي ايتري 70 سالن ۾ ناهي ٿي.

 

جمهوريت جو نالو کڻندڙن کي قبرون کوٽڻ وارن سان اتحاد مبارڪ هجي: مريم نواز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ چيو آهي ته جمهوريت جو نالو کڻندڙ کي قبرون کوٽڻ وارن سان اتحاد مبارڪ هجي. طاهر القادري اڄ هڪ پريس ڪانفرنس سان خطاب ۾ 17 جنوري کان مسلم ليگ ن جي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان اعلان جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ موجود هئا. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ائين توهان عوام جو رستو روڪيندا؟ الله ڪندو ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪو پاڪستان جو شهري ناهي، جنهن وقت پوڻ تي پاڪستان خلاف هٿيار کڻڻ جو حلف کنيو آهي، جنهن جون وفاداريون غدارن سان آهن، اهو اڄ هن قوم جي ناليوارن ليڊرن جو ليڊر آهي.